سوئيڊن ۽ پاڪستان جي ڀيٽ جو اڀياس
Notes from Oxelosund Sweden
فقير گدا حسين شر
دنيا
جي هن نقشي تي موجود هر ملڪ جو پنهنجو پنهنجو معاشي ۽ سياسي نظام آهي. اوهان کي
ايشيا کنڊ جي ملڪن جو پنهنجو نظام ملندو، اولهه وارن ملڪن جو پنهنجو نظام ۽ قانون
ملندو. آمريڪا جو پنهنجو نظام ملندو. مطلب ته هر خطي هر ملڪ ۾ جدا جدا نظام نظر
ايندو. اولهه وارن ملڪن ۾ جتي جرمني، اٽلي، فرانس ۽ اسپين وغيره جو نظام به سڀني
اولهه وارن ملڪن وانگر ملندو، اتي انساني حقن تي ٻڌل نظام ۽ حڪومتون ملنديون، پر
انهن سڀني ملڪن کان اسڪينڊينيوين وارن ملڪن، جن ۾ سوئيڊن، ڊنمارڪ ۽ ناروي شامل
آهن، انهن جو نظام باقي اولهه جي ملڪن کان جدا ۽ مختلف آهي. ان جو سبب ئي آهي جو
اٽلي، جرمني، فرانس يا اسپين وغيره جا رهاڪو هنن ٽنهي ملڪن ڏانهن هجرت ڪندا رهن ٿا
۽ هتي روزگار ڪري پنهنجي زندگي جو گذران ڪن ٿا.
انهن
هجرت ڪندڙن مان گهڻي انگ ۾ ماڻهو سوئيڊن ۾ اچن ٿا ۽ هتان جي نظام جو حصو بڻجي وڃن
ٿا، جيئن ته سوئيڊن ۾ انساني حقن جو خيال رکيو ٿو وڃي، جنهن ڪري انساني زندگي تمام
آسان ۽ سولي ٿيو پوي. سوئيڊن ۾ تعليم مفت آهي، هر ٻار کي تعليم ڏيڻ حڪومت جو فرض
آهي. پهرين درجي کان وٺي يونيورسٽيءَ جي سطح تائين تعليم مفت آهي، هر اسڪول ۾
ويندڙ ٻار کي رياست پڙهائي الائونس به ڏئي ۽ ان کي کاڌي کارائڻ جو انتظام به اسڪول
۾ هوندو آهي. اسڪول تائين پهچڻ لاءِ مواصلات به حڪومت جي ذمي آهي. شاگردن کي
خريداري کان وٺي ڪراين ۽ کائڻ پيئڻ ۾ ۲۰ کان ۵۰ سيڪڙو جي ڇوٽ هوندي آهي. عام بسن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ واسطيدار ٽائون ڪميٽي
(ڪميونِ (Kommun ڪارڊ ڏيندي آهي. اُهي ڪارڊ
شاگردن کي سندن اسڪول ڏيندا آهن.
اسڪولن
۾ ٻارن کي ايذاءُ ڏيڻ تي پابندي آهي، ڪو به استاد ٻار کي رڙ يا دڙڪو به ڏئي نٿو
سگهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻار استاد جي شڪايت ڪئي ته واسطيدار ٽائون ڪاميٽي جو آفيسر ان
استاد کي گهرائي ان جو سبب پڇا ڪندو. اهڙو ئي وري خانداني نظام ۾ به آهي. ننڍي ٻار
کي پيءُ يا ماءُ، ڀاءُ يا ڀيڻ ڪا به سزا نٿا ڏئي سگهن، جنهن ڪري استاد توڙي پيءُ
ماءُ، ڀاءُ ڀيڻ سڀئي ان شيءِ جو خيال رکندا آهن ته جيئن ڪا قانون جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.
ان
قانون جي ڪري هتان جو ٻار آزاد ۽ بي خوف هوندو آهي. ان جي معصوميت قائم رهندي آهي.
هتان جو ٻار ڪڏهن به روئندي نظر نه ايندو، ڇا لاءِ ته ان کي ڪو به ايذاءُ يا سزا
جو ڀؤ نه هوندو آهي. شاگرد استاد سان ۽ اولاد پيءُ ماءُ سان دوستيءَ جي ناتي ۾
رهندو آهي. اسڪول ۾ ڪو به شاگرد جڏو يا ڊفر نه هوندو آهي، ٻار کي پڙهائڻ جو اهڙو
ته دوستاڻو ماحول هوندو آهي جو ٻار نه چاهيندي به اسڪول ويندو آهي، ڇو جو ان کي
اسڪول ۾ ڀؤ ۽ ڊپ بدران پيار ملندو آهي ۽ پنهنجي مقرر وقت منجهند جي ماني ڏني ويندي
آهي، ٻار کي ڪڏهن به ڊيڄاريو نه ويندو آهي، جنهن ڪري ٻار ۾ ان جون موجود صلاحيتون
ظاهر ٿينديون آهن. ٻار کي ڪو به ڳرو ٿيلهو نه کڻايو ويندو آهي. ٽيوشن وغيره جو ته
ڪو سوچي به نٿو سگهي.
جهڙي
طرح سان تعليمي نظام آهي، ان ئي طرح سان طب جون سهولتون به مفت آهن. هر ٽائون
ڪاميٽيءَ کي پنهنجي اسپتال آهي، ان اسپتال ۾ بنيادي سهولتون موجود هونديون آهن،
اوهان جيڪڏهن بيمار ٿي ٿا پئو ته اوهان واسطيدار اسپتال کي فون ڪندا، جيڪڏهن اوهان
سخت بيمار آهيو ته اوهان لاءِ ايمبولينس گاڏي ٻن نرسن سميت ۽ مڪمل سامان ۽ دوائن
سان در تي پهچي ويندي. مريضن جي ابتدائي چڪاس ڪري ۽ شروعاتي طبي مدد ڏيڻ کانپوءِ
ان کي وڏي اسپتال ۾ پهچايو ويندو.
شهر جي
ٽائون ڪاميٽي جي اسپتال ۾ هر قسم جو ڊاڪٽر
هوندو آهي، اهو مريض کي چڪاسي ۽ ان جون گهربل ۽ ضروري ٽيسٽون ڪندو. هتان جي خاص
ڳالهه آهي ته هتي اينٽيبايوٽڪ دوا ڊاڪٽر جي لکڻ کانسواءِ نه ملندي آهي ۽ نه ئي وري
ڊاڪٽر اينٽي بايوٽڪ دوا لکندو آهي اُها دوا به ضروري ٽيسٽن کانپوءِ ڏني ويندي آهي.
هتي جيڪڏهن ڪنهن انسان کي زڪام، کنگهه يا بخار ٿي پوي ته ڊاڪٽر ڏسي مشورو ڏيندو
آهي ته ڪنهن به دوا جي ضرورت ناهي ۽ اُهو مريض کي گهر ۾ رهڻ جي هدايت ڪندو آهي ته
ٽي چار ڏينهن گهر ۾ آرام ڪريو، اها کنگهه، زڪام يا بخار پاڻمرادو ختم ٿي ويندو ۽
اهو اسان جو به آزمايل آهي ته اُهي ٽيئي شيون بنا ڪنهن دوا جي ٽن ڏينهن کانپوءِ
ختم ٿي وينديون آهن، پر جيڪڏهن ڪجهه بيماري وڌيڪ آهي ته ڊاڪٽر ڪمپيوٽر ذريعي دوا
لکي ميڊيڪل اسٽور ڏانهن موڪلي ڇڏيندو آهي. مريض ميڊيڪل اسٽور ۾ ويندو آهي ۽ اتي
پنهنجي نمبر جي پرچي کڻندو ۽ وارو اچڻ تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر ڏيکاريندو ته ان
کي دوا ملندي ۽ ان جي قيمت ڏيڻي پوندي. ميڊيڪل اسٽور ۾ ڪجهه دوائون جهڙوڪ پيراسٽا
مول وغيره ڊاڪٽر جي لکڻ کانسواءِ ملن پر وڌيڪ اوچيون دوائون نه ملنديون، اهي ڊاڪٽر
جي لکڻ تي ملنديون آهن.
دوائون
ايتريون ته اثر رکندڙ هونديون آهن جو هڪ ٻه دفعو کائڻ سان مرض ختم ٿي ويندو آهي ۽
باقي دوا بچي پوندي آهي. دوا بچڻ جو سبب اهو آهي ته اُها ملاوٽ کان پاڪ هوندي آهي،
جنهن ڪري جلد ئي اثر ڏيکاريو ڇڏي، پر جڏهن انسان وڏين اسپتالن ۾ ويندو آهي ته
مريضن جي مالڪن کي خبر ئي نه هوندي آهي ۽ خودبخود مريض جي دوا هلندي آهي، هتان جو
ڊاڪٽر به ڊاڪٽر ئي آهي، ان کي پنهنجي پيشي سان پيار ۽ ان جي ذميواري محسوس ٿيندي
آهي. هتان جون نرسون به ڊاڪٽر جيتري ئي ڄاڻ رکن ٿيون، بلڪه ڊاڪٽر ۽ نرس ويهي،
ويچار ڪري گڏجي مريض جو علاج ڪن ٿا.
منهنجي
اتفاق سان خيرپور مان آيل هڪ ڊاڪٽر سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هو ذات جو ٻروچ هيو
۽ سوئيڊن ۾ مستقل شهريت حاصل ڪئي اٿائين، مون ڳالهين ڳالهين ۾ کانئس پڇيو ته ڊاڪٽر
صاحب ڏيو خبر هتي اوهان جي نوڪري ڪيئن پئي هلي؟ هن چيو ته هتي ڊاڪٽري پيشو تمام
ڏکيو آهي!؟ ڇا لاءِ ته هتي ڊاڪٽر جي ذميواري آهي، جيڪڏهن مريض کي ڪا غلط دوا لڳي
وئي ته سڄو ڏوهه ڊاڪٽر تي ايندو آهي. هن چيو ته آئون هتي پنهنجي ڊاڪٽري نرس جي
مشوري کانسواءِ نه هلائيندو آهيان. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هتان جي نرس اسان کان وڌيڪ
علم ۽ ڄاڻ رکي ٿي. منهنجي سوال تي ته پوءِ اوهان خيرپور ميرس ۾ ڪيئن ڪم هلائيندا
هئا؟ هن وراڻيو ته الله معاف ڪري مان سول اسپتال خيرپور ۾ ٻه ٽي ماڻهو ماري چڪو
هيس. هن جي مطابق ته اتي ڪير آهي پڇڻ وارو، وڌ ۾ وڌ مريض جي مالڪن کي اهو چئي خوش
ڪبو آهي ته ”بابا جيڪا مالڪ جي مرضي ۽ مرحوم جي زندگي ايتري هئي. ان ۾ ڇا ٿو ڪري
سگهجي.“
هتي
ڊاڪٽرن وٽ وقت آهي، مريض کان ايترو وقت وٺندا آهن جو مريض خوش ٿي ويندو آهي. هتي
ڪنهن جي به خانگي اسپتال ناهي، ڪنهن جو به خانگي ميڊيڪل اسٽور ناهي. هتان جي ماڻهن
جي زندگي سراسري طور تي ۸۰ سال
آهي. عام ماڻهوءَ جي رٽائرمينٽ جي عمر جي حد ۶۷ سال آهي. ۶۷ سال کانپوءِ هن کي پينشن ملندي
آهي. اُها پينشن هر ماڻهو کي ملندي آهي، پوءِ ڀل اُهو نوڪري ڪندو هجي يا نه، عمر
جي ان حد کانپوءِ ان کي پينشن ملڻي ئي ملڻي آهي. هتي گهرن ۾ پاڻي پهچائڻ جو جوڳو
نظام آهي، جنهن ۾ گرم ۽ ٿڌو پاڻي شامل آهي. ٽوٽيءَ جو پاڻي پيئڻ جي لائق هوندو
آهي، اُهو ايترو ته صاف ۽ شفاف هوندو آهي جو ڪنهن به بازاري منرل واٽر جي ضرورت
ناهي. اسپتال هجي يا گهر، هوٽل هجي يا اسڪول، هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين صاف پاڻيءَ
جو معيار هڪ جهڙو هوندو آهي.
هت
جيئن ته ٿڌ تمام گهڻي پوندي آهي، تنهن ڪري گهرن ۾ گرمائش جو به جوڳو انتظام آهي،
جيئن ٿڌ وڌندي ويندي ته اندر گهرن ۾ به گرميءَ جو درجو ان مطابق وڌندو. گهر کان
ٻاهر ڀلي گرميءَ جو درجو ڪاٽو ويهه سينٽي گريڊ هجي، پر اندر اوهان کي سردي نه
ٿيندي.
هتي
سوئيڊن ۾ ماحولياتي آلودگي زيرو آهي، هتي ماڻهو ڪارن ۽ گاڏين هوندي به سٺي موسم ۾
سائيڪل تي سفر ڪندا آهن. ڪنهن به ماڻهو کي ٻاهر دونهون ڪرڻ جي اجازت ناهي، نه ئي
وري باهه ٻارڻ جي. هتي جهنگل مان وڻ ڪٽڻ جي سخت سزا آهي. ڪو به ماڻهو اهڙي غلطي
نٿو ڪري ۽ نه ئي وري ان کي اهڙي ڪا وڻ ڪپڻ جي ضرورت ٿي پوي. هتان جي ماحول کي صاف
رکڻ لاءِ بسون بائيو گيس تي هلايون وڃن. ريل گاڏين جو نظام بجليءَ تي هلندو آهي،
ڪا به ڪار يا گاڏي انجڻ پاس ٿيڻ کانسواءِ روڊ تي نٿي هلي سگهي.
سوئيڊن
۾ دڪان تان سودو خريد ڪرڻ وقت پلاسٽڪ جي ٿيلهي پئسن سان خريد ڪرڻي پوندي آهي. ان
جي ڪري ته جيئن ان پلاسٽڪ ٿيلهي کي بيدرديءَ سان اڇليو نه وڃي ۽ اها ئي هڪ ٿيلهي
ڪيئي دفعا استعمال ڪري سگهجي ٿي. هر ٽائون ڪميٽي پنهنجي حد جي تعليم، صفائي، صحت،
روڊن ۽ رستن جي ذميوار هوندي آهي، ايتري تائين جو پوليس به ان جي هوندي آهي.
علائقن ۾ صفائي جو جوڳو انتظام آهي. پنجن اٺن گهرن جي لاءِ صاف سٿرا گند جا ڪنٽينر
رکيل هوندا آهن ته هي پلاسٽڪ، شيئي، گتي، ڪاغذ، لوهه يا بيٽري سيلن جو آهي. هتي ڪو
به شڪاري يا ڀنگي نه آهي، پنهنجي وقت تي گاڏيون اينديون آهن ۽ جدا جدا قسم جو گند
جدا جدا گاڏي کڻي ويندي آهي ۽ ان کي وري ٻيهر استعمال ۾ آندو ويندو آهي. شيشو،
گتو، ڪاغذ يا ڌاتو واسطيدار ڪارخانن ۾ موڪليو ويندو آهي، باقي عام ڪچرو جنهن ۾
بچيل کاڌو وغيره بجلي پيدا ڪرڻ جي استعمال ۾ ايندو آهي.
سوئيڊن
۾ بجلي ۲۴ ڪلاڪ ميسر هوندي آهي. بجلي سج
جي توانائي ۽ هوا مان به حاصل ڪئي ٿي وڃي. گهرن ۾ يا هوٽلن ۾ رڌ پچاءَ بجلي تي ٿو
ڪيو وڃي. رڌ پچاءَ جا چلها به بجليءَ تي هلن. سوئيڊن ۾ پوسٽ آفيس جو نظام تمام
بهتر آهي. هتي هر ڳالهه پوسٽ جي خط ذريعي ٻڌائي ويندي آهي. پوءِ اُهو کڻي بجليءَ
جو بل هجي يا ڪنهن اداري ۾ ڪنهن گڏجاڻيءَ جو، اُهو اطلاع اوهان کي ڊاڪ ذريعي ڏنو
ويندو.
مطلب
ته رياست عوام جي خادم آهي ۽ هر هڪ اداري جي اها ڊيوٽي آهي ته اُهو پنهنجي پنهنجي
ڪم کي ان جي ضرورت مطابق ڪري. هت نه خوشامد آهي نه وڏيرو آ! نه پير آ، نه ئي وري
امير آهي. هتان جو وزير ريل ۾ به سفر ڪندو آهي ته بس ۾ به. اداري کان ٻاهر نڪرندو
ته ڄڻ ڪو عام ماڻهو ٿو وڃي.
وڏي
ڳالهه اها آهي ته هت نه ڪو سر (Sir) آ نه ڪو
سائين. هتي جي نوڪريءَ جي گهرج به اها هوندي آهي ته تون ماڻهن سان ڪيئن پيش ايندو
آهين. آيا تون انسان دوست آهين يا ڪاوڙيل ۽ اناپرست. جڏهن ڪا نوڪري جي گهرج هوندي
آهي ته ان ۾ سڀ کان پهرين گهُر اها ڪندا آهن ته اسان کي اهڙو ماڻهو گهرجي، جيڪو ڪم
جي دوران ٻئي ماڻهو جي مشڪل کي حل ڪرڻ ڄاڻي ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي.
هتي رشوت جي شرح ٻڙي آهي، ڪو به ڪنهن کان جائز ڪم ڪرڻ جي عيوض ڪا به گهر نٿو ڪري
سگهي. هتي کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪرڻ جو سوچي ئي نٿو سگهجي. سوئيڊن دنيا ۾ هڪ
بهترين ملڪ آهي، جنهن جو هر ڪم انسان جي خدمت لاءِ آهي. شال اسان جو ديس پاڪستان
به اهڙو بڻجي وڃي....!!!
No comments:
Post a Comment