Monday, February 05, 2018

پراگ جو ٽارچر سيل ميوزم ۽ سنڌ جي سار - عبدالله مورائي

پراگ جو ٽارچر سيل ميوزم ۽ سنڌ جي سار!
Notes from Europe
عبدالله مورائي
ولٽاوا درياهه جي ڪناري آباد چيڪ ريپبلڪ ملڪ جي گاديءَ واري شهر پراگ ۾ آخري ڏينهن هيو، سڄو ڏينهن پيرين پنڌ گهمي ٿڪجي اچي شهر جي مشهور چارلس پل جي آس پاس چونڪ تي ساهي پٽڻ لاءِ هڪ چرچ جي ٻاهرين ٿلهي تي اچي ويٺاسين. شيدي جن کي پاڻ ڏاڏا سڏيون سي پئي آس پاس ڦريا ۽ سندن ڪوشش هئي ته گهمندڙ ڦرندڙ سياحن کي ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ چڪر ڏيارڻ يا ڪنهن ريسٽورنٽ جي ٽڪيٽ وڪڻي وجهون ته روزي ٺهي. سندن کلڻي منهن مهانڊي ۽ مذاق ڪرڻ جي ڪري گهڻا ماڻهو کانئن ٽڪيٽون وٺن به پيا. پراگ هڪ تمام سهڻو شهر آهي جنهن جي تعريف جيتري ڪجي اها گهٽ آهي. آءٌ جڏهن به ڪو نئون شهر گهمڻ ويندو آهيان ته اتي جيترا ڏينهن به رهڻو هوندو آهي، انهن ڏينهن جي لوڪل بسن، ٽرام يا زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي جي ٽڪيٽ وٺي پوءِ شهر کي گهمندو آهيان. اهو تمام سولو ۽ سستو طريقو آهي، ڪنهن به نئين شهر کي گهمڻ لاءِ. ڪٿي ماڻهو منجهي پئي ته پڇڻا نه منجهڻا واري اصول تحت واٽ ويندڙ ماڻهن کان رهنمائي مليو وڃي. پيرين پنڌ گهمڻ جو به وري پنهنجو مزو آهي.


پراگ شهر ٻن حصن تي مشتمل آهي، هڪ اوڀر وارو پاسو ۽ ٻيو وري اولهه وارو پاسو. هر گهمڻ واري جڳهه پيرين پنڌ گهمي ڦري سگهجي ٿي. چارلس پل تي هر وقت سياح پنڌ ڪندي ۽ تصويرون ڪڍائڻ ۾ رڌل رهن ٿا. پل تي بيهي نظارو ڪرڻ سان لطف اچيو وڃي. درياهه مٿان ٺهيل ٻين پلن کي به آسانيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو. بشني پوري دنيا ۾ پيا ڦرن سو چارلس پل گهمڻ مهل اهو خيال ڪرڻ ضروري آهي ته متان ڪو بشني کيسو نه ڪٽي وڃي ۽ پرديس ۾ جيڪڏهن ائين ٿئي ته ماڻهو واقعي به ڏچي ۾ اچي سگهي ٿو. شهر ۾ هر طرف ٽرام هلي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي ۽ بسن ذريعي شهر جي هر حصي ۾ سولائيءَ سان اچي وڃي سگهجي ٿو. ملڪ سستو هئڻ ڪري ٻين مهانگن ملڪن جيتوڻيڪ اسڪينڊينيويا جي ملڪن جا ماڻهو گهڻو ڪري اچن وڃن. خاص ڪري اتان جي بيئر کي واپرائڻ لاءِ به گهڻا ماڻهو وڃن. شهر جو رات ۽ ڏينهن جو پنهنجو پنهنجو نظارو آهي. پراڻي زماني جون عمارتون ۽ انهن وچ ۾ هلندڙ ٽرامون صفا دل کي موهي وجهن ٿيون. شهر جو پراڻو چونڪ جنهن کي اولڊ ٽائون اسڪوائر به چون، جيڪو تقريبن هر وقت ماڻهن سان ڀريل رهي ٿو, چونڪ جي آسپاس دڪان، کاڌي کائڻ جا ريسٽورنٽس ۽ چانهه بسڪوٽ کائڻ لاءِ وري کوڙ ڪيفيٽيريا آهن، جتي ماڻهو ويهي ٿڪ به لاهي ۽ چانهه بسڪوٽ جو مزو به وٺي. شهر جي انهيءَ پراڻي چونڪ ۾ وري هڪ پراڻو چرچ به آهي، جنهن جا ٽاور وري اسي کن ميٽر ڊگها آهن، انهن ۾ وري هڪ آسٽرونامي گهڙيال لڳل آهي، جيڪو وقت، تاريخ، ڏينهن، سج ۽ چنڊ جي جڳهه ٻڌائي ٿو. اهو گهڙيال 1410ع کان انهن ٽاورن ۾ لڳل آهي. انهيءَ پراڻي چونڪ ۾ ماڻهو اتي گهوڙي گاڏي يا پراڻين گاڏين ۾ شهر جو سير به ڪري سگهي ٿو. شهر ۾ هڪ هنڌ پيٽرن هل جو پارڪ ۽ ان ۾ هڪ ٽاور آهي، جنهن تي چڙهڻ کان پوءِ سڄي پراگ شهر کي ڪنهن پکي جي اک سان مٿان کان ڏسي سگهجي ٿو.
شهر جي پهاڙي حصي تي دنيا جو قديم ترين چرچ به ڏسڻ وٽان آهي ۽ ان کي ڏسڻ بنا ڄڻ ماڻهو پراگ ئي نه گهميو. اتي پهچڻ لاءِ پهاڙي طرف پنڌ وڃڻو پوي ٿو. ماڻهو اتي ڏاڪڻ جي ذريعي ٻئي پاسي کان به پهچي سگهي ٿو. مون ۽ منهنجي دوست پرنيلا اتي چارلس پل تي پنهنجي هڪ ٻي چيڪ ڇوڪري مائيڪلا جو انتظار ڪري رهيا هئاسين، جيڪا آفيس کانپوءِ اسان کي شهر جا ڪجهه ٻيا حصا به گهمائڻ لاءِ وٺي وڃڻي هئي. مائيڪلا کي اڃا ڪلاڪ کن لڳڻو هيو اچڻ ۾، تيستائين مون ۽ پرنيلا سوچيو ته چارلس پل جي ڀرسان ٽارچر نالي ميوزم گهمي ڏسجي ته اتي ڇا آهي. ٽڪيٽ به گهڻي مهانگي نه هئي ۽ وقت کي گذارڻ جو به موقعو هيو.
ٽارچر ميوزم ٽن منزلن تي مشتمل آهي، جنهن جي هر منزل تي يورپ ۾ پنجين کان پنڌرهين صدي جنهن کي مڊل ايج يا ميديول پيرڊ به چيو وڃي ٿو جي دوران ٽارچر طور استعمال ٿيندڙ تمام اذيت ڏيندڙ لڳ ڀڳ سٺ کن اوزار هن ميوزم ۾ رکيل آهن. اوزار ۽ انهن کي جنهن طريقي سان استعمال ڪيو ويندو هيو اهو ڏيکاريل آهي. هر حساس دل رکندڙ انسان ڏسي اچرج ۾ اچيو وڃي ته ڇا انسان به انسان تي ايترو ظلم ڪري سگهي ٿو. ميوزم گهمڻ دوران مون ڪجهه ماڻهن کي پاڻ ۾ چوندي ٻڌو ته شڪر آ جو اسان ان وقت هن دنيا ۾ اڃا ڄاوا ئي نه هئاسين. ڪن کان ڇرڪ نڪري ٿي ويا ته ڪن تڏهوڪي دور جي انهن ماڻهن سان همدردي جو اظهار ٿي ڪيو، جيڪي ان دور ۾ ان قسم جي ظلم جو شڪار ٿيا هوندا. انسان کي اندر وڃڻ ۽ ڏسڻ کانپوءِ ان دور جي انساني بيوقوفي ۽ شيطاني سوچ جو اندازو ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي انسان ٿوري يا گهڻي غلطي، سچي يا افواهه تي مشتمل ماڻهن کي سخت سزائن مان گذرڻو پوندو هو.
هاڻي تازو ئي آءٌ جڏهن ڳوٺ موري آيو هوس ته اتي دوستن جي - ايم ڪورائي ۽ ٻين دوستن مونسان پريس ڪلب موري ۾ هڪ شام ملهائي. دوستن جي تمام گهڻي مهرباني جن عزت افزائي ڪئي. اتي ڪنهن دوست سوال ڪيو ته اوهان سنڌ مان زوري کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي باري ۾ ڇا چوندؤ؟ مون کيس پراگ واري ٽارچر ميوزم جو مثال ڏيندي جواب ڏنو ته پراگ ۾ ٽارچر ميوزم گهمڻ کان پوءِ تاثر واري ڪتاب ۾ جيڪو ڪجهه مون لکيو اهو هن ريت هو ته، اوهان يورپ وارا تمام خوشنصيب آهيو جو اوهان وٽان هاڻي اهڙي قسم جا ٽارچر ختم ٿي ويا آهن، پر دنيا جا اڃا ٻيا کوڙ ملڪ اهڙا آهن، جتي اهڙي قسم جون ڪڌيون حرڪتون اڃا هلنديون اچن ۽ اسان اميد ڪيون ٿا ته هڪ ڏينهن اهو غير انساني طريقو ختم ٿيندو.
ٻيو سوال دوست جو هيو ته اوهان سي پيڪ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ منهنجي ان بابت ڪا گھڻي کوجنا ناهي ان جي باوجود مان سمجهان ٿو ته دنيا گلوبلائيزڊ ٿي وئي آهي ۽ اهو ضروري به آهي ته اسان پنهنجا ڪن ۽ اکيون کولي ويهون ۽ سي پيڪ جهڙن منصوبن مان ڪوشش ڪيون ۽ اهو ڏسون ته بجاءِ ڪنهن نقصان جي اسان ان مان ڪهڙو ۽ ڪيئن فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا. چيني ٻولي ڀلي سکڻ گهرجي پر چينين کي سنڌي سکڻ تي به مجبور ڪجي.
مائيڪلا پراگ شهر جا ڪجهه حصا ڏيکاريندي رهي. آءٌ جسماني طور تي ته پراگ ۾ هيس پر ذهني طور تي مون انهن سنڌي نوجوانن بابت پئي سوچيو، جيڪي ان وقت به شايد ڪنهن ٽارچر سيل ۾ شديد ذهني ۽ جسماني اذيتن مان گذرندا هوندا.


No comments:

Post a Comment