Thursday, October 29, 2015

گلوبلائيزيشن ۽ سڪڙجندڙ دنيا عبد الله مورائي

گلوبلائيزيشن ۽ سڪڙجندڙ دنيا
عبد الله مورائي
جيئن پاڻ وٽ سنڌو درياهه جي هڪ ڪناري سان سکر ۽ ٻئي ڪناري سان روهڙي يا ساڳيءَ طرح سان حيدرآباد ۽ ڄامشورو ٻئي جاڙا شهر آهن، تيئن درياهه ڊنيوب (Danube) جي ڪنارن سان هنگري (Hungary) جي گادي جو شهر بڊاپيست (Budapest) به ٻن الڳ الڳ شهرن تي مشتمل آهي. يعني درياهه جي هڪ پاسي بڊا ۽ ٻئي پاسي پيسٽ. دنيا جي ٻين شهرن وانگر هتي به صبح جو ناشتو هوٽل وارن تي ئي هيو، مانجهاندو بڊاپيسٽ واٽر سمٽ (Budapest Water Summit) ڪرائڻ وارن يعني اتان جي فارين افيئرس جي وزارت (Ministry of Foreign Affairs) تي هيو، جن مونکي دعوت ڏئي گهرايو هو. اهو ته ٿيو ڏينهن جو قصو, هاڻي سائين رات جو ماڻهو ماني ڪٿي ۽ ڇا کائي؟ مٿان وري مينهن وسندو هجي ته ماڻهو رهندو پريشان ته وڃي ته ڪاڏي وڃي؟


گهڻو وقت اڳ آمريڪا ۾ هڪ خاندان برگرن (Burger) جو ڪم شروع ڪيو ۽ سندن ڪاروبار ويو وڌندو ۽ هاڻي اهي دنيا ۾ ميڪڊونلڊ (McDonalds) جي نالي سان سڃاتا وڃن ٿا. سندن برگرن جو ڪاروبار دنيا تائين پهتو، ماڻهن کي خبر پئي ته اتي ڪهڙي قسم جو کاڌو ملي ٿو ۽ ماڻهو بنا ڪنهن جهجهڪ جي وڃي اتي ڪجهه کائي سگهي ٿو. بڊاپيسٽ ۾ مينهن وسڻ جي باوجود به وڏي گهما گهمي هئي. ڪارون، بسون، ٽرامون، زمين اندر هلندڙ ريل گاڏيون ته هيون ئي هيون پر ماڻهن جا ريلا ڊنيوب درياهه ۾ هلندڙ فيرين ۾ به وڏي تعداد ۾ سفر ڪري رهيا هيا. آءٌ ۽ منهنجي دوست پرنيلا (Pernilla) به اچي هڪ فيريءَ ۾ چڙهياسين ۽ گهمندا ڦرندا اچي شهر جي وچ ۾ پهتاسين. ٻي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي سو اسان به وڃي ميڪڊونلڊ تي پهتاسين.
هاڻي سوچجي ته ڪٿي سنڌ جو عبدالله، سئيڊن جي پرنيلا، آمريڪا جا برگر ۽ اهي وري کائجن ٿا بڊاپيسٽ ۾... اهو ڇا آهي؟ ته سائين منهنجا سولي سنڌي ۾ ان کي چئجي ته اها آهي گلوبلائيزيشن. اسان به ان جو فائدو وٺندي گهڻو پريشان ٿيڻ کان بچي وياسين. جتي گلوبلائيزيشن جا فائدا آهن، اتي نقصان پڻ موجود آهن. جيڪڏهن اتي ميڪڊونلڊ نه هجي ها ته اسان ضرور ڪنهن مقامي ريسٽورينٽ تي وڃون ها. آهستي آهستي دنيا تي بين الاقوامي ڪاروبار ڪرڻ وارن جو قبضو ٿيندو پيو وڃي. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن وڏيون ڪاروباري مڇيون ننڍين مڇين کي ڳهي وينديون. دنيا ۾ فقط نوَ هزار ماڻهو اهڙا آهن، جن جي هٿن ۾ دنيا جو ڪاروبار آهي. گلوبلائيزيشن جي ڪري بين الاقوامي سپر اسٽور پاڻ وٽ به کلندا، جتي هر ضرورت جي شيءِ ملندي ۽ نتيجي ۾ ننڍن ڪاروباري ماڻهن جي هٿن مان شيون کسڪنديون وينديون. هاڻي جيڪڏهن هاري هر سال ٻج ٻاهران وٺي اچي پنهنجي پوکائي ڪري ٿو ته معنيٰ سمجهجي ته گلوبلائيزيشن جا اثر شروع آهن. جيڪي هاري هر سال ٻج ٻاهران وٺن ٿا، هاڻي شايد انهن وٽ پنهنجو ٻج نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته جيڪو ٻاهران پاڻ ٻج وٺون ٿا، ان ۾ هڪ قسم جو خودڪش جين هوندو آهي، جيڪو فصل تيار ٿيڻ کانپوءِ پاڻ وٽ ٻئي سال لاءِ ٻج جي صورت ۾ بچائي رکي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته اهو ٻج هڪ مخصوص وقت کان پوءِ پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
اها به گلوبلائيزيشن جي هڪ نشاني آهي ته اسان سڀني جا ڪمپيوٽر ۽ موبائل فونزهاڻي پاڻ ۾ ڳنڍيل (Connected) آهن. دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو واقعو هڪ هنڌ پيش اچي ٿو ۽ ان جا اثر ٻين ملڪن تائين به پهچن ٿا ته اهو به ان گلوبلائيزيشن جي ڪري ئي آهي. اڄڪلهه دنيا ۾ جتي تيل گئس يا ٻيون معدنيات نڪرن ٿيون ۽ اتي جيڪڏهن بين الاقوامي ادارا انهن معدنيات کي ڳولڻ، ڪڍڻ، ريفائين ڪرڻ ۽ ان جي وڪڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪن ٿا ته اهو به صرف گلوبلائيزيشن جي ڪري آهي. جيڪڏهن ڪي به بين الاقوامي ادارا ڪنهن هنڌ ڪم ڪن ٿا ته انهن کي پابند ڪيو ويو آهي ته هو اتان جي آبادي جي فلاحِ و بهبود جي لاءِ پڻ ڪم ڪن. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي بين الاقوامي ادارا ايڏا ته مضبوط هجن ٿا، جو انهن جو ڪير وار به ونگو نٿو ڪري سگهي. ڪي ادارا ايڏا مضبوط به ٿين جو اهي سڌي توڙي اڻ سڌي طرح ملڪن جي حڪمرانن تي پڻ اثر انداز ٿين.
آءٌ يا ٻيا اسان جهڙا کوڙ دوست ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهون ٿا يا نوڪريون ڪيون ٿا، اهو به صرف ۽ صرف گلوبلائيزيشن جي ڪري ممڪن ٿيو آهي. آءٌ دنيا جي جنهن به هوائي اڏي تي ويندو آهيان ته اتي موجود دنيا جي جنهن به هوائي اڏي تي ويندو آهيان ته اتي منهنجو محبوب مشغلو اهوئي هوندو آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ هوائي جهازن جي شيڊيول واري بورڊ کي ڏسان. آمد و رفت تمام تيز ٿي چڪي آهي. استنبول هجي يا پئرس يا کڻي دوحا جو هوائي اڏو، هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو پيا اچن وڃن. ڪن جي منزل آفريڪا ته ڪن جو رخ ڏکڻ آمريڪا. ڪن ماڻهن سان ته ڪنهن ڪيفيٽيريا ۾ پنهنجي پنهنجي جهاز جو انتظار ڪرڻ دؤران سلام دعا به ٿيو وڃي. ڪي ڪي دنيا ليول جا مسئلا ٻڌائڻ ۾ شروع ٿي وڃن ته ڪي پنهنجي ملڪ جا! چوڻ جو مقصد ته گلوبلائيزيشن جو جِنُ جڏهن کان بوتل کان ٻاهر آيو آهي ته دنيا ايتري سڪڙجي وئي آهي جو ان جي واپسي ممڪن ناهي. مثال جنهن شخص سان اوهان جيڪڏهن چند ڪلاڪ پهريان استنبول جي هوائي اڏي تي شايد گڏجي چانهه پيتي هجي، اهو چند ڪلاڪن کانپوءِ پيرو (Peru) جي شهر ليما (Lima) جي ڪنهن گهر ۾ آرام ڪندو هجي ۽ اوهان سپر هائي وي تي ڪنهن پٺاڻ جي ڍاٻي تي دال ماش جو مزو وٺندا هجو ۽ وري مٿان پاڻ ۾ فون يا ڪمپيوٽر جي ذريعي هڪ ٻئي کان حال احوال وٺندا هجو.
گلوبلائيزيشن جي ڪري ئي اهو ممڪن ٿيو جو ماڻهن کي موقعو مليو ته هو پنهنجي اندر ۾ موجود ڪنهن خاص گڻ کي دنيا آڏو پيش ڪن. مثال طور ڪن ڳائڻن کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڳائڻ جو موقعو مليو ته ڪن راندين ذريعي مڃتا ماڻي. ڄامشوري ۾ منهنجي پهرين ۽ آخري ملاقات سائين طارق عالم ابڙي سان سندس سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ اسان جي پياري دوست سائين پير حمادالله جي معرفت ٿي هئي. ابڙو صاحب بڪين جي آپريشن لاءِ لنڊن ويو، اتان ڪامياب علاج ڪرائي واپس موٽيو ۽ اسان کي ’لنڊن تُنهنجا ڪهڙا روپ‘ جهڙو انمول ڪتاب ڏنائين. اهو قصو به گلوبلائيزيشن جي ڪري ممڪن ٿيو. سائين پير حمادالله صاحب جي مهرباني جنهن جي ڪري اهو ممڪن ٿيو ۽ آءٌ طارق عالم ابڙي صاحب سان مليس جنهن جي مونکي تمنا ان ڏينهن کان هئي جڏهن مون سندس ڪتاب لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ پڙهي بس ڪيو هو.

گلوبلائيزيشن جي ڪري ئي هاڻي اهو ممڪن آهي ته جيڪي دنيا ۾ کوجنائون ٿين ٿيون، اهي هاڻي هڪ ٻئي سان پاڻ ۾ ونڊ ڪيون وڃن ٿيون. مثال طور آءٌ بڊاپيسٽ جنهن ڪانفرنس ۾ ويل هيس اها پاڻي جي معاملن کي حل ڪرڻ ۽ نين نين شين تي بحث ڪرڻ لاءِ ئي هئي. دنيا ۾ هاڻي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ اهڙي قسم جون ڪانفرنسون ۽ سيمينار هلندا رهن ٿا، پوءِ ڀلي اهي بيمارين جي نون علاجن بابت هجن يا ڪنهن ڪمپيوٽر جي نئين کوجنائن بابت هجن. نيٽو جون فوجون، بين الاقوامي پوليس، آئي ايم ايف، ورلڊ بئنڪ ۽ گڏيل قومن جا ادارا اهي سڀ جا سڀ گلوبلائيزيشن جو هڪ مثال آهن.

No comments:

Post a Comment