Monday, May 25, 2015

رام جي رام کي ڀيٽا - الطاف شيخ

رام جي رام کي ڀيٽا
الطاف شيخ
سال کن اڳ شاهه لطيف يا شايد سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ ڇوڪريءَ فون ڪيو ته هوءَ منهنجي لکڻين تي پي ايڇ ڊي لاءِ ٿيسز لکڻ جو ارادو رکي ٿي. آئون ڪنهن گهري سوچ ۾ پئجي ويس. مونکي ماٺ ۾ ڏسي هن پڇيو ته آيا سندس آواز مون تائين پهچي پيو يا نه؟
”جي ها. ٻڌي رهيو آهيان“، مون وراڻيو مانس، ”پر آئون سوچي رهيو آهيان ته……“
”جي، سر! چئو“


”ته توهان مون تي ٿيسز لکڻ بدران ’رام پنجواڻي‘ تي ڇو نٿيون لکو. هو هڪ اعليٰ اديب، ٽيچر ۽ راڳي آهي.“ مون کيس صلاح ڏني. دراصل آئون ننڍي هوندي کان رام پنجواڻي صاحب جي لکڻين کان متاثر رهيو آهيان ۽ ٻين اديبن وانگر هن سان منهنجي ملڻ جي خواهش رهي ٿي. هڪ دفعي مون ٻڌو ته هو صاحب ڪراچي ۽ حيدرآباد به آيو هو پر منهنجي نوڪري جهازن تي هجڻ ڪري منهنجي موجودگي ڪڏهن دنيا جي هڪ ڪنڊ تي ته ڪڏهن ٻيءَ ۾ رهي ٿي. دادا رام پنجواڻي ورهاڱي بعد کان انڊيا ۾ رهيو ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ يعني جن ڏينهن ۾ آئون جهاز تي هوس انڊيا جي سرحد اسان لاءِ ائين هئي جيئن ’بادشاهه پير جو ليڪو‘ …. جيڪو امر جنسي بنا اسان جي جهاز کي ٽپي ممبئي يا ڪلڪتي جهڙي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائڻ جي سخت منع ٿيل هئي. اهڙي Situation ۾ سوچيو ته منهنجو جهاز هانگ ڪانگ ۾ بيٺو هو ته اتي جي مهربان بزنيس مئن ۽ انگريزي رسالي جي ايڊيٽر ڪي سيتل جو فون آيو ”ڪولون پاسي واري هڪ هوٽل ۾ سنڌي راڳ رنگ جو پروگرام آهي جنهن لاءِ انڊيا کان فنڪار آيا آهن جن ۾ رام پنجواڻي به آهي“.
ڊنر دوران ڪي سيتل ۽ آئون ان ئي ٽيبل تي ويٺاسين جنهن تي پروفيسر رام پنجواڻي صاحب ويٺل هو. هيءَ 1973ع جي ڳالهه آهي. ان بعد به پروفيسر پنجواڻي صاحب 14 سال کن حيات هو ۽ آئون ڪوشش ڪري اهم ڏينهن تي _ خاص ڪري نيوييئر ۽ 20 نومبر (سندس جنم ڏينهن) تي کين ڪارڊ يا خط لکندو رهيس جن جا هو جواب پڻ ڏيندو هو جن مان ٻه ٽي اوير سوير مونکي دنيا جي ڪنهن بندرگاهه ۾ ڦري گري ملي به ويا ٿي.
پروفيسر رام پنجواڻي جو پورو نالو رام پرتابراءِ پنجواڻي آهي ۽ ادبي تخلص ”رام“. سندس جنم 20 نومبر 1911ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻ اعليٰ درجي جو ناول نويس، ڪهاڻيڪار، ناٽڪ نويس، مضمون نگار، شاعر، گلوڪار ۽ اداڪار هو. هن ڪيترين ئي فلمن لاءِ گانا لکيا ۽ ڪي ته پاڻَ ڳايا. اهڙو ئي هڪ گانو (ڀڄن) هن وقت ياد اچي رهي آهي جنهن جو رڪارڊ اسان (ڪئپٽن احمد حسين مخدوم ۽ آئون) رنگامٽي نالي پاڻيءَ جي جهاز جي گراموفون تي ڏاڍو ٻڌندا هئاسين:
منهنجي ٻيڙي اٿيئي وچ سير تي
پلئه پايان ٿي مان زندهه پير تي !
باسون باسيان ٿي مان زندهه پير تي!
جَوتين وارا لال اُڏيرا ـــ ڪيئي ڪن ٿا تو در ڀيرا،
تنهنجي مهر امير فقير تي،
پلئه پايان ٿي زندهه پيرَ تي!
پروفيسر رام پنجواڻي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان  بي. اي ڪري ساڳي ئي ڪاليج ۾ 1936ع کان سنڌي جو استاد بڻيو. ورهاڱي بعد سنڌ ڇڏي بمبئي ۾ رهي ”بمبئي يونيورسٽي“ ۾ پروفيسر مقررٿيو ۽ اتي پنهنجي زندگيءَ جا باقي سالَ گذاريائين.
ٽي سال اڳ آءٌ ممبئي يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو هوس ته اتي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ”ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ“ سان ملاقات ٿي هئي. هن سنڌ يونيورسٽي مان ايم. اي. سنڌي ۾ ڪري ايم فل ممبئي يونيورسٽي مان ڪئي. پاڻ جڏهن ٻڌائين ته هن ”سچل جون واديون“ تي ٿيسز لکي ته منهنجي وات مان ان وقت به نڪري ويو ته ”رام پنجواڻي“ جهڙي اديب تي ڇو نه لکئي؟ ان تي هن کِلي چيو ”اهو ان ڪري جو هو ئي ته منهنجو نگران پروفيسر هو جنهن جي رهنمائيءَ ۾ سچل تي مون ڪم ڪيو. هاڻ ضرور ڪوشس ڪندس ته ڪو اهڙو محنتي شاگرد ملي وڃي جنهن کي رام پنجواڻي جي زندگي جي ڄاڻ هجي، هن لاءِ سڪ ۽ عزت هجي ۽ هن کي جوش ۽ جذبو هجي ته اهڙي شاگرد کي نه فقط رام پنجواڻي تي ٿيسز لکڻ لاءِ صلاح ڏيندس پر هن جي ان ڪم ۾ رهنمائي به ڪندس جو آئون اهو شخص آهيان جنهن سائين رام پنجواڻيءَ کي تمام ويجھڙائيءَ کان ڏٺو آهي ۽ مون هن سان هڪ وڏو عرصو ڪم ڪيو آهي.“
پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي سان ممبئي يونيورسٽي ۾ ملڻ کي ٻه ٽي سالَ کن ٿي ويا هوندا…. يعني اندازو اٿم. ڇو جو ان وٽان ٿي اچڻ بعد مون انڊيا تي ٻه سفرناما لکيا: ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۽ ٻيو ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ …. ڇهه مهينا يا سال کن لکڻ ۾ لڳي ويو ۽ اهڙو سال کن ڇپجڻ ۾…. ۽ هاڻ ته انهن جي ٻي ايڊيشن به اچي رهي آهي …. اڄ اوچتو پوسٽ ذريعي ممبئي کان رام جوهراڻي جو ڪتاب مليو. مون سمجھيو هن پنهنجي لکيل پهرين ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ جو نئون ڇاپو موڪليو هوندو يا ڪنهن ٻئي انڊين اديب جو ڪتاب موڪليو هوندو جو هو اڪثر مون ڏي اهڙا ڪتابي تحفا موڪليندو رهي ٿو. واندو ٿي ٻاهريون خاڪي لفافو ڦاڙيم ته ان مان نڪتل ڪتابَ جو عنوان پڙهي حيرت به ٿي ته خوشي به! ڪتابَ جو نالو ”رام پنجواڻي ـــ اديب ۽ فنڪار“ ۽ ليکڪ جو نالو رام سچانند جوهراڻي! صفحي پٺيان صفحو پڙهڻ تي خبر پئي ته رام جوهراڻيءَ ممبئي يونيورسٽيءَ مان نه رڳو ڊاڪٽوريٽ ڪئي آهي پر ٿيسز خاطر هن ’رام پنجواڻيءَ‘ تي لکيو آهي ۽ هن ڪم ۾ سندن نگران ٻيو نه پر اسان وارو لاڙڪاڻي جو پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي رهيو.
جيئن ئي هي ڪتاب ڇپيو آهي ته هنن مونکي Surprise ڏيڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي. 370 صفحن جو هي ڪتاب ممبئي يونيورسٽي وارن ڇپرايو آهي ۽ هنن هن ڪتاب کي سونهن ۽ سوڀيا ڏيڻ لاءِ وڏو خرچ ڪيو آهي جيڪا ان جي ڇپائي ڪاغذ ۽ ٻاهرين جلد مان خبر پئجيو وڃي.
جيستائين ان جي مواد جو سوال آهي ته بقول رام ڄيٺملاڻي (انڊيا جي سابق وزير قانون) جي جتي نگران پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي Genius آهي اتي هن ڪتاب جو ليکڪ رام جوهراڻي…. بلڪه هاڻ ڊاڪٽر رام جوهراڻي به ته گهٽ ناهي. مون وانگر ڪيترن کي رام جوهراڻي تي حيرت ٿيندي ته هي عجيب ماڻهو آهي جيڪو بزنيس مئن هجڻ جي باوجود ادب ۽ علم جو پوڄاري آهي. هن جون مختلف فيلڊس ۾ سرانجام ڏنل خذمتون ڏسو ته توهان کي تعجب لڳي ته هي سمهي يا آرام ڪڏهن ٿو ڪري. مون کي ته هن جهڙو ماڻهو، هند سنڌ ته ڇا ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ٻين ملڪن ۾ جتي آئون رهيو آهيان، نٿو سُجھي. هو هڪ ئي وقت واپاري به آهي، سماج سڌارڪ به آهي، ٽي وي (دور درشن) تي ائنڪر طور اهم شخصيتن جا انٽرويو به وٺي ٿو ته اديب به آهي ته هن عمر ۾ پڙهائي به قائم رکندو اچي. مونکي لڳي ٿو ته جيئن اڄ هن پاڻ هڪ گهڻ رخي انسان ”رام پنجواڻي“ تي ڪتاب لکيو آهي تيئن هڪ ڏينهن ڪو ”رام جوهراڻي“ تي به ضرور لکندو جو رام جوهراڻي به رام پنجواڻيءَ وانگر گهڻن گڻن وارو انسانُ آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته جتي پروفيسر رام پنجواڻي ۽ پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي جو تعلق لاڙڪاڻي سان آهي اتي هن ڪتاب جي ليکڪ رام جوهراڻي جو واسطو به لاڙڪاڻي ضلعي سان ئي آهي. رام جوهراڻي (سڄو نالو ”رام سچانند جوهراڻي“) رتو ديرو جي هڪ زميندار خاندان ۾ 7 ڊسمبر 1947ع تي جنم ورتو. سنڌ ڇڏڻ بعد هن جي فئملي پهرين الهاس نگر ۾ اچي رهي ان بعد هو ممبئي (ان وقت هن شهر جو نالو بمبئي هو) لڏي آيا.
رام جوهراڻي اڄ ڪلهه انڊيا جي مشهور ”جبلي سلڪ ملس“ جو مالڪ آهي ۽ ممبئي جي وڏي ۾ وڏي ڪپڙي جي مرڪز ڪالبا ديويءَ ۾ سندس تجارتي پيڍيون آهن. پاڻ سوشل سرگرمين طرف مائل هجڻ ڪري ”سهيوڳ فائونڊيشن“، ”مالهي ڪلچرل اڪيڊمي“، ۽ ”گلوبل سنڌي ڪائونسل“ جهڙين بين الاقوامي تنظيمن کان علاوه ”مدر ٽيريسا ايوارڊ ڪميٽي“ جو پڻ چيئرمئن آهي. ان کان علاوه هو ٻين به ڪيترن ادارن جو صلاحڪار يا صدر آهي…. جن ۾ گهڻي ڀاڱي اهي آهن جيڪي سنڌي ماڻهن، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي خذمت ڪن ٿا. سندس انهن خذمتن جي ڪري ئي رام ڄيٺملاڻي صاحب کيس ”سنڌي ٻوليءَ جو سانسڪرتڪ سفير“ يعني Cultural Ambassador of Sindhi Language سڏي ٿو.
هن ڪتاب جو مهاڳ ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ۽ هيڊ ڊاڪٽر منوهر لال بختراءِ مٽلاڻي لکيو آهي. سڄو ڪتاب ستن بابن ۾ ورهايل آهي جن ۾ رام پنجواڻي جي گهڻ گڻي شخصيت جي مختلف رنگن جي اپٽار ٿيل آهي. جيئن ته باب پهرين ۾ رام پنجواڻي جي زندگي جو مختصر احوال ڏنل آهي جيئن ته سندن جنم، تعليم، پرڏيهه ياترا ۽ سندس سنڌيت جي هلچل.
باب ٻي ۾ رام پنجواڻي کي ’ناول نويس‘ واري حيثيت سان ڏيکاريو ويو آهي ۽ سندس ڪجهه ناولن جو تبصرو ڪيو ويو آهي، جهڙوڪ: قيدي، شرميلا، لطيفان، چانديءَ جو چمڪو، زندگي يا موت، آهي نه آهي، مايا جو موهه، اسان جو گهر وغيره.
باب ٽئين ۾ رام پنجواڻيءَ جي هڪ ’ڪهاڻيڪار‘ جي حيثيت واري شخصيت تي لکيو ويو آهي ۽ سندس ڪيترين ئي ڪهاڻين تي نه فقط تبصرو پر تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح باب چوٿين ۾ ”رام پنجواڻي هڪ ناٽڪ نويس“ جي عنوان تي سندس هن صنف ناٽڪ تي لکيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي ڊراما تحرير ڪيا ويا پر انهن کي اسٽيج جي زينت بڻجڻ لاءِ صحيح نموني ترقي، آزاديءَ کان پوءِ هندستان ۾ ملي سگهي جو اتي ان کي مراٺي، هندي، گجراتي ناٽڪ جي دنيا سان گڏ رهڻ جو پڻ فائدو مليو ۽ بمبئي، دهلي، احمد آباد ۽ ڪيترن ٻين شهرن جي جدا جدا ناٽڪ منڊلين پڻ ان جي ارتقا ۾ اهم رول نڀايو. هن باب هيٺ رام پنجواڻي جي لکيل ڪجهه ناٽڪن تي پڻ تبصرو ڪيو ويو آهي جيئن ته 1978ع جو لکيل طويل ناٽڪ ”آيو نئون زمانو“، ”جوت جاڳندي رهي“، ”رشتا ناتا“، ”ڏس ڪو ڏانءُ“، وغيره.
ڪتاب جي پنجين باب جو عنوان آهي: ”رام پنجواڻي هڪ مضمون نويس“. هن باب هيٺ پروفيسر رام پنجواڻي صاحب جي مضمونن جي ڪجهه مجموعن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آهي جيئن ته: ”سائين ولايت راءِ ۽ سائين جيوت سنگهه“، ”سپون“ جنهن ۾ ڏهه الڳ الڳ مضمون آهن ۽ هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو الهاس نگر ۾ سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن وارن ڇپرايو ۽ ٻيو ڇاپو ”نوجوان ساهتيه سڀا“ نئشنل ڪاليج، ممبئي وارن ڇپرايو. ”گڏجاڻيون“ ڪتاب جنهن ۾ ٻارهن مضمون آهن جن ۾ پنجواڻي صاحب اهم ماڻهن سان ٿيل ملاقاتن جو احوالُ لکيو آهي …. اهي هستيون آهن: مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، اندرا گانڌي، ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي، ٽي ايم آڏواڻي، پرنسپال نارائڻ بٽاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڪشنچند ”بيوس“، ڳائڻو محمد رفيع، بئريسٽر هوتچند آڏواڻي ۽ نارائڻ داس راماڻي. هن باب ۾ رام پنجواڻي جي انگريزي مضمونن جي مجموعي  Sindhi Ain Sindhyat کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو آهي.
هن ڪتاب جي ڇهين بابَ جو عنوان آهي ”رام پنجواڻي ـــ هڪ ترجميڪار“ ۽ هن باب ۾ سندس ترجمو ڪيل ڪجهه ڪتابن جو احوال آهي. پروفيسر پنجواڻي صاحب انگريزي، هندي ۽ گجراتي جا پڻ ڪجهه ڪتاب ترجمو ڪيا جيئن ته سر هالڪين جو External City، ڊيل ڪارينگي جوHow to Win Friends & Influence People، سر ايدون آرنلڊ جو ناول ”تياڳ ۽ مڪتي“ جي نالي سان، گجراتي ليکڪ پرڀو جوشي جو ڪتاب ”پتاني جوڙ“ جو ”ياد ڪندا“ جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي.
رام جوهراڻي جي هن ڪتاب جو ستون ۽ آخري باب ”رام پنجواڻي ـــ هڪ فنڪار“ عنوان سان آهي. رام جوهراڻيءَ ڪافي محنت سان هن باب ۾ رام پنجواڻي جي هن فيلڊ ۾ ڪيل خذمتن جا تفصيلَ لکيا آهن جن ۾ هندي ۽ سنڌي فلمن کان وٺي مختلف ڊرامن جو پروفيسر پنجواڻي صاحب جي لکيل ۽ ڳاين گيتن جو احوال ڏنو آهي. رام پنجواڻي جو شروع کان وٺي راڳ، روپ ۽ ڪَلا سان واسطو جڙيو رهيو. ڀارت ۾ سندس دور حيات ۾ جيڪي به سنڌي فلمون ٺاهيون ويون، انهن مان ڪيترين ۾ هو سڌي يا اڻ سڌي طرح شامل رهيو. منهنجي خيال ۾ اسانجا ماڻهو رام پنجواڻي جي فلم ”اباڻا“ ته ڪڏهن به نه وساري سگهندا جنهن ۾ اداڪاري شيلا راماڻي، ساڌنا، شيام، هري شوداساڻي، ماسٽر چندر، ڀڏو آڏواڻي ۽ ٽُن ٽُن ڪئي.
هن فلم جي شروعات 1947ع واري سال جي آغاز سان ٿئي ٿي. هڪ ٽرين شڪارپور کان حبيب ڪوٽ رستي سکر ۽ پوءِ روهڙي ڏانهن ويندي ڏيکاريل آهي. لڏ پلاڻ  دوران هڪ پاڙيسري سنڌي مسلمان سشي (شيلا راماڻي) جي خاندان کي دعا ڪندي چوي ٿو ته:
”شالَ وري پنهنجي ماڳن تي موٽي اچو.
ويڳاڻو ڪري ٿا وڃو!“
قافلا سرحدون پار ڪندي ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ ماستر چندر جو هي مشهور گيت اچي ٿو جيڪو اڄ به اسانجي سنڌي ٽي وي چئنلن: ڪي ٽي اين، آواز، سنڌ ٽي وي ۽ مهراڻ وغيره تي ممتاز لاشاري ۽ ٻين ڪيترن اڄ جي فنڪارن جي آواز ۾ يا رنگ منچ پروگرام ۾ چندر جي آواز ۾ ايندو رهي ٿو ۽ بيحد مقبول آهي:
”وڃن ٿا وڃن ٿا وطن کي ڇڏيندا،
وطن کان جدا ٿي لڏيندا وڃن ٿا،
پکي باغ پنهنجو ڇڏيندا وڃن ٿا
هئه هئه مٺا اباڻا، هئه هئه وطن جا داڻا…..“
مون اها فلم 1973ع ۾ ممباسا بندرگاهه ۾ رهندڙ ٻلديو ۽ سندس زال مينا جي گهر پروجيڪٽر تي ڏٺي هئي. ان وقت تائين اڃان وڊيو ڪئسٽ رڪارڊر ايجاد نه ٿيا هئا….. بلڪه ان سال مون اتان (ممباسا) مان هڪ بوهري جي دڪان تان زندگي جو پهرين ڪئسٽ رڪارڊر ورتو هو نه ته ان کان اڳ جتي ڪٿي فقط اڪائي جو پول وارو ٽيپ رڪارڊر هوندو هو. اڄ ڪلهه نيٽ ۽ ڪمپيوٽر ذريعي دنيا ۾ توهان گهر ويٺي يو ٽيوب تي رام پنجواڻي جي نه فقط ’اباڻا‘ فلم جا گانا ٻڌي سگهو ٿا پر ”سنڌوءَ جي ڪناري“ (جنهن ۾ رام پنجواڻي فقط ٻه دفعا شروعات ۽ پڇاڙيءَ ۾ نظر اچي ٿو)، فلم ”جھولي لال“ جيڪا رام پنجواڻي جي ناول ”آهي نه آهي“ تي آڌارت آهي ۽ رام پنجواڻيءَ هن ۾ اداڪاري سان گڏ پلي بيڪ به ڪيو آهي. هن فلم ۾ سمنڊ جي ڪناري رام پنجواڻي کي پلئه پائيندي ڏيکاريو ويو آهي
مان داسن جو داس او دولهه تون شاهن جو شاههُ
زندهه جل پتي وير وروڻ تون هيڻن جو همراهه
جل چمڪائي ڦل ڇمڪائي سارو جڳ چمڪائي
روشن سڀ جي راهه بڻائي تنهنجي امر مشعال
…..جھولي لعل…..
فلم ”شل ڌيئر نه ڄمن“ ۽ ٻيون فلمون ڏسي سگهو ٿا. رام پنجواڻي کي لکڻ، پڙهڻ توڙي ڳائڻ وڄائڻ جو سڄي زندگي وڏو شوق رهيو. هن دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ وقت به پنجواڻي صاحب بمبئي ۾ هڪ عام ميڙ ۾ رات جو دير تائين گيت ڳائيندي حاضرين کي جھومايو پر گهر پهچڻ تي هن جي طبيعت هڪدم عليل ٿيندي وئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو 31 مارچ 1987ع تي ڇاهتر ورهين جي ڄمارَ ۾هُنَ هِنَ فاني جهانَ کي هميشه هميشه لاءِ الوداع ڪئي.

رام پنجواڻي جي زندگي جو احوال اسان کي ڪيترن هنڌن تي ملي ٿو….. ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جي ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ کان سڪرنڊ جي خادم حسين چانڊيو جي ڪتاب ”مارو جي ملير جا“ تائين …. پر رام سچانند جوهراڻي کي جس هجي جنهن هن شخص جي زندگي ۽ فن تي  وڏي محنت ڪري تفصيلَ سان معلومات هٿ ڪري ان کي ڪتابي صورت ڏني آهي. رام جوهراڻي جو هن کان اڳ آيل ڪتاب ”سنڌي سرويچ“ جنهن ۾ هن دنيا جي چونڊ سنڌي شخصيات کان ورتل انٽرويو ڏنا آهن، اهو ڪتاب پڻ ايتري ئي اهميت رکي ٿو جيتري سندس هي ٻيو ڪتاب ”رام پنجواڻي ـــ اديب ۽ فنڪار“ رکي ٿو. رام جوهراڻي اڄ به ”گلوبل سنڌي ڪائونسل“ لاءِ دادا رام ڄيٺملاڻيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو.

No comments:

Post a Comment