Saturday, December 17, 2016

برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا - الطاف شيخ


برمودا ٽڪنڊي ۾ درپيش آيل ڪجهه حيرت انگيز حادثا

الطاف شيخ

پاڻي جي جهازن مان جن جو گهڻو ذڪر ڪيو ٿو وڃي انهن مان هڪ ”سلفر ڪُئين“ نالي ٽئنڪر آهي جنهن جي برمودا ٽڪنڊي ۾ غائب ٿي وڃڻ جون خبرون اسان مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ جهازراني جي تعليم وارن ڏينهن ۾ BBC ۽ وائيس آف آمريڪا ريڊيو تان وڏي دلچسپي سان ٻڌندا هئاسين ۽ روزانو اهو انتظار رهندو هو ته اهو پاڻي جو جهاز اجھو ٿو ڳوليو وڃي ۽ اها برمودا ٽڪنڊي واري مِٿ ختم ٿئي. پر اهو جهاز نه  ملي سگهيو سو نه  مليو .... نه سمنڊ مٿان نه سمنڊ هيٺان. اسان کي به ان وقت کان برمودا ٽڪنڊي بابت معلومات حاصل ڪرڻ جو موهه پيدا ٿيو.


— هڪ ٻئي جهاز يعني پاڻي واري جهاز Scorpion (وڇونءَ) نالي جي گم ٿيڻ جي خبر اسان کي تڏهن پيئي جڏهن اسان ايم وي اباسين نالي جهاز تي پهريون سفر ڪري رهيا هئاسين. جنهن بابت شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته ان سفر بعد اباسين جهاز پنهنجي هوم پورٽ ڪراچي وٽ ٻڏي ويو. جنهن جو ڍانچو بعد ۾ سمنڊ مان ڪڍيو ويو هو. پر برمودا ٽڪنڊي ۾ جهازن جي گم ٿي وڃڻ جو ئي ٻڌجي ٿو يا سامهون ٻڏندو به نظر اچي ٿو ته ان جو ڍانچو سمنڊ اندر اهڙو غرق ٿيو وڃي جو ڳولهي نٿو لڀي. هن جهاز تي ۹۹ ماڻهو سوار هئا. هڪ جو به لاش هٿ نه آيو. اهڙي طرح Mary Celeste نالي پاڻي جو جهاز اسڪارپين جهاز کان اٽڪل هڪ سؤ سال اڳ ۱۸۷۲ ۾ ان ساڳي هنڌ تي غائب ٿي چڪو هو جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو اهم ۽ مـشهور جهاز هو جيڪو سڙهن ۽ چپوئن تي هليو ٿي.

— برمودا ٽڪنڊي ۾ هر وقت عجيب حالتون پيش ٿينديون رهيون آهن. ڪڏهن ته جهاز غائب ٿيڻ بدران ان ۾ موجود ماڻهو (مسافر ۽ عملو) غائب ٿي وڃن ٿا. هڪ جهاز نيو يارڪ (آمريڪا) کان جنيوا (اٽليءَ) لاءِ Sail ڪيو. برمودا ٽڪنڊي ۾ هو پنهنجي واٽ کان ٿڙيل هڪ هنڌ بيٺل نظر آيو .... منجھس هڪ انسان به موجود نه هو. جهاز جي ڳولا وارن بيٺل جهاز تي چڙهي سوار ماڻهن جون ڪئبنون ڏٺيون ته اتي انهن جي هر شيءِ موجود هئي .... ڪپڙن گندين کان پئسن ڏوڪڙن تائين. جهاز جي اسٽور روم ۾ کاڌي خوراڪ جي به کوٽ  نه هئي. جهاز جا ڦاٽل سڙهه ڏسي اهو ضرور لڳو ته هي جهاز ڪنهن طوفان جي لپيٽ ۾ اچي ويل آهي پر جڏهن جهاز جو ”لاگ بڪ“ ڏٺو ويو ته ان ۾ ڪنهن به اهڙي ڳالهه جو ذري برابر به انديشو نظر نه آيو. هر شيءِ نارمل هلي رهي هئي.

هتي انهن پڙهندڙن لاءِ جن جو پاڻي جي جهازن سان واسطو ناهي انهن جي معلومات لاءِ لاگ بڪ (Log Book) بابت ڪجهه لکڻ ضروري ٿو سمجھان. ڪنهن هوائي جهاز جو حادثو ٿئي ٿو ۽ ٻڌائڻ واري ڪا پهر نٿي رهي ته ان ڀڳل يا سڙيل هوائي جهاز مان بلئڪ باڪس ڪڍي وڃي ٿي جيڪا دراصل ٽيپ رڪارڊر وانگر آهي جنهن ۾ جهاز جي انجڻين جي آواز کان علاوه ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل پائلٽ ۽ ”ڪو پائلٽ“ وغيره جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه يا ٻئي هوائي جهاز، ايئرپورٽ يا ٽاور سان ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ٿيل ملي ٿي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جهاز جي ڪنهن انجڻ ۾ خرابي ٿي، باهه لڳي يا ڪنهن اغوا ڪار يا دهشتگرد اچي ڊيڄاريو، ڌمڪايو.

بلئڪ باڪس جو سلسلو ته هاڻ پنجاهه سٺ سالن کان شروع ٿيو آهي ۽ بين الاقوامي قاعدي قانون موجب ان جو هر جهاز تي هجڻ ضروري آهي. پاڻي جي جهازن جي ڄاڻ لاءِ صدين کان اهو رواج هلندو اچي ته جهاز جو ڪئپٽن روز مرهه جي خبر چار ڊائري جي صورت ۾ لکندو رهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ توڙي اڄ به، جيتوڻيڪ ان لاءِ ڪو قومي يا بين الاقوامي قانون ناهي پر اهو شروع ۾ هڪ فئشن هوندو هو ۽ هاڻ جهاز جي مالڪ يا ڪمپني طرفان ضروري ڪيو ويو آهي. ويندي اڄ کان پنج صديون کن اڳ جڏهن ڪرسٽافر ڪولمبس سڙهن وارن ڪاٺ جي ٻيڙن ذريعي آمريڪا جو سفر ڪيو هو ته ان وقت به هن سفر جي روز مرهه جي ڊائري لکي هئي. ان مان ئي ته خبر پئي ته پهرين سفر ۾ برمودا ٽڪنڊي واري علائقي مان لنگهندي هن کي باهه جو گولو نظر آيو ۽ ان ڊائريءَ ۾ هن ان سمنڊ جي حصي بابت لکيو آهي ته هن جي جهاز تي موجود سڀ قطب نمائون (Compasses) غلط readings ڏيڻ لڳيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان وقت هن درويش کي هن سمونڊ ۾ ڪنهن غيبات يا منجھائيندڙ حالتن بدران لڳو ته سمنڊ ۾ چانديءَ جا انبار موجود آهن جنهن ڪري هن جي قطب نما جي سئيءَ تي اثر ٿئي ٿو .... هن پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو آهي. هتي آئون اهو به لکندو هلان ته چانديءَ يا سون ڪري ته ايترو نه پر لوهه جي کاڻين ڪري قطب نما جي Magnetic Needle تي اثر ضرور پئجي سگهي ٿو ۽ اڄ به اها Phenomena عام آهي ۽ اڄ جا ماڊرن جهاز هلائيندڙ به ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکي ڪمپاس (قطب نما) جي ٿيڙ (deviation) کي صحيح ڪندا رهن ٿا ۽ رستي ۽ جهاز جي صحيح پوزيشن معلوم ڪرڻ لاءِ حساب ڪتاب ڪيل variation کي واڌو ڪاٽو ڪندا رهن ٿا.

بهرحال اڄ به هر جهاز تي ڊائري لکي وڃي ٿي ۽ آئون به جيڪي ڏهه ٻارهن سال سمنڊ تي رهيس اها maintain ڪندو رهيس پر ان کي ڊائري بدران ”لاگ بڪ“ سڏيون ٿا .... ۽ ڏينهن ۾ هڪ دفعو لکڻ بدران هر چئين چئين ڪلاڪن بعد لکيو وڃي ٿو. اڳ ۾ جڏهن جهاز انجڻ بنا فقط سڙهن تي هلندا هئا ته اهو لاگ بڪ ڪئپٽن ۽ ان جا ساٿي نيويگيٽر لکندا هئا ته گذريل چئن ڪلاڪن ۾ ههڙي موسم هئي (جھڙ هو، مينهن پئي پيو، تيز هوا هئي)، سمنڊ جي هيءَ حالت هئي (ننڍيون ڇوليون، وڏيون لهرون يا بلڪل ماٺو هو)، فلاڻو يا فلاڻو خلاصي بيمار هو کيس هيءَ دوا ڏني ويئي، جهاز جي فلاڻي يا فلاڻي شيءِ ڀڄي پئي جنهن کي چِپيءَ (واڍي) ٺيڪ ڪيو، پيئڻ لاءِ هيترا گئلن پاڻي بچيو آهي .... وغيره وغيره.

جيئن ئي انجڻيون ايجاد ٿيون ۽ جهاز ٻاڦ جي انجڻ تي ۽ ان بعد ڊيزل ۽ نيوڪليئر پاور تي هلڻ لڳا ۽ جهاز تي نيويگيٽرن سان گڏ مئرين انجنيئر به رهڻ لڳا ته انجڻ روم لاءِ الڳ لاگ بڪ رکيو ويو جنهن ۾ چئن چئن ڪلاڪن بعد ان واچ (ڊيوٽي) جو مئرين انجيئر رپورٽ لکڻ لڳو .... جيڪا گهڻو ڪري جهاز جي مختلف انجڻين جي ٽيمپريچر ۽ پريشر کان علاوه هن طرح جي هوندي آهي:

بجلي جي لوڊ وڌڻ ڪري هڪ ٻيو جنريٽر به هلايو ويو.

بئالر جو پريشر Maintain ڪيو ويو.

انجن روم ۾ گڏ ٿيل پاڻي بِلج پمپ ذريعي سمنڊ ۾ نيڪال ڪيو ويو.

فريش واٽر ايووپريٽر سمنڊ جي پاڻيءَ مان ۳ (ٽي) ٽن مٺو پاڻي ٺاهيو.

منجھند جي مانيءَ لاءِ بورچيءَ ڪولڊ اسٽوريج کولي ٻه ٻڪريون ڪڍيون.

فلاڻي يا فلاڻي مشين مان هن قسم جو لڳاتار يا رکي رکي آواز اچي رهيو آهي جنهن تي نظر رکڻ ضروري آهي.

چئن ڪلاڪن ۾ جهاز جي پنکي جي رفتار هيترا RPM رهي .... وغيره.

برمودا ٽڪنڊي ۾ جڏهن به ڪو ماڻهن بنا بتال (wondering) جهاز مليو آهي ته ان جا لاگ بڪ چيڪ ڪرڻ سان ڪنهن به اهڙي ڳالهه جو clue نه مليو آهي جنهن مان چئي سگهجي ته جهاز خطري ۾ هو ۽ نه ان جو انومان نظر آيو آهي ته جهاز تي چور (قزاق) چڙهي آيا جن ڦرلٽ ڪري ماڻهو ماري سمنڊ ۾ ڦٽا ڪري ڇڏيا .... پر جي ڦٽا ڪيا ته ڪنهن هڪ جو ته لاش ملي. ۽ ٻي ڳالهه ته خلاصين ۽ مسافرن جون ڪئبنون چيڪ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هر شيءِ قيمتي ڪپڙن کان ڳهه ڳٺا ۽ پئسا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي موجود هئا. لاگ بڪن مان اها به خبر پيئي ٿي ته نه موسم خراب هئي نه سمنڊ ۽ ساڳي وقت نه انجڻ ۾ خرابي هئي ۽ نه باهه جو انديشو جنهن جي خوف کان جهاز وارا جهاز تي موجود لائيف بوٽ کي سمنڊ ۾ لاهي ان تي سوار ٿي هليا ويا هجن .... وڏي ڳالهه ته اها لائيف بوٽ ته جهاز تي ئي موجود هئي!

برمودا ٽڪنڊي ۾ گم ٿي ويل جهازن ۾ هڪ ته آمريڪن نيوي جو تمام وڏو ڪئريئر جهاز USS-Cyclops آهي جنهن آمريڪا ۽ دنيا کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو. ڏٺو وڃي ته پاڻيءَ جو جهاز ڪو کَٽَ جيڏو ننڍو ته نٿو ٿئي جنهن کي وڏي وهيل مڇي ڳڙڪائي وڃي! هو ڏهه ٻارهن بنگلن جي ڊگهي گهٽيءَ جيڏو ٿئي ٿو جيڪو سمنڊ جي تري ۾ وڃڻ بعد به ڳولي لهي سگهجي ٿو ۽ هونءَ به گذريل ستر اسي سالن کان هر جهاز ۾ SOS (ايس او ايس) جو سگنل جو اوزار فٽ ٿيل آهي جيڪو جهاز  ٻڏڻ سان ايس او ايس (Save Our Souls) سگنل ڏيڻ شروع ڪري ٿو ۽ سوين ميلن اندر سڀني جهازن ۽ بندرگاهن ۾ ان خطري (سگنل) جي ڳاڙهي بتي ۽ الارم وڄڻ شروع ٿئي ٿو ۽ جهازن وارا توڙي بندرگاهه وارا ان سگنل ملڻ سان ان تڪليف ۾ آيل جهاز جي مدد لاءِ اوڏانهن روانا ٿين ٿا. ياد رهي ته سگنل سان گڏ جهاز جي Position به display ٿيندي رهي ٿي ته اهو ڪهڙي ويڪرائي ڦاڪ يا ڊگهائي ڦاڪ تي ٻڏي رهيو آهي يا ٻڏي چڪو آهي جيئن اتي پهچي ان جهاز جي ماڻهن کي بچائجي. پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ ٻڏندڙ جهاز جو ڪو به سگنل نه مليو آهي .... جيڪڏهن ڪنهن جهاز پري کان ٻئي جهاز کي ٻڏندو ڏٺو آهي ته ان جي ويجھو پهچڻ تي هن کي ڪا شيءِ نظر نه آئي آهي .... نه جهاز نه ماڻهو .... نه سمنڊ مٿان نه سمنڊ هيٺ!

برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ مان جهازن جي غرق ٿيڻ جون جِتي ٻيون theories پيش ڪيون پئي ويون اتي اها ٿيوري به رکي رکي مشهوري ماڻيندي رهي ته ڪنهن ٻي سياري تان مخلوق هن ٽڪنڊي مٿان پهتي ٿي جيڪا جادوءَ جي زور تي يا پاڻ سان آندل مشينري ذريعي سمنڊ تي ترندڙ يا هوا ۾ اڏامنڊڙ جهاز کي پاڻ ڏي چوسي ورتو ٿي. اها ته ڳالهه صدين کان  هلندي اچي ته ڪڏهن ڪڏهن ٻين سيارن تان مختلف مشينن ذريعي اتي جي مخلوق هن ڌرتيءَ تي گهمڻ لاءِ اچي ٿي جنهن لاءِ انگريزي ۾ لفظ يو ايف او (UFO) استعمال ٿئي ٿو يعني Unidentified Flying Objects آسمان ۾ چٽيءَ طرح يا ڌنڌلي طرح نظر ايندڙ هنن شين لاءِ اڪثر چيو وڃي ٿو ته انهن جي شڪل ٿالهين جهڙي آهي ان ڪري UFO کي اڙدو ۾ اڙن طشتريان يعني اڏامندڙ ٿالهيون به سڏيو وڃي ٿو. بهرحال هي UFO جو مسئلو يا myth به ائين آهي جيئن جل پرين جي! صدين کان ڪي ماڻهو چون ٿا ته اسان کي نظر آيون پر ثبوت طور ڪو به انهن کي حاصل ڪري ٻين کي ڏيکاري نه سگهيو آهي. اهڙن عنوانن تي ڪيترائي ڪارٽون، ڪهاڻيون ۽ فلمون ٺاهيون ويون آهن.

برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ ۾ ٿيندڙ جهازن جي حادثن يا انهن جي غائب ٿي وڃڻ لاءِ هڪ اها ٿيوري به پيش ٿيندي رهي آهي ته برمودا ٽڪنڊي واري سمنڊ هيٺ ڪٿي ڪٿي ايڏيون ته اونهيون غارون ۽ چُرون آهن .... يعني ڪٿي ڪٿي سمنڊ يڪدم ايترو ته اونهو ٿيو وڃي جو ان هنڌ تي ٿيندڙ ڇڪ (Suction) ۾ جهاز ان اندر گهلجيو وڃن ۽ هميشه لاءِ غرق ٿيو وڃن.

No comments:

Post a Comment