”اوآهُو“جو قديم ماڳ ”الُوپو هِي آيُو“
پئسفڪ جي پاڙي ۾ ۱۶
ياسر قاضي
هن ”سفر ـ ڪٿا“ جي گذريل ڀاڱي ۾ اسان امريڪا جي هوائي (رياست)
جِي ”اوآهُو“ ٻيٽ جي تارِيخي، ثقافتي توڙي جاگرافيائِي سير دؤران، ”نوآنُوپالي لُڪ
آئُوٽ“ (پولي ڪِلف) جو زبردست سير ڪري ان سفر کي جاري رکندي، اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاهُئاسُون،
جيڪا پنهنجي تيز رفتارِيءَ سان ”دِي پالي هاءِ وي“ (”هوائِي اسٽيٽ هاءِ وي“ کي تيزِيءَ
سان لتاڙِيندِي، ”هونولُولُو“ شهر جي مرڪز (ڊائُون ٽائُون هونولُولُو) ڏانهن رُخ رکندي،
اسان کي اسان جي ايندڙ ماڳ ڏانهن نِيَڻ لڳِي. اسان جو ايندڙ اسٽاپ، هڪ قديم ماڳ (آرڪيالاجِيڪل
سائِيٽ) هو، جنهن جو نالو ”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) آهي. هن ماڳ
کي هوائي (رياست) جي ”قومي ورثي“ طور سنڀاليل ماڳ (اسٽيٽ هسٽارِيڪل سائِيٽ) جو درجو
حاصل آهي. اُن ماڳ ڏانهن ڊوڙندڙ ڪوسٽر ۾ سفر ڪندي، اسان سان اسان جي گائِيڊ ”ڊيرڪ فيرار“
(ڊيرِيءَ) هڪ نهايت عجِيب ڳالهه ڪئي. هُن چيو ته: ”هِي هڪ اهڙو عجيب ماڳ آهي، جتي ڪنهن
دؤر ۾ جانور توڙي ماڻهُو پنهنجو رت دانَ طور ديوتائُن کي ڏيندا هُئا ۽ اُها رسم اڄ
ڏينهن تائين نڀائبي پئِي اچي. ڪوبه پڙهيو ڳڙهيو ماڻهُو يا ماڻهُن جو ٽولو اُتي ويندو
آهي، ته اُنهن ماڻهن جي ٽولي منجھان ڪنهن نه ڪنهن هڪ جو خُون ضرُور ٿيندو آهي ۽ اهو
خُون به اهڙي عجِيب نمُوني سان ٿيندو آهي جو اُهو ماڻهُو پاڻ پنهنجِي سسِي لاهي اُن
ديوتا کي پنهنجي خُون جو دان پيش ڪندو آهي، جنهن جي نالي ۽ حوالي سان هي ماڳ مڪان سُڃاتو
وڃي ٿو. اوهان به پڙهيل ڳڙهيل آهيو، تنهن ڪري اڄ اوهان مان به ڪنهن نه ڪنهن هڪ کي اها
قرباني ڏيڻي پوندي.“ اسان منجھان گھڻا ساٿي ته ڊيرِيءَ جِي ان برِيفنگ دؤران هڪ ٻئي
سان ڪچهري ڪرڻ ۾ مَحو هُئا، پر جن جن به ڊيرِيءَ جِي ان ڳالهه کي غور سان ٻُڌو، اُن
جو ساهه مُون وانگر سُڪو ضرُور... ! خاص طور تي امريڪي صحافِي لؤڻا ڦيرائي هڪ ٻئي کي
حيرت مان ڏسڻ لڳا. ان کان اڳ جو اسين وڌيڪ پريشان ٿيُون ۽ اسان جو هانءٌ وات ۾ اچي
وڃي، ڊيرِيءَ پنهنجي ڳالهه کي جارِي رکندي چيو ته ”... خير! اهو مُون پاران اوهان سان
ڪيل ”اپريل فُول“ هو... اوهان دل ۾ متان ڪريو!
۽ پريشان متان ٿيو... “ (اهو پهرين اپريل ۲۰۱۴ع جو ڏينهن هو) اهو ٻُڌي
نه فقط اسان جي پيٽ ۾ ساهُه پيو، بلڪه اسان جي چپن تي مُرڪ به اچِي وئي. پوءِ ڊيرِيءَ
اسان کي هن ماڳ جا تفصِيل ٻُڌايا. هُن جا ٻُڌايل تفصيل اڃا پُورا ئي ڪونه ٿيا هُئا
ته اسِين اچي ”الُوپو هِي آيُو“ پهتاسِين. ”الُوپو هِي آيُو“، اوآهوُ ٻيٽ ۾ هونولُولُو
شهر توڙي ڪائُونٽِيءَ ۾ ”ڪيئيلُوآ“ جي علائقي ۾ ”ڪوائِي نُوئِي مارش“ (نالي آلي مٿاڇري/Wet Land) جي بنهه اوڀارين
ڇيڙي تي واقع آهي، جنهن جي پکيڙ لڳ ڀڳ ۲ ايڪڙ آهي. هي ”مينيهُوني“ نالي ماڻهن/لوڪن
سان سلهاڙيل ڏند ڪٿائن سان واڳيل هوائِيءَ جو هڪ قديم ماڳ آهي، پر هن ماڳ جي حوالي
سان ٻين ڪردارن جا ذڪر به عام جام ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ”مينيهونِي“ هوائي قصن
ڪهاڻين جي روشنيءَ ۾ انهن بندرن (ڄامڙن) ماڻهن کي چيو وڃي ٿو، جيڪي ڪنهن دؤر ۾ هوائين
ٻيٽن جي گھاٽن جھنگن (ٻيلن) يا ڳُجھيُن وادِين ۾ عام ماڻهن جي ديد کان گھڻو پري رهندا
هُئا، جن جي پسنديده خوراڪ ڪيلو ٻُڌائِي وڃي ٿِي. ”بيڪ وِٿ“ جي هوائي ڏند ڪٿائُن مُوجب
”مينيهونِي“ کان سواءِ به جھنگلي ماڻهُن جا اهڙا ڪئين نسل آهن، جيڪي ان قسم جي ٻيلن
۽ واديُن ۾ جالِيندا رهيا آهن. اهڙن نسلن ۾ ”نوائو“ به هڪ اهم مخلُوق هُئي، جن لاءِ
چيو وڃي ٿو ته اهي اُوچي قد وارا ويڙهاڪ جهنگلي جانورن نُما مخلُوق هُئا.
”مينيهونِي“ (مخلُوق) کان سواءِ هن ماڳ ”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) جي وابستگِيءَ
جي حوالن ۾ ۱۵هين صدِي عيسوِيءَ ۾ اُن وقت جي ”اوآهُو“ جي والِيءَ، ”ڪاڪُوهِي
هِي هَي وا“ ۽ ۱۷هين صديءَ جي آخر ۾ تڏهوڪي اوآهُوئي حاڪم ”ڪُوآلِي“ جو شُمار
به ٿئي ٿو. چون ٿا ته سال ۱۷۵۰ع تائين هِي ماڳ پنهنجي اهميت جي
عرُوج تي هو. ۱۷۸۰ع ۾ جڏهن اوآهُو فتح ٿيو ته هي ماڳ بنجر ۽ بيڪار بڻايو ويو.
۱۹۵۴ع ۾ هن جاءِ تي عوام جي سهُولت لاءِ هڪ پارڪ (باغ) بڻايو
ويو. هن ماڳ جي تاريخي حوالي سان سنڀال جو خيال اختياريُن کي پهريون ڀيرو شايد ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ آيو،
جڏهن هن کي جُزوِي طور تي محفُوظ ڪرڻ جا جَتن ڪيا ويا. ۱۹۶۲ع ۾ هن سائِيٽ تي هوائِيءَ
جِي ”اسٽيٽ ڪميشن آن هسٽاريڪل سائِيٽس“ پاران پهريون ڀيرو پتل جو بورڊ هڻائي، هن ماڳ
جي اهميت جِي نشاندهِي ڪئِي وئِي. ۱۹۷۲ع ۾ هن ماڳ جو اندراج قومي ورثي
وارن ماڳن جي سرڪاري رجسٽر ۾ ڪري، هن جي اهميت کي سرڪاري سطح تي مڃيو ويو.
هڪ ڳالهه جيڪا دُنيا جي هر ڪُنڊ ۾ اوهان کي هڪجهڙي ملندي،
اُهي آهن انسان جا وهمَ (توهُمات) ۽ اُنهن جو مختلف ماڳن مڪانن سان سلهاڙيل هُجڻ! اصل
۾ انسان وڏي عجيب وَٿ آهي. هُو ديومالائِي ڪردار تخليق به پاڻ ڪندو آهي ۽ پوءِ اُنهن
کان ڊڄندو به پاڻ آهي. يعني جيڪي ڏند ڪٿائُون هُو تخليق ڪندو آهي، اُنهن ئِي ڏندن
۾ پاڻ ئي پنهنجيُون آڱريُون ڏئي حيران پيو ٿِيندو آهي. حقيقت اها آهي ته انسانن جا
هڪڙا گروهه ماڻهن کي ڊيڄارڻ ۽ پنهنجا دُڪان چمڪائڻ لاءِ اهڙا قصا ڪهاڻيُون تخليَق ڪندا
آهن ۽ سندس ئي برادرِيءَ جا ٻيا انسان، انهن مان ڊڄِي پنهنجا روز روز نوان عقيدا پيا
ٺاهِيندا ۽ مَٽائِيندا آهن ۽ ايئن ئي پيو گھڻيُن ڌُرين جو ڪاروبار هلندو آهي.
هِيءَ سائِيٽ ”ڪوائِي نُوئي ريجنل پارڪ“ جي ڀرسان واقع آهي.
هن جُون ۱۴۰ × ۱۸۰ فُٽن جِي ماپ جُون ۳۰ فُوٽ اُوچيُون ڀتيُون،
هن ۲ ايڪڙن
جِي پُوري سائيٽ جو احاطو ڪيو بِيٺيُون آهن. هي ماڳ دراصل هڪ پٿر جي ٿَلهي (پليٽ فارم)
تي مُشتمل آهي. هي پٿر جو ٿَلهو گھڻن ئي پٿرن جي مجمُوعي تي مُشتمل آهي، جن جي حوالي
سان چيو وڃي ٿو ته ان قسم جي ڳرن ۽ نرالن پٿرن کي ڏُورانهن ماڳن کان کڻي هتي آندو ويو
هُوندو، جن ۾ اهڙا ماڳ به شامل آهن، جن جو مُفاصلو هن جاءِ کان لڳ ڀڳ ۱۰ ميل (۱۶۵ ڪلوميٽر) کن هُوندو.
اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته هن جاءِ جي استعمال ۽ اهميت جا ڪارڻ،
وقت گذرڻ سان گڏ مَٽجندا رهيا ۽ هن ماڳ جو ذڪر مُختلف ڏند ڪٿائن جي مُحرّڪ طور رهيو.
هن ماڳ جِي مشهُورِي هوائِيءَ جي روايتي مندر (”هِي آيُو“) طور به رهِي ۽ ”الُوپو هِي
آيُو“ هڪ پوليٿيئيسٽڪ ۽ ”رُوحيت مظاهر“ (اينِيميسٽڪ) ڌرم سان تعلق رکندڙن جي مندر جي
سائيِٽ جي طور تي پڻ ڄاتو ويندو آهي (ياد رهي ته ”مندر“ گھڻن ئي عقيدن جي عبادتگاهه
آهي). هن قسم جي مندرن جي حوالي سان اهو به مشهُور آهي ته بيمارن کي شفا ڏيڻ جي ڪري
هن قسم جا مندر خاص سمجھيا ويندا آهن. اهو انُومان ڪيو وڃي ٿو ته عظيم جنگجُو ”ڪُئالِيءَ“
اچي هن ماڳ کي ”الُوپو هِي آيُو“ (مندر) جي صُورت ۾ تبديل ڪيو، جتي ماڻهن توڙي جانورن
جو رت نذراني طور پيش ڪيو ويندو هو ۽ ان ڪري هن مندر کي ”قُربان گاهه“ وارِي حيثيت
پڻ ملِي. هن مندر تي هڪ اُوچو ٽاور به نصب ڪيو ويو ۽ ان ۾ پٿر جُون مُورتيُون به ٺاهي
رکيُون ويُون.
تاريخ ۾ ”لُئاڪني هِي آيُو“ سڏجندڙ هِي مندر (هوائِي ٻوليءَ
۾ ”هِي آيُو“ مندر کي چئبو آهي) ۽ هن قسم جي مندرن جو بُنياد هوائي ڏند ڪٿائن مُوجب
هن خطي جي مشهُور ڪردار ”پائو“ وڌو، جنهن قديم دؤر ۾ هن قسم جا مندر قائم ڪيا. جيتوڻيڪ
جديد آثارِقديمه جا ماهر ان روايت توڙي ”پائو“ جي وجُود کي ڪونه ٿا مڃِين، پر هوائيءَ
جا اصلوڪا رهاڪُو اڃا به ان ڳالهه تي پڪي عقيدي جي طور تي ويساهه رکن ٿا ۽ ”پائُو“
کي هڪ تاريخي ڪردار مڃِين ٿا. (تاريخ ۾ ڪٿي به ”پائو“ جي ڄمڻ ۽ مرڻ جي ڪا تاريخ ڪانه
ٿِي ملي.) ”پائو“ جو ڪردار انهن وٽ ايئن آهي، جيئن پاڻ وٽ وتائي فقير، مُومل، راڻي،
سسئِيءَ، پُنهُونءَ وغيره جا ڪردار!
هن ماڳ کي پوکي راهيءَ جي ماڳ کان وٺي مَڇين جي تلاءَ تائين
مُختلف حيثيتن سان استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هن جِي هڪ حيثيت هڪ ”لگُون“ (پاڻيءَ
جي وڏي ذخيري کان ڌار ٿيل هڪ الڳ پاڻِيءَ جي ننڍي ميڙ/ڪرِيڪ) وارِي به رهِي آهي. هتي
قائم مندر کي ”ڪاميهاميها پهرين“ جي فتح کان پوءِ ”فتح جي ماڳ“ جي حيثيت سان به ناماچارِي
رهِي آهي. پوک جي لحاظ کان، ڪنهن دؤر ۾ هن جاءِ تي واقع مڇيءَ ۽ ”ماهي ڪفال“ (مڇيءَ
جي هڪ قسم ـ جنهن کي انگريزيءَ ۾ Mullet چئبو آهي) جي تلاءَ جي ڪناري سان هتي ڪيلي، مٺي پٽاٽي
۽ ڪمند جي پوک ٿيندي رهي.
”ڪي لُوآ“ جو هي علائقو (جنهن ۾ هي قديم ماڳ موجُود آهي) ڍنڍ ۾ لڀندڙ
مڇيءَ توڙي سرسبز پوکن سبب ڏاڍو خُوشحال علائقو هو، جنهن ڪري هي علائقو، ”ڪُولائُوپوڪو“
(پرڳڻي) جي حڪمرانيءَ توڙي سياسي طاقت جو مرڪز رهيو، جيڪو ڪنهن دؤر ۾ ”اوآهُو“ ٻيٽ
جي سياسي قُوّت جو اُهڃاڻ هو. سال ۱۷۸۰ع ۾ بادشاهه ”ڪاهاهانا“ جي سپاهه
کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ”اوآهُوءَ“ جو بادشاهه ”ڪاهِي ڪِي لِي“ هن ئي علائقي ”ڪي اُولا“
۾ رهيو، جيئن ۱۷۹۵ع ۾ ”ڪاميهاميها پهريون“ اوآهوءَ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ هتي
رهيو. بعد وارن سالن ۾ ”ڪاميهاميها ٽين“ جِي ونِي ”ڪلامان“ (ڄم: ۱۷ مارچ ۱۸۱۷ع، لاڏاڻو: ۸ آڪٽوبر ۱۸۷۰ع) کي، ۱۸۵۴ع ۾ پنهنجي ورَ جي لاڏاڻي
پُڄاڻان ”ڪي لُوآ“ جي گھڻي تڻي زمين ورثي ۾ ملِي. ۱۹۱۷ع ۾ ان زمين جو گھڻو
حصّو هتان جي نامياري زميندار ۽ ريئل اسٽيٽ ڪار، ”هيرولڊ ڪي نالُو لانگ ڪيسل“ (ڄم:
۳ جُولاءِ
۱۸۸۶ع، لاڏاڻو: ۱۹ آگسٽ ۱۹۶۷ع)، پنهنجِي ريئل اسٽيٽ
ڪمپنِيءَ ”ڪاني اوهي رينچ“ لاءِ حاصل ڪري ورتو. هن وقت نه اُن جاءِ تي ڪو مندر آهي،
نه ئي ورِي ڪا پوکي ٿئي ٿِي ۽ نه ئي ڪو تلاءُ آهي.
”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) جِي مُهاڙِيءَ (سامهُون واري حصي) تي ۳ عدد وڏا معلُوماتِي بورڊ
لڳل آهن، جن تي هن ماڳ جي شُهرت جي سببن کي شڪلين ۽ خاڪن سميت قلمبند ڪيو ويو آهي.
اسان مُهاڙِيءَ کي چڱِيءَ رِيت ڏسڻ کان پوءِ اُن جي پاسي مان هڪ وڻن سان ڍڪيل پيچري
(راهدارِيءَ) تان گُذرندي، هن سائيِٽ جي پويان واري ڀاڱي ۾ آياسِين، جنهن جي زمين جِي
سطح ڪافي هيٺ هُئي ۽ هن ماڳ جي پوياڙِيءَ واري پاسي کان اُن جي چوڌارِي ڏنل ڀت وارِي
۳۰ فُوٽن جي اُوچائِي پُورِي ڏسڻ ۾ آئِي. هن پاسي کان ناريل
جا وڻ ۽ ٻيا گاهه توڙي وڻ ٽڻ به جام هُئا. ”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) جِي اهميت جي
حوالي سان ڪنهن به ماضِيءَ وارِيءَ وٿَ جا ڪي به آثارَ ڏسڻ ۾ ڪونه آيا، مثلاً: جي هتي
ڪو مندر هو، ته اُن مندر جِي ڪا دروديوار ته محفُوظ هُجي ها، جنهن نشانِيءَ کي ڏسي،
هتي مندر هُجڻ جي گُمان کي تقويت ملي ها، يا وري جي هن جاءِ تي ڪا ڍنڍ يا ”ڪريِڪ“ هُئِي،
ته اُن جو ڪو ڦاٽ يا پيٽ هُجي ها (سُڪل ئِي سهي!)، پر ڪا ته نشانِي هُجي ها، جنهن کي
ڏسي پڪ ٿئي ها ته هتي اڳ ڇا هو. هي ماڳ رُڳو پٿرن جو ڍير ئي نظر آيو، جنهن کي فقط پري
کان ڏسِي ئِي ٿي سگھياسُون پئي.
هن ماڳ ”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) جي حوالي سان
تاريخ جي ڪتابن ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا خاص ڄاڻ ڪانه ٿي ملي. مُون جڏهن ان ماڳ جِي تاريخي
اهميت کي سنڌ جي قديم ماڳن جي تاريخي اهميت ۽ حيثيت سان ڀيٽي ڏٺو، ته احساس ٿيو ته
اسان وٽ سنڌ ۾ ڪيڏِيءَ نه عظيم تاريخي نوعيت جا ماڳ مڪان ڳوٺ ڳوٺ واهڻ واهڻ وسندِيءَ
وسندِيءَ پکڙيا پيا آهن، پر اسان جي ڪنهن به حڪُومت (جمهُوري يا فوجي) جي ترجيحن ۾
اُهي شامل ئي ڪونهن رهيا. انهن کي بچائڻ، اصل حالت ۾ محفُوظ ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن تائين
سنڌ جِي سُڃاڻ کي هٿِيڪو ڪرڻ جو سعيو به ڪو ڪونه ٿو ڪري ۽ اهڙن ماڳن کي ايندڙ ويندڙ
سيّاحن لاءِ تفرِيح جو باعث بڻائڻ جو جتن به ڪنهن جي به ايجنڊا ۾ شامل ئي ناهي. اسان
وٽ ”يُونيسڪو“ پاران عالمي هيريٽيج قرار ڏنل مُهين جي دڙي، مڪلِيءَ توڙي ٻين مشهُور
ماڳن جي حالت ئي غير لڳِي پئِي آهي، ته مان لاڙڪاڻي ـ وڳڻ روڊ تي واقع، ”جھُڪر جي دڙي“،
سڪرنڊ ويجھو ”چانهُو دڙي“، سکر واري ”لاکين جي دڙي“، ميرپُورخاص واري ”ڪاهُوءَ جي دڙي“
(جنهن جو گھڻو تڻو حصّو ته لينڊ مافيا وارا ڳڙڪائي ويا آهن) بابت ڪهڙي لب ڪُشائي ڪريان!!
”سنڌ جِي ديوار“ (رنِي ڪوٽ) ڌاڙيلن جو آماجگاهه بڻيل آهي. ”سنڌ جِي
مَرِي“ (گورک هِل اسٽيشن) تي ڪئِين ڊويلپمينٽ اٿارٽيُون ٺهيُون، پر ڪمُ بنهه ڪُجهه
به نه! هي اسان جا اُهي ماڳ آهن، جن جِي ڀرپُور تاريخي حيثيت کي دُنيا پئي مڃي. يعني
ڪوٽ ڏيجِيءَ، عمر ڪوٽ ۽ ٻين قلعن جي جنگي اهميت ۽ ”فيض محل“ توڙي ”خُدا آباد مسجد“
جي آرڪيٽيڪچرل اهميت جِي ساکي پُوري دُنيا آهي، پر اُنهن مان ڪي ماڳ مال جا واڙا لڳا
پيا آهن، ته ڪن ماڳن کي وقت پنهنجِي بي رحميءَ وارِيءَ دزَ سان لَٽِيندو ٿو رهي، جڏهن
ته گورن وٽ گھٽ اهميت جا ماڳ به هرُوڀرُو اهميت ڏئي، وڏا ڪري ڏيکاريا پيا وڃن، ته جيِئن
نه فقط انهن جي تاريخي اهميت اُجاڳر ٿئي، بلڪه اُتي سيّاحن جي اچُ وڃ وڌي، ته جيئن
ان مَد ۾ ناڻو به مُلڪ ۾ اچي.
”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) جِي تاريخي حيثيت تي مُون سوچيو پئي، ته ڪنهن جاءِ تي فقط مندر هُئڻ،
اُن جاءِ تي ڪنهن زماني ۾ سُٺِي پوک ٿيڻ يا تلاءَ جو هُجڻ، مُختلف بادشاهن جي اقتدار
جو مرڪز هُئڻ ئي ڪافي ڪونهي، اُن ماڳ جِي آرڪيالاجِيڪل اهميت لاءِ ٻيُون به گھڻيُون
ئي ڳالهيُون اهم هُونديُون آهن. هن ماڳ جِي قدامت جي حوالي سان نه فقط تاريخ جا اهم
ڪتاب خاموش نظر آيا، پر اهو سوال جڏهن مُون ”ڊيرڪ فيرار“ (ڊيرِيءَ) کان ڪيو، ته اُن
به هن ماڳ جِي پُراڻ جي حوالي سان مُون کي ڪو اطمعنان بخش جواب ڪونه ڏنو. هُن به ۱۸هين صديءَ جي اُنهن واقعن
جو ذڪر ڪيو، جن جا حوالا مُون مٿي ڏنا، جيڪي تاريخ جي لحاظ کان پڪ سان ڪي گھڻا پُراڻا
واقعا ڪونه ٿا ليکي سگھجن، ڇاڪاڻ ته تاريخ جي تناظر ۾ ٽي چار صديُون پُراڻو هُجڻ ڪو
گھڻو پُراڻو هُجڻ شُمار ڪونهي ٿيندو، تنهن جي باجُود به ڪنهن ماڳ جي شهرت يا انفراديت
جو سبب ڪو خاص هُجي ته پوءِ ڳالهه ٺهي به ٿِي! اهو فقط هن ئِي ماڳ جي حوالي سان مُون
محسُوس ڪونه ڪيو، بلڪه کوڙ سارن اهڙن ماڳن جي حوالي سان هن سفر دؤران محسُوس ڪيُم،
جن جِي بُنيادي طرح ڪا حيثيت ڪانه هُئي، پر اُن جڳهه کي هرُوڀرُو پَٽڪو ٻڌائي اهميت
ڏني وئِي هُئي، اهڙن ماڳن ۾ ڪولمبيا (مِزُورِيءَ) ۾ قائم ”چرچل ميُوزيم“ به آهي، جتي
ونسٽن چرچل رڳو هڪ ڀيرو آيو هو ۽ تاريخي تقرير ڪئي هُئائِين. اُتي هرُوڀرُو/زورِيءَ
هيڏانهن هوڏانهن جُون شيُون گڏ ڪري مڙئي سندس نالي تي هڪ يادگار عجائب گهر قائم ڪيو
ويو آهي. (ان ميُوزم جو ذڪر ڪولمبيا وارن بابن ۾ ايندو)
هيءَ ڳالهه ڪندي آءٌ امريڪيُن تي تنقيد به ڪريان پيو ته هڪ
ئي وقت اُنهن جِي تعرِيف به! تنقيد ايئن، ته هُو هرُوڀرُو پنهنجيُن اهڙيُن شيُن کي
اهميت ڏئي اُجاڳر ٿا ڪن، جن جِي بُنيادي طور تي ڪا تاريخي اهميت آهي ڪونه ۽ اسان وٽ
سنڌ ۾ ان کان گھڻِي وڌيڪ اهميت جُون وٿُون موجُود آهن، جن سان سندن ماڳ نه تاريخي اهميت
جي حوالي سان پُڄِي سگھن ٿا، نه پنهنجي طبعي هئيّت جي لحاظ کان! جڏهن ته ان ڳالهه لاءِ
گورا تعرِيف جي لائق ان ڪري آهن، جو هُو پنهنجين ننڍيُن ننڍيُن شيُن کي به اهميت ڏين
ٿا، سانڍڻ ڄاڻن ٿا ۽ دُنيا لاءِ توجّهه جو مرڪز بڻائين ٿا، جڏهن ته اسِين پنهنجي اهم
شيُن جو قدر به ڪرڻ ڪونه ٿا ڄاڻُون ۽ اُهي ماڳ توڙي وَٿُون هورڙيان هورڙيان اسان جي
هٿن مان نڪرندا پيا وڃن.
”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) جي بلڪُل ڀرسان ئي هڪ ”جِم“ هُئي، جنهن جي اندر جھاتِي پاتي سِين
۽ چڪر لڳايوسِين، جتي وڏي آواز ۾ ميُوزڪ وڄندڙ هُئي ۽ ڪافي نؤجوانَ، جوانَ توڙي پوڙها
ڪثرت ڪرڻ ۾ مشغُول هُئا.
اُن جِم جي به ڀرسان هڪ گرجا گھر هو، جنهن جو نالو ”فيٿ بيپٽسٽ
چرچ“ هو. اسان ”الُوپو هِي آيُو“ (ULUPO HEIAU) تفصِيل سان گھُمِي ڦرِي ٻاهر نڪتاسِين ته تيز ڦُڙ ڦُڙ شرُوع ٿِي وئِي
(جيڪو هوائِيءَ جو معمُول به آهي) اسان اُن برسات جي ڦُڙيُن کان پناهه وٺڻ لاءِ هڪ
گھاٽي بڙ جي وڻ هيٺان آياسِين، جيڪو اُن چرچ جي بلڪُل سامهُون هو. اُن چرچ جي اندارن
ڪنهن تيز ٽيمپو واري گيت وڄڻ جو وڏو آواز اسان سڀني جي ڪنن تي پيو. اسان مان ڪُجھه
دوست (مان، اشفاق، ضياءُ، رياض برڪي ۽ خالد خيشگِي) گرجا ۾ گھڙِي وياسي، ته اُن جي
پهرين ڪمري ۾ ڪُجھه ناريُون ۽ اُنهن جو جو لچڪدار جسم وارو انسٽرڪٽر رقص ۾ مصرُوف هُئا.
اسان اڃا اُنهن جا ٻه چار ٺُمڪا ئي مسَ ڏٺا هُوندا ته ميُوزڪ بند ٿي وئِي. اسان کين
گُذارش ڪئي ته رقص جارِي رکن ته جِيئن اسان اُنهن جُون ڪُجهه تصوِيرُون ڪڍِي وٺُون،
پر خبر پئي ته اُنهن جي ميُوزڪ جو ڪنٽرول اُن چرچ جِي عمارت جي مٿينءَ منزل تي هو
۽ اُن رقص جِي ريهرسل جو مقرر وقت هو، جيڪو اُن ئي وقت پُورو ٿيو، جنهن وقت اسان اُتي
پهتاسِين. (معنى: غريبن رکيا روزا، ته ڏينهن به ٿِي ويا وڏا!) بهرحال اسان اُنهن ناريُن
کان اُن ڊانس جا تفصِيلَ پُڇيا ته هُنن ٻُڌايو ته هُو اِيسٽر جي خاص پروگرام جي لاءِ
ڊانس جِي ريهرسل ڪري رهيُون هُيُون (ڪُجهه ڏينهن کان پوءِ ”اِيسٽر“ جو تهوار ملهائجڻو
هو.) ضياءَ کين گُذارش ڪئي ته هُو کيس نچڻ سيکارِين. ضياءَ جي چوڻ تي ناريُن کيس بنا
ميُوزڪ جي رقص جا ٻه ٽي اسٽيپ ٻُڌايا. ضياءَ هُنن جي اسٽيپس کي فالو ڪرڻ بجاءِ اسان
وٽ مُروّج ”ڪٿڪ“ ناچ جا اسٽيپ پئي ڪيا، جنهن تي اسان سڀ ڏاڍو کلياسين ۽ کلندي کلندي
پنهنجي ايندڙ منزل ڏانهن وڌڻ جي لاءِ ڪوسٽر ۾ اچِي ويٺاسِين.
No comments:
Post a Comment