Monday, December 12, 2016

سوال تاريخي ۽ تفريحي ماڳن جي سارسنڀال جو آهي - نسيم بخاري


سوال تاريخي ۽ تفريحي ماڳن جي سارسنڀال جو آهي

نسيم بخاري

آغا ثناءُ الله خان هندوستان،نيپال، ۽ آمريڪا جا سفرناما لکي چڪو آهي، پنهنجي تازي سفرنامي ڇپائڻ جي تيارين ۾ آهي. سندس قلمي نسخي کي نظر مان ڪڍندي جڏهن آءٌ هيءُ سٽون پڙهان ٿو ته جهٽ گهڙيءَ لاءِ سانت ٿي ڇائنجي وڃي. سوچڻ ٿو لڳان ته ڇا ته سٽون آهن ۽ ڪيڏي نه زبردست سوچ آهي. پاڻ لکي ٿو ته ”۱۹۶۰ع ۾ آمريڪا جي شهر اولمپڪ ويلي ۾ اسڪريٽنگ جا عالمي مقابلا ٿيا ان هڪ سرگرميءَ جي ڪري اهو علائقو اڄ ڏينهن تائين دنيا جي سياحن لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. ان هڪڙي تقريب جي رکڻ سبب ان علائقي جي تقدير بدلجي وئي. غير آباد علائقو هميشه لاءِ جيئرو ٿي ويو.


ائين ٿيندو آهي پنهنجي وطن ۽ پنهنجي علائقي سان محبت جو طريقو! پاڻ وٽ تاريخي ماڳ وڃن ٿا ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندا ڪو به پڇڻ وارو ناهي.“

اولمپڪ ويلي يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا جي ڪيلفورينيا اسٽيٽ ۾ آهي جتي اسڪريٽنگ جي عالمي مقابلن ۾ ٽيهن ملڪن شرڪت ڪئي هئي. ۽ ۶۶۵ ايٿليٽس آيا هيا. جن مان ۵۲۱ مرد ۽ ۱۴۴ عورتون هيون. انهن مقابلن جي شروعات ۱۸ فيبروري کان ٿي هئي جيڪي ۲۸ فيبروري تائين جاري رهيا هيا، انهيءَ ۱۰ روزه مقابلي جو افتتاح آمريڪا جي وائيس پريزيڊنٽ رچرڊ نڪسن ڪيو هو.

مٿي صورتحال ٻڌائي پڙهندڙن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته تهذيب يافته ۽ ترقي يافته قومون ڪيئن پنهنجي قومي سڃاڻپ ٺاهينديون ۽ ڪهڙيءَ ريت سندن سرگرميون ويران ۽ ڀڙڀانگ علائقا به آباد ڪري وينديون آهن. دنيا  ۾ اولمپڪ سٽيءَ جهڙا انيڪ مثال آهن پر اسان وٽ اهڙي نت نئين ڪنهن ريت ۽ رواج جو ٻوٽو پوکڻ ته پنهنجا جاءِ تي پر شاندار ماضي ۽ تاريخي پسمنظر رکندڙ ماڳ مڪان به وقت جي دز ۾ دٻجي وڃن ٿا، لٽجي وڃن ٿا ۽ تيزيءَ سان ميساربا پيا وڃن.

موهن جو دڙو جا ڳڻ ڳائي اسان ٿڪجي پوندا آهيون پر ان موهن جو دڙو سان رياستي سطح تي ۽ عوامي سطح تي جيڪي ويل ٿيا آهن سي ورڪن ۾ اظهارڻ کان وڏا آهن. لاڳيتو ڪالهه ڏينهن کان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ يا هاءِ ڪورٽ پاران موهن جو دڙو  تان قبضا مافيا کان جند ڇڏائڻ لاءِ هدايتن  ۽ حڪمن واريون خبرون اچي رهيون آهن. ڪامورا ڪڙا، عدالتي پيشن تي ڪوڙا سچا حوال ڪٽي هليا وڃن ٿا. پر عملي طور تي ڪو به ڪَکُ ڀڃي  ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿو ڏسجي.

موهن جو دڙو جي ڊانسنگ گرل ”سمبارا“ اڄ به هندستان جي هڪ ميوزم ۾ آهي. حڪومت ڪو خط پٽ لکي ان جي واپسيءَ لاءِ عملي طور تي ڪو سنجيده ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر ئي رهندي آئي آهي. ان حوالي سان جيڪڏهن ڪنهن وزير مشير ڪو حوال ڪٽيو آهي يا انڌي ڪاڻي ڪوشش ڪئي به آهي ته انجو به اڃا تائين ڪو لاڀ حاصل نه ٿيو آهي. نه ئي وري ڪو کڙتيل خلق ڏسي سگهي آهي.

موهن جو دڙو مان چوري ٿيل ناياب مورتين وارو معاملو پڌري پٽ هئڻ باوجود ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي. ڪيس داخل ٿيا جوابدار نامزد ٿيا پر کين اٽي ۾ لوڻ برابر به تڪليف نه آئي آهي. هنن مٿان ڪو زور بار ئي نه پيو. ته پڇا ڳاڇا وري ڪهڙي ٿي هوندي. اڄ به اسٽوپا تي ٽرڙا نوجوان موٽر سائيڪلن ذريعي ڀيل ڪندا پيا اچن.

عيد جي ڏينهن ۾ ته اهو معاملو وڏي تيزيءَ سان تاريخي آثارن کي ڀورا ڀورا ڪندي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پر مجال آهي جو ڪنهن ڪاموري ڪڙي جا ڪن کڙا ٿين. ۽ هو غلفت جي گهري ننڊ مان سجاڳ ٿي ڪنهن رستا روڪ واري راھ وٺي.

اسان جو ٿر ڪيڏو عاليشان پسمنظر رکندڙ آهي. رڻ پٽ ته هندستان ۾ به آهن پر پاڙيسري ملڪ جي رڻ پٽ ۽ اسان جي رڻ پٽ ۾ ترقين ۽ سهوليتن جي حوالي سان ڏينهن رات جو فرق آهي. اسان جي ڪارونجهر جو حسن دنيا جهان جي ڌيان جو مرڪز بڻجي سگهي ٿو. اسان رني ڪوٽ جي تاريخي حيثيت کان دنيا کي ڪيترو روشناس ڪرايو آهي. اسان جي ڪينجهر ڪيتري پذيرائي ماڻي سگهي آهي. مڪلي قبرستان کي ڪهڙو مان مليو؟ اسان جي منڇر ڍنڍ ڪيڏي مڃتا ماڻي آهي. سنڌ جي ڪوھ مري گورک هل اسٽيشن جو ڪهڙو قدر ٿيو آهي. ڪوٽ ڏيجي جا قلعا ڪهڙي ڪٿا بيان ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ڪي نه اهڙا اهڃاڻ ماڳ مڪان ۽ تاريخي حقيقتون موجود آهن. جيڪي نه رڳو پنهنجي سماج ۾ پر پوري دنيا جي لاءِ سڌ سماع وارا جواز سانڍين ٿيون، پر ڳالهه اها آهي ته انهن جي اهميت اجاگر ڪرڻ ۾ انهن کي گهربل مقام عطا ڪرڻ لاءِ اسان وٽ عملي طور تي ڪهڙا ۽ ڪيترا اُپاءَ ورتا ويا آهن. اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن تي سنجيدگيءَ سان سوچ ويچار کانپوءِ اداس ٿيڻ اڻ ٽر ٿو ٿي وڃي. پنهنجي حالتن ۽ پرڪارن جي آڌار تي  پنهنجو پاڻ کان چڙ اچڻ لڳي ٿي. اقتدار ڌڻي ته طاقت جي نشي ۾ غافل رهندا ئي آيا آهن. پر سياسي پارٽين ۽ سماجي توڙي ادبي ماڻهن به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا نه ڪيو آهي.

هتي هميشه کان هڪڙي ريت رهندي آئي آهي ته سدائين ٻين ڏانهن آڱريون کڻڻيون آهن ۽ پنهنجون لاپرواهيون ٻين جي کاتن ۾ گهڻائڻيون آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو پاڻ وٽ رڳو تخريبڪاري ئي ٿي آهي. تعميري ۽ اصلاحي ڪم اڄ به رُڪيل آهي.

ڪجهه وقت اڳ جڏهن پيپلز پارٽي جي نئين قيادت جي اڳواڻيءَ ۾ موهن جو دڙو فيسٽيول ٿيو هيو ته اها اميد پيدا ٿي هئي ته سدائين لاوارث بڻيل سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي هاڻ مالڪي ٿيندي پر سالن کان نندڻڪاڻي جو شڪار اهي ماڳ ۽ مڪان وقت سان گڏ ويتر تباهيءَ ۽ بربادي طرف ئي وڌندا آيا آهن. پيپلز پارٽي هڪ ٻين ڏينهن جي پروگرام ۾ ڪروڙين رپيا اڏائي ڇڏيا جنهن ۾ ۷۰ کان ۸۰  سيڪڙو نمائندگي لاهور جي ۽ ڪراچي جي فنڪارن جي هئي.

سنڌ جا سچا پچا ۽ مانائتا آرٽسٽ ته اٽي ۾ لوڻ برابر به مس هئا. نه رڳو ڪروڙين روپين جو زيان ٿيو پر تاريخي آثار به وڏي ڀيل هيٺ آيا.

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳن مڪانن جي زبون حاليءَ جو نوحو جيترو لکجي اوترو گهٽ آهي پر انهن سان عشق جي نتيجي ۾ دنيا جهان کان آيل سياحن سان پاڻ وٽ جيڪي جٺيون ٿينديون آيون آهن. اهي به پنهنجي ڪنڌ شرم کان هيٺ ٿيون ڪري ڇڏين. ۽ انهن واقعن کانپوءِ سنڌ ۾ سياحن جي اچڻ جا سلسلا جيتوڻيڪ بدستور جاري آهن پر گهٽيا آهن. اهي ماضيءَ جا قصا ان ڪري ياد ڏيارڻ به ضروري آهن ته جيئن مستقبل ۾ ڪن اهڙن تلخ واقعن جي رستا روڪ ٿي سگهي.

ٺٽي ۾ سيپٽمبر ۲۰۰۷ع وقت، سنڌ جي صوفين تي تحقيق لاءِ فرانس جي فلورينس سان جيڪو سلوڪ ٿيو يا پوليس ان حوالي سان جيڪا پنهنجي روايتي پت وائکي ڪئي اها ڳالهه سڄي سنڌي قوم لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ ثابت ٿي هئي. ان کان اڳ جرمن جي ايلن به تحقيق ڪرڻ آئي هئي جنهن کي درگاھ جي در وٽان ڦريو ويو. هو جڏهن ٿاڻي تي پهتي ته کيس چريو قرار ڏئي تشدد ڪري واپس موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

سنڌ ٻوليءَ تي جرمنيءَ جي محقق ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو اهو وڏو احسان آهي جو ان شاھ عبداللطيف ڀٽائي  جي رسالي کي جرمنيءَ مان ڇپرايو. جرمن فلسفي ڊاڪٽر اينيمري شمل به لڳ ڀڳ پوري حياتي سنڌ ۾ تصوف تي ڪم ڪندي گذاري آهي.

اهڙا ڪيترائي انسان سنڌ ۽ سنڌي سماج جو ڌيان جهان ڏانهن ڏياريو ۽ دنيا ۾ مان مٿائون ڪندا آيا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. پر سوال اهو آهي ته انهن لاءِ اسان جي پاران ڪيتري پذيرائي ممڪن بڻجي سگهي آهي.

فلورينس  جڏهن اسلام آباد کان ۲۶ سيپتمبر ۲۰۰۱ع تي پنهنجي ڏيهه وئي هئي ته هن ويندي ويندي ايئرپورٽ تي اهي جملا چيا هيا ته منهنجو جڏهن دنيا جي صوفين تي ڇپيل ڪتاب مهورت کانپوءِ مارڪيٽ ۾ هوندو ته ان ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي صوفين جو ذڪر نه هوندو.

لاهور ۾ ڊبل ڊيڪر بس جي ذريعي ٽوئرسٽن کي وڏي سهوليت فراهم ڪئي وئي آهي.  اوهان کي جيڪڏهن مٿي سيٽون ملي ٿيون وڃين ته انتهائي هوريان هوريان هلندڙ بس جي ڇت تان ويهي سڄي شهر جو آسانيءَ سان  نظارو ڪري سگهو ٿا. بس جتان جتان گذري ٿي ان ۾ موجود گائيڊ لائوڊ اسپيڪر ذريعي مختصر طور تي ان علائقي ۽ انجي تاريخي اهميت کان آگاهي ڏئي ٿو.

سوال اهو آهي ته اهڙا سلسلا سنڌ ۾ متعارف نه ٿا ڪرائي سگهجن ڇا؟ پاڻ مٿي سنڌ جي مختصر ماڳن مڪانن جو ذڪر ڪندا آيا آهيون. انهن کي گهربل اهميت ڏئي دنيا جهان جي سياحن کي سنڌ جي سير سفر لاءِ آماده نه ٿو ڪر سگهجي ڇا؟

سچ ته اهو آهي ته سنڌ تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن سان ايترو مالا مال آهي جو سياحت کي سڀ کان نفي بخش صنعت بڻائي سگهجي ٿو. پر ڳالهه اها آهي ته اهڙو ذهن، سوچ ۽  اهڙو خلوص ۽ حڪمرانن جو اهڙو ارادو به هئڻ گهرجي نه! ڀلا حڪمرانن تي ان حوالي سان گهڻ رخو دٻاءُ نه ٿو وڌائي سگهجي ڇا!ٰ هتان جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ان ايجنڊا کي سمجهي کڻي ته گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو.

No comments:

Post a Comment