يُو ايس ڪيپيٽول جي اندر
پئسفڪ جي پاسي ۾ قسط: 35
ياسر قاضي
هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي پوئين ڀاڱي ۾ اسان امريڪي وفاقي سرڪار
جي قانون ساز برانچ ۽ امريڪي ڪانگريس جي خاص عمارت ”يُو ايس ڪيپيٽول“ جي ٻاهران وارو
حصو ۽ واشنگٽن ڊِي سيءَ جي لوڪل ريل سرشتي (ميٽرو ريل) ۽ واشنگٽن کي ٻين شهرن سان ريل
رستي ڳنڍيندڙ ريلوي نظام جي گڏيل جنڪشن اسٽيشن، يُونين اسٽيشن جو سير ڪري ”يُو ايس
ڪيپيٽول هِل“ جي اندر سير ڪرڻ لاءِ عمارت جي اوڀارين پاسي (اِيسٽ فرنٽ) کان اندر داخل
ٿيڻ لاءِ پهچي چُڪا هئاسِين ۽ جيئن ته اسين يُونين اسٽيشن کان پنڌ هلي هيستائين پهتا
هئاسين، تنهن ڪري حالت خراب هئي. اڄ صبح کان هوٽل مان نڪتل اسين، جن هينئر يعني ٽنپهرن
تائين واشنگٽن ڊِي سيءَ جي چئن پنجن مک تاريخي ماڳن جو تفصيل سان سير ۽ مشاهدو ڪيو
هو، ڏئي وٺي بيهي رهيا هئاسُون. پر اها عمارت، جنهن کي پَري کان ڏسي، دل سَٽون ٿي کاڌيُون
۽ جنهن جا فوٽو ننڍي لاءِ کان ڏٺا هئا، پنهنجي اندر اچڻ لاءِ اسان کي ڀليڪار ڪري رهي
هئي، ان ڪري منهنجو اُتساهه، ان ٿڪ تي حاوي هو. اسان کي سينيئر امريڪي سياستدان ۽ اڳوڻي
امريڪي اسٽيٽس مين ”جم مُوڊيءَ“ ڀليڪار چيو. جم مُوڊِيءَ کي جيڪڏهن آءٌ امريڪي ايواني
سياست جو نوابزادو نصرالله خان چوان ته ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني
سياست ۾ هزارين اختلافن جي باوجُود جيڪا عزت نوابزادي نصرالله خان جي هئي، امريڪا
۾ اهڙو ئي مقام جم موڊِيءَ جو آهي.
جم مُوڊِي، 2 سيپٽمبر 1935ع تي امريڪي رياست ورجينيا جي علائقي
”رچ لينڊس“ ۾ پيدا ٿيو ۽ اڄڪلهه 80 سالن جو پوڙهو آهي، پر سندس ڦڙتي نؤجوانن کان به
سرس ڏٺم. هُو 3 جنوري 1983ع کان 3 جنوري 1993ع تائين ساندهه 10 سال ”ونسڪنسنز“ جي پنجينءَ
ڊسٽرڪٽ مان يُو ايس هائُوس آف ريپريزنٽيٽوز (ايوانِ نمائندگان) جو چُونڊيل ميمبر رهيو. مُوڊي اڳ ۾ يونيورسٽِيءَ جو استاد هو،
جتان موڪل وٺي هن 1976ع ۾ سياست جي شرُوعات ڪئي. سڀ کان اڳ هُو ”ونسڪنسنز اسٽيٽ اسيمبليءَ“
جو ميمبر چُونڊيو ويو. 2 سال پوءِ هُو اسٽيٽ سينيٽ جو رُڪن چُونڊيو ويو. 1983ع ۾ کيس
امريڪي ڪانگريس جي رڪن طور پنهنجي رياست جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ چُونڊيو ويو، جتي 5 مسلسل
مُدن لاءِ چُونڊجي هن 1993ع تائين پنهنجيُون خدمتون انجام ڏنيُون. ان دؤران هُو هائُوس
وَيز اينڊ مِينس ڪميٽيز توڙي صنعت ۽ صحت جي سب ڪميٽين جو رڪن پڻ رهيو. 1992ع کان پوءِ
به امريڪي سرڪار مُوڊيءَ کي واندو ويهڻ ناهي ڏنو ۽ کيس مختلف اهم ذميواريون ڏنيون وينديُون
رهيون آهن. مثال طور: کيس امريڪي صدر بل ڪلنٽن جي دؤر جي پهرين وفاقي بجيٽ ٺاهڻ واريءَ
ٽيم جو ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. 1995ع ۾ مُوڊي گڏيل قومن جي اداري ”انٽرنيشنل فنڊ
فار ايگرڪلچرل ڊويلپمينٽ“ (آءِ ايف اَي ڊِي) جو نائب صدر ۽ چيف فائنانيشل آفيسر مقرر
ڪيو ويو. ان کان پوءِ به اڄ تائين امريڪا جي مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۾ مک
۽ قائداڻين حيثيتن ۾ پنهنجي تجربي ۽ جوهر جي بنياد تي خدمتُون انجام ڏئي رهيو آهي.
جم مُوڊِيءَ اسان کي ”يُو ايس ڪيپيٽول“ جي اوڀارين پاسي
(اِيسٽ فرنٽ) جي بلڪُل ڇيڙي وٽ (جتان هن عمارت ۾ اندر داخل ٿيڻ جو دڳ آهي) ڀليڪار چيو.
مائي اينان (مسز اين هارٽمين) کي سندس پاٻوهه منجھان پاتل ڀاڪر مان ايئن لڳو ته مُوڊِيءَ
۽ مائي اينا جي ورهن جي ڄاڻ سُڃاڻ آهي. مُوڊِي اسان سڀني سان ملي، آڌر ڀاءُ ڪري، سُونهون
ٿي اڳيان هليو ۽ اسان سندس پويان هلندي هن عمارت ۾ داخل ٿياسِين. امريڪا جي هر عمارت
(خاص ڪري سرڪاري عمارت) اندر داخل ٿيڻ کان اڳ سيڪيورٽي ڪليئرنس جو طريقو لڳ ڀڳ ساڳيو
ئي هيو، يعني اسان جي پاسپورٽن رستي اسان جي اڳواٽ موجود لسٽ سان نالن جي ڀيٽ، اسان
کي ”وزِيٽرس پاس“ جاري ٿيڻ... لوهه ۽ ٻين ڌاتُن
وارين شيُن کي پنهنجي کيسن مان ڪڍي اسڪينر مان گُذرڻ ۽ ڪٿي ڪٿي فوٽو اسيسمينٽ به...
اسان يُو ايس ڪيپيٽول جي هن سير (جنهن کي
”وِي آءِ پِي ٽُوئر“ چيو ويو) دؤران اهو شدت سان محسُوس ڪيو ته هن اداري اندر مُوڊِيءَ
جي ڳالهه ڏاڍي مڃِي ٿي وئي. جنهن کي پاڻ سنڌيءَ ۾ چوندا آهيُون ته ”هُن جي اتي ڏاڍِي
هلِي ٿي.“ پر سيڪيورٽيءَ جي مرحلن وقت مُوڊيِ پاڻ ئي پري بيهي رهيو، ڇاڪاڻ ته ههڙا
ملڪ سيڪيورٽيءَ تي سمجھوتو هرگز ناهن ڪندا ۽ اتي نه مُوڊِيءَ (يا سندس جهڙي ڪنهن ماڻهُوءَ
جي) ڪا دخل اندازي مڃي وڃي ها ۽ نه ئي هُو پاڻ دخل انداز ٿئي ها. مون سوچيو پئي ته
پاڻ وٽ پاڪستان ۾ جي اسان اهڙو ڪو ادارو گھمڻ وڃُون ۽ ان اداري سان سلهاڙيل مُوڊِيءَ
جيترو پُر اثر ڪو ماڻهُو اسان کي جيڪڏهن اتي گھمائي ها ته اهو سيڪيورٽِيءَ وارن کي
اک ڀڄي چوي ها: ”ابا ڇڏين! پنهنجا ماڻهُو آهن!“
سيڪيورٽيءَ جا مرحلا اُڪري اسين مُوڊِيءَ سان ڪيپيٽول جي
شاندار عمارت اندر داخل ٿياسِين. ايڏي شاندار عمارت، جو ان جي ڪهڙِيءَ ڪُنڊ تي نهار
وجھجي! ڪهڙيءَ تي نه! هر پاسو، هر پهلُو شاهي رعب، دٻدٻي، آرڪيٽيڪچر جي سُونهن ۽ انٽيريئر
ڊيڪوريشن جو اعلى نمُونو هو. جيستائين ڪيپيٽول اندر ٿيل مصوريءَ جو تعلق ته آهي، اها
قديم دؤر کان جديد دؤر تائين جي آرٽ جو اعلى نمونو آهي. هتي 1856ع جي اطالوي / يُوناني
مصوّر ”ڪانسٽينٽينو برُوميدي“ (ڄم: 26 جُولاءِ 1805ع ـ لاڏاڻو: 19 فيبروري 1880ع) جا
ٺهيل وڏي قد وارا ميُورلس (جيڪي پهرين منزل تي واقع سينيٽ سائيڊ واري پاسي جي هال سائيڊ
تي ڏسي سگھجن ٿا) ڏسڻ وٽان آهن، جن کي ”برُوميدي ڪاريڊورس“ چيو وڃي ٿو، جن تي امريڪي
تاريخ جي عظيم ۽ يادگار عمارتن ۽ شخصيتن جُون تصويرون ٺهيل آهن. ان سان گڏوگڏ ڪيپيٽول
جي ڀتين تي امريڪي سرزمين تي پيدا ٿيندڙ اصلوڪن جانورن، جيتن جڻين ۽ ٻُوٽن جُون تصويرون
به مُصوّراڻي حسن جي اعلى نمونن طور تخليق ڪيُون ويون آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته
هنن ”برُوميدي ڪاريڊورس“ ۾ ان وقت کوڙ ساريُون جايُون خالي به ڇڏيون ويون هيُون، ته
جيئن انهن خالي جاين تي مستقبل ۾ امريڪا جي تاريخ ۾ پيش ايندڙ اهم واقعن کي به چٽي
سگھجي. اهڙن واقعن منجھان پهريون دفعو ڊگھي ۾ ڊگهو سفر ڪندڙ جهاز وارو واقعو ”اسپرٽ
آف سينٽ لُوئيس“، چنڊ تي انسان جو رکيل پهريون قدم ۽ ”اپولو 11“ وارو واقعو (جيڪو هاڻي
ڪُوڙ ثابت ٿي چڪو آهي) ۽ ”اسپيس شٽل، چيلينجر شٽل ڪِريُو“ وارا واقعا شامل آهن، جيڪي
”برُوميدي ڪاريڊورس“ جي انهن خالي جاين تي نقش ڪيا ويا ۽ بعد ۾ ٻين مصوّرن چٽيا. هن
عمارت اندر مختلف ڀتين تي امريڪا جي پهرين صدر جي حلف برداريءَ، سندس قوم کي خطاب
۽ اهڙن ٻين تاريخي واقعن جُون خيالي تصويرُون پڻ چٽيُون ويوُن آهن، جيڪي پڻ ڏسڻ وٽان
آهن.
اسان جنهن لابيءَ کان هيءَ عمارت گھمڻ جو آغاز ڪيو، ان ۾
امريڪا جي مختلف ڪجهه رياستن جي بانين جا مُجسما رکيل هُئا. ان ڏس ۾ باقي رياستن جي
بانين ۽ ابن جا مُجسما هن عمارت جي ٽئينءَ منزل تي ”نيشنل اسٽيچُوئري هال ڪليڪشن“ نالي
مرڪزي هال ۾ رکيل آهن، جتي اسان ٿوريءَ دير ۾ وينداسُون. امريڪا کي بذاتِ خود هڪ دنيا
چيو وڃي ٿو، ان جو سبب اهو به آهي ته امريڪا جي 50 رياستن منجھان هر رياست پنهنجي پنهنجي
طور تي ڌار ڌار آزاديءَ جي تاريخ رکي ٿي. هر رياست ۾ آزاديءَ جُون ڌار ڌار تحريڪُون
هليون. هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو ماضي آهي. هر ڪنهن جي تهذيب، تمدن، ثقافت، ٻولي، ادب
۽ آرٽ پنهنجي پنهنجي آهي ۽ انهن رياستن منجھان گھڻين رياستن جي تاريخ ۾ ايڏو تنوّع،
وسعت ۽ گهرائي آهي، جو مشاهدو ڪرڻ وارو دنگ رهجيو وڃي. اهي 50 رياستُون پنهنجي پنهنجي
تاريخي ۽ ثقافتي تنوّع سان ملي ڪري جڏهن امريڪا جو گڏيل تاريخي، سياسي، ثقافتي ۽ سماجي
خاڪو جوڙين ٿيُون ته اهو عڪس فطري طور تي گھڻ رنگو ٿي پوي ٿو، تنهن ڪري امريڪا کي انهن
سمُورن حوالن توڙي جاگرافيءَ جي لحاظ کان به وسعت ۽ گهرائيءَ سبب جي ”اڌ دنيا“ چئجي
ته ان ۾ ڪوبه حرج ڪونهي. سو ڪيپيٽول جي مختلف گئلرين ۽ ”نيشنل اسٽيچُوئري هال ڪليڪشن“
(قومي مُجسمن واري هال) اندر امريڪا جي مختلف رياستن جي بانين جا مُجسما ڏسي، انهن
جي مختلف ڀيرن ۽ مُهانڊن کي ڏسي، نه فقط انهن مُجسمي سازن جي هنر کي داد ڏيڻ تي دل
چوي ٿي، بلڪه هر رياست جي الڳ مزاج توڙي نسلي فرق جو ادراڪ به ٿئي ٿو. هنن مان گھڻا
تڻا مُجسما پتل جا ٺهيل آهن ۽ اهي عام انسان جي ماپ جا ئي ٺهيل آهن. تعداد جي لحاظ
کان هر رياست 2 مُجسما ٺهرائي ”ڪيپيٽول“ کي تحفي طور ڏنا آهن، جن کي ”نيشنل اسٽيچُوئري
هال ڪليڪشن“ ۾ رکيو ويو آهي، ان طرح سان هن هال ۾ هر رياست پاران موڪليل ٻن ٻن مجسمن
جي ڪليڪشن سان مُجسمّن جو ڪل تعداد 100 آهي.
جم مُوڊِي اسان کي هن عمارت جي مختلف حصن جو سير ڪرائيندو،
مختلف ڪانگريس مين ۽ ٻين پارليامينٽيرينس جا چيمبر (ٻاهران) ڏيکاريندو، ان اهم ترين
هال طرف وٺي آيو، جيڪو ”امريڪي هائُوس آف ريپريزنٽيٽوز“ (امريڪي ايوانِ نمائندگان)
جو هال آهي ۽ ”هائُوس چيمبر“ چورائي ٿو، جتي امريڪي ڪانگريس جا اجلاس ٿيندا آهن ۽ امريڪا
سميت سڄيءَ دنيا جا اهم ترين فيصلا ٿيندا آهن. ان هال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ واري ننڍڙي
لائُونج ۾ اسان جا موبائيل فونز ۽ ڪئميرائُون رکرايُون ويون، ڇاڪاڻ ته هن هال ۾ فوٽوگرافي
ڪرڻ جي اجازت ڪانه هئي. هيستائين منهنجي همّت بنهه جواب ڏئي بيهي رهي ۽ ٿڪ سبب منهنجيُون
اکيُون بند پئي ٿيون. اسان سڀ پنهنجا موبائيل ۽ ڪئميرائُون سيڪيورٽيءَ وارن وٽ رکيل
مخصُوص ڳوٿرين (پائُوچز) ۾ رکي، ان هال ۾ اندر داخل ٿياسين. اهڙو عظيم الشان هال مُون
اڳ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪونه ڏٺو هو، جنهن جي اڏاوت جو انداز ته دنيا جي ٻين پارليماني
ايوانن وانگر هو، پر ان جي انٽيريئر ڊيڪوريشن ۾ جدت ۽ ڪلاسيڪيت ٻنهي جو انتهائي سهڻو
۽ من کي موهيندڙ امتزاج هو. مستطيل جي صُورت ۾ ٺهيل اسٽرڪچر جي هڪ پاسي مختلف درجن
۾ ٺهيل اسٽيج هئي، جڏهن ته سامهُون مختلف پيسيجز (ورهاستن) ۾ اڌ گول جي ارينجمينٽ
۾، چُونڊيل نمائندن لاءِ آرامده ڪُرسيُون نصب ٿيل هيون، جن جو تعداد 450 کان ته مٿي
هُوندو، ڇاڪاڻ ته هن هائُوس جي مستقل نشستُن جو تعداد 448 آهن. انهن ڪُرسين جي آڏو
هڪ ڊائيس (پوڊيم) فڪس ٿيل آهي، جنهن کي هڪ بٽڻ جي مدد سان هيٺ مٿي ڪري، مقرر جي قد
جي لحاظ کان ايڊجسٽ ڪرڻ جي سهُولت موجُود آهي. پوري هال ۾ ٽن پاسن کان، مٿان مهمانن
۽ پريس لاءِ گئلريُون ٺهيل آهن. ان گئلريءَ جي پيريءَ واري مُهاڙيءَ ۾ ٿوري ٿوريءَ
وٿيءَ سان بيضوي شڪل جي فريمن ۾ پٿر جي اُڀريل اُڪرَ سان امريڪا جي اَبن جا ٺهيل پورٽريٽ
لڳل آهن.
مُوڊيءَ اسان کي سامهُون وارين ڪُرسين (چُونڊيل نمائندن جي
نشستن) تي ويهڻ جي دعوت ڏني ۽ اسان انهن پارليامينٽيرينز وارين نشستن جي پهرينءَ قطار
۾ ويٺاسِين ۽ مُوڊي پاڻ ان قد جي لحاظ سان ايڊجسٽ ٿي سگھندڙ ڊائيس تي بيهي، اسان کي
هن هائُوس چيمبر جي باري ۾ ڄاڻ ڏيڻ لڳو، جهڙوڪر اسان کي خطاب ڪرڻ لڳو. پر مُوڊيءَ جو
سڀاءُ ۽ ڳالهائڻ جو طريقو ايڏو بي تڪلف هو، جو ڪيپيٽول هِل جي پُوري سير دؤران اسان
کي اهو گمان هرگز ڪو نه ٿيو ته ڪو اسان امريڪا جي هيڏي وڏي شخصيت سان ڳالهائي رهيا
آهيون، بلڪ اسان کي لڳو پئي ته ڪو اسان جو همعمر سنگتي اسان کي هي ماڳ گھمائي رهيو
آهي. مُوڊِيءَ اتي بيهي اسان کي ٻڌايو ته: ”هي اهو ايوان آهي، جتي امريڪا ئي نه، بلڪه
سڄيءَ دنيا جي حوالي سان اهم ترين فيصلا ٿيندا آهن.“ مُون سندس ان گفتگُوءَ دؤران سوال
ڪيو ته: ”اسان وٽ پاڪستان ۾ صدر صاحب سال ۾ هڪ ڀيرو قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ جي گڏيل
اجلاس (جُوائنٽ سيشن) کي خطاب ڪندو آهي، ڇا هتي به امريڪي صدر هن ايوان کي ساليانو
خطاب ڪندو آهي؟“ تنهن تي مُوڊِي ٿورو مُرڪي ”ويل جينٽل مين... “ جي لفظن سان منهنجي
ان سوال جو جواب ڏيندي چيو ته: ”اوهان وٽ اهو تاثر هُوندو ته امريڪا جو صدر ڪا وڏي
شئي آهي، پر ايئن ناهي... هي اهو هال آهي،
جتي دنيا جي طاقتور ترين ملڪ جو صدر (جنهن کي دنيا جو طاقتور ترين انسان سمجھيو ويندو
آهي) جا پگھر نڪرندا آهن. هُو هتي امريڪي ايوانِ نمائندگان آڏو پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو
حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ گھُرايو ويندو آهي. او... هُو... جيڪو
دروازو سامهُون اوهان ڏسو پيا (هُن پنهنجيءَ سِڌ ۾ نشستن جي وچ مان گذرندڙ راهداريءَ
جي ڇيڙي طرف اشارو ڪيو، جتي هڪ دروازو هو... اسان به پٺتي نهاريو) اوباما ان دروازي جي پرئين
پار ڪيتري دير بيٺو هُوندو آهي ۽ تيسيتائين اندر داخل ناهي ٿيندو، جيسين کيس اندران
سڏ نه ٿئي ۽ پوءِ اندر ايندو آهي ته کيس پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو
آهي ۽ ان ڏس ۾ هن هائُوس جا ميمبر آڏا ترڇا سوال ڪري سندس پگھر به ڪڍندا آهن. امريڪي
صدر جي حوالي سان اهڙي معلُومات اسان لاءِ حيرت ۾ وجھندڙ هئي ۽ اوهان مان پڻ گھڻن پڙهندڙن
لاءِ به حيرت ۾ وجھندڙ هُوندي. هائُوس چيمبر جي رُوح کي راحت ڏيندڙ خاموشي ۽ ٿڌڪار
تي اهڙي ننڊ اچڻ لڳي جو ڇا ڳالهه ڪجي! آءٌ مُوڊِيءَ جي سامهُون ويٺل اسان جي قطار
۾ بنهه ساڄي پاسي (۽ اسان واري پاسي کان ڏسجي، ته بنهه کاٻي پاسي) ويٺل هئم. مُون پنهنجي
پاسي ۾ ويٺل دوست اشفاق آذر کي چيو: ”ٻيلي پاڻ ته سمهُون ٿا. مُوڊي جي مُون کان ڪو
سوال ڪري، يا موُن سان مخاطب ٿئي ته ٺُونٺ هڻي اٿاري وٺجان!“ ۽ پوءِ آءٌ واقعي پنجن
ڇهن منٽن لاءِ اِشُوءَ جي اوٽ ۾ پنهنجي مٿي آڏو پنهنجو هٿ ڏئي، اکيُون ٻوٽي سُمهي رهيس
۽ انهن پنجن ڇهن منٽن دؤران ٻه ٽي هلڪيُون پنڪيُون هڻي ورتم.
هائُوس چيمبر ۾ لڳ ڀڳ 20 کان 25 منٽ گذارڻ کان پوءِ مُوڊي
اسان کي اهو چوندي ڪيپيٽول هِل جي ٻئيءَ منزل تي وٺي آيو ته ”هيءَ عمارت تمام وڏي آهي،
اهو ممڪن نه آهي ته اوهان ڪلاڪ ڏيڍ ۾ هيءَ سمُوري عمارت گھمي سگھو. هن کي گھمڻ لاءِ
هڪ پُورو واندو ڏينهن گھرجي“، نيشنل اسٽيچُوئري هال ڪليڪشن“ واري مرڪزي هال ۾ وٺي آيو
(جنهن جوذڪر اسين مٿي ڪري آياسِين)، جتي مختلف رياستن جي بانين سان گڏ، اڳوڻن امريڪي
صدرن جا مُجسّما پڻ رکيل هئا. هن هال ۾ ڪجهه مُجسمّا ٺهڻ جي عمل وارن مختلف مرحلن
۾ به پيل ڏٺاسُون. گڏوگڏ هن هال جي مرمّت جو ڪم به جاري هو. هن فلور کان مٿينءَ منزل
(ٽين منزل) تي وياسِين ته ڪيپيٽول هِل جي سمُوريءُ عمارت جي اصل سُونهن، ان جو سهڻو
گنبذ، اسان جي مَٿن جي بلڪل مٿان هو، يعني اسان ان گنبذ جي بلڪل هيٺان هئاسِين. هن
گنبذ جي اڏاوت ان ريت ٿيل آهي، جو ان جو اندريون پاسو هن عمارت جي هر منزل تان ڏسي
سگھجي ٿو، مطلب ته گنبذ جي عين هيٺان زميني منزل (گرائُونڊ فلور) تائين ڪجهه به ناهي
ٺهيل! گنبذ جي هيٺان هر منزل تي گول لابي ٺهيل آهي، جنهن جي ڪنارن سان لوهي گرل سان
گول ڀت جي اڏاوت ٿيل آهي، جنهن وٽان بيهي هيٺ توڙي مٿي نهاري نظارو ڪري سگھجي ٿو. اسان
اتان بيهي ڪيپيٽول هِل جي گنبذ جي اندران واري حصي جو تفصيلي نظارو ڪيو.
هن گنبذ جي اندر نقش ڪيل پينٽنگ، ميُورل چترڪارِيءَ جي هڪ
خاص ٽيڪنيڪ ”فريسڪو“ تحت ٺهيل آهي، جيڪو پڻ ڪيسٽينٽينو برُوميديءَ جي تخليق آهي. هن
چٽ جو عنوان ”دِي ايپوٿيوسز آف واشنگٽن“ رکيو ويو. هن پينٽنگ جي علامت ۽ تمثيل وڏي
مزيدار آهي. هن پينٽنگ ۾ امريڪا جي پهرين صدر ۽ ڪمانڊر ان چيف کي جنت ۾ ”ايپوٿيوسز“
(ديوتا) جي رُوپ ۾ حُورن ۽ ڪلاسيڪي ڏند ڪٿائن ۾ ذڪر ڪيل ٻين ڪردارن جي وچ ۾ تمثيلي
انداز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ۽ انڊلٺ رنگيءَ لِيڪ کي سندس پيرن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ان سان
گڏوگڏ ڪنهن به ملڪ جي عظمت ۽ خوشحاليءَ جي ضمانت هُوندڙ 6 نشانين (جنگ، سائنس، ميرين
يعني سمنڊ، تجارت، صنعت ۽ زراعت) منجهان هر هڪ کي ڪجهه ماڻهن جي ميڙ جي صورت ۾ ظاهر
ڪيو ويو آهي ۽ تمثيلي انداز ۾ امريڪا کي انهن سمُورن شعبن ۾ پاڻ ڀرو ثابت ڪيو ويو آهي.
جارج واشنگٽن جي جنت ۾ هجڻ واري تصوّر جو سنئون سڌو اشارو اهو ڏنو وي آهي ته ههڙو ملڪ
جوڙيندڙ شخص، امريڪي عوام جي عقيدي مُوجب پڪ سان جنت ۾ ئي آهي. هي گنبذ ڪيپيٽول جي
بنيادي اڏاوت کان گھڻو پوءِ، 1863ع ۾ جڙي راس ٿيو.
هاڻي وڌيڪ چُرڻ تي دل ئي نه پئي چاهيو. ٿڪَ، ننڊ ۽ هن عمارت
جي سُونهن، انهن ٽنهي عنصرن گھمڻ بدران ڪنهن هڪ جاءِ تي ويهي، عمارت جي حسن مان حظ
ماڻڻ تي پئي اُڪسايو، پر هاڻي اسين هن سير جي پڇاڙڪن پَلن ۾ هُئاسِين. جن ڏاڪڻين کان
اسان چڙهي، هن عمارت جا مختلف ڀاڱا گھمڻ لاءِ ويا هُئاسِين، لهڻ وقت اسان جو گسُ اهو
نه هو، بلڪه ٻين ڏاڪڻين کان لهندا، هر منزل (فلور) تي هڪ ڊگهي لابي لتاڙيندا هيٺ پئي
لٿاسِين. لهڻ مهل ڪاريڊور جي اولاهين پاسي کان جارج واشنگٽن ميموريل جي پُٺيان لهندڙ
سج جو نظارو توڙي شام شفق جي وڌندڙ لالي دل موهي رهي هئي. ٽنهي فلورن تان هيٺ لهندي،
اسان واشنگٽن ميموريل جي پويان لهندڙ سجّ جا مختلف درجا ڏسندا ۽ انهن درجن کي ڪئميرا
جي اک ۾ محفُوظ ڪندا آياسِين ۽ نيٺ گرائُونڊ فلور تي پهچي عمارت منجهان ٻاهر نڪتاسِين
ته سج مُڪمل طور لهي چڪو هو. جم مُوڊي اسان کي بلڪل ٻاهر تائين ڇڏڻ آيو. اسان جي گرُوپ
پاران مُوڊيءَ کي تحفو ۽ مهربانيءَ جو خط ڏنو ويو. اسان جي سمُوري گرُوپ سان مُوڊيءَ
لٿل سجّ کان پوءِ ڪيپيٽول هِل جي اوڀر واري پاسي (اِيسٽ فرنٽ) جي ڏاڪڻين تي بيهي يادگار
گرُوپ فوٽو ڪڍرايو، جنهن کان پوءِ اسان کانئس موڪلائي سامهُون نظر ايندڙ ”ڪانگريس لائبرريءَ“
سان يادگار فوٽوز ڪڍرايا. تيسين سانجھي، اُونداهيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اسان ڪيپيٽول هِل
جي عمارت کان اڳتي مين روڊ تائين آياسِين ۽ اسان مان چار چار ڄڻا هڪ ٽيڪسيءَ ۾ سوار
ٿيا. ڪُل ٽن چئن ٽيڪسين جي قافلي جي صُورت ۾ اسين پنهنجي هوٽل (”ميرِيييٽ ريزيڊنسي“)
طرف روانا ٿياسِين ۽ پُوري ڏينهن جي سير کان پوءِ ٿڪ ۾ چُور هوٽل پهتاسِين.
No comments:
Post a Comment