سر جان جيڪب جي شهر مان...
مير اعظم علي ٽالپر
اسان
جي ملڪ ۾ ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن جي تاريخي حيثيت کي نظريه ضرورت تحت وقت به وقت
پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي تبديل ڪيو ويو آهي. البته انهن جي جاگرافي لحاظ کان ڪاٽا
پيٽي کڻي نه به ڪئي وئي هجي، پر سندن نالن جي سڃاڻپ واري شڪل سان هٿ چراند ضرور ٿيندي
رهي آهي، ان لاءِ ڪڏهن مذهب جو بهانو بڻائي ان جو سهارو ورتو ويو آهي ته ڪڏهن وري
پراڻي دور کي نئين زماني جو حوالو ڏئي نئون رنگ روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان ۾
ڪيترن ئي شهرن جا نالا بگاڙيا ويا آهن، پر تاحال جيڪب آباد ۽ ڪوئيٽا روڊ جي مسيحي
قبرستان ۾ هڪ پڪي سنگ مرمر واري وڏي قبر ۾ ابدي ننڊ ستل ”سر جان جيڪب“ جي نالي پٺيان
اصلي نالي خان ڳڙهه وارو شهر ”جيڪب آباد“ اڄ به جيڪب آباد جي صورت ۾ سنڌ جي نقشي ۾
موجود بيٺو آهي. عام طور Jan لکيو ويندو
آهي، پر سندس آخري آرامگاهه مٿان نالي جي اسپيل ڪجهه هن طرح سان لکيل آهي "Jhon" بهرحال في الحال خان ڳڙهه مان جيڪب آباد بڻيل جيئن جو تيئن
نالن جي ڦيرڦار کان محفوظ رهيو آهي. حالانڪه سرجان جيڪب وارو هي قبرستان ڪراچي
واري گُورا قبرستان جهڙو قطعي نه آهي. سر جان جيڪب جي قبر تي وڃڻ جو محض اتفاق ٿيو
هو، ور نه
ميرن سان انگريزن جي مختلف لڙاين سبب دل ٿي چاهيو ته ڪنهن انگلش مين (گوري) جي قبر
تي حاضري ڀرجي، پر ميرن ۽ انگريزن جي جنگن ۾ ميرن جي شڪست جا سبب مختلف بيان ڪيا وڃن
ٿا.
جيڪب
آباد ضلعي ۾ تعلقو ٺل به وڏي اهميت رکندڙ آهي، جتي روايت ۽ بغاوت جو شاعر عبدالڪريم
گدائي پيدا ٿيو. اپر سنڌ ۾ فرنٽيئر نالي سان مشهور هن ضلعي ۾ مسلسل هلندڙ هارس ۽ ڪيٽل
شو دنيا ۾ مشهور آهي. ورهاڱي کان اڳ هتان هڪ رسالو سنڌو نڪرندو هو، جنهن لاءِ
بولچند، وسومل، ماڌو داس، شوالو مل، نچڻائي، نانڪ ٽي غريب، ريجهارام، مينهون ملهه
آسراڻي، شيوا رام ڀاڳچند، لالا جيئند رام، برڪت آزاد، قادر بخش سومرو حقير ’ثم‘
’بشير‘ وغيره، پر تقسيم کانپوءِ جيڪي نالا منظرعام تي آيا، انهن ۾ سنڌي فلمن جي ٻي
دور ۾ فلم شهروفيروز کان شاعر رشيد احمد لاشاري، (60 ڪتاب) نواز علي شوق (40 ڪتاب)
شعبان بخت (10 ڪتاب) فيض بخشاپوري (4 ڪتاب) ڊاڪٽر داد محمد خادم (8 ڪتاب) غلام نبي
سڌايو (9 ڪتاب) غلام رسول ڪلهوڙو (5 ڪتاب) آغا محمد اسماعيل پٺاڻ (3 ڪتاب) نياز سرڪي
(3 ڪتاب) عبدالقيوم سنڌي پروفيسر ام القريٰ (سعودي عرب 7 ڪتاب) نظام الدين کوسو (6
ڪتاب) ڪامريڊ محمد امين کوسو (4 ڪتاب) جسٽس رٽائرڊ عبدالرزاق ٿهيم (6 ڪتاب) ان
کانسواءِ تازو (شاعري جي دنيا ۾ نئون ڪتاب شاعري جو مجموعو سيما عباسي جو شايع ٿيو
آهي، اها به هتي (ٺل) ۾ رهائش پذير آهي. البته ٺل شهر ۾ هر ڳالهه جو فقدان هو، شهر
۾ قبضا، گندو پاڻي، صفائي جو ڪو خيال نه هو.
هتي هڪ
اتفاقي ڳالهه اها به آهي ته سائين عبدالڪريم گدائي جي پيدائش ۽ وفات ٻئي جنوري ۾
آهن. ان کانسواءِ مشهور جهوني ڪانگريسي سنڌ واسي محمد امين کوسو به ٺل جو هو ۽ هن
پاڪ و هند جي 1971ع واري لڙائي ۾ پاڪستان جا 90 هزار قيدي آزاد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار
ادا ڪيو هو.
هي هڪ
محنت ڪش ۽ سخت جان وارن ماڻهن جو ضلعو آهي. هن ۾ پيداوار جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ
سارين جي پوک ٿئي ٿي. ساريون کرن (ديرن) ۾ هر هنڌ بي ترتيب پيل آهن ۽ ٿريشر هلندڙ
آهن، پر آبادگار رائيس ملن ۽ اگهن کان گهڻو متاثر آهن. ”جان جيڪب ۽ جيڪب آباد“ اڄ
به تاريخي حيثيت رکن ٿا، اڄڪلهه هن ضلعي ۾ زمين اندر سم ۽ ڪلر جي گهڻائي آهي، ان ڪري
عام طرح سان زراعت جي لحاظ کان ٻيو فصل ٿيڻ محال آهي، هن ضلعي جي بلوچستان سان
ويجهو هئڻ سبب بلوچي ثقافت جو اثر گهڻو نظر اچي ٿو، پر ماضي ۾ ضلعن جي ٽوڙ ڦوڙ ۽
نالن جو ڦيرڦار کان بچي ويل هن ضلعي جو مستقبل برقرار رهندو يا هن کي به سندس
ميرپورخاص واري ڀاءُ جمس آباد مان ڪوٽ غلام محمد وانگر جيڪب آباد کي به ڪنهن جو ڪوٽ
ٿيڻو پوندو؟ اهو ته وقت ظاهر ڪندو، ان لاءِ ڪنهن طرح سان ڪو مذهبي بهانو تلاش ڪيو
ويندو يا ان کي نج ديسي نالو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. بهرحال جيڪب آباد تاحال جيڪب
آباد طور سنڌ جي نقشي ۾ موجود آهي ۽ اميد ته آئنده به ساڳي حيثيت ۾ موجود هوندو.
سر جان جيڪب جي شهر جيڪب آباد مان واٽ ويندي پنج، ڇهه ڏينهن رهڻ دوران ٺل ۾ ايم پي
اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي سان ملاقات ٿي ۽ ان کانسواءِ ڳڙهي حسن ۾ ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي
بنگلي تي رهائش جو به زبردست انتظام ڊاڪٽر پاران ڪيو ويو هو، ان لاءِ ڊاڪٽر جا لک
قرب ۽ ان کانسواءِ سنڌ ۾ هر روز صبح جو سڀني ليکڪن کي مختلف ليکڪن جي سالگرهه جي
حوالي سان مبارڪ ڏيڻ لاءِ موبائل تي ايس ايم ايس ڪندڙ وفا ٻرڙو جي به وڏي مهرباني،
جنهن به واٽ ويندي ساٿ ڏنو. جيڪب آباد مان واٽ ويندي ڪجهه ڏک واريون به خبرون
مليون، جن ۾ عبرت جي ليکڪه ۽ خيرپور ۾ شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ سوشالاجي ڊپارٽمينٽ
جي چيئرپرسن نجمه نور ڦلپوٽو جو گهروارو شهباز ڦلپوٽو (زراعت کاتي جو رٽائر آفيسر)
گذاري ويو، ان کانسواءِ هوائي حادثي ۾ ملڪ جو مشهور فنڪار جنيد جمشيد ۽ سندس زال (ٽئين)
حنا جنيد به گذاري وئي. جنيد جمشيد ”دل، دل پاڪستان، جان، جان پاڪستان“ ڳائڻ سبب
مشهور ٿيو هو، پر ان کانپوءِ هن فن جي دنيا کي الوداع چئي مذهبي طور تبلغ ۾ مشغول ٿي
ويو هو، جيئن 70ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌي فلم تنهنجون ڳالهيون سڄڻ جي فلمساز نواب مير
محمد حسين ٽالپر وڏا وار وڏي ڏاڙهي رکي فلمي دنيا ۾ فلمي نالو ”مولانا هيپي“ رکيو
هو. ان زماني ۾ نوجوانن ۾ ’هيپي‘ ٿيڻ لاءِ ريس لڳل هوندي هئي. ڪجهه مهينا اڳ راقم
مولانا هيپي کي حيدرآباد ريڊيو جي هڪ پروگرام ۾ وٺي آيو هو. بهرحال واٽ ويندي جان
جيڪب آباد جي شهر جيڪب آباد کي خدا حافظ چيوسين ۽ ان دوران 1974ع ۾ فزڪس جي ماهر ۽
سائنسدان عبدالسلام نوبل انعام يافته جي ملڪ ڇڏڻ کانپوءِ وري نالو ميڊيا ۾ ڏنوسين.
No comments:
Post a Comment