برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا
الطاف شيخ
پاڻي
جي جهازن مان جن جو گهڻو ذڪر ڪيو ٿو وڃي انهن مان هڪ ”سلفر ڪُئين“ نالي ٽئنڪر آهي
جنهن جي برمودا ٽڪنڊي ۾ غائب ٿي وڃڻ جون خبرون اسان مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾
جهازراني جي تعليم وارن ڏينهن ۾ BBC ۽ وائيس آف
آمريڪا ريڊيو تان وڏي دلچسپي سان ٻڌندا هئاسين ۽ روزانو اهو انتظار رهندو هو ته
اهو پاڻي جو جهاز اجھو ٿو ڳوليو وڃي ۽ اها برمودا ٽڪنڊي واري مِٿ ختم ٿئي. پر اهو
جهاز نه ملي سگهيو سو نه مليو .... نه سمنڊ مٿان نه سمنڊ هيٺان.
اسان کي به ان وقت کان برمودا ٽڪنڊي بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو موهه پيدا ٿيو.