ڪاڇو
جتي اڄ به جھالت جنم وٺي ٿي
امجد برهماڻي
انسان هن جديد هڪ نئين دنيا ۾ چنڊ
جو سفر ڪري رهيو آهي ۽ دنيا جا ماڻهو ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري بلندين کي ڇُهي رهيا آهن.
دنيا هن وقت ڪيتري ترقي ڪري چُڪي آهي، ان جو اندازو توهان پاڻ ئي لڳائي سگھو ٿا، جتي
ڪيترن ئي نون تجربن سان گڏ نوان اُوزار ايجاد ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي ان ٻار جي ماءُ
کي پنهنجي پيٽ اندر پلجندڙ ٻار جيڪو هن دنيا
جي اچڻ کان اڳ ان جي باري ۾ ان جي ماءُ کي ٻڌايو ويندو آهي ته اهو پُٽ آهي يا ڌي!!
ان ترقي يافته دنيا ۾ اڄ ڪيترا ئي
اهڙا علائقا آهن، جتي اڄ به ماڻهو جهالت واري زندگي گُذاري رهيا آهن. اهڙن علائقن
۾ ڪاڇي جو به نالو اچي ٿو. جتي اڄ به جهالت جنم وٺي ٿي. ها اهو ڪاڇو ئي آهي جتي هن
ترقي يافته دور ۾ به جهالت جي ڪابه حد مقرر ناهي ۽ اڄ به اُتي ڪاڇي جا مسڪين اٻوجھه
ماروئڙا ڄار جي وڻن کي به پنهنجي صحتيابي جو
ذريعو سمجھي انهن وڻن مٿان پڙ وجھڻ سميت پُٽ ڄڻڻ جي دعا به انهن کان گھري وڃي ٿي ۽ انهن ڄار جي وڻن
کي مختلف پيرن، فقيرن جا نالا ڏئي، انهن ۾ باس باسين ٿا ۽ پوءِ وڏيون وڏيون ڄڃون ڪري
انهن وڻن جون زيارتون ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي، ته ٻئي پاسي ان ڪاڇي ۾ رڍن، ٻڪرين
عيوض معصوم نياڻن کي وڪرو ڪيون وڃي ٿو. انهن معصوم نياڻين جون زندگيون برباد ڪيو وڃن
ٿيون.
هن جديد دور ۾ جتي سائنس ڪيتري ئي
ترقي ڪري چڪو آهي، ٽئڪنالاجي جي هن دور ۾ به ڪاڇي ۾ گاجي شاهه جي درگاهه تي نفسياتي
مريضن جي جنن کي علاج جي ضرورت هوندي آهي. انهن کي معصوم ڪاڇي جي عورتن سميت مردن ٻارڙن
جن کي ”جن“ جي وجود جي به خبر ناهي تن کي درگاهه تي اونداهين ڪوٺين ۾ بند ڪري مار ڪٽ
ڪري ”جن“ ڪڍڻ جو سلسلو به جاري آهي. ڪاڇي ۾
نالي ماتر سهوليتون هوندي به ڪاڇيلا بيماري جي صورت ۾ تعويزن سميت ڳچيءَ ۾ پٿر
کي ٻڌڻ سميت ٻيا ڪيترائي جهالت جا طريقا اختيار ڪري آهن.
ڪاڇي جي مشهور شهر واهي پانڌي لڳ
ويڌل شاهه ڀرسان ڪکائين گھر ۾ موجود ڪشمير فقير ملوُکاڻي جو گڙدي مان پٿري ڪڍڻ وارو
علاج پڻ جهالت واري ڪهاڻي لڳي ٿي. ان کان اڳ سندس والد غائبي فقير پڻ اهو علاج ڪندو
ھيو، جيڪو هن وقت زنده ته ناهي رهيو پر ان جو طريقو ان جو پٽ ڪندو پيو اچي. جڏهن ته
هن جديد سائنسي دور ۾ به جتي ڪيتريون ئي صحت جون سهولتون ۽ جديد اوزار ايجاد ڪيا ويا
هجن ۽ ان ئي دور ۾ هڪ ڇوڪري جيڪا اڳ ۾ به ڪيترين ئي ڊاڪٽرن کي ڏيکاري چڪي هجي ۽ انهن
سڀني ڊاڪٽرن پاران هڪڙو ئي جواب مليو ته تو کي پٿري آهي ۽ ان تڪليف جو حل صرف آپريشن
آهي، ان لاءِ پيسن جو هجڻ لازمي آهي پر ان ڇوڪري ٿورن ئي پيسن ۾ بغير آپريشن واري علاج
ڪشمير فقير ملوکاڻي جو ڏس مليو ۽ ان ڇوڪري ان ناتجربيڪار ڇوڪري جو علاج چڪ هڻي وات
سان پٿري ڪڍي ڪري ٿو. ڇا وات سان بغير آپريش جو پٿري ڪڍي پٿري جو علاج ڪيو وڃي اهو
ممڪن آهي؟ پر هتي ڪاڇي ۾ ڪشمير فقير جو چڪ هڻي گڙدي مان پٿري ڪڍڻ واري جهالت واري ڪهاڻي
علائقي سميت پوري سنڌ ۾ وڏي مشهور آهي، ڇا هن کان وڌيڪ جهالت ٿي سگھي ٿي؟
هن ترقي يافته دور ۾ جتي سنڌي ماڻهو
انهن سمورين رسمن، رواجن ۽ اهڙي قسم جي ڀوت پرستي کي رد ڪري ۽ غلط قرار ڏئي ختم ڪرڻ
جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،پر جڏهن يونيورسٽين مان ڊگريون حاصل ڪندڙ ماڻهو سنڌ جي مختلف
شهرن سکر، نوابشاهه، حيدرآباد، سانگھڙ سميت ٻين علائقن کان ماڻهو ڪشمير فقير کان چڪ
سان پٿري جو علاج ڪرائڻ اچن ٿا. جڏهن ڪشمير فقير ملوکاڻي مريض ”اهو مرد هجي يا عورت“ کي چڪ هڻي
جسم کي چوسي چوسي اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ وات مان پٿري ڪڍي مريض جي وارثن جي هٿ ۾ رکي ٿو
ته تڏهن ان بي خبر ماڻهن جا ويساهه حاصل ڪري ٿو وٺي ۽ سندس کان ”چڪ هڻي پٿري ڪڍڻ “
واري ان علاج ۽ ان جي شفا کان سندن انيڪ ماڻهو متاثر آهن. اهي سمجھن ٿا ۽ انهن جو هڪ
يقين هوندو آهي جتي 20 کان 25 هزار روپيه خرچ ڪرڻ سميت اسپتالن جي چڪر ۾ پوڻ کان 2
کان 3 هزران واري هن علاج کي بهتر سمجھن ٿا. ڇو جو هن علاج ۾ آپريشن جي پريشاني ناهي
هوندي، هونئن به اسپتالن ۾ جيڪا ماڻهن جي تذليل ٿئي ٿي، ان جي اسان سڀني کي خبر آهي.
بهرحال خبر نه ٿي پوي هن موجوده
دور ۾ جتي هر شي، هر ڪم ڪمپيوٽر وسيلي ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪ معمولي آپريشن ڪرڻ کان اڳ ۾
ڏهه ڏهه ڀيرا چيڪ اپ ڪيو وڃي ٿو ۽ شايد هر آپريشن ڪرڻ لاءَ 2 کان 3 رت جون ٿيليهون
هٿ ڪرڻ کان پوءِ وڏي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ سميت وڏيون ذلتون برداشت ڪرڻ کانپوءِ آپريش
ڪيو وڃي ٿو. پر اُتي فقير غائبي کان وٺي ان جي اولاد ڪشمير فقير تائين صرف 50 کان
100 روپين جو سرنهن جي تيل سان مريض جي جسم جي مالش ڪري ۽ پوءِ پاڻ تيل جا وڏا وڏا
ڍُڪ ڀري مريض جي پٿري واري جاءُ تي ان انساني جسم کي ڪنهن وحشي جانور جيان پنهنجي سڄي
طاقت سان چڪ پائي ٿو ۽ ان مريض جي جسم کي ڀرپور نموني چوسڻ کانپوءِ پٿري ڪڍي ايندو
آهي!! ڇا واقعي اهو علاج درست آهي؟
غائبي فقير پاڻ ته فوت ٿئي چڪو آهي
پر ان جو طريقي سان پٿري ڪڍڻ وارو سلسلو جاري آهي، جيڪو هن وقت ان جو پٽ ڪشمير ڪندو
آهي. حيرت تڏهن به ٿيندي آهي، جڏهن ماڻهن جي حقن جو تحفظ ڪندڙ ۽ عوام سان انصاف ڪندڙ
جج صاحبان، سماجي نمائندا ڪشمير کان پٿري ڪڍرائيندي يا پنهنجي دوستن کي ڪشمير وٽ وٺي
ايندا آهن ان کان پٿري ڪڍرائيندي مون پنهنجن اکين سان ڏٺا آهن.
10 سالن کان غائبي فقير ۽ ان جي
پٽ ڪشمير پاران پٿري جو علاج چڪ هڻي ڪيو وڃي ٿو .تازو چاچي حمزي مستوئي وارن جي ڳوٺ
۾ گڏجاڻي ڪري واپس واهي پانڌي طرف پنهنجي ڊائيور دوست غازي برهماڻي سان جيپ تي اچي
رهيا هئاسين ته اوچتو اسان جو گذر غائبي فقير جي گھر ڀرسان ٿيو ته اسان جي جيپ اڳيان
اڇي رنگ جي ٻيٺل ڪار ڏسي ڪري حيرت ٿي ته ڇا هاڻي ڪشمر فقير ڪار به ورتي آهي ڇا ؟
پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اها ڪار ڪشمير
جي نه پر نياڻيءَ جي پٿري ڪڍرائڻ لاءِ آيل
نوابشاهه واسي جي هئي، جنهن جي پڙهيل لکيل نوجوان ڇوڪريءَ کي پٿري هئي ۽ اهي ڪشمير
جو نالو ۽ ڏس ٻڌي ڪاڇي ۾ ڪشمير فقير کان پٿري ڪڍرائڻ آيا هئا. ڪار جي ڀرسان ڪنڊي جي
وڻ جي ڇانون ۾ هڪ نوجوان جيڪا نوابشاهه جي رهواسي خوبصورت ڇوڪري زمين تي سُتي پئي هئي،
ان جي ڀرسان اڌڙوٽ عمر جي عورت جيڪا ان ڇوڪري جي ماءُ پئي لڳي رهي هئي، ان جي ڀرسان
اهو همراهه ڪشمير فقير ملوکاڻي هيو، جيڪو ان نازڪ خوبصورت ڇوڪري جي جسم کي چڪ هڻي ڪنهن
وحشي جانور جيان ان نازڪ ڪونج جي جسم کي پنهنجي وحشيت سان پٽي رهيو هو.
ان وقت نوجوان ڇوڪريءَ جون دانهون،
رڙيون، ڪوڪون شايد آسمان ٻڌي رهيو هو، دوست غازي ۽ اسير امتياز کان پڇا ڪرايم ته سڄي
ڪهاڻي جي خبر پئجي وئي ته ڇا ٿي رهيو آهي. پهريون ڀيرو ڪشمير فقير کي چڪ هڻي پٿري ڪڍندي
ڏٺم، ان وقت ان نوجوان ڇوڪري جي وارثن کي سائنس جون سموريون ڳالهيون، سمورا اوزار بڪواس
پئي محسوس ٿيا.
خبر ناهي اها ڪهڙي جهالت آهي يا
يقين يا اڃا ٻيو ڪجھه، ڇو جو ان عورت لاءِ ان وقت صرف ڪشمير فقير سڀ ڪجھه هو ڇو جو
ان جي زندگي ۽ کي بچائي ان جي تڪليف کي ختم ڪرڻ وارو ڪشمير ئي هو ڇو جو ان کان اڳ
۾ ان ڇوڪري خبر ناهي ڪيترا ڀيرا مختلف ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو هوندو، اهو ته اهي مريض
ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته ان کانپوءِ پٿري آهي يا ان جو سور تڪليف آهي يا ايڪسري ڪرڻ کانپوءِ
خبر پئجي سگھي ٿي.
ڪاڇي جا ماڻهو ته ڄار جي وڻن کي
به ڪنهن به بيماري سميت دل جون ڪيتريون ئي مرادون ڄار جي جي وڻ سميت پيرن، مرشدن ۽
انن پٿرن تي آسرو رکن ٿا ۽ وقت سان گڏ جڏهن اها شيءِ ٿيڻي هوندي ته کي مرشد ان وڻ وارن
جي پيرن جي ڪرامت سمجھي انهن تي پڙ وجھڻ سميت ٻيون ڪيتريون ئي رسمون ادا ڪندا آهن.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا واقعي اهڙن پيرن، فقيرن ۽ مرشدن وٽ مسئلن جو حل آهي؟
جي نه ته پوءِ اهڙو ايمان رکندڙ ماڻهن جو تعداد ڇو پيو وڌندو وڃي؟ اڻپڙهيل سميت اڪثر
پڙهيل طبقو به شامل آهي نه ته پوءِ هي ڇا آهي ان جو جواب ڪنهن وٽ آهي ڏينهون ڏينهن
دنيا ترقي ڪري آهي ۽ ڪيتريون ئي ترقي جون دعوائون ڪري چڪي آهي پر اڄ به ڪاڇي جا اٻوجھ
ماڻهو اهڙي قسمن جي مدي خارج رسمن رواجن ۾ ڦاٿل آهن. ڪو آهي جيڪو ڪاڇي جي ماروئڙن جي
زندگين سميت هن ماحول کي تبديل ڪري سگھي!!
عاشق هڪ تحريڪ هڪ انقلاب
ReplyDeleteامجد برهماڻي
گلابي چپن جو مالڪ ۽ کيرٿر جبل جيڏا حوصلا رکندڙ عاشق ان ديس جو رهواسي آهي جنهن ديس جا ماروڙا مهمان نواز ۽ ڏاڍا قربائتان۽ محبتي آهن . انهن لاءِ انهن جو عاشق ان صبح جي پرڀات جيان هو. هن جي اندر ۾ ته پنهنجي ماروڙن لاءِ محبت سمايل هئي ُهن انهن جي دردن کي تمام ويجھڙائي کان نه رڳو محسوس ڪيو هو پر هُون پاڻ به ان درد جي پيڙائون مان پڻ گذريو هو تڏهن ته پنهنجي سموري حياتي ان ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي .
جتوڻيڪ هُو ڪنهن سياسي يا نظرياتي ڪارڪن جي گھر ۾ جنم ته نه ورتو هو پر تنهن هوندي به هو ڪنهن سياسي عالم جيان لڳندو هو هن جي اندر ۾ تڙپ هئي اتساهه هو جنون هو
جڏهن اونهاري جا گرم ڏينهنن ۾ ڪاڇي جي چيڪي مٽي باهه جيان تپي رهي هُئي. شايد اُها گرم جوشي پيدائش ۾ شامل هئي؟ مگر عاشق جي سياسي پالڻان ساٿي گل حسن برهماڻي ۽ حسن بروهي جي رهنمائي ۾ ٿئي جنهن جي اثر ۾ ان هڪ نظرياتي پارٽي ۾ آخر تائين رهيو.
ننڍڙي عمر ۾ ”سر“ يا سائين جو لقب ماڻيندڙ عاشق جو خواب هيو۽ هون چاهي پيو ته سالن کان غلامي ،بيوسي۽ محرومين ۾ زندگيون گھاريندڙ ڪاڇي واسي پورهيتن جا ٻارن تعليم حاصل ڪن ۽ ان خواب کي حقيقت جو روپ ڌارڻ لاءِ مارٿرڪنگ وانگي پنهنجي ئي اطاق کان شروعات ڪري ٽيوشين سينٽر جي نالي سان هڪ شمع ٻاري انداهي ۾ هڪ وڏو مچ ٻاري ڇڏيو ۽ ان مچ ڪاڇي جي سياسي ،سماجي تنظيمن ۾ هڪ نئون انقلاب آڻندي ڏسندي ئي ڏسندي ڪاڇي ۾پرجوش ۽ ول ولي سان هڪ تحريڪ اُڀري آئي جنهن واهي پانڌي جي سياست ،سماجي وايو منڊل ئي تبديل ڪري چڏيو.
جو قوم جياري اهُو جئندو رهندو
جو عام اُجاري سو جئيندو رهندو
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آ
جو سنڌ سنواري اُهو جئيندو رهندو
ڪاڇي جي زرخيز مٽي مان جنم وٺڻ ڪري ان جي اندازي بيان نرالو هو، هُن وٽ لظن ۽ دليلن جو به اڻ کوٽ زخيرو هو پر افسوس جو جمهوريت پسند ان عظيم انسان کي 5 جولاءِ 2012جي ڪچي منجھند جو دادو پوليس ضيا آمر جي تاريخ ورجائيندي مخدوم بلاول جي ڌرتي ۽ استاد بخاري جي شهر دادو جي هيڊپارڪ تي دادو پوليس پُر امن احتجاج ڪندڙن تي پنهنجن هٿيارن جان منهن کولي ڇڏيا ۽ اسان کان اسان جو پيارودوست ،سماج سُڌار، تعليمدان ساٿي عاشق کي هميشه لاءِ کسيو ويو، ۽ واهي پانڌي جو ننڍڙو شهر شايد ئي ڪڏهن پنهنجي تاريخ ۾ اُداس ۽ ويران ٿيو هجي جنهن ڏينهن تي ان کان انهن جو پيارو همدرد ، سهارو اسان سڀني جو محبوب سنڌ ڌرتي جو عاشق 6 جولاءَ صبح جو ڪاڇي جي مٽي چميون ڏيندي هميشه جي لاءِ اسان سڀني کان آلوده ڪندي وڃي آرامي ٿيو.
اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي
ته ماڻيندا پنهنجا ڍول ڍاٽي.
amjadbirhmani@gmail.com