Friday, May 01, 2015

رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ماتلي - بدر ڌامراھ

رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ماتلي
بدر ڌامراھ
ڳچ سال ٿيندا جو آتم ڪهاڻي، ”ڪيئي ڪتاب“ پڙهڻ جو موقعو مليو هو. هن آتم ڪهاڻيءَ ۾ ٻين ڳالهين کانسواءِ ٻه ڳالهيون دل تي نقش ٿي ويون جيڪي اڄ به چٽيءَ طرح ياد اٿم، هڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي شخصيت ۽ ٻيو ”ماتلي“ شهر.


رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بابت ڇا چئجي. هو عظيم ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ هو. ميلن ۽ ملاکڙن جو شائق، سنڌ جي ريتن رسمن کي ڀلي ڀت ڄاڻندڙ ۽ انهن کي روا رکندڙ ۽ نڀائيندڙ هو. راڳ جو ماهر ۽ پارکو، طبلي جو مها ڄاڻو، محلفن مچائڻ جو ڪوڏيو، مطلب ته ريت ۽ پريت وارو ماڻهو. هن ڪيتريون ئي شخصيتون ٺاهيون، جن پنهنجي زماني ۾ تمام وڏو نالو ڪمايو. ٿر جي ڀاڳيءَ کي ”مائي ڀاڳي“ يعني ٿر جي ڪويل بڻائڻ وارو به هيءُ ئي شخص هو.
”ڪيئي ڪتاب“ سندس ئي لکيل آتم ڪهاڻي آهي. هي آتم ڪهاڻي ٻن جلدن ۾ ڇپيو، ان جو پهريون جلد ۱۹۸۰ع ۾ ۽ ٻيو جلد ۱۹۸۶ع ۾ ڇپيو. ماتلي پبلڪيشن هي ڪتاب ڇپايو. هن آتم ڪهاڻي جو اسلوب بيان ايترو ته پر اثر آهي جو چئي کڻي بس ڪر.
آتم ڪهاڻي جو ٻيو حوالو آهي: ”ماتلي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي جنم ڀومي آهي، ماتلي ۾ ئي سندس ننڍپڻ، جوڀن ۽ جوانيءَ جون ڪي ئي بهارون گذاريون ۽ هن محفلون مچايون، محفلون به انوکيون منعقد ڪيون ويون. چيو وڃي ٿو ته ڦليلي واھ جون ٻئي ڪنڌيون سندس آکيري، جنهن کي هو ”ماءِ نيسٽ“ چوندو هو، اڱڻ لتاڙي گذرنديون هيون. ڦليلي، شهر جو سينو چيري وهندي هئي. ماتلي شهر، ڦليلي جي ڪري ماڻهوءَ جي پاسراٽين جهڙو ڏيک ڏيندو هو. ان جي پاڻي مٿان ٻيڙين کي هلائي، ٻيڙين تي سيج سجائي محفلون ڪندو هو.
ڦليلي جو قديمي نالو گوني هو، ۽ هيءُ قدرتي ڦاٽ هو. هن جي ٻنهي ڪنڌين سان ٽالهين جا وڻ، باغ ۽ گل ٻوٽا گهڻا ٿيندا هئا. گلن ۽ ٻوٽن جي ڪري ڦليلي يعني گلن واري سڏجڻ لڳي.
ماتلي، بدين ضلعي جو هڪ تعلقو ۽ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. پهرين حيدرآباد ضلعي ۾ هو. ۱۹۷۵ع ۾ بدين کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ته، ماتلي کي ان ۾ شامل ڪري تعلقي جو درجو ڏنو ويو، پهرين ماتلي واري ايراضي ديرو محبت تعلقي ۾ هئي. هن وقت ماتلي شهر ٻن يونين ڪائونسلن تي مشتمل آهي ۽ سندس آبادي ٻه لک چئي وڃي ٿي.
ماتلي جي ٻي تاريخي اهميت جيڪا منهنجي ڪشش جو ڪارڻ رهي، سا اها آهي ته  هي شهر پنهورن جو آباد ڪيل هو ۽ پنهور هتان جا قديم باشندا آهن سنڌ ۾ شهر مٿان شهر اڏڻ جي روايت فقط موهين جي دڙي ۾ ملي ٿي، ويران شهرن جي لڳو لڳ شهر آباد ٿيندا رهيا آهن، ماتلي پڻ اهڙن مرحلن مان گذري آهي. ان جو اوائلي نالو ”مينا بازار“ هو ۽ اهو شهر اتي هو جتي هينئر ڪاليج آهي.
ماتلي جو نالو ايئن ئي دل تي نقش هو، ۲۰۱۱ ۾ رمضان شريف جو مهينو هو، عيد ۾ ڪي ٿورا ڏينهن وڃي بچيا هئا، ته هڪ ڏينهن سندم فرزند عرفان علي ٻڌايو ته ڪراچي جي هڪ ڪمپني آهي، انهن کي انجنيئر گهربل آهي، پر ڪمپني جو ڪم ماتليءَ ۾ ڪرڻو آهي. ماتلي جو نالو ٻڌي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جي آتم ڪهاڻي ياد اچي وئي. کيس چيم ته ”هڪدم وڃي نوڪري تي چڙھ، هي اسان جو پنهنجو شهر آهي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو شهر آهي. عرفان علي مون کان رئيس ڪريم بخش نظاماڻي بابت ڪي ئي دلچسپ سوال پڇيا. مون ڏٺو ته هو ڏاڍي دلچسپيءَ سان ماتلي بابت پڇي رهيو هو ۽ ٻڌي رهيو هو.
ائين ئي رمضان شريف گذري ويو ۽ عرفان علي اچي ماتلي ۾ واسو ڪيو. منهنجي من ۾ ماتلي ڏسڻ جي آس اڀري پئي. سبب اهڙو ٿيو جو ڪجهه ئي عرصي ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي انٽري ٽيسٽ ۾ ويهڻ لاءِ ناصر حسين فارم ڀريو ۽ ۱۴ آڪٽوبر ۲۰۱۲ع تي ان جي ٽيسٽ ٿيڻي هئي. ٽيسٽ ڏيارڻ لاءِ کيس هڪ ڏينهن اڳ ۾، حيدرآباد اچڻ جو چيم ته، جيئن هو مسافريءَ جو ٿڪ لاهي وٺي ۽ ٽيسٽ ۾ تازو توانو ٿي ويهي. انهيءَ سبب ۱۲ آڪٽوبر تي نڪتاسين. حيدآباد پهتاسين ته عرفان چيو ته ”ماتلي هليا اچو“ ۽ اسين بنا سوچڻ ۽ ويچارڻ جي اچي ماتليءَ پهتاسين. ماتلي کي ڏسڻ، ماتلي گهمڻ جي سڪ ۽ اڪير، جا سالن کان دل ۾ سانڀيل هئي، سا دل مان نڪري نروار ٿي پئي ۽ دل جو خواب پورو ٿيڻ وارو هو. نيٺ ماتلي گهمڻ جو موقعو مليو. ماتلي گهمڻ دوران مون کي لطيف سائين جي هڪ بيت جي سٽ ذهن تي تري آئي.
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون
ماتلي گهمي ڏاڍو افسوس ۽ ارمان ٿيو، جنهن ماتلي جو خاڪو منهنجي ذهن ۾ هو، يا جيڪو مون پڙهيو هو. سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ هو. جنهن ماتلي کي مان پنهنجو سمجهندو هوس، سا اوپري اوپري ٿي لڳي، ماتلي جون گهٽيون ۽ گهٽ سڏڪندي محسوس ڪيم.
ڍور نه اڳينءَ ڍار، مهند ملاحن لکيو،
موڙي ڇڏيا مڪڙا، پسي پاڻيءَ پار،

جسودن جيها يار، پيا وير وماس ۾.

No comments:

Post a Comment