Thursday, May 19, 2016

تاريخَ جو مشهور مهاراجا - الطاف شيخ

تاريخَ جو مشهور مهاراجا.....
الطاف شيخ
بنارس کان ڏهه ٻارنهن ڪلوميٽر ٻاهر جنهن شهر سرناٿ (Sarnath) ۾ اسان بيٺا هئاسين ٻُڌن لاءِ مذهبي ۽ تواريخي شهر آهي جو سندن ڌرمي پيشوا گوتم ”ٻڌ“ بڻجڻ بعد يعني ڄاڻَ ۽ علمَ جي سجاڳي جي روشني حاصل ڪرڻ بعد هن شهر ۾ اچي پهريون واعظ ڪيو هو. اها عيسوي سن کان به ساڍا چار سؤ سال اڳ جي ڳالهه آهي. ان بعد سندس پوئلڳن يادگار خاطر هِتي ٿنڀا، ستوپ (Stupa)  ۽ ٺلهه وغيره ٺهرايا جن مان ڪجهه ثابت حالت ۾ ته ڪي ڊٺل حالت ۾ موجود آهن جن جي زيارت لاءِ انڊيا ۽ ٻاهر جي ملڪن جا ٽوئرسٽ ۽ ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ اچن ٿا. اسان به اهي ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ ۽ اهو Feel ڪرڻ لاءِ آيا هئاسين ته هي شيون ڪيڏيون آڳاٽيون آهن! جيئن چوکنڊي جو ستوپ جيڪو گوتم جي مريد راجا اشوڪا عيسوي سن کان 300 کن سال اڳ ٺهرايو. هي اهو زمانو آهي جڏهن يونان کان سڪندر اعظم سنڌ ۽ ملتان تي اچي حملو ڪيو هو.... يعني حضرت عيسيٰ جي ولادت کان به ٽي صديون اڳ.


اهڙي طرح ڌميڪ ستوپ آهي جيڪو 128 فٽ بلند ۽ 93 فٽ گول آهي. اهڙي طرح اشوڪ ٿمڀ (Pillar) آهي. راجا اشوڪ ڏٺو وڃي ته ٻڌ ڌرم جو تمام وڏو پرچارڪ هو. سندس مورريا گهراڻي سان تعلق هو ۽ موريا گهراڻي جي پهرين بادشاهه چندر گپت موريا جو پوٽو هو. اشوڪ هڪ بيحد ناليرو بادشاهه ٿي گذريو آهي ۽ هندستان تي سندس 40 سال راڄ هڪ خوشحالي جو دور چيو وڃي ٿو. اسان جڏهن ستين ڪِلاسَ ۾ هئاسين ته ان وقت جي تاريخ جي ڪِتاب ۾ شروعات ئي موريا گهراڻي جي حاڪمن سان ٿيندي هئي پر هاڻ لڳي ٿو ته تاريخ جي سبجيڪٽ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو پڙهايو وڃي  ٿو ان ۾ گهڻو زور مغل بادشاهن تي ئي ڏنو وڃي ٿو. شايد ان ڪري جو اهي مسلمان هئا ۽ شايد اهو سوچي ته اسان جو ملڪ اسلام جي نالي تي ٺهيو سو ڪنهن به ريت مسلمانن جون ئي ڳالهيون ڪرڻيون آهن ۽ انهن کي ئي پڌائڻو آهي ۽ خوش ٿيڻو آهي ته سڄي هندستان تي بابر جي حڪومت هئي يا هَمايون، اڪبر، جهانگير وغيره جي هئي..... ڳالهه اها آهي ته اسان رڳو چرين وانگر ان ۾ خوش ٿا ٿيون ته اسان جي حڪومت رهي.... مسلمانن جي حڪومت رهي.... ڪهڙو انهن بادشاهن کي اسان يعني عوام سان دلچسپي هئي. هنن کي رڳو پنهنجي عياشيءَ جو فڪر هو. هنن سڀ ڪجهه پنهنجي طاقت ۽ مال ميڙڻ لاءِ ٿي ڪيو.... ايتريقدر جو ان جي حاصلات لاءِ پنهنجي پيءُ يا ڀائرن کي به ماري ٿي ڇڏيو يا اکيون ڪڍي ڇڏيون ٿي. اهو ڪجهه اهڙو ئي Scenario آهي جهڙو اڄ اسان اهو چئي پيا ٺرون ته سنڌ ۾ اسان سنڌين جي حڪومت آهي..... حقيقت ۾ سنڌ جو ڳوٺ ڳوٺ ڏسو ته تباهه ٿيو پيو آهي.... سنڌين جي تعليم، صحت...... هر فيلڊ ۾ حالت خراب آهي پر اسان سنڌي کڳيون هڻندا وتون ته عوامي حڪومت آهي اسان سنڌين جا وزير اعليٰ ۽ وزير آهن. اهو ئي حالُ اَسان عوام جو  مغل بادشاهن ۽ ميرن، ٽالپرن ۽ ٻين جي دور ۾ هو. ماڻهن کي ٻه ويلا کائڻ لاءِ نه هئا. پيرن ۾ پائڻ لاءِ جُتي نه هئي. ٽيهه ٽيهه چاليهه چاليهه سالَ حُڪومت ڪري ويا ڪجهه نه ڪيائون. ڪرڻ وارا شير شاهه سوريءَ جهڙا چند سالن ۾ به ايترو ڪري ويا جو اڄ ڏينهن تائين پيا ڳائجن.
اسان جي گائيڊ عثمان، جنهن تاريخ ۾ ماسٽرس ڪئي آهي ۽ هينئر گائيڊ طور بنارس ۾ رَهي ٿو تنهن تاريخَ جو سبجيڪٽ دهرائيندي ٻڌايو ته اشوڪ موريا جيڪو 304 سال قبل مسيح ڄائو ۽ 269 ق.م کان 232 ق.م تائين سڄي هندستان تي راڄ ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ سندس سلطنت اڄ واري هندستان تائين نه پر ان ۾ اڄ جي ايران وارو خُراسان ۽ سيستان، گڏيل بلوچستان (يعني اسان وارو ۽ ايران وارو بلوچستان) ۽ افغانسان جا به ڪجهه حِصا اَچي ويا ٿي. اوڀر پاسي بنگلاديش ۽ ڏکڻ ۾ ڪيريلا ۽ انڌرا پرديش اچي ويو ٿي. عثمان تقرير واري اندازَ ۾ چيو:
”چون ٿا ته راجا اشوڪ  شروع جي ڏينهن ۾ نه فقط بهادر پر ظالم پڻ هو. ڪلنگا واري جنگ ۾ هزارين ماڻهن جي مرڻ بعد هن جي دل کي ايڏي جھٻي آئي جو هن ٻڌ ڌرم  اختيار ڪيو جنهن ۾ جيت جڻيي (ماڪوڙي ٽنڊڻ) کي مارڻ به گناهه آهي. اشوڪ محسوس ڪيو ته ٻڌم ڌرم ذريعي هندستان جي سڀني ماڻهن کي ملائي سگهجي  ٿو.
Ashoke regarded Buddhism as a doctrine that could serve as cultural foundation for political unity.”
راجا اشوڪ کي يقين هو ته ٻڌ ڌرم نه فقط انسان ذات لاءِ بهتر آهي پر پکي پکڻ، جانورن ۽ وڻن ٻوٽن لاءِ پڻ. ان ڪري هن ٻڌ ڌرم جي پرچار هندستان کان ٻاهر ڏکڻ ايشيا، ڏور اوڀر ۽ وچ ايشيا جي ملڪن ۾ ڪرائڻ لاءِ بکشو ۽ ٻاوا موڪليا ۽ مختلف هنڌن تي.... جِتي جِتي سندس نشانيون رکيون ويون اتي اتي راجا اشوڪ مندر ۽ ستوپ (Stupa) ٺهرايا. سري لنڪا جيڪو ان وقت تمراپاني سڏبو هو،  اتي پنهنجي پٽ مهندار ۽ اڪيلي ڌيءَ ٻار سنها مترا کي تبليغ لاءِ موڪليو.... پڙهندڙن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته هي ڳالهيون اسلام جي آمد کان ته اڳ جون آهن پر حضرت عيسيٰ جي ولادت کان به اڳ جون  آهن. اڄ جي نوجوان لاءِ ٿورو فاسٽ Rewind ڪرڻ چاهيندس:
موهن جو دڙو جي تهذيب پنج هزار سال پراڻي چئي وڃي ٿي. ان وقت موهن جو دڙو توڙي سڄي سنڌُ هندو ڌرم هو. لڳ ڀڳ اهوئي ويدڪ زمانو هو جنهن ۾ هندن جا ڌرمي ڪِتاب: رگ ويد، يجر ويد اٿر ويد وغيره لکيا ويا. هوڏانهن مصر پاسي فرعونن جي حڪومت هئي. پرشيا (اڄ واري ايران) ۾ دارا جي.
عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳ ٻڌ ڌرم جو بنياد گوتم ٻڌ ۽ جين ڌرم جو مهاوير سواميءَ وڌو. ان وقت سنسڪرت اڪثر برهمڻ ڄاڻندا هئا باقي عام ماڻهو پراڪرت ڳالهائيندا هئا جيڪا ٻولي پوءِ اڳتي هلي پالي ڪونجڻ ۾ آئي. برهمڻن ذات پات جو ڀيد گهڻو ٿي رکيو، پر هنن ٻنهي ڌرمن جي بانيڪارن اهڙو ڀيد رکيو ئي ڪونه. ان ڪري عام خلقَ کي اها ڳالهه پسند آئي ۽ هندستان جي ڪيترن ماڻهن (سنڌ سميت) ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. اهو جين ڌرم کان وڌيڪَ پکريو.
جن ڏينهن ۾ سڪندرِ اعظم سنڌ تي ڪاهه ڪئي.... يعني عيسوي سن کان سوا ٽي سؤ کن سالَ اڳ، هندستان جي بهار رياست جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ نند گهراڻي جي حاڪمن راڄ ٿي ڪيو. سندن لشڪر جو سپهه سالار چندر گپت نالي هڪ جوڌو جوان هو، تنهن پنجاب ۽ سنڌ پنهنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ پوءِ نند گهراڻي جو زور ڀڃي، سڄي اتر هندستان جو والي پاڻ ٿيو ۽ موريا گهراڻي جو بنياد وڌو.
مهاراجا چندر گپت کان پوءِ پٽس بندوستر گاديءَ تي ويٺو پر سندس ڏينهن ۾ ڪا مکي ڳالهه ڪا نه ٿي. پر پوءِ مهاراجا چندر گپت جو پوٽو مهاراجا اشوڪ، سنڌ سميت اتر هندستان جو والي ٿيو. ٻڌ ڌرم کي زور وٺائڻ ۽ اهنسا مت پکيڙڻ لاءِ شاهي فرمان پٿر جي ٿنڀن ۽ اتاهن ٽڪرين تي اڪرائي ڇڏيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. سندس وقت ۾ سنڌ ۾ ۽ ٻين هنڌ ڏيوڙا ۽ ٺلهه ٺهيا.
گوتم ٻڌ پرلوڪ پڌرايو ته اَٺن پرڳڻن جي رهاڪن سندس سنک (خاڪ) پنهنجي پنهنجي پرڳڻي ۾ پوري، ان جي مٿان ڏيوڙا ۽ ٺُلهه ٺهرايا ۽ اهي هنڌ تيرٿ ليکجڻ ۾ آيا.
مهاراجا اشوڪ انهن اَٺن هنڌان سنک ڪڍائي، ٿوري ٿوري ڪري انهن ملڪن ۾ موڪلي، جن ۾ گوتم ٻڌ پنهنجي سر وڃي ٻڌ ڌرم جو پرچار ڪيو هو. گوتم ٻڌ پنهنجا پوتر چرڻ سنڌ ۾ پڻ گهمايا هئا، تنهن ڪري بقول ڀيرومل مهر چند آڏواڻي جي، ”سڀاڳي“ سنک جو ذرو سنڌ کي به مليو ته سنڌي ماڻهن ستوپ ۽ پگوڊا جوڙيا جن مان  ڪاهوءَ جي دڙي ۽ موهن جي دڙي وارا ستوپ (Stupa) مشهور آهن.

اسان کي گائيڊ عثمان ٻڌايو ته مهاراجا اشوڪ تي 2001 ۾ بالي وڊ وارن ”اسوڪا“ نالي هڪ تاريخي فلم پڻ ٺاهي هئي جنهن ۾ شاهه رُخ خان اشوڪ ٿيو آهي ۽ ڪرينا ڪپور ڪالنگا پرڳڻي جي شهزادي ٿي آهي.... جنهن پرڳڻي تي اشوڪ حملو ڪيو هو ۽ تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هن جنگ ۾ اٽڪل هڪ لک ماڻهن جو قتل ٿيو ۽ ڏيڍ لک کن ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ان دوران اشوڪ ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ ٻي کي مارڻ لاءِ توبهه تائب ٿيو ۽ ٻڌ ڌرم قبول ڪيو. اسانجي گائيڊ ٻڌايو ته مٿين بالي ووڊ فلم جي پڄاڻي ان جي ٿئي ٿي ته فلم جو هيرو شاهه رُخ تلوار اڇلي ٿو ڇڏي ۽ گوتم ٻڌ جو پيروڪار ٿئي ٿو.... اهڙي ريت مهاراجا اشوڪ نه فقط پنهنجي سلطنت ٿو وڌائي پر ٻڌ ڌرم پڻ..... ۽ ان سان گڏ امن جون هوائون پِڻ.......

No comments:

Post a Comment