Friday, May 20, 2016

واشنگٽن ميٽروريل - ياسر قاضي

واشنگٽن ميٽروريل
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: ۳۶
ياسر قاضي
گذريل هفتي اسين هن سفرنامي جي 35هين ڀاڱي جي آخر تائين پُورو ڏينهن واشنگٽن ڊي سِيءَ جا اهم يادگار گھمندي، يُو ايس ڪيپيٽول جي تاريخي عمارت جي ٻاهران توڙي اندران وي آءِ پي ٽُوئر ڪرڻ کان پوءِ، سجَّ لهڻ کان ٿوري دير پوءِ ئي پنهنجي هوٽل (”ميرِيييٽ ريزيڊنسي“) ٿڪي ٽُٽي پهتا هئاسين. اها ڇنڇر 5 اپريل 2014ع جي شام هئي ۽ صبح کان وٺي جيڪو سفر، اڪرم الياس جي انسٽيٽيُوٽ ۾ سندس ليڪچر ٻڌڻ سان شروع ٿيو هو، اهو لنڪن ميموريل، ويتنام وار ميموريل، جارج واشنگٽن ميموريل ۽ يُونين ريلوي اسٽيشن کان ويندي يُو ايس ڪيپيٽول تائين پهتو ۽ مون پوئينءَ قسط ۾ اوهان سان احوال اوريو هو ته مُون جم مُوڊيءَ واري بريفنگ دؤران ننڊ جا جھُوٽا پئي کاڌا. ساڳيا جھُوٽا ۽ پنڪيون مُون کي يُو ايس ڪيپيٽول کان هوٽل تائين رستي ۾ پڻ جام آيا. هوٽل پهتاسين، لٽا مٽائي فريش ٿي پنهنجي هوٽل (”ميرِيييٽ ريزيڊنسي“) جي پاڙي ۾ ئي واقع چائينيز ريسٽورنٽ ۾ حلال ڪڪڙ کائڻ لاءِ آءٌ ۽ اشفاق آذر پنهنجي ٿڪل بُت کي زوريءَ گهلي وياسين. اها واهه جي جاءِ پاڙي ۾ ڳولهي لڌي هئي سين، جتي اڌ راتي يا ڪُمهلي بک کي مناسب پئسن ۾ سهڻي نموني بهلائي ٿي سگھياسِين ۽ واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ رهائش وارن سمُورن ڏينهن دؤران ان حلال چائينيز ريسٽورنٽ جو ڀرپُور فائدو حاصل ڪيوسين. هوٽل جي هڪ پاسي کان 200 کن قدمن تي اها ريسٽورنٽ هئي ته ٻئي طرف کان هوٽل جي بلڪل لڳو لڳ هڪ سُپر اسٽور هو، جتي اسان جي گروُپ ۾ شامل موالين کي نه فقط ٻيڙي، سگريٽ، سگار ۽ ”موکيءَ جو جام“ مناسب اگھه تي دستياب هو، بلڪه روز مرهه جي استعمال جي پڻ هر شئي ملندڙ هئي، جنهن ڪري ڪابه شئي وٺڻ لاءِ اسان کي گھڻو پري ڪونه ٿي وڃڻو پيو. واشنگٽن وانگر اها سهُولت اسان کي نيُويارڪ ۾ به حاصل رهي، جتي ”مينهاٽن“ جهڙي مصروف علائقي ۾ اسان جي هوٽل (”روزاويلٽ“) هئي، جنهن جو احوال اوهان هن سفر جي ايندڙ حصن ۾ پڙهندا. البته ”هوائيءَ“ توڙي ”ڪولمبيا“ ۾ اسان ان سهُولت کان محرُوم رهياسين. سو مُون ڳالهه پئي ڪئي حلال چائينيز ريسٽورنٽ جي، جتي ڪا ڊِيل آرڊر ڪري حلال ڪُڪڙ سان پيٽ ڀري واپس هوٽل آياسين ۽ ٿڪ سبب اهڙي ننڊ ڪئي سِين، جو وڃي ٿيا خيرَ! اڄ ويڪ اينڊ هو، پر هڪ مصرُوف ۽ ”هَل هَلان“ وارو ڏينهن گذارڻ سبب وِيڪ اينڊ جو احساس ئي ڪونه ٿي ٿيو. سڀاڻي جيتوڻيڪ اسان جي ٻي ڪا خاص سرڪاري مصرُوفيت ڪانه هئي، پر تنهن جي باوجُود ڏينهن صفا واندو به ڪونه هو، جو ڏينهن جو اسان کي ”نيُوزيم“ (”نيُوز ميُوزيم“) گھمڻو هو ۽ شام جو مختلف خاندانن پاران اسان منجھان ٻن ٻن ساٿين جي مان ۾ ڪيل رات جي مانيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مختلف گهرن جي مهمانيءَ جو مزو وٺڻو هو. رات جو ڀرپُور ننڊ ڪري صبح جو آرام سان اٿيس. آچر 6 اپريل 2014ع جو ڏينهن طلوع ٿي چڪو. لڳ ڀڳ 9 لڳي اٿي، اشفاق کي انٽرڪام ڪري اُٿاريم. معمول مُوجب ناشتو ڪري پوءِ ڪمري تي اچي تيار ٿياسين. اسان جنهن ڏينهن کان واشنگٽن ڊِي سِيءَ آيا هئاسين، ان ڏينهن کان بلڪه شايد ان کان به اڳ کان مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اسان کي ذري گھٽ روز ٿي چيو ته هُوءَ اسان کي ڊِي سِيءَ ۾ ”ميٽرو ريل“ تي ضرُور چاڙهيندي. ڪالهه ته هن پڪ سان اڄوڪي ڏينهن لاءِ چيو هو ته: ”اوهان کي ضرُور به ميٽرو تي چاڙهيندم!“ اسين سوا 10 لڳي صبح ڌاري هوٽل مان ”نيوزيم“ لاءِ نڪتاسِين. حالانڪه اسين ٽيڪسيءَ رستي به ”نيُوزيم“ وڃي ٿي سگھياسِين، ڇاڪاڻ ته نيُوزيم، ”پينسلويننيا ايوينيو“ تي ئي واقع آهي، جيڪو گھڻو پري ڪونه هو، پر جيئن ته مائي اينان کي اسان کي ميٽرو ريل جو سفر ڪرائڻو هو، تنهن ڪري اسين پنهنجي هوٽل کان پنڌ پنڌ، اڌ ڪلوميٽر کن پري ان جاءِ تي پهتاسين، جتي آچر واري ڏينهن ڀاڄين ۽ ٻُوٽن جي چَڪين جي ”اتوار بازار“ (سنڊي مارڪيٽ) لڳندي آهي. هن مارڪيٽ جو ڏيک لڳ ڀڳ ان آچر بازار جهڙو ئي هو، جهڙيُون بازارُون پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ لڳن ٿيون. فرق صرف اهو هو ته هتي لڳل اسٽال صاف سُٿرا هئا ۽ انهن تي ويٺل ماڻهُو، خوش لباس گورا هئا، نه ته باقي هن آچر بازار ۽ اسان وارين آچر بازارن ۾ ڊزائن يا ماڻهن جي رش جي لحاظ کان ڪوبه خاص فرق ڪونه ٿي لڳو. جيتوڻيڪ هي واشنگٽن جو بهار هو، پر اسان لاءِ جهڙوڪر سياري جو صبح هو. محسُوسات به ذري گھٽ اهڙي ئي هئي، جهڙوڪر اسين ڊسمبر يا جنوريءَ جي ڪنهن صبح جو اسلام آباد واريءَ جناح سُپر مارڪيٽ جي ٻاهران لڳل اسٽالن يا لاهور جي ڪنهن سبزي مارڪيٽ ۾ بيٺا اُس جي تڙڪي مزو وٺندا هجون. اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن ان سبزيءَ جي آچر بازار جي مختلف اسٽالن جا، توڙي ان جي اسٽالن سان گڏ بيهي پنهنجا يادگار فوٽوگرافس ڪڍرايا. نيُوزيم جو اڄوڪو دؤرو جيئن ته اختياري (آپشنل) هو، تنهن ڪري اسان منجھان ڪجهه ساٿي اڄوڪي هن سير ۾ اسان سان گڏ ڪونه هليا. مُون هڪ ريڊيو جرنلسٽ جي حيثيت سان سوچيو ته واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ صحافت سان واسطو هئڻ وارو ڪو اچي ۽ اهو نيُوزيم نه گھمي ته پوءِ ان جي هتي اچڻ جو ڪهڙو فائدو! سو آءٌ، اشفاق آذر، غزاله فصيح، ذوالفقار مهتُو، اڪرام الله، اسد علي حمزه، خالد خيشگي ۽ رياض برڪي نيُوزيم گھمڻ وياسين، باقي ٻه ٽي ساٿي اسان سان ڪونه هليا، شايد انهن جي ترجيحات ۾ اهو سير شامل ڪونه هو. مُون اوهان سان جنهن ريل سسٽم (ميٽرو ريل) جو ذڪر ڪيو، اهو واشنگٽنن ڊِي سِيءَ جو اهو لوڪل ريلوي نظام آهي، جيڪو گھڻو تڻو زيرِ زمين وڇايل آهي، جيتوڻيڪ ان جو ڳچ رستو زمين کان ٻاهر به آهي. اوهان واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ شهر اندر هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تائين سفر ڪرڻ گھرو ته روڊ رستي اهڙو سفر ڪرڻ سان گڏوگڏ، لوڪل ريل رستي به اهو سفر طئي ڪري سگھو ٿا، جنهن سان شهر جو روڊ ٽرئفڪ نظام بنهه متاثر ڪونه ٿو ٿئي ۽ زمين هيٺ ريل هر وقت هلندي رهي ٿي. هن سسٽم تحت هڪ ئي وقت ڪئين ريلُون شهر جي مختلف حصّن کان ڌار ڌار علائقن ڏانهن سفر ڪن ٿيون، جنهن رستي روزانو هزارين مسافر سهُولت حاصل ڪن ٿا. نيُويارڪ ۾ به اهڙو ريلوي سسٽم آهي، جتي ان کي ”سب وي“ چيو وڃي ٿو، جنهن جو ذڪر اسين نيُويارڪ واري ڀاڱي ۾ ڪنداسِين.


هن سڄي ريل سسٽم ”واشنگٽن ميٽرو“ جا سڄي شهر ۾ 6 رُوٽس موجُود آهن، جن جي نشاندهي رنگن رستي ڳاڙهي، نيري، نارنگي، ڦڪي، سائي ۽ چانديءَ جي (سلور) رنگن جي لائينن رستي ٿيل آهي. ميٽرو جُون سڄيءَ واشنگٽن ۾ ڪل 91 اسٽيشنُون آهن. ميٽرو، امريڪا جو ٻيو نمبر سڀ کان مصرُوف ريل سسٽم آهي، جنهن رستي موڪل وارن ڏينهن کان سواءِ باقي هفتي جي ڏينهن منجهان هر ڏينهن تي سراسري 7 لک 51 هزار 538 مسافر، جڏهن ته ساليانو لڳ ڀڳ 209 ملين مسافر سفر ڪن ٿا. 27 مارچ 1976ع تي وجود ۾ ايندڙ ميٽرو ريل سسٽم وٽ هن وقت ڪل هڪ هزار 126 ريل ڪارس (ريل جا گاڏا) موجود آهن، جڏهن ته هر ريل ۾ 6 کان 8 گاڏا (ريل ڪارس) لڳايا وڃن ٿا. هي ريل سسٽم ڪل 117 ميل (188 ڪلوميٽر) ڊگھي وڇايل پٽڙيءَ تي مشتمل آهي. هن ريل جي پٽڙيءَ جي ويڪر 4 فٽ ۽ سوا 8 انچ آهي. جڏهن ته هر رُوٽ تي ڊبل ٽريڪ (اچڻ ۽ وڃڻ لاءِ الڳ الڳ) وڇايل آهي. واشنگٽن ميٽرو ريل سسسٽم جو ڪم ڪار هلائيندڙ ادارو، ”واشنگٽن ميٽروپوليٽن ايريا ٽرانزٽ اٿارٽي“ (ڊبليُو. ايم. اي. ٽِي. اَي.) آهي.
اوهان کي اهو ٻڌي اڃا به وڌيڪ حيرت ٿيندي ته واشنگٽن ڊِي سِيءَ واري ميٽرو هجي يا نيُويارڪ واري ”سَب وي“، ان جي زيرِ زمين فقط هڪ منزل تي ريل جي لائين ناهي وڇايل، بلڪه زمين اندر به هن ريلوي سسٽم جُون ٻن کان ٽي منزلُون ٺهيل آهن، يعني جيڪڏهن اوهان کي هڪڙي رُوٽ جي ريل پڪڙڻي آهي ته اوهان زمين کان هيٺ وڃي پهرين پليٽ فارم وٽان پنهنجي ريل پڪڙيندا، پر جي ڪنهن ٻئي رُوٽ تي سفر ڪرڻو آهي، ته اوهان کي ان کان به هيٺ ڏاڪڻين رستي لهي، ان کان هيٺ واريءَ منزل تان پنهنجي ريل پڪڙڻي پوندي ۽ جي اڃا ڪنهن ٽئين رُوٽ تي سفر ڪرڻو آهي ته ان جي مقرر ڪيل پليٽ فارم تي پهچڻ لاءِ اوهان کي ان کان به هڪ منزل هيٺ وڃڻو پوندو. ايئن منزل به منزل ميٽرو ٽرين جا پليٽ فارم ٺهيل آهن. ان کان به وڌيڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به مسافر کي ٽڪيٽ وٺڻ توڙي ٽڪيٽ چيڪ ڪرائڻ لاءِ ڪنهن به ماڻهُوءَ سان رابطو نه ٿو ڪرڻو پوي، پر ٽڪيٽ وڪڻڻ کان وٺي اُن کي چيڪ ڪرڻ تائين جو سمُورو ڪم مشينُون انجام ڏين ٿيُون. يعني اوهان پليٽ فارم تي داخل ٿيڻ کان اڳ واشنگٽن ڊِي سِيءَ جو هڪ وڏو نقشو ڏسو ٿا، جيڪو واضح نمُوني اوهان جي ان ڏس ۾ رهنمائي ڪري ٿو ته اوهان کي شهر جي جنهن ڪُنڊ، جنهن علائقي ۾ وڃڻو آهي، ان علائقي جي ويجھو ترين ميٽرو اسٽيشن ڪهڙي آهي. نه رڳو اهو، پر اهو به ته اوڏانهن ڪهڙي رنگ واري رُوٽ جي ٽرين وڃڻي آهي. (جن دڳن جي نشاندهي ڪندڙ رنگن جو ذڪر مٿي ڪري آياسين) ان نقشي تي مطلُوبه اسٽيشنس جي وچ ۾ مخصُوص رنگن سان انهن رُوٽس کي رنڱي مسافر لاءِ اهو سمجھڻ آسان ڪيو ويو آهي ته هنن کي جنهن جاءِ تي وڃڻو آهي، ان جاءِ کي ويجھي اسٽيشن ڪهڙي پوندي ۽ پوءِ ان ڏانهن ڪهڙي رنگ جي ريل ويندي. ان نقشي ڀرسان ئي هڪ وينڊنگ مشين/ ”ٽڪيٽ ڪياسڪ“ (ڏوڪڙن وٺڻ واري ۽ ٽڪيٽ جاري ڪرڻ واري مشين) لڳل آهي. جنهن ۾ اوهان پنهنجي مطلُوبه اسٽيشن جو نالو انٽر ڪريو ٿا ته ان مشين تي ڊجٽس ۾ ڏوڪڙن جو انگ لکجي اچي ٿو ته هيترا ڏوڪڙ هن ۾ وجھو. ان مشين ۾ نوٽن ۽ سِڪن وجھڻ لاءِ ڌار ڌار سوراخ آهن، جنهن ۾ اوهان گھربل رقم وجھو ٿا ته اوهان جي وزِيٽنگ ڪارڊ نما ٽڪيٽ بلڪل ايئن ئي اچي ٻاهر نڪري ٿي، جيئن اي ٽي ايم مشين منجھان نوٽ نڪرندا آهن. جيڪڏهن اوهان وٽ کليا پئسا ناهن ته اصل رقم کان سواءِ رهيل بقايا رقم پڻ ان مشين مان نڪري اوهان کي ملي ٿي. اها ٽڪيٽ کڻي اوهان اڳتي وڃو ٿا ته پليٽ فارم ۾ داخل ٿيڻ واري گيٽ اچي ٿي، جيڪا بند ٿيل هجي ٿي. ان جي پاسي ۾ لڳل پينل تي اوهان اهو ڪارڊ ”سُوَيپ“ ڪريو ٿا ته ڪجهه سيڪنڊن لاءِ اها گيٽ کلي ٿي ۽ اوهان ٽپي پرئين پار پليٽ فارم ۾ داخل ٿي وڃو ٿا ۽ پوءِ اوهان جي پليٽ فارم تي اها گھربل رنگ وارِي ريل اچي ٿي، جنهن تي چڙهي اوهان پنهنجي منزل تي پهچو ٿا. اوهان کي جنهن نمبر واري ريل گھربل آهي، اها هر ٿوريءَ دير کان پوءِ اچي ٿي. وقت جو قدر ڪندڙ هن قوم وٽ جيئن ته هروڀرُو انتظار ڪرڻ جو ٽائيم به ڪونهي، تنهن ڪري هتي هر رُوٽ جي ٽرين دير ۾ دير هر 10 منٽن ۾ گذري ٿي. مصروُف رُوٽس جُو ٽرينُون ته پنجن ڇهن منٽن کانپوءِ به اچن ٿيون. ٽرين بيهڻ کان پوءَ ان جو خودڪار (پنهنجو پاڻ کلندڙ ۽ پنهنجو پاڻ بند ٿيندڙ) دروازو فقط 10 سيڪنڊ کليل هجي ٿو، جنهن دؤران لهڻ وارا لهي وڃن ٿا ۽ چڙهڻ وارا چڙهي وٺن ٿا ۽ وري ريل اڳتي جو سفر طئي ڪري ٿي. ان گھٽ وقت لاءِ دروازي کليل هجڻ جو سبب اهو هجي ٿو ته هيءَ هڪ آٽوميٽڊ (پنهنجو پاڻ هلندڙ) ٽرين آهي، جنهن جو ڪوبه ڊرائيور ڪونهي هُوندو، تنهن ڪري ان جو هلڻ توڙي بيهڻ اڳواٽ طئي ٿيل وقت ۽ پروگرام تحت ئي عمل ۾ ايندو آهي.

اسان کي جنهن اسٽيشن تان پنهنجو سفر شرُوع ڪرڻو هو، ان اسٽيشن جو نالو ”ڊيُوپونٽ سرڪل“ هو. (اصل ۾ ان نالي وارو چؤڪ هُونئن ته ان اسٽيشن کان ٿورو پرڀرو آهي، جيڪو اسان جي هوٽل جي وڌيڪ ويجھو هو، پر جيئن ته هي سمُورو علائقو ان ئي نالي سان مشهُور آهي، تنهن ڪري هن پُوري علائقي کي ”ڊيُوپونٽ سرڪل“ ئي سڏين ٿا) اسان ان آچر بازار جي ڀرسان هڪ ننڍڙي بورڊ تي ”ڊيُوپونٽ سرڪل اسٽيشن“ لکيل ڏٺو، پر ان بورڊ جي آسپاس ڪنهن به اسٽيشن جو ڪو نالو نشان ڪونه هو. ويجھو وڃي ڏٺوسين ته ان بورڊ جي ڀرسان ئي هڪ ”خود ڪار ڏاڪڻ“ (ايسڪيليٽر) هيٺ پئي ويو. ان ايسڪيليٽر تي پير رکي هيٺ وڃڻ لڳاسين ته پري کان ايئن ٿي لڳو ته جهڙوڪر هڪ اُونداهِيءَ چُر (غار) جي مُنهن ڏانهن هيءَ ڏاڪڻ لهي رهي هجي. زمين جي سطح کان اُن نظر ايندڙ چُر (غار) جو مُفاصلو به ايترو هو، جهڙوڪر اسين ٻه منزلُون هڪ ئي وقت هيٺ لهي رهيا هجُون، پر جيئن جيئن اُن ايسڪيليٽر رستي هيٺ لهندا اُن غار جي مُنهن جي ويجھا ٿيندا رهياسين، ته هڪ روشنين جو جهان نظر اچڻ لڳو ۽ ايسڪيليٽر تان پير هيٺ لاٿو ته اندر ڪنهن شاپنگ مال واري رونق نظر آئي. اهو خودڪار ٽڪيٽ گھر ان مقام جي ويجھو ئي هو، جتان اسان ايسڪيليٽر تان پير هيٺ لاٿو. مائي اينان اسان جِي سُونهي هئي، اسان پويان پويان ۽ هُوءَ اسان جي اڳيان اڳيان ٿي هلي. اسان سڀني جُون ٽڪيٽُون هن پاڻ ”ڪياسڪ“ منجھان جاري ڪرايُون. گيٽ پاس ڪرائڻ لاءِ به هُوءَ اڳيان اڳيان هلي ۽ اسين سندس پويان پويان هئاسِين. اسان سڀني گيٽ به ڪراس ڪيو. اسان جي رُوٽ واري ٽرين ان وقت پليٽ فارم تي بيٺي ئي هئي ته عين اسان ان وقت پليٽ فارم تي پهتاسين. يعني ٽرين جو 10 سيڪنڊن لاءِ کلندڙ دروازو 5 سيڪنڊ کلي باقي پنجن سيڪنڊن لاءِ اسان کي ڀليڪار ڪري رهيو هو. آءٌ ان وقت اتفاق سان يارن جي قطار ۾ سڀني کان پوئتي هئس. سڀ ساٿي چڙهي چُڪا ته منهنجي ٽرين تي چڙهڻ کان اڳ ئي دروازو بند ٿي ويو ۽ دروازو بند ٿيڻ شرط ٽرين چُرڻ شرُوع ڪيو. منهنجا ساٿي شيشي مان مُون کي اشارو ڪرڻ لڳا پر ميٽرو، پليٽ فارم تان ڇُٽڻ سان ئي تيزي پڪڙيندي آهي.. سو پڪڙي چُڪي هئي. يعني نه هُو مُون لاءِ لهي ٿي سگھيا ۽ نه مان ان ٽرين ۾ چڙهي ٿي سگھيس. آءٌ ان کان فوراً پوءِ واريءَ ٽرين تي انهن جي پويان ئي وڌ ۾ وڌ پنهنجن منٽن جي وٿيءَ سان منزل واريءَ اسٽيشن تي پهچي پئي سگھيس، پر اسان مان ڪنهن کي به ان ڳالهه جو پتو ئي ڪونه هو ته اسان کي ڪهڙي نالي واري اسٽيشن تي لهڻو آهي. نه ته آءٌ ان کان پوئينءَ ريل ۾ چڙهان ها، پر اهو به ته پتو هجي ته مُون کي لهڻو ڪهڙِيءَ اسٽيشن تي آهي. موبائيل جي امريڪي سِم مُون ورتي ڪانه هئي، جنهن رستي آءٌ مائي اينان سان رابطو ڪري سگھان، سو مُون بنا وڌيڪ سوچڻ، پريشان ٿيڻ ۽ وقت وڃائڻ جي پهريون ۽ فوري نعم البدل اختيار ڪيو ۽ ان ئي خُود ڪار ڏاڪڻ وسيلي، جنهن رستي اسين سڀ هيٺ پليٽ فارم تائين آيا هئاسين، مٿي چڙهي، ان ئي سنڊَي سبزي مارڪيٽ وٽ اچي اُتان ”نيُوزيم“ لاءِ ٽيڪسي پڪڙيم ۽ سڌو پينسلوينيا ايوينيُو تي ”نِيُوزيم“ پهتم. نيُوزيم ايڏي مشهُور جاءِ آهي جو هر ٽيڪسيءَ واري کي ازبر هُوندي، سو ٽيڪسيءَ واري دير ئي ڪانه ڪئي ۽ وڌ ۾ وڌ 10 منٽن ۾ سڌو مُون کي نيُوزيم پهچايائين. مُون پهريان نيُوزيم جي مُک دروازي تي 5 منٽ کن پنهنجي ساٿين جو انتظار ڪيو ته هُو اچن ته اسين گڏجي نيُوزيم ۾ داخل ٿيون ۽ سير ڪريُون، پر پنجن منٽن گذرڻ کان پوءِ اها اُڻ تڻ لڳي ته ايئن نه ٿيو هجي جو هُو نيُوزيم ۾ داخل ٿي گھمڻ شرُوع ڪري چُڪا هُجن. ان ڊپ کان وڌيڪ انتظار ڪري وقت وڃائڻ جو رِسڪ نه کڻندي آءٌ نيُوزيم ۾ داخل ٿيس، پر حقيقت اها هئي ته منهنجن ساٿين اسان جي ان وقت جي منزل ميٽرو اسٽيشن ”جُوڊيشري اسڪوائر“ تي لهي ڳچ وقت منهنجو انتظار ڪيو ته آءٌ انهن جي پويان واريءَ ٽرين تي ايندم، پر مائي اينان جي عقل اهو ڪم ڪونه ڪيو ته مُون کي اها خبر ڪيئن پوندي ته مُون کي لهڻو ڪٿي آهي، سو آءٌ جي ان رُوٽ واري ان کان پوءِ واريءَ ريل تي چڙهان به ها، ته پوءِ لهان ڪهڙيءَ اسٽيشن تي ها! خير! مُون نيُوزيم ۾ داخل ٿي، پنهنجن ئي پئسن مان ٽڪيٽ خريد ڪري، رسيپشن (استقباليه) کان ان پوائنٽ کان نيُوزيم گھمڻ جي شروعات ڪئي، جتي نشاندهي ٿيل هئي ته ”نيُوزيم گھمڻ هتان شرُوع ڪريو!“ اُن پوائنٽ تان هڪ ”ايسڪيليٽر“ (خودڪار ڏاڪڻ) هيٺ وڃي رهي هئي. مُون ايسڪيليٽر تي قدم رکي هيٺ سفر شروع ڪيو. ان ايسڪيليٽر جي ساڄي پاسي کان شيشا لڳل هئا، جن مان نيُوزيم جي مک داخلي دروازي طرف ٻاهر جو نظارو ٿي رهيو هو. مُون ايسڪيليٽر لهندي ٻاهر نهاريو ته مائي اينان سميت اسان جو سڄو گرُوپ ٻاهر بيٺو پريشانِيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهيو هو. مُون پڪ سمجهيو ته هي سڀ منهنجو انتظار پيا ڪن. يعني هنن ”جُوڊيشري اسڪوائر“ اسٽيشن تي لهي منهنجو انتظار الڳ ڪيو ۽ ”نِيوزيم“ جي مين گيٽ تي پهچي منهنجي واٽ الڳ تڪي رهيا هئا. آءٌ فوراً ان ايسڪيليٽر تان لهي نيُوزيم جي مک دروازي تي ٻاهر آيُم. مُون کي ڏسي سڀني ۾ ساهه پيو. مائي اينان ته ايئن ڀاڪُر وڌو، جهڙوڪر آءٌ سندس ٻار هجان ۽ هُن ڪنهن ميلي ۾ مُون کي وڃايو هجي. اندر آياسُون.. وري اهو استقباليه وارو هال، جتان ٿوري دير اڳ مُون ٽڪيٽ ورتي هئي. مائي اينان منهنجن سڀني ساٿين جُون ٽڪيٽُون خريد ڪيُون. مُون پنهنجي ٽڪيٽ جيئن ته اڳ ۾ ئي وٺي ڇڏي هئي، سو آءٌ ان وقت ٽڪيٽ جاري ڪرڻ وارن ڪائونٽرس جي سامهُون ويٺس ته مائي اينان اچي مُون کان پڇيو ته ”ٽيڪسيءَ کي ڪيترا پئسا ڏنئي؟“ مُون کيس رسيد ڏني ته هن اوترا پئسا اتي جو اتي مُون کي واپس ڪيا ۽ ”نِيوزيم“ جي ٽڪيٽ جا پئسا به هُن مُون کي اتي جو اتي ”رِي امبرس“ (Reimburse) ڪيا. هاڻي اسين سڀني گڏجي اطمعنان سان، صحافت جو هي امريڪا جو ئي نه بلڪه پُوريءَ  دنيا جو وڏي ۾ وڏو عجائب گھر ”نِيوزيم“ يعني ”نيُوز ميُوزيم“ گھمڻ شرُوع ڪيو. جنهن جو احوال ايندڙ هفتي تفصيل سان اوهان سان سليندس.

No comments:

Post a Comment