بنارس جا اشنان ۽ شمشان گھاٽ
الطاف شيخ
ان ڏينهن جھڙ هجڻ ڪري يڪدم آٽو رڪشا
۾ چڙهڻ بدران ڪجهه دير بنارس جي رستن تي واڪ ڪرڻ تي دل چاهيو. آئون اسٽيشن روڊ تي هوس....
ٿورو اڳيان هلڻ تي کاٻي کان يعني اتر کان پٽيل روڊ ۽ ڏکڻ کان فئٽ مئن روڊ اچي ٿو ملي.
مون کي اسٽيشن روڊ وٺي اڳيان وڃڻو هو پر پوءِ ساڄي پاسي فئٽ مئن روڊ تي لهي پيس جنهن
جي منڍ ۾ ئي هنومان مندر آهي ۽ ٿورو اڳيان گورنمينٽ گرلس انٽر ڪاليج، ان بعد يڪدم راج
ٻالڪا انٽر ڪاليج آهي. پهرين به لکي چڪو آهيان ته بنارس ۾ جيئن مندر ۽ گهاٽ گهڻا آهن
تيئن تعليمي ادار پڻ! سچي ڳالهه ته اها آهي ته انڊيا جو ڪهڙو شهر آهي جنهن ۾ ڪاليجن
۽، اسڪولن جي کوٽَ آهي. هڪ ته جيڪي انگريز ڇڏي ويا اهي جيئن جو تيئن... بلڪه وڌيڪَ
بهتر معيار سان هلن پيا ۽ نه رڳو انهن جو پر جيڪي نوان اسڪول پيا کلن انهن جو به ميڊيم
انگلش آهي. ويندي اهي خيراتي اسڪول جيڪي ولايت ۾ رهندڙ امير انڊين جي سهڪارَ سان هلن
پيا انهن ۾ به انگريزي هلي ٿي. مفت ۾ تعليم وٺندڙ اوسي پاسي غريب ڪميونٽين (مزورن،
مهاڻن، هارين ويندي گهٽيون ۽ ٽئاليٽ صاف ڪندڙ ڀنگين) جا ٻار به ان ئي معيار جي تعليم
وٺـي رهيا آهن جيڪا اسان وٽ گرامر اسڪول، بحريا
ڪاليج ۽ ڪانوينٽ نموني جي اسڪولن ۾ ملي ٿي. اهوئي سبب آهي جو اندِا جو ولايت نوڪري ڪرڻ وارو هر اميدوار چاهي
ڪهڙي به اسڪول يا ڪاليج مان پڙهيو آهي سٺي انگريزيءَ سان عربن، ملئين، جپانين، يورپين
۽ آمريڪي مالڪن کي متاثر ڪريو وٺي ۽ اسان جو انگلش سبجيڪٽ ۾ گرئجوئيشن حاصل ڪيل يونيورسٽي
جو شاگرد به نه پنهنجي ڳالهه صحيح طرح انگريزيءَ ۾ سمجھائي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن انگريز
جي تڪڙي ڳالهايل انگريزي سمجھي سگهي ٿو. ڇو جو اسان وٽ سڄو زور بلڪه ضد ان ڳالهه تي
آهي ته يونيورسٽي ليول تائين سنڌي/اڙدو ئي هجي جيتوڻيڪ اهي اسان جون مادري/قومي زبانون
آهن جن ۾ اسين هونءَ ئي ماهر ٿيو وڃون.... ويندي ڳوٺن جون اڻ پڙهيل عورتون به اڄ ڪلهه
رومن اڙدو ۾ SMS پيون ڪن... جڏهن اسين
چئون ٿا ته دنيا هڪ ڳوٺ ٿي ويو آهي ۽ اسان ولائت ۾نوڪري به ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ان
بين الاقوامي ڳوٺ جي ٻولي ”انگريزي“ سکڻ ته تمام ضروري آهي.... ۽ اها ڳالهه اسان سڀ
سمجھون ٿا تڏهن ته هرهڪ جو زور ٽاءِ وارن اسڪولن ڏي آهي.... تڏهن ته جپان، ترڪي، عرب
ملڪ، ملائيشيا، سنگاپور ۽ يورپ جا ملڪ جن جون ٻوليون ٽيڪنيڪل ۽ سائنسي لفطن۾ اسان کان
امير آهن ته به انگريزي کي اهميت ڏين ٿا..... هو سمجھن ٿا ته دنيا سان واپار ڪرڻ توڙي
نوڪري ۽ پورهيو ڪري پئسو ڪمائڻ..... يعني معاشي حالت بهتر بنائڻ لاءِ انگريزي ضروري
آهي. پر هِتي سائين ڪير ڪڇي.... ڪير صحيح صلاح ڏئي.... اسان وارو حليم بروهي ان بابت
ڳالهه ڪندو هو ته ماڻهو گهٽ وڌ چوندا هئا.... اسان جو ملڪ بلڪه اسان جو صوبو به عجيب
آهي! اسان جو سياستدان به سنڌ سنڌ جا نعرا ۽ سنڌين جي ڀلي لاءِ مٺيون مٺيون ڳالهيون
ڪري عوام کي فقط بيوقوف بنائي ٿو پر بند ٿيل اسڪول به نٿو کولرائي. اسان جي ملڪ جي
سياستدانن، اميرن، سرڪاري ڪامورن، فوجي آفيسرن ۽ وڏن ماڻهن جا ٻارَ انگريزي پڙهي پيا نوڪريون حاصل ڪن ۽ اسان جي
عوام سنڌي سنڌي، اڙدو اڙدو پئي ڪري! ملائيشيا وارن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ انگريزي زبان
بدران پنهنجي قومي زبان ملئي ڪرڻ چاهي. فقط ٻن سالن بعد وري انگريزي ڪري ڇڏيائون. هڪ
دعوت ۾ مون هڪ وزير، جنهن سان منهنجي سٺي دوستي هئي تنهن کان ان جو سبب پڇيو. ٽهڪ ڏيندي
چيائين ”انچڪ (مسٽر) الطاف! اها زبان (يعني هن جي مادري ٻولي ملئي) جنهن ۾ ريفريجريٽر
لاءِ ئي پنهنجو لفظ ناهي ان ۾ ڇا سائنس ۽ جاگرافي، ميڊيڪل ۽ انجنيرنگ پڙهائي سگهبي....
ماڳهين دنيا کان ٿي ڪٽياسين.“
ياد رهي ته انگريزي جا سائنسي لفظ
ملئي ۾ آڻڻ لاءِ هنن ريفريجريٽر جو ملئي لفظ ”پيٽي سجوڪ“ (پيٽي ٿڌ واري) ٺاهيو هو....
جيئن ڪنهن زماني ۾ انڊيا به ان قسم جو شوق ڪيو هو ۽ انگريزي لفظ ليٽر باڪس لاءِ پتر
گهسيڙو ۽ پوسٽ مئن لاءِ پتر بکيڙو ٽائيپ لفظ ٺاهيا هئا.... بهرحال انڊيا جو ڏکڻ هجي
جتي تامل، مليالم مادري ٻوليون آهن يا بنگال جِتي گهرن ۾ بنگالي ڳالهائي وڃي ٿي پر
جِتي ڪٿي اسڪول انگلش ميڊيم جاآهن.
دراصل هِتي تعليم بابت لکڻ جو اردو
نه هو ائين ڪجهه لکجي ويو. ان بابت ڪٿي ٻي هنڌ تفصيل سان احوال ڪبو. هِتي بنارس جي
رستن ۽ ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته جھڙالي موسم ڏسي مون واڪ شروع ڪري ڏنو. انڊيا
جي شهرن ۾ ڪنهن به قسم جي سواري (آٽو رڪشا، سائيڪل رڪشا، ٽئڪسي يا بس ملڻ ڪو ڏکيو ڪم
نه آهي. هڪ ته جِتي ڪٿي آساني سان مليو وڃي ۽ ٻيو ته ان جو ڀاڙو دنيا جي ٻين ملڪن کان
ته سستو آهي پر اسان کان به سستو آهي. سو بنارس جي رستن تي واڪ ڪندي ڪندي ڪٿان به سواري
وٺـي سگهجي ٿي ۽ رش اور ختم ٿيڻ تي يعني صبح جو 10 کان هڪ تائين ۽ شامَ جو ٻي کان چئين
ساڍي چئين تائين ته بس جو سفر به فرحت وارو آهي. ڏسان پيو ته انگريز ۽ يورپي ٽوئرسٽ
توڙي امير آمريڪن به هِتي جي بسين ۾ پيا سفر ڪن. بس اسٽاپ جي پري آهي ته ٻه يا ٽي رپيا
سائيڪل رڪشا واري کي ڏيڻ سان هو اتي پهچايو اچي. بلڪه فوٽوگرافي ڪرڻي هجي ته ان ۾ يا
آٽو ۾ پيو هلجي. انڊيا ۾ آٽو اسان واري رڪشا/چنگچي کي ٿا چون.
سامهون هنومان مندر ڏسي ان جا فوٽو
ڪڍڻ لاءِ فئٽ مئن روڊ ڇڏي مندر ڏي لڙيس ۽ ٻه چار فوٽو ڪڍي ڀر واري پارڪ ”لجپت نگر ڪالوني
پارڪ“۾ اچي چانهه پيتم. پارڪ جي ڪنڊ ۾ هڪ غريب پيرسن سان گڏ ويٺل سندس زال ۽ پٽ سان
خير عافيت ڪري احوال پڇيم ته هو ڪير آهن ۽ ڪٿان آيا آهن. منهنجي خيال موجب هو به ٻين
وانگر پوتر گنگا ندي ۾ ٽٻي ڏئي پاپ ڌوئڻ لاءِ آيل هوندا. هنن ٻڌايو ته هو گورک پور
کان هِتي آيا آهن. سندس پيءُ سخت بيمار ۽ لاعلاج آهي. ڊاڪٽر جواب ڏئي چڪا آهن. هن جي
پيءُ جي اها خواهش آهي ته هن جو موت گنگا جي ڪناري واري هن پوتر شهر بنارس ۾ ٿئي. هو
غريب ماڻهو آهن پر هو هتان هتان ڪجهه پئسا گڏ ڪري هِتي پهتا آهن ۽ رهائش لاءِ ڪا فوٽ
پاٿ تي جھوپڙي يا ٻي سستي رهائش ڳولهي رهيا آهن جِتي سندس پيءُ زندگي جا آخري ڏينهن
گذاري هِتي وفات ڪري.
جنهن هوٽل ”گوتم“ ۾ آئون ٽڪيل آهيان
ان ۾ پڻ هڪ پوڙهي عورت ان ڏينهن گذاري وئي هئي جنهن ڏينهن آئون آيو هوس. هن لاءِ ٻڌائي
رهيا هئا ته هوءَ هڪ امير عورت هئي ۽ هن چاهيو ٿي ته هن جو بنارس ۾ ساهه نڪري. ان لاءِ
هوءَ ڪيترن ڏينهن کان پنهنجي پوٽي ۽ نوڪرياڻي سان گڏ هتي رهيل هئي.
اهڙي ريت ڪيترن جي خواهش موجب، کين
مرڻ گهڙي تي بنارس آندو وڃي ٿو. ڪيترن جي وري لاش کي هِتي آڻي گنگا ڪناري ٺهيل شمسان
گهاٽن ۾ ساڙي سندن رک کي نديءَ ۾ لوڙهيو وڃي ٿو.
پهرين به لکي چڪو آهيان ته گنگا
ندي جو هونءَ ته هڪ هڪ انچ هندن لاءِ پاڪ آهي
پر ڪي هنڌ جيئن ته هردوار ۽ بنارس وٽ هِنَ نديءَ جا ڪپر وڏي اهميت رکن ٿا. پري پري
کان، نه فقط هندستان جي شهرن کان پر ڏورانهن ڏيهن کان به هندو ڌرم جا ماڻهو گنگا ۾
ٽٻي ڏيڻ لاءِ بنارس اچن ٿي.... جِتي نديءَ جي ڪناري ڪيترائي اشنان ۽ شمسان گهاٽ ٺهيل
آهن.
دراصل گهاٽ انهن ڏاڪڻين کي چئجي
ٿو جنهن ذريعي گنگا ندي جي ڪناري وٽ آساني سان پهچي سگهجي ٿو. نديءَ جي ڪناري تي آسانيءَ
سان پهچي وهنجڻ، آرتي رکڻ يا چکيا (مري ويل) جي خاڪ درياهه حوالي ڪرڻ لاءِ بنارس جهڙن
هندو ڌرم جي پوتر شهرن ۾ جِتان گنگا ندي وهي ٿي، مختلف هنڌن تي ڏاڪڻيون ٺاهيون ويون
آهن جن کي گهاٽ سڏجي ٿو ۽ جيئن ته هردوار توڙي هِتي بنارس ۾ گنگا جو وهڪرو تکو آهي
ان ڪري ٿورو هيٺ ڀرو رسيون ۽ لوهي چينون ٻڌل آهن جيئن ماڻهو وچ سير ڏي وڃي ٻڏي نه سگهي.
هن قسم جا وهنجڻ لاءِ گهاٽَ (اشنان گهاٽ) هردوار شهر ۾ به آهن پر هِتي بنارس ۾ تمام
گهڻا آهن جيئن ته دشاش وامد گهاٽ جيڪو تمام وڏو آهي، پنج گنگا گهاٽ، رانا گهاٽ، نراد
گهاٽ چهچ (bright) رنگن ۾ پينٽ ٿيل آهن ۽ فوٽو ڪڍڻ
لاءِ بهترين آهن ۽ ماڻهن جي وهنجڻ کان سڀ کان گهڻو بزي رهن ٿا. هنومان گهاٽ، شِوالا
گهاٽ، تلسي گهاٽ جنهن هنڌ پاڻي صاف ڪرڻ جو پلانٽ پڻ آهي، آسي گهاٽ جيڪو ٽوئرسٽن لاءِ
دلپسند جاءِ آهي جو هن جي ڀرسان ڪيتريون ئي هوٽلون، ريسٽورنٽون ۽ انٽرنيٽ ڪيفي آهي.
اهي گهاٽ جِتي مڙدا ساڙيا وڃن ٿا شمسان گهاٽ (Burning
Ghats) سڏيا وڃن ٿا. بنارس ۾ مانڪرنيڪا گهاٽ خاص شمسان
گهاٽ آهي ۽ غير هندو ٽوئرسٽن لاءِ ڏسڻ وٽان آهي پر هتي فوٽوگرافي جي منع آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته
ڪيترن گورن فوٽو ڪڍيا پئي.... جو گورا گورا آهن پر اسان ايشين کي خاص ڪري پاڪستانين
کي سختي سان قانون کي فالو ڪرڻ کپي. مون ڏٺو آهي ته گورن يورپين کي غلط حرڪتون ڪندو
ڏسي اسان جا ڪيترائي پاڪستاني نوجوان به مستي ۾ اچي ويندا آهن خاص ڪري شراب پي عجيب
حرڪتون ڪندا... کين اهو احساس هئڻ کپي ته کين بچائڻ لاءِ ملڪي سفارتخانو به نه ايندو
چاهي کڻي هنن جو ڏوهه نه به هجي. ان قسم جا اسانجي ملڪ جا ڪيترائي ڏوهي ۽ بي ڏوهي انڊيا
جي جيلن ۾ پيا آهن.... ڪورٽ ۾ ئي ڪيس نٿو هلين.
دراصل اسان جي ملڪ ۾ قانون جي بالادستي
نه هجڻ ڪري اسان جو ماڻهو اهوئي سمجھي ٿو ته ٻين ملڪن ۾ به ائين آهي. ۽ آئون ڏسان پيو
ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ جِتي قانون جي اڃان به وڌيڪَ سختي آهي، اسان جي
ملڪ جا ٽوئرسٽ توڙي شاگرد غلط حرڪتون ڪري پاڻ کي به مصيبت ۾ وجھن ٿا ته مائٽن کي به
پريشان ڪن ٿا ۽ پوءِ گهمڻ ڦرڻ يا پڙهائي اتي ئي رهجيو وڃين، وقت ۽ پئسو پوليس ۽ ڪورٽ
ڪيسن ۾ برباد ٿيو وڃي. منهنجي گائيڊ ٻڌايو ته ورانسي (يعني بنارس) ۾ نوي کن گهاٽ آهن
جن مان دشاش واميد سڀ ۾ پراڻو گهاٽ آهي. هي گهاٽ هِتي جي بيحد اهم مندر ”ڪاشي وشوا
ناٿ“ جي بلڪل ڀرسان آهي.
”هن گهاٽ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي
برهما ديوتا شِو ڀڳوان جي آڌر ڀاءَ لاءِ ٺـهرايو
۽ هن دسا تي هن هنڌ ڏهه گهوڙن کي قربان ڪيو هو......“ گائيڊ ٻڌايو.
گهاٽ مٿان ۽ ڀر ۾ ٻيا به ڪيترائي
مندر آهن جيڪي مختلف ديوتائن کي منسوب ٿيل آهن.
جيڪي ماڻهو بنارس جي ياترا لاءِ اچن ٿا انهن لاءِ هنن مندرن ۾ پڻ پير ڀرڻ هڪ ضروري ڌرمي رسم سمجھي وڃي ٿي. اگني پوجا (باهه جي
پوڄا) جي رسم پڻ هن گهاٽ Dashashwamedh
تي روزانو ٿئي ٿي جنهن لاءِ ڪيترا ٻاوا مقرر ٿيل آهن.
بنارس جو هڪ ٻيو مشهور گهاٽ مانيڪارنيڪا
گهاٽ آهي جِتي مڙدن کي ساڙيو وڃي ٿو ۽ هن گهاٽ کي مها شمسان به سڏيو وڃي ٿو.
اسان جي گروپ جي گائيڊ ٻڌايو ته
شِو ديوتا (يا شايد ان جي زال ستي ديوي )جو ايئرنگ (مانيڪارنيڪا) هن جاءِ تي ڪري پيو
هو. ان تان هن مندر تي اهو نالو پيو.
هتي اهو به لکندو هلان ته هِتي نه
فقط مڙدن کي ساري انهن جي خاڪ کي گنگا ۾ ڇٽيو وڃي ٿو پر ڪيترا هندو پنهنجي مئل مائٽن
کي ساڙڻ بدران گنگا ۾ ٻوڙين ٿا. ان لاءِ مئل ماڻهو جي جسم سان ڳرا پٿر ٻڌي هن کي نديءَ
۾ اڇلايو وڃي ٿو. گائيڊ جيڪو پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿي تنهن ٻڌايو ته هن هنڌ نديءَ جي تري
۾ ڪيترائي مڙدا پيا آهن ۽ هن پاڻي مانانساني جسمن جي ڪري ۽ شهر جا ڪيترائي گٽر (Sewer) نديءَ ۾ اچڻ ڪري، وهجندڙن کي هيپيٽائٽس ۽ ٻين رت سان واسطو رکندڙ
بيمارين لڳڻ جو خطرو رهي ٿو پر عقيدتمند انهن ڳالهين جو خيال نه ڪندي گنگا ۾ ٽٻي ڏيڻ
لاءِ اچن ٿا ۽ روزانو سٺ هزار کن ماڻهو هن درياهه ۾ وهنجن ٿا.
انسان جي مرڻ بعد مسلمان، عيسائي
۽ ڪجهه ٻين ڌرمن ۽ قومن جا ماڻهو، لاش کي زمين اندر دفن ڪن ٿا. پارسي (آتش پرست) مڙدي
کي ڪنهن مٿاهين جاءِ تي رکن ٿا جيئن ان کي سرڻيون، ڳجھون ۽ ڪانگ ڪٻرون کائي وڃن. هندو،
ٻڌ، سک، جين ڌرم جا ماڻهو گهڻو ڪري مڙدي کي ساڙين ٿا ۽ اها جاءِ جِتي مڙدو ساڙيو وڃي
شمسان گهاٽ، شمسان ڀومي يا سنڌي ۾ مساڻ سڏجي ٿو اهو هنڌگهڻو ڪري ڪنهن درياهه، کوهه
يا آبي جاءِ وٽ ٿئي ٿو. سنڌي جي اديب وليرام ولڀ ۽ مٺي جي جھُني وڪيل وشنداس ٻڌايو
ته ننگر پارڪر جبلن جي وچ ۾ هڪ قدرتي پاڻي جو چشمو آهي اها جاءِ ساڙدرو سڏجي ٿي اتي
پڻ اگني سنسڪار (باهه ۾ ساڙڻ) جي رسم ادا ڪئي وڃي ٿي. ڪجهه مٿاهين پليٽ فارم تي مڙدي
کي رکي چوڌاري ڪاٺيون رکيون وڃن ٿيون۽ پوءِ تيل يا گيهه هاري مري ويل جو اهم وارث،
خاص ڪري وڏو پٽ ان کي باهه ڏئي ٿو. بهرحال هيءَ يا شاديءَ وقت باهه جي چوڌاري گهوٽ
ڪنوار جي ست ڦيرا ڪرڻ واري رسم تي وڌيڪَ لکڻ اجايو آهي جو منهنجا پڙهندڙ هندو ان کان
واقف آهن ۽ هندي فلمن ۾ اهي نظارا عام ڏيکاريا وڃن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جا مسلمان ڀائر
جيتريون انڊين فلمون ڏسن ٿا اوتريون بالي ٻيٽ جا به نه ڏسندا هوندا. ياد رهي ته انڊيا
بعد بالي (انڊونيشيا) اهو ملڪ آهي جنهن ۾ گهڻا هندو رهن ٿا. اسان وٽ ته رمضان ۽ محرم
جي مهيني ۾ حڪومت طرفان راڳ گانن جي بندش ڪئي ويندي آهي ته به اسان جا ماڻهو انڊين
چئنلن تان يا سي ڊين ذريعي هندي فلمون ڏسندا آهن..... بلڪه ٻي ڪا وندر نه هجڻ ڪري،
وقت پاس ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻيون هندي فلمون ڏسن ٿا. شايد اسان جي ان ڪلچر کي ڌيان
۾ رکي ڪنهن چرچو ٻڌايو ته هڪ مسلمان ٻار پنهنجي ڏاڏي جي مرڻ تي پڇيو ته هن جي انتم
سنسڪار ڪڏهن ٿيندي يعني هن کي چکيا ته ڪڏهن چاڙهيو ويندو.
هونءَ اڄ ڪلهه ڪاٺين ذّريعي باهه
ٻاري ساڙڻ بدران مڙدي کي اليڪٽرڪ چئمبر ۾ پڻ
ساڙيو وڃي ٿو، خاص ڪري انگلنڊ، يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن ۾ جِتي هندو ۽ سک گهڻا رهن ٿا.
مري ويل ماڻهوءَ کي ڦيٿن واري بانس جي فريم تي رکي ان کي اليڪٽرڪ چئمبر ۾ داخل ڪيو
وڃي ٿو. ان بعد مڙدي کي اندرين حصي ۾ صحيح طرح set
ڪري فريم کي ٻاهر گهرڪايو وڃي ٿو ۽ دروازي کي بند ڪري آپريٽر
چئمبر جو سئچ آن ڪري ٿو. انساني جسم کي مڪمل طرح ساڙڻ لاءِ 500 ڊگريون سيلسز رکيو وڃي
ٿو. اٽڪل هڪ ڪلاڪ اندر مڙدو سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿو. مٿان لڳل چمني مان ڪارو دونهون نڪرندو
نظر اچي ٿو ان بعد راک وارثن حوالي ڪئي وڃي ٿي. جيڪي اها خاڪ ڪنهن ندي، چشمي يا کوهه
۾ ڦٽي ڪن ٿا.
هندو، سک، ننڍي کنڊ جي ٻڌن ۽ جين
ڌرم جي ماڻهن جي اهائي خواهش رهي ٿي ته هن جي مري وڃڻ تي سندس سڙيل جسم کي پاڻيءَ
۾ وڌو وڃي. ويندي نهرو وصيت ڪري ويو هو ته سندس خاڪ گنگا ۽ جمنا (يمنا) ندين حوالي
ڪئي وڃي. سنڌ مان لڏي ويل ڪيترن سنڌي هندن جي خاڪ پاڪستان موڪلي ويندي آهي ته ان کي سنڌو ندي حوالي ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ
سفرنامي ”دهلي جو درشن“ ۾ انڊين فلم ”وير زارا“ جو ذڪر ڪيو اٿم جنهن ۾ هڪ پاڪستاني
ڇوڪري زارا حيات خان (فلم ائڪٽريس پريٽي زنتا) اڪيلي لاهور کان انڊيا جي سفر تي روانو
ٿئي ٿي. هن سان گڏ سندس مري ويل سکڻي آيا بيبي (فلم ائڪٽريس ظهرا سهگل) جي جسم جي خاڪ
آهي. مري وڃڻ کان اڳ هن زارا کان وعدو ورتو هو ته هوءَ سندس خاڪ کي انڊيا وڃي سکن جي
پوتر شهر ڪيرتپور ۾ ستلج نديءَ ۾ ڇڙڪائيندي. بهرحال زارا پنهنجي وفادار آيا جي وصيت
پوري ڪرڻ لاءِ انڊيا پهچي ٿي. رستي تي ساڻس وير پرتاب سنگهه (شاهه رخ خان) ملي ٿو جيڪو
هن کي پنهنجي ڳوٺ وٺي وڃي ٿو جِتي هن جي چاچي چوڌري ثمر سنگهه (اميتاڀ ڀچن) ۽ چاچيءَ
سرسوتي ڪور (هيما ماليني) سان پڻ ملائي ٿو..... وغيره وغيره.
مطلب اهو آهي ته سڙي وڃڻ بعد خاڪ
کي پاڻيءَ حوالي ڪيو وڃي ٿو. گهڻا ئي ماڻهن
جي گنگا ندي کي ترجيح ڏئي ٿي پر ڪيترا يمنا، سنڌو ندي يا ٻين ندين کي به اهميت
ڏين ٿا جيئن مٿين فلم وير زارا ۾ سک آيا جي خاڪ کي ڪيرت پور آندو ويو جِتان ستلج ندي
وهي ٿي. پنجاب مان جيڪي پنج نديون وهن ٿيون: جهلم، چناب، راوي، بياس ۽ ستلج.... انهن
مان ستلج ندي سڀ ۾ ڊگهي آهي. اها ندي تبت جي رڪشا ستال ڍنڍ مان شروع ٿي 260 ڪلوميٽر
بعد شِپڪيلا لنگهه مان گذري هندستان جي رياست
هماچل پرديس ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ پوءِ 360 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه طرف وهي انڊيا واري پنجاب
جي ضلعي فيروزپور ۾ بياس ندي سان ملي ٿي. يعني بياس ندي جي پنهنجي حيثيت اتي انڊيا
واري پنجاب ۾ ئي ختم ٿيو وڃي باقي ستلج ندي ٿورو اڳيان هلي 15 ڪلوميٽرن بعد پاڪستان
واري پنجاب جي قصور ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ پوءِ
اڳتي 17 ڪلوميٽرن بعد اُچ شريف وٽ چناب ندي (جنهن سان راوي ۽ جھلم نديون اڳهين ملي
چڪيون آهن) سان ملي پنجند ندي ٺاهين ٿيون جيڪا پوءِ پاسي کان لنگهندڙ انڊس (سنڌو نديءَ
) سان مليو وڃي.
بهرحال ستلج ندي تي روپ نگر ضلعي جو هي شهر ڪيرت پور سکن جي ٽِڪاڻي
پتال پوري کان مشهرو آهي جِتي سک پنهنجي فوت ٿيل پيارن جي راک کڻي اچن ٿا جيئن وير
زارا فلم ۾ پريٽي زنٽا سک آيا جي خاڪ کڻي اچي ٿي. هي شهر ”ڪيرت پور“ سکن جي ڇهن گرو
”گرو هرگو بند صاحب جي“ 1627ع ۾ اڏرايو ۽ زندگي جا آخري سالَ هتي ئي گذاريا. سندس پوٽو
گرو هر راءِ ستون گرو ۽ پڙپوٽو گرو هرڪرشن
هن شهر ۾ ڄاوا ۽ کين هِتي ”گرو ۽ گدي“ ملي
۽ هي ڪيرت پور جو شهر ئي هو جِتي ڏهين گرو ”گرو گوبند سنگهه“ کي پنهنجي پٽ نائين گرو
”تيغ بهادر صاحب جي“ جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سِسي دهليءَ کان ملي. گرو تيغ بهادر 1665 ۾
نائون گرو مقرر ٿيو هو. 1675 ۾ دهلي جي مغل شهنشاهه اورنگزيب جي حڪم تي هن جو سر ڪٽيو
ويو. اورنگزيب کي اهو اچي شوق ٿيو ته سڄي هندستان کي مسلمان بنايو وڃي. ان خيال کان
ڪشمير ۾ رهندڙ ڪجهه هندن جي اقليت ته مسلمان ٿي وئي پر ڪيترن ان جي مزاحمت ڪئي. ڪجهه
ماڻهن اورنگزيب کي اهائي صلاح ڏني ته ڪنهن طرح سکن جي گرو کي مسلمان بنائڻ سان ٻيا
هندو به ٿي مسلمان ويندا. اورنگزيب طرفان گرو تيغ کي گرفتار ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو.
انهن ڏينهن ۾ هو اڄ واري خيبر پختونخواهه ۾ هو جِتان هن کي زنجيرن سان ٻڌي ٽارچر ڪيو
ويو جيئن هو اسلام قبول ڪري. ان بعد ۾ هن کي
لوهي پڃري ۾ رکيو ويو. ٽن مهينن تائين اهو ڪم هلندو رهيو ان بعد کيس پبلڪ جي موجودگي
۾، چاندني چوڪ وٽ، سر قلم ڪيو ويو.
ڳالهه اها آهي ته اسلام تلوار جي
چهنب تي قائم نه ڪيو ويو پر ڪي ڪي اورنگزيب جهڙا ماڻهو اڄ به آهن جيڪي ٻين کي طاقت
جي زور تي سندن مرضي جي خلاف زوريءَ مسلمان بنائڻ کي وڏو ثواب جو ڪم سمجھن ٿا. اهڙن
ماڻهن فقط نفرت جو ٻج پوکيو آهي جنهن جو فصل اسان پويان لُڻي رهيا آهين.
بهرحال هِتي اسان گنگا ندي تي ٺهيل
شمسان گهاٽن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جِتي مري ويلن کي ساڙي انهن جي رک کي گنگا ۾
ڇڻڪايو وڃي ٿو. ڪجهه اهڙي ئي قسم جي اهميت وارا گهاٽ نرماده ندي تي پڻ آهن. اهي نديون
جيڪي انڊيا اندر ئي وهن ٿيون انهن ۾ هيءَ نرماده ندي ٽيو نمبر ڊگهي ندي آهي. ٻيون ٻهن
آهن گودواري ۽ ڪرشنا. ڪاليج جي ڏينهن ۾ جاگرافي جي پيرڊ ۾ اسان کي پڙهايو ويندو هو
ته سواءِ چند درياهن جي دنيا جا باقي درياهه/نديون اتر کان ڏکڻ وهن ٿيون. اهي نديون
جيڪي اوڀر کان اولهه طرف وهن ٿيون انهن مان نرماده ندي هڪ آهي جيڪا اوڀر کان مڌيا پرديش رياست کان شروع
ٿي، ممبئي واري رياست مهاراشٽرا مان لنگهي گجرات ڀاروچ شهر وٽ خليج کمڀات ۾ ڇوڙ ڪري
ٿي جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ ”بي آف ڪئمبي“ سڏبو هو. نرماده ندي 1300 ڪلوميٽر ڊگهي آهي. ياد رهي ته سنڌو ندي 3200 ڪلوميٽر آهي ۽ پنجاب
۾ وهندڙ پنج ندين مان وڏي ندي چناب 960 ڪلوميٽر آهي ۽ ٻئي نمبر تي انهن پنجن ندين
۾ ڊگهي جھلم 813 ڪلوميٽر آهي.
ننڍي کنڊ جي چوڌاري جهاز هلائيندي....
يعني ڪراچي کان هندستان جو الهندو ڪنارو ڏئي هيٺ ڪنيا ڪماري وٽان ڦرندي وري مٿي ڪلڪتي
پهچڻ تائين مختلف هنڌن تي ندين جا ڇوڙ (Delta) ڏسي آئيڊيا ٿئي ٿي ته اندران.....
يعني خشڪي واري طرف کان ندي هِتي پهتي آهي. اسان وارو پاسو يعني انڊيا جو الهندي ڪناري
وارو سمنڊ ”عربي سمنڊ“ آهي ۽ اڀرندي پاسي وارو خليج بنگال. اسان واري پاسي فقط ٽي نديون
ڇوڙ ڪن ٿيون: پورٽ قاسم ۽ ٺٽي وٽان لنگهندي سنڌو ندي جو ڊيلٽا نظر اچي ٿو، ان بعد ڪاٺياواڙ
وٽ نرماده ندي ڇوڙ ٿي ڪري ۽ اتي ۽ گجرات جي شهر سورت وٽ تاپتي ندي. ان بعد انڊيا جي
ٻئي پاسي واري سمنڊ ۾ جن ندين جي ڊيلٽا نظر اچي ٿي اهي آهن: برهمپترا، گنگا، ميگهنا،
مهاندي، گودواري، ڪرشنا ۽ ڪويري. اسان انهن ندين جي ڳالهه نٿا ڪريون جيڪي انهن وڏين
ندين ۾ مليو وڃي جيئن يمنا، گومٽي، شاردا، ڪوشي، سون وغيره گنگا سان ملن ٿيون جيئن
جھلم چناب پنجند ۽ ٻيون نديون مختلف هنڌن تي سنڌو ندي سان ملن ٿيون.
نرماده ندي جيڪا انگريز راڄ ۾ نربودا
ندي سڏبي هئي اها هندن جي پنج پاڪ ندين مان هڪ آهي. ٻيون چار آهن: گنگا، يمنا (جمنا)،
گودواري ۽ ڪَويري (Kaveri) ڪجهه سال اڳ
جڏهن هڪ اوڏ دوست جي پٽ جي شادي تي بڙودا (گجرات) ويو هوس ته گجرات جي مختلف شهرن جو
ڪار ذريعي سير ڪندي راج پلپلا شهر ۾ پهتاسين جتان نرماده ندي وهي اڳيان عربي سمنڊ جي
خليج کمڀات ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿي. اتي هڪ مندر جي ٻائي ٻڌايو ته نه فقط گنگا ندي ۾ پر مٿين
پنجن ئي پوتر ندين مان ڪنهن به هڪ ۾ ٽٻي ڏيڻ سان انسان جا گناهه ڌوپجيو وڃن. روايت
موجب گنگا نديءَ ۾ لکين ماڻهن جي وهنجڻ ڪري اها گدلي ٿيو وڃي ۽ پوءِ اها ڪاري ڍڳيءَ
جو روپ ڌاري هن نرماده نديءَ ۾ اچي وهنجي ٿي ۽ هن نديءَ جي پاڪ پاڻيءَ ۾ پاڻ کي صاف
ڪري ٿي. اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته نرماده ندي گنگا نديءَ کان به آڳاٽي آهي جنهن جو ذڪر
ٻي صدي ۾ پٽولمي پڻ ڪيو ۽ هن نديءَ کي نامادي (Namade) سڏيو آهي. رامائڻ، مهاڀارت ۽ پراڻن ۾ پڻ هن نديءَ جو بار بار ذڪر
اچي ٿو.....
بهرحال هن نديءَ نرماده بابت ڪيتريون
ئي روايتون ۽ مٿ آهن. بنارس يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر راج ڪرن چاولا ٻڌايو ته نرماده
نديءَ لاءِ چيو وڃي ٿو ته شِو ديوتا هن نديءَ کي سندس اصليت ڪري بيحد پوتر سمجھيو ٿي
۽ هن کي شنڪاري يعني شنڪر ڀڳوان (شِو) جي ڌيءَ سمجھيو ٿو. تيز وهندڙ هن نديءَ جي تري
۾ گسندڙ گول پٿر شِو ديوتا جي سڃاڻپ اختيار ڪن ٿا ۽ هندي ۾ هن بيلٽ/علائقي ۾ اها چوڻي
عام آهي ته ”نرماده ڪي ڪنڪر اُتي شنڪر“. هنن لنگم جهڙن پٿرن جي روزمرهه جي عِبادت لاءِ
هندن کي ڳولا رهي ٿي. اهي پٿر بانا لنگا يا بانا شِو لنگاس سڏجن ٿا.
ممبئي يونيورسٽي جي منهنجي ميزبان
پروفيسر منوهر ٻڌايو ته تامل نادو رياست جي شهر ٿانجاور جي بريهاديشور مندر ۾ سڀ کان
وڏو بانا لنگم رکيل آهي.
نرماده ندي اتر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان
جي وچ ۾ بارڊر جو ڪم پڻ ڏئي ٿي.
No comments:
Post a Comment