موبائل فون فوبيه ۽ ان جا معاشري تي اثر
عبدالله مورائي
ان ۾
ڪو به شڪ ناهي ته اڄڪلهه جي دنيا ۾ موبائل فون رابطي جو تڪڙو ذريعو آهي، نه صرف
رابطو پر هتي اولهه ۾ ته موبائل فون بئنڪ به آهي ته وري اخبار به، ڪئميرا به ته
تفريح پڻ؛ رستو ڳولهڻ جو ذريعو به ته مٿان وري موسيقي ٻڌڻ جو اوزار پڻ. ٻيون به
الائي ڪيتريون شيون آهن جيڪي اڄڪلهه ماڻهو موبائل فون ذريعي ڪري ٿو، پر چوندا آهن
ته هر شيءِ جي هڪ حد هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ماڻهو اها حد پار ڪري ته پوءِ اها شيءِ
عام رواجي نٿي رهي ۽ ان جا نتيجا ظاهر ٿيڻ شروع ٿين ٿا، جيڪي ڪنهن بيماريءَ جي شڪل
به اختيار ڪري سگهن ٿا.