ٺاروشاھه
سنڌ جي تانسين ماسٽر چندر جي جنم ڀُوميءَ ۽ سندس
گَھر جي ياترا
نصير اعجاز
ٺاروشاھه شھر جي تباھه ٿيل ۽ گندگيءَ
سان ڀريل رستن کي ڏسي ھن تاريخي شھر جي شاندار ماضيءَ جون ڳالھيون ڪندي مان، انجنيئر
ماجد علي سومرو ۽ پروفيسر اصغر ڀٽي انھيءَ پاڙي جي گيٽ ٽپي ھڪ سنھي گھٽيءَ ۾ گھڙياسين
جتي سنڌ جي تانسين سرڳواسي ماسٽر چندر جو اباڻو گھر ھو. “ھيءُ ماسٽر چندر جو گھر آھي
جنھن ۾ رھندڙ حاجي اختر حسين خانزادي ان کي ڪوشش ڪري ساڳي شڪل ۾ رکيو آھي ۽ سنڌ جي
وڏي ھستيءَ جي گھر کي سنڀالڻ تي فخر اٿس،” مون سان آيل دوستن ان گھر ڏانھن اشارو ڪندي
چيو جنھن جو در ته لوھي ھو ۽ پراڻي زماني جو نٿي لڳو پر گھر جي مُھاڙ بلڪل ساڳي ھئي
جنھن جي بناوت مان ئي ان جي قدامت ظاھر ھئي. در جي مٿان واري حصي تي کُرچي لکيل ماسٽر
چندر جي والد آسنداس ۽ چاچي ڪنگومل جي نالن وچ ۾ ماربل جي تختيءَ تي چندر ۽ سندس سئوٽ
وليرام جا نالا سنڌيءَ ۾ ايئن ئي موجود ھئا جيئن ويھين صديءَ جي شروع ۾ لکرايا ويا
ھئا. سنڌيءَ ۾ نالن جي مٿان انگريزيءَ ۾ ماسٽر چندر جي نالي ڀرسان HMV
به لکيل ھو جيڪوان وقت جي مشھورگراموفون ڪمپني ھِز ماسٽرس وائس
His Master’s Voice جو مختصر نالو ھو. چندر 7 ڊسمبر 1907 تي جنم ورتو ھو ۽ اھو گھر سندس
والد انھيءَ کان اڳ ٺھرايو ھو. گھر جي مُھاڙ تي ٿيل رنگن مان به اندازو ٿيو ته گھر
جي موجوده مالڪ ان تاريخي اھميت جي جاءِ جو ساڳيو تاثر قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.
جيستائين گھر جو ڪو ماڻھو ٻاھر نڪري،
مان ڀرپاسي جي ڪجھه عمارتن کي ڏسڻ لڳس جيڪي پڻ پراڻي زماني جون ٿي لڳيون. چندر جي گھر
جي پاسي ۾ ٿورو پٺيان ھڪ محل جھڙي ماڙي نظر آئي جنھن تي وڏن اکرن ۾ لکيل “من سُک محل”
(1935) پري کان به پڙھي سگھجي پيو. گھڙيءَ کن ۾ نديم نالي ھڪ ھمراھه آيو ۽ وڏي پاٻوھه
سان ملي تعارف ڪرائي اسان جي اچڻ جو مقصد پڇيائين. ھُو سمجھي ويو ھو ته اسان ماسٽر
چندر جو گھر ڏسڻ آيا آھيون ڇو ته ڪيترائي ماڻھو ڏيھه توڙي پرڏيھه مان اھو گھر ڏسڻ ايندا
رھندا آھن. ٻن منٽن ۾ ٻارڙن کي پردو ڪرائي ھو اسان کي وٺي گھر اندر ھليو. سنڌ جي عظيم
ھستيءَ جي گھر ۾ داخل ٿيڻ مھل پنھنجي جذبن ۽ احساسن کي مان لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھان.
مونتي ماٺ ڇانيل ھئي ۽ گھر جي درن ديوارن کي ڏسي رھيو ھئس. “سال 2011 جي طوفاني برساتن
۾ گھر کي نقصان پھتو ھو ۽ گوڏي جيڏو پاڻي اندر بيھي ويو جنھن کانپوءِ گھر جي مرمت
۽ رنگ روپ ڪرايوسين، باقي گھر جو اسٽرڪچر بلڪل ساڳيو آھي،” نديم ٻڌايو جيڪو گھر جي
مالڪ حاجي اختر حسين جو پُٽ ھو. “سال 1947 ۾ ورھاڱي کانپوءِ اسان جو ڏاڏو بشير خانزادو
پنھنجي ڪٽنب سان گڏ ھتي آيو ته کيس ھيءُ گھر الاٽ ٿيو،” ھن ٻڌايو ۽ اسان کي ورانڊي
مان اندر وڏي صُفحي ۾ وٺي ھليو جنھن مان وري ٻن ھڪ جيترين ڪوٺين ڏانھن در کُليا ٿي.
مونکي حيرت ٿي ته ٺاروشاھه کان اوڀر ۾ ڇھه ميل ( ڏھه ڪلوميٽر) پري منھنجي اباڻي شھر
ڀريا ۾ ورھاڱي وقت ڇڏيل سنڌين جي اڪثرگھرن جو نقشو به بلڪل اھڙو ھو. ماسٽر چندر جي
گھر جي ديوارن ۾ پراڻي زماني جي گھرن وارا جارا ۽ ڪارنيس به اڃا تائين ساڳيا ھئا. صفحي
جي کاٻي پاسي ڪُنڊ مان ھڪ ڏاڪڻ مٿي پي وئي جنھن جو در ورانڊي ۾ به کلي پيو. ڏاڪڻ ۽
ڀتين ۾ استعمال ٿيل سرون به بلڪل ساڳيون ھيون ۽ نٿي لڳو ته اھي ھڪ سئو سالن کان به
وڌيڪ پراڻيون آھن. ڏاڪڻ ختم ٿيڻ تي ٻن پاسن ڏانھن در کُليا ٿي ۽ ٻنھي پاسي ھڪ ھڪ ڪمرو
۽ اڱڻ ھئا. ڪمرن جا ڪاٺ جا در به پراڻي دور جا بحال رکيا ويا ھئا. اسان پراڻي زماني
جي ٺھيل ڏاڪڻ تان چڙھي مٿي وياسين ته ھڪ آڳر ۾ اَنُ پيھڻ لاءِ رکيل جنڊ به پيو ھو
۽ ان جي حالت مان لڳو ٿي ته اھو به ماسٽر چندر جي زماني جو آھي. ٻيو ته نديم خانزادي
جو به چوڻ ھو ته ھن به پنھنجي سڄي ڄمار اھو جنڊ اتي پيل ڏٺو آھي. ٻنھي ڪوٺن جي وچ وارين
ڀتين ۾ ننڍا جارا ٺھيل ھئا جيڪي پڪ رات جي وقت ڏيئا ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندا ھوندا.
ڪَوٺَي تي ڦرندي اسان جي نظر وري
انھيءَ محل جھڙي ماڙيءَ تي پئي ته نديم کان پُڇي ورتم. “مَن سُک ماسٽر چندر جو پٽ ھو
جنھن جي لاڏاڻي تي سندس ياد ۾ اھو محل ٺھرايائين، جنھن تي من سُک جو نالو رکيائين.
ساڳي عمارت جي گيٽ تي سندس ٻئي پُٽ ڪنھيا لال جو نالو لکيل آھي،” ھن ٻڌايو ۽ وڌيڪ حال
احوال لاءِ سندس والد حاجي اختر حسين خانزادي سان ملڻ لاءِ چيائين جيڪو ان وقت ٺاروشاھه
جي بازار ۾ سيڌي سامان جي دُڪان تي ويٺل ھو. اسان سوڙھين وَروَڪڙ گھٽين مان ٿيندا بازار
۾ گھڙياسين ته اھا به ڪنھن سوڙھي گھٽيءَ کان مختلف ڪانه ھئي.
“مان ھڪ سال جو ھئس جڏھن منھنجو
والد بشير حسين خانزادو ھتي آيو ۽ کيس اھو گھر الاٽ ٿيو. انھيءَ وقت ڪابه خبر نه ھئي
ته ھيءُ گھر سنڌ جي ھڪ وڏي ھستيءَ جو آھي. اسان سمجھيو ٿي ته گھر جي مُھاڙ تي جيڪو
ماسٽر چندر لکيل آھي، اھو ڪو ماستر ھوندو، پر پوءِ 1956 ۾ حقيقت معلوم ٿي جڏھن ماسٽر
چندر ھتي گھمڻ آيو،” حاجي اختر خانزادي پنھنجي دڪان تي اسان جو آڌُرڀاءُ ڪرڻ کانپوءِ
ٻڌايو.
“ھندستان مان لڏي آيلن سان ڀريل
ريل گاڏي جڏھن درٻيلي کان ھلي ته ھر پاسي باغ ۽ ساوڪ ڏسي بابا ٺاروشاھه ۾ لھي پيو جيڪا
ڪشادن پليٽفارمن واري ريلوي جنڪشن ھئي. شھر ۾ پھچڻ سان کيس معلوم ٿيو ته اُتي بجليءَ
جي به سھولت آھي. اھو شھر ان وقت ته ڄڻ جنت ھو جتي جا ماڻھو به سٻاجھا ۽ مھمان نواز
ھئا. بابا ھندستان ۾ به پرائمري ماستر ھو تنھنڪري ھتي به کيس اُستاد مقرر ڪري ڇوڪرين
جي پرائمري ۽ ھاڻوڪي ھاءِ اسڪول جي اُتر ۾ رھڻ لاءِ اھو گھر ڏنو ويو،” حاجي اختر ٻڌايو.
“جڏھن مونکي ٿورو شعور آيو ته مونکي
گھر جي ڀتين، ڏاڪڻين، ورانڊي جي ونگن ۽ ھر نمايان ھنڌ تي لڏپلاڻ بابت شعر لکيل ڏٺم
جن کي پھريائين ته مون سونھن خاطر ڪرايل چٽسالي سمجھيو پر جڏھن روزانو انھن کي پڙھڻ
لڳس ته معلوم ٿيو ته اھي ماسٽر چندر جي دل ۾ ويٺل لڏپلاڻ جي ڏک جي عڪاسي ڪندڙ شعر ھئا،”
ھن ٻڌايو. “گھر ۾ رڌ پچاءَ، وھنجڻ ۽ پاڻيءَ جو بھترين سرشتو ھو. وڏو ڪُشادو اڱڻ، مٿي
وڃڻ لاءِ الڳ ڏاڪڻيون، ڪمرن اندر وڏا شيشن لڳل ڪٻٽ، ورانڊي جي ونگن تي چٽسالي، ماڙيءَ
تي گئلريون ماسٽر چندر جي آسودگي سان گڏ پراڻي زماني جي ڪاريگريءَ جو وڏو مثال ھو،”
ھن ماسٽر چندر جي گھر جو نقشو چِٽيندي ٻڌايو.
“منھنجا ڀاڳ ڀلا جو بابا مونکي انھيءَ
اسڪول ۾ پرائمري تعليم لاءِ داخل ڪرايو جنھن ۾ ماسٽر چندر پاڻ پڙھيو ھو. اھو اسڪول
گھر جي ڏکڻ ۾ ھو جتي وڏا وڻ بيٺل ھئا. تنھن وقت جا استاد ٻڌائيندا ھئا ته ماسٽر چندر
واندڪائيءَ ۾ انھن وڻن ھيٺان راند روند ڪرڻ سان گڏ جھونگاريندو به رھندو ھو،” ھن ٻڌايو.
جنھن نموني حاجي اختر خانزادي ماسٽر چندر جي گھر ۽ اسڪول بابت ساروڻيون پي ٻڌايون،
تنھن مان فخر جي جھلڪ صاف ظاھر ھئي جنھن جو اظھار ھن ھن ريت ڪيو،“مان ماسٽر چندر جي
گھر کي اڄ تائين ساڳي حالت ۾ برقرار رکندو پيو اچان. ان عظيم ھستيءَ جي گھر ۾ رھڻ
۽ ان ساڳي اسڪول ۾ پڙھڻ منھنجي لاءِ فخر جي ڳالھه آھي ۽ اھو فخر اڄ تائين محسوس ڪريان
ٿو.”
حاجي اختر خانزادي سرڳواسي ماسٽر
چندر سان سندس ملاقات ۽ پوءِ سندس پٽن سان رابطن جو حال احوال به ڏنو. “سال 1956 ۾
ڪي ماڻھو اسان جي گھر آيا ۽ بابا جي پُڇا ڪيائون جيڪو ڪجھه مھينا اڳ لاڏاڻو ڪري ويو
ھو. مان پنھنجي ڀائرن ۾ وڏو ھئس تنھنڪري مون سندن آڌرڀاءُ ڪيو. ھنن ئي ٻڌايو ته ٽن
ڏينھن کانپوءِ ماسٽر چندر گھمڻ ايندو جيڪو ھن وقت حيدرآباد ۾ ترسيل آھي. ماسٽر چندر
جي اچڻ جي خبر جھنگ جي باھه وانگر پکڙجي وئي. اسان به گھر کي تڙ تڪڙ ۾ رنگ روپ ڪرايو
۽ لڳو ٿي ته اسان وٽ ڪا شادي ٿيڻي ھئي. ٻين ماڻھن به شھر کي ڪنوار جيان سينگاري ڇڏيو
۽ ھر ھنڌ ماسٽر چندر جا ڪلام پي وڳا. نيٺ اھو ڏينھن به اچي ويو جڏھن ماسٽر چندر پڊعيدن
۽ نوشھري فيروز واري لائين تي ٽرين ۾ اچي ٺاروشاھه پھتو. سندس استقبال لاءِ مداحن ڀلا
اُٺ ۽ بگيون گھرايون ھيون. گھوڙن کي چانديءَ جون ڳانيون ۽ سنج پاتل ھئا. اُٺ سوار بوسڪيءَ
جي پٽڪن ۽ ڪُلھن تي اجرڪن سان موجود ھئا. اسٽيشن تي ڄڻ ته ميلو متل ھو. اسٽيشن کان
شھر تائين پاڻيءَ جون سبيلون ھنيون ويون ھيون. عورتن سميت ھزارين ماڻھو سندس استقبال
لاءِ موجود ھئا. سندس جھولڪ ڏسڻ لاءِ ماڻھو اسٽيشن جي عمارت، پاڻيءَ جي ٽانڪي ۽ وڻن
تي به چڙھي ويا ھئا.”
“ماسٽر چندر ريل گاڏيءَ جي در مان
بيھي آڌرڀاءُ ڪندڙن کي ھٿ لوڏي ٿورو مڃيو ۽ جڏھن ھو ھيٺ لٿو ته پنھنجي جنم ڀوميءَ کي
ڏسي سندس اکين ۾ لُڙڪ تري آيا ھئا. ماڻھو کيس ڀاڪر پائي ڳل ۽ ھٿ چمي رھيا ھئا. ان مھل
ماحول سوڳوار ٿي ويو جڏھن ماڻھن ماسٽر چندر جو گيت “قسمت ڪئي جدائي” جھونگارڻ شروع
ڪيو. اُتي ئي ساڻس منھنجو تعارف ڪرائيندي ٻڌايو ويو ته سندس گھر ۾ ھاڻي مان رھان ٿو.
ھُو مونکي ڀاڪر پائي مليو ۽ ھٿ ۾ ھٿ ڏئي ھلڻ لڳو ھو. انکانپوءِ جڏھن بگيءَ ۾ چڙھي ماسٽر
چندر جلوس جي شڪل ۾ ھلندي گھر جي سامھون پھتو ته پري کان ئي بگيءَ مان لھي تڪڙو تڪڙو
پنڌ پنھنجي گھر ڏانھن ويو ۽ چانئٺ تي نِوڙي ان کي چميائين ۽ پوءِ ان ڪمري ۾ گھڙيو جتي
سندس جنم ٿيو ھو. ھُو سڄي گھر ۾ گھمندو ۽ ڀتين کي چمندو رھيو. ڪنھن مھل کلي پيو ته
ڪنھن مھل روئي پيو. پوءِ ھُو نلڪي ڏانھن ويو ۽ ٻُڪ ڀري نه رُڳو پاڻي پيتائين پر پنھنجي
ڪپڙن کي به پاڻيءَ سان پُسائيندو رھيو ۽ پاڻيءَ چپن تي ھڻي چُمندو رھيو.”
ماسٽر چندر، جنھن سان سندس ھڪ پُٽ
(گوپ چندر جيڪو 1947 ۾ ھتي ستون درجو پڙھندو ھو) به گڏ ھو، ٽي ڏينھن ٺاروشاھه ۾ رھيو
۽ روزانو رات جو راڳ جي محفل ڪندو ھو. سندس مداح مسجد جو لائوڊ اسپيڪر به کڻي ايندا
ھئا. “انھن محفلن ۾ ماسٽر چندر کي جيڪو به پئسو مليو، اھو مسجد کي نذرانو ڪري ويو،”
حاجي اختر ٻڌايو. ماسٽر چندر ٽئي ڏينھن روزانو پنھنجي اباڻي گھر وڃي نلڪي جو پاڻي پيئندو
ھو ۽ جڏھن واپس ويو ته ڪُنڀرن کان ساز طور استعمال لاءِ گھاگھرون ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ
لاءِ گھگھيون خاص طور ٺھرائي وٺي ويو. سندس الوداع مھل به ماڻھن اوڇنگارون ڏئي روئي
کيس رخصت ڪيو.
ماسٽر چندر جي پونئيرن سان رابطي
بابت حاجي اختر ٻڌايو ته ڪافي ورھيه اڳ ممبئيءَ مان روٽري ڪلب جو ھڪ عھديدار ھتي آيو
ھو جنھن ماسٽر چندر جي پُٽن سان رابطو ڪرايو. “ان وقت کان وٺي مان کين ھر ڏڻ تي فون
ڪري واڌايون به ڏيندو آھيان. سندن گھر جون تصويرون به کين موڪليم جيڪي ھنن آمريڪا
۾ ھڪ سووينئر ۾ منھنجي فوٽوءَ سميت ڇپرايون ۽ ان جي ڪاپي مونکي موڪلي. گوپ ۽ سندس ننڍو
ڀاءُ مھيش به ڳائن ٿا ۽ ٽيون ڀاءُ انڪم ٽيڪس وڪيل آھي. سندن پنج ڀينر ھيون جيڪي گھڻوڪري
سنگاپور ۽ بئنڪاڪ ۾ رھن.”
ماسٽر چندر، جنھن 12 ورھين جي عمر
۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سنگيت ذريعي ھندو مسلم ايڪي جي پرچار ڪيائين، ھندستان ۾ به پنھنجو
ڌاڪو ڄمايو. ھن ممبئيءَ جي فلم انڊسٽريءَ ۾ فلم، ”موت ڪا طوفان“ ۾ نه رُڳو گانا ڳايا پر ھيرو جو
ڪردار به ادا ڪيو ۽ پوءِ فلمن لاءِ ايترا گانا ڳايا جو سندس ٽي ھزار گانن جون ڊسڪون
تيار ٿي ويون. ھُوايترو مقبول ھو جو عورتون مٿس پنھنجا زيور گھورينديون ھيون. سنڌ جو
ھيءُ تانسين 3 نومبر 1984 تي لاڏاڻو ڪري ويو.
مون حاجي اختر کان موڪلائڻ مھل آخري
سوال ڪيو ته کيس سنڌي ٻولي ايتري روانيءَ سان ڳالھائڻ ڪيئن ٿي اچي. سندس جواب ٻڌي سوچيم
ته ڪاش 1947 ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيڻ وارا سمورا ماڻھو حاجي اختر ۽ سندس والد مرحوم جھڙي
سوچ رکن ھا. حاجي اختر وراڻيو ھو: “بابا مونکي ٺاروشاھه جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرڻ
وقت چيو ھو ته توکي سنڌ ۾ رھڻو آھي تنھنڪري توکي سنڌي پڙھڻي آھي ۽ پوءِ مون بابا جي
ھدايت تي سنڌي پڙھڻ شروع ڪئي ۽ مان تنھن وقت اسڪول ۾ اردو ڳالھائيندڙ پھريون سنڌي شاگرد
ھئس.” مان جڏھن روانو ٿيس ته منھنجي دل ۽ دماغ تي ادي مھتاب راشديءَ جا لفظ تري آيا
جنھن جو چوڻ ھو ته ماسٽر چندر جو جنم ته ٺاروشاھه ۾ ٿيو پر سندس لاڏاڻو ٻه ڀيرا ٿيو؛
ھڪ ورھاڱو ٿيڻ تي سنڌ ڇڏڻ مھل ۽ ٻيو جڏھن ھن ممبئيءَ ۾ ساھه ڇڏيو.
No comments:
Post a Comment