Friday, May 01, 2015

بشاري مقدسي جي نظر ۾ چوٿين صدي هجريءَ جي سنڌ - مختيار ملاح

بشاري مقدسي جي نظر ۾ چوٿين صدي هجريءَ جي سنڌ
مختيار ملاح
چوٿين صدي هجريءَ ۾ ڪيترا ئي عرب سياح ۽ مؤرخ سنڌ جو سفر ڪرڻ آيا ۽ سنڌ بابت  ڪيترائي ڪتاب لکيائون. تن ڪي اهڙا به مؤرخ ۽ محقق هئا جن سنڌ نه ڏسڻ جي باوجود سنڌ بابت تحقيق ڪئي. پر جن سنڌ کي اکين سان ڏٺو، انهن ئي قابل ذڪر حوالا ڏنا ۽ سنڌ جي ملڪي حالتن جو صحيح جائزو ڏنو، اهڙن نالن ۾ هڪ ممتاز جاگرافي دان بشاري مقدسيءَ جو به آهي.


محمد ابن احمد شمس الدين ”المقدسي“ جي ڪينت ابو عبدالله هئي. سندس جنم 945ع ۾ بيت المقدس شهر ۾ ٿيو، ان نسبت سان بشاري مقدسي سڏائيندو هو. هو هڪ عرب جاگرافي دان مورخ ۽ سياح هو. سندس والد بزرگ رازو هو. کيس بهترين تعليم ملي ٻارهن سالن جي عمر ۾ حج جي سعادت حاصل ڪيائين. جاگرافيءَ جي علم سان جنون جي حد تائين عشق هئس. الڳ الڳ ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ڪارڻ سفر ڪرڻ لاءِ آتو هوندو هو. هن مراڪش کان تاشقند تائين، ايشيا کان يورپ ۽ آفريڪا جي اسلامي ملڪن جو سفر ڪيو. ان سلسلي ۾ عبدالرحمن مولوي پنهنجي ڪتاب ”قرون وسطيٰ  ڪي مسلمانون ڪي علمي خدمات“ ۾ لکيو آهي ته ”بشاري مقدسي“ مشرق ۽ مغرب جي اڪثر ملڪن جو سير ڪيو هو ۽ سياحت دوران سنڌ ۾ به آيو هو. هتان جي تاريخي، جاگرافيائي، تمدني ۽ معاشرتي حالتن جو غور سان مشاهدو ڪيو هئائين.  سياحت ختم ڪرڻ کان پوءِ هن ڪتاب ”احسن انتقاسيم في المعرفقه الاقاليم“ سن 375هه/958ع ۾ تصنيف ڪيو.
بشاري مقدسي تمام گهڻو لکيو آهي، سندس وفات 991ع ۾ ٿي هئي. سندس وجهه شهرت ” احسن انتقاسيم في المعرفته الاقاليم“ يعنيٰ مذهبن جي بهترين ورهاست جي ڄاڻ جي ڪري آهي. دادا سنڌي لکيو آهي ته
”هي سفر نامو پهريون دفعو سن 1877ع ۾ ٻيو دفعو 1906ع ۾ ڇپيو. بشاري جي ڪتاب ۾ مسلمان ملڪن جي معاشرتي ۽ معاشي حالتن، رسم رواج، جاگرافيائي حالتن، زبانن ۽ انهن جي لهجن، ماڻهن جي شڪل، صورت، مذهبن، فرقن، هنرن ۽ فنن، پيداوار ۽ پيدائش، ميون، گلن، ٻوٽن، وڻن، سڪن،شهرن ۽ واپاري منڊين، آمدني ۽ روانگي، ويرانين ۽ آبادين، شهرن ۽ مفاصلن، پهاڙن ۽ دريائن جي تفصيل سان روشني وڌي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڪتاب کي منفرد حيثيت حاصل آهي. هن ڪتاب جو آخري باب سنڌ بابت آهي، جنهن ۾ سنڌ جي شهرن ۽ ماڳن مڪانن جي احوال سان هتان جي مذهب،زبان، صعنت و تجارت، تهذيب ۽ تمدن متعلق ذڪر آهي. بشاري مقدسيءَ اٽڪل 958ع ۾ سنڌ جو سفر ڪيو هو.“هو سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ٻوليءَ لاءِ لکي ٿو ته” ملتان وارا فارسي سمجهن ٿا. ديبل هڪ سامونڊي شهر آهي. هتان جا رهاڪو گهڻي ڀاڱي هندو آهن. ماڻهو وڻج واپار ڪن ٿا. عربي ۽ سنڌي ٻئي زبانون ڳالهائين ٿا. ديبل هن سڄي صوبي جو بندر آهي ۽ ماڻهو خوشحال آهن ۽ آمدني تمام گهڻي آهي.
بشاري مقدسيءَ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جو ذڪر ڪيو آهي. هو مڪران لاءِ لکي ٿو ته ”مڪران جو علائقو گرم آهي. البته ڪي علائقا سرسبز ۽ شاداب باغن سان ڀريل آهن. اقليم لاءِ لکي ٿو ته ”اقيلم سنڌ جو ٻيو صوبو طوران آهي. طوران جي گادي جو هنڌ خضدار آهي، جيڪو واپاري مرڪز آهي هتي واپاري قافلا ڏينهن رات خراسان، ايران، افغانستان ۽ هندستان کان اچن ٿا. کاڌي جون شيون سستيون آهن. منصوره لاءِ لکيو اٿس ته ”منصوره سڀ کان وڏو شهر آهي، هتي جون جايون مٽيءَ ۽ ڪاٺ جون ٺهيل آهن. هتان جي مسجد نهايت ڪشادي، سهڻي ۽ شاندار آهي. منجهس ڪٽ جي ڪاٺي جا چٽيل ٿنڀا جڙيل آهن. هتان جا رهاڪو علم دوست ۽ بامروت آهن.
سنڌ جي هڪ ٻئي صوبي ويهندڙ جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته ”هي علائقو پراڻي وقت کان مشهور آهي هتان جو تختگاهه به ويهند آهي. هي شهر منصوره کان وڏو آهي. هتي ساون باغن جي گهڻائي آهي. ماڻهو سکيو ستابو آهي.“
سنڌ جي پنجين صوبي ”قنوج“ لاءِ لکي ٿو ته ”هن جي گادي جو هنڌ قنوج آهي. هي شهر نهايت شاندار آهي. هتي  گوشت سستو آهي. پاڻي مٺو ۽ هاظمي وارو آهي. شهر درياهه جي ڪپ تي ڪشادو ۽ سهڻو اڏايل آهي.“ ملتان جي باري ۾ لکي ٿو ته ”ملتان جي آباديءَ جو وڏو حصو عرب نسل مان آهي. شهر سکيو ستابو آهي. واپار جو وڏو مرڪز آهي. ماڻهو سهڻا ۽ ڪڻڪ رنگا آهن. شراب ۽ جوا کان بچيل شهر آهي.“
هو مجموعي طور تي سنڌ ملڪ جو جائزو وٺندي لکي ٿو ته”هي هڪ خوبصورت ملڪ آهي. هن جا شهر رونق ڀريا آهن ۽ ڳوٺن ۾ امن امان آهي. ماڻهو ايماندار ۽ امانت دار آهن. هي ملڪ سمنڊ جي ويجهو آهي. هتي درياهه وهن ٿا. چئني طرف کجين جا باغ آهن. زمين نرم ۽ سنڌي آهي. کيتي مينهن تي ٿئي ٿي. شهر سهڻا آهن ۽ درياهه خوش منظر آهن سنڌ جو سمورو نظام هندن جي هٿن ۾ آهي.“
بشاري مقدسي سنڌ جي پيداوار بابت لکي ٿو ته ”سنڌ هر لحاظ  کان تجارتي ملڪ آهي، هتي سون، جڙي ٻوٽيون، هٿيار، مصري، جانور، ڪيلو، کجور، ڇوهارا ۽ ان کان سواءِ نهايت عمده ۽ عجيب شيون ڪثرت سان ملن ٿيون. صنعت ۽ تجارت جي اعتبار کان وڏي نفعي وارو ملڪ آهي.
بشاري مقدسي سنڌ ۾ رائج طور ۽ ماپ جي ڄاڻ ڏيندي لکيو آهي ته  ” طوران، ملتان، سنڌ ۽ هند ۾ وزن ڪرڻ لاءِ ”مڻ“ جو رواج آهي. اهو ساڳيو ئي مڻ مڪي شريف ۾ به رائج آهي. ماڻيءَ کي طوران ۾ ”ڪيبجي“ چون ٿا، جنهن ۾ چاليهه مڻ ساريون اچي وڃن ٿيون ڪڏهن ڪڏهن اٺ ڪيبجي هڪ درهم ۾ ملي وڃن ٿا، پر زياده کان زياده چئن درهمن ۾ ملن ٿا. ملتان جي اوزار کي ”مطل“ چوندا آهن.“
لباس جي سلسلي ۾ لکيو اٿس ته ”سنڌ جا اڪثر رهاڪو مٿي جا وار ڊگها رکندا آهن. شلوار ۽ پهراڻ پهريندا آهن. ليڪن واپاري، امير ۽ درٻاري هڪ قسم جو لباس استعمال ڪندا آهن. شوقين نوجوان ڪنن ۾ واليون پائيندا آهن. مٿي تي گهڻو ڪري پٽڪو پائيندا آهن.
جتين ۽ چپلين لاءِ لکي ٿو ته” منصوره جون کنڀاتي جتيون ڏاڍيون مشهور آهن، جيڪي ٻاهر موڪليون وڃن ٿيون.“ڳوٺن ۽ زمينن لاءِ لکيو اٿس ته ”منصوره جي علائقي ۾ جيڪي زمينون ۽ ڳوٺ اچي وڃن ٿا، انهن جو تعداد ٽي لک آهي، جنهن ۾ ٻنيون، وڻ ۽ وسندڙ لاڳيتا ڳوٺ آهن.“
در آمد ۽ برآمد مان حاصل ٿيندڙ محصول لاءِ بشاري مقدسيءَ لکيو آهي ته ”جيڪو مال ٻاهر موڪليو وڃي ٿو،“ ان تي ڇهه درهم في ڳٺڙي محصول ورتو وڃي ٿو، پر اٽي تي محصول وري ٻارنهن (12) درهم آهي. هتي جيڪي شيون هندستان کان اچن ٿيون، انهن تي ويهه درهم محصول وصول ڪيو وڃي ٿو.
عربن سنڌ تي 712ع کان حڪومت ڪئي هئي، پر سندن دور حڪومت ۾ گهڻا ماڻهو مسلمان ڪو نه ٿيا هئا. ان ڪري بشاري مقدسي لکيو آهي ته”هتي حڪومت جي اهم عهدن تي، تجارت تي هندن جي گهڻائي آهي. جڏهن ته مسلمانن ۾ موجود فرقن لاءِ لکيو اٿائين ته”سنڌ جي مسلمانن ۾ اڪثر اهل حديث آهن. مون هتي قاضي ابو محمد منصوري دائودي کي ڏٺو، جيڪو پنهنجي مذهب جو امام آهي. پاڻ تدريس ۽ تصنيف جو صاحب آهي ۽ هن ڪيترا ئي سٺا ڪتاب لکيا آهن. ملتان جا گهڻا ماڻهو شيعا آهن. سنڌ جو ڪو به وڏو شهر حنفي فقيهن ۽ عالمن کان خالي نه آهي، پر مالڪي، معتزله ۽ حنبلي بلڪل ئي نه آهن.“

مطلب ته هن ڪتاب ۾ سنڌ جي صوبن، گادين جي هنڌن، حڪومت، انتظام، پيداوار، آبهوا، شهر، اتان جون حالتون، ماڻهن جا عقيدا، پيداوار، زمينون، فصل، ميوا ۽ ٻيو مواد موجود آهي. ان حساب سان چوٿين صدي هجري يا ڏهين صدي عيسوي جي سنڌ جي سياسي، سماجي، ۽ تمدني ثقافتي تاريخ بابت پڻ ڀرپور معلومات ملي ٿي. هن ڪتاب جا دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجما به ٿي چڪا آهن. ڇو جو فلسطين ۽ يروشلم جي اوائلي معلومات به هن ڪتاب ذريعي ملي ٿي. هن ڪتاب جو اردو ترجمو خورشيد احمد فاروقي ” اسلامي دنيا دسوين عيسوي مين“ جي نالي سان ڪيو آهي، جيڪو 1962ع ۾ دهليءَ، هندستان مان شايع ٿيو آهي.

No comments:

Post a Comment