Saturday, April 18, 2015

ڄام جي ٽنڊي کان ڄام پور تائين - مير اعظم علي ٽالپر

ڄام جي ٽنڊي (سنڌ) کان ڄام پور (پنجاب) تائين
مير اعظم علي ٽالپر
سنڌي زبان ۾ هڪ پهاڪي جو تفصيل هن ريت آهي ته ڪنهن جي اچڻ سان ڀاڳ کُلندو آهي ته وري ڪنهن جي وڃڻ سان به قسمت ۾ تبديلي ايندي آهي. ان کانسواءِ مهمان ۽ پارٽي اچڻ جو ڪو ٽائيم مقرر نه آهي. اهڙن مثالن وانگر هڪ عزيز ۽ سڄڻ ناليواري ڊاڪٽر مير امان الله ٽالپر اچانڪ فون ڪري، حڪم ڪيو ته؛ صبح جو پنجاب جي ڊيره غازي خان لاءِ تيار ٿيو ته هلنداسين ۽ هلي مائٽ محمد مرزا ٽالپر سان سندس وڏي ڀاءُ در محمد ٽالپر جي وفات تي تعزيت ڪنداسين. سائين جي حڪم تي عمل ڪندي اسان گڏ نڪتاسين ته گمبٽ ۾ قافلي ۾ ٽالپر اتحاد جي شڪل ۾ ڊاڪٽر محمد خان ٽالپر، ڪامريڊ عبدالڪريم ٽالپر، عبدالهادي ٽالپر، مير مشتاق ٽالپر، ڊاڪٽر اعجاز ٽالپر ۽ ٻيا عزيز به شريڪ ٿي ويا.



سنڌ کان پنجاب وڃڻ لاءِ راقم جو اصرار هو ته گهوٽڪي (اوٻاوڙو) چوڪ ماڙي جو رستو اختيار ڪجي پر جن جي هٿ ۽ وس ۾ ”موٽر جو گيئر“ هو انهن سکر کانپوءِ شڪارپور وايا ڪنڌڪوٽ ڪشمور جي روڊ کي ترجيح ڏني. پر ڪشمور پهچڻ کانپوءِ لسڪاڻي قوم جي صدر وٽ پهچي سڀني ٻيهر ساڳي رستي تان واپسي کان توبهه ڪري ڇڏي. ليڪن ڪشمور جي ديره موڙ کان جڏهن اسان وزيراعليٰ قائم علي شاهه بادشاهه ۽ صوفي درويشن جي سنڌ ڇڏي ساڳي ئي روڊ ڪشمور واري تي روجهاڻ مزاري طرف هلياسين ته خادم اعليٰ پنجاب وارو رستو اصل مکڻ لڳو پيو هو. ايئن جيئن ڪنهن گنجي جي مٿي تي ٽڪڻ واري ٺوڙھ هجي. ليڪن سنڌ مان هر روڊ تي پوليس ۽ ٻيا امن قائم ڪندڙ جوان هئا، رستا به خراب هئا، پر پنجاب ۾ ڊيره موڙ کان نڪرڻ فيصل مسجد (اسلام آباد) واري مولانا عبدالرشيد جي ڳوٺ روجهاڻ مزاري، جتي سندس نالي پٺيان غازي چوڪ آهي، ان کانسواءِ واٽ تي حاصل پور، محمد پور، عمرڪوٽ (به هو). راجن پور، جتان هڪ ٻيو رستو ڪوٽ مٺن لاءِ نڪري ٿو، اسان کي ڪنهن به روڊ تي ڪا به پوليس يا ٻيا امن قائم ڪرائڻ وارا نظر نه آيا. خادم اعليٰ جي صوبي اندر هر گهر ۽ هر دڪان جي ڇت مٿان سولر انرجي پلانٽ لڳل هو، جنهن ڪري جنريٽر ۽ يو پي ايس جو استعمال عام نه هو. سنڌ ۾ جنريٽر ۽ ان جو گئس گهڻو کپت ۾ آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ننڍن ڳوٺن ۾ ڪا به بجلي جي سهولت به نه هئي. آڳاٽي دور ۾ علائقي جا گهڻا ماڻهو ”ٽنڊو ڄام“ کي ”ڄام جو ٽنڊو“ سڏيندا هئا. اسان به ”ڄام جي ٽنڊي“ کان ”ڄام پور“ پهتاسين ته سڀ ذاتيون ٽالپر، لغاري، لاشاري، جسڪاڻي، گوپانگ، سيال، نظاماڻي، کوسا، عباسي (ڪلهوڙا) رند، انڙ، ڀرڳڙي وغيره موجود هيون. سنڌ جي شڪارپور، ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور واري رستي جي پنجاب پهچڻ کانپوءِ، شڪل تبديل ٿي وئي هئي. هر هڪ روڊ صاف هو. ڪنهن به شهر ۾ رستي تي ڪو به ٺيلهو (ريڙهو) يا قبضو نه هو. اسان ڄام پور کان هڪ ننڍي رستي ذريعي واهه ۽ هڪ شاخ جي رستي کان پنجاب ۾ ٽالپرن جي سڀ کان وڏي آبادي ٽالپر بستي پهتاسين. اهو علائقو سياسي طرح سان فاروق لغاري جي والد کان سياست جو مرڪز رهيو آهي ۽ خاص ڪري هي ضلعو ۽ ڊويزن ڊيره غازي کي ۱۹۷۰ع جي اليڪشن کانپوءِ جمال لغاري جي چوڻ تي (فاروق لغاري جو والد) بلوچستان (جيڪو ۱۹۷۰ع ۾ مڪمل صوبو نه هو) جي آخر ۾ ھئڻ ڪري ڪا سهولت نه هئڻ سبب، پنجاب صوبي ۾ شامل ڪرايو هو. جيئن ڊيره غازي ۽ ان سان ڀروارا چوٽي بالا، چوٽي زرين، ڀڳڙا، ڪوهه سليمان فروٽ جا علائقا پنجاب ۾ هئڻ ڪري، ترقي حاصل ڪري سگهن. پر اڄڪلهه جي حالتن ۾، اڄ جو نوجوان نسل، هن علائقي کي پنجاب ۾ هئڻ کي، پنهنجي لاءِ سٺو نٿو سمجهي. ان سلسلي ۾ هڪ مقامي ڊيره غازي خان جي صحافي ۽ هڪ اخبار جي رپورٽر محمد اسماعيل سيال وضاحت ڪندي ٻڌايو ته؛ اصل ۾ سينٽرل پنجاب يا لاهور، پنڊي، قصور وارا، اصلي پنجاب ۽ پنجاب واسي پاڻ کي سمجهن ٿا. ان ڪري هن سرائيڪي خطي کي ماٽيجي ماءُ جيان هلائين ٿا ۽ هر ڳالهه ۾ پنجاب جي اتر کان ڏکڻ پنجاب وارا ترقي ۾ گهٽ آهن. ڊيره غازي جو تڪ پي پي ۲۰۳ اصل ۾ پيپلزپارٽي جو قلعو رهيو آهي، جتان فاروق لغاري چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ملڪ جو صدر ٿيو هو، ان زماني ۾ ۱۹۹۰ع ۾ بينظير ڀٽو جي دور ۾ فاروق لغاري جي سامهون هن تڪ ۾ مرزا ٽالپر پهريون دفعو مسلم ليگ (اڃا الف، ب ۾ ”ن“ نه ٿي هئي) کي آندو ۽ ان لاءِ نواز شريف جو جلسو ٽالپرستي ۽ فاروق لغاري جي گهر (سامهون) چوٽي زرين ۾ ڪرايو ۽ خود مسلم ليگ پاران فاروق لغاري ۽ پيپلزپارٽي جي طاقت جو مقابلو ڪندي اليڪشن ۾ حصو ورتو. جيتوڻيڪ فاروق لغاري جو وڏو راڄ ۽ ڀاڳ هو ۽ هو ڪڏهن به ورڪ نه ڪندو هو، بس سندس ”نام هي ڪافي هي“ چيو ويندو هو پر محمد مرزا ٽالپر هڪ اهڙو نوجوان هو، جنهن سياست جي يڪ طرفه ميدان ۾ سياست جو ٻيو رخ مسلم ليگ جو اُميدوار بڻجي آندو. جيتوڻيڪ هن پولنگ جي ميدان ۾ صرف ڇهه هزار ووٽ حاصل ڪيا ۽ شڪست کاڌي پر ان سان ڊيره غازي خان جي سياست ۾ هڪ يڪ طرفه سياست جو خاتمو اچي ويو، جنهن ڪري هن وقت محمد مرزا ٽالپر کي پنجاب جي وزيراعليٰ جو خاص صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ان کان اڳ هي ناظمن جي زماني ۾ ضلع ناظم به هو. جڏهن ته هن وقت هو ڊي آءِ خان جو مسلم ليگ (ن) پاران ضلعي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري آهي، جنهن ڪري ٽالپر بستي ۾ ميان نواز شريف اچي ٿو ته شهباز شريف ۽ حمزه شريف به اچن ٿا. اڄ به هنن وٽ نج ٻهراڙي واري حالت آهي ۽ جڏهن به ڪو ٻاهران مهمان ايندو آهي ته ان کان هر هڪ حال معلوم ڪندو آهي. بهرحال ورهاڱي وقت هتان لڏپلاڻ ٿي هئي ته ان وقت جي سياستدانن ۽ ماڻهن بهتر سمجهيو هو. ۱۹۷۰ع کانپوءِ هن علائقي کي بلوچستان بدران پنجاب ۾ شامل ڪرائڻ وارن سٺو سمجهيو هو پر اڄڪلهه جي حالتن ۾ نوجوانن جي سوچ بدلجي وئي آهي. جيتوڻيڪ هنن کي پيپلزپارٽي جو سابق ڏکڻ پنجاب صوبو يا سرائيڪي صوبي ۾ به پنهنجو مستقبل روشن نظر نٿو اچي. ڇو ته سنڌ جي گورک هل وانگر پنجاب سرڪار فورٽ منرو جهڙي سرد ترين علائقي کي ترجيحي مقام جو درجو نه ڏنو آهي. جيئن ڪوهه مري آهي، حالانڪ هي علائقو گرمين ۾ سرد ضرور آهي پر سرسبز نه آهي. بهرحال اسان تعزيت ڪرڻ ويا هئاسين گهمڻ نه ويا هئاسين سو مير امان الله ٽالپر سچ چيو ته واپس هلو ۽ هي ڳالهيون لکڻ لاءِ راقم کي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ مجبور ڪيو هو.

No comments:

Post a Comment