سنڌوءَ ڪناري گهاريل ڊسمبر
جي آخري رات جي ڪٿا
رکيل مورائي
هيءَ
ان ڏينهن جي شام هئي جيڪو ڏينهن پنهنجي پڄاڻيءَ تي ان رات کي آڻيندو آهي، جيڪا رات
نئين سال جي نئين سج کي جنم ڏيندي آهي.
هيءَ
لهندڙ سج آهي. هارايل شام آهي مان ۽ منهنجو نوجوان دوست امداد سولنگي سنڌوءَ مٿان
جڙيل ان پل تي بيٺا آهيون، جنهن پل جڙڻ کان اڳ، مورو ۽ دادو ٻه الڳ الڳ ملڪ لڳندا
هئا، جن جي وچ مان هڪ درياهه وهندو هئو، جنهن درياهه جو جنم چون ٿا ته هماليه جبل
جي وچ ۾ ٿيو هئو. جديد سائنسدانن ان ماڳ کي ” لداخ“ جي نالي سان ظاهر ڪيو آهي. ان درياهه کي سنڌو
درياهه ڄاڻايو ويو آهي ۽ ان جي ڊگهين ڪٺارن تي مائي ڪلاچيءَ نالي اڏيل شهر جي ڪُک
۾ موجود سنڌو ساگر تائين اڏيل گهرن، شهرن ۽ ملڪن کي ۽ انهن جي تهذيب کي ”سنڌو
تهذيب“ سڏيو ويو آهي.
موري
مان دادوءَ ۽ دادوءَ کان موري اچڻ ۽ ساڳي وقت وڃڻ لاءِ به سنڌوءَ جي موج وارن ڏينهن
۾ ڪاٺ جا ٻيڙا پتڻ تي ماڻهن کي ۽ انهن جي گهرجن جي ثمر کي پار اُڪاريندا هئُا ۽ ماٺار
واري مند ۾ هڪ لوهه جو جديد جهاز آر پار ايندو ويندو هئو.
پاڻي
جي حَد اُڪري. ويلز جيپون واريءَ جي دڙن مٿان وڇايل لئيءَ جي ٽارين مٿان سفر ڪري پڪي
تي پڄي ٻنهي شهرن جي ماڻهن کي ماڳ تي رسائينديون هيون. جنهن ۾ لڳ ڀڳ اڌ يا منو ڏينهن
لڳي ويندو هئو، هاڻ پل جڙيل آهي، جنهن جو سرڪاري رڪارڊ ۾ نالو ”مخدوم بلاول پل“
آهي پر اها سڏي ”دادو مورو پل“ ويندي آهي. هاڻ دادوءَ ۽ موري جي وچ ۾ مفاصلو ويهن
منٽن جو آهي.
پل جي ڀرسان
ئي ڪچي واري پٽيءَ ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي جنهن جو نالو آهي ”ڳوٺ مير محمد سولنگي“
جنهن ۾ اسان جي دوست اسد سولنگيءَ جي زمين آهي ۽ سندس اوطاق آهي. جتي هن نئين سال
جي اچڻ ۽ هلندڙ سال جي وڃڻ واري رات اسان دوستن لاءِ مچ ٻاريو هئو ته اسين سڀ اچي
هٿ سيڪيون ۽ رات جي ماني گڏجي کائون.
مون
کيس ڪيترائي ڀيرا وٽس اهڙي رات گذارڻ لاءِ چيو هئو ۽ هن سيني تي هٿ رکي ان وقت ئي
اچڻ لاءِ چيو هئو. پر اسين ماڻهو جيڪي
شهرن جي جهنگن ۾ وڃائجي ويا آهيون پاڻ کي ڳولي نٿا سگهون. اهڙي تڪڙي آڇ قبولڻ لاءِ
تيار ڪٿي ٿا ٿيون يا گهرجن جو قيد ايترو تڪڙو ڪٿي آزاد ڪري.
اسد
سولنگي سنڌي ادبي سنگت موري جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا سيڪريٽري رهيو آهي. هو رڄ چڱو مڙس
آهي. اسان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ زمانيدار ۽ اُٿي ويٺيءَ وارو آهي. سٺا ڪتاب پڙهندو
آهي پر ڪڏهن به ڪتابن واري ٻولي ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪو نه ڪري، بلڪل ڪچي واري ماڇڪي
ٻولي. جنهن ڪري سچ پچ اسين سڀ کائنس لهرائيندا آهيون. ٻيءَ طرح تڏي جو مڙس ماڻهو، ٻن
ڏينهن جي وقت ۾ وڏو ادبي ڪاڄ ڪرائي سگهڻ جي لياقت رکندڙ ضرورت وقت لٺ، بندوق جو ساٿ
ڏيندڙ دوستن جو تحفظ ڪندڙ ۽ ڪنهن سان ڏکيو ٺهندڙ، اسين سڀ اڄ سندس اوطاق تي
هئاسين.
هلندڙ
سال جو سج موڪلائي چڪو هئو. امداد مون کي پنهنجي گاڏيءَ ۾ اسد جي اوطاق تي پهچائي واپس دادو وڃڻو هئو جو
کيس ان ڏينهن ئي پهريون پٽ ڄائو هئو ان ڪري سندس اسپتال ۾ موجود هجڻ ضروري هئو،
جنهن سبب واپس اچي ڪو نه سگهيو.
اسان
جي وچ ۾ ڪچي جي بُنڊن جو مچ ٻري رهيو هئو، درياهه جي ڪناري نسريل سرن جي سنگن تي
تيرهينءَ جي چانڊوڪيءَ سان گڏ جرڪندڙ ماڪ وسي رهي هئي. ڪنهن وقت ڪچهري هنلدي
منهنجو دوست سڪندر ڪورائي ۽ مان چانڊوڪيءَ جو مزو وٺڻ لاءِ درياهه جي ڪناري ڏانهن
آياسين پر ولِهَه اهڙي اجازت نه ڏني مچ کان پري ٿيڻ ڏکيو هئو پوءِ به ڪي گهڙيون
واريءَ جي هڪ دڙي تي بيهي درياهه کي ڏٺوسين ۽ کيس نئين سال ۾ سنڌ ۾ سُڪار آڻڻ جي
وينتي ڪئيسين.
مچ
پنهنجي جوڀن تي هئو. ڪچهري گرم هئي، اسد،
وندر لاءِ اسان جي مرحوم بزرگ دوست راحب خان سولنگيءَ جي نوجوان پٽ عابد سولنگيءَ
کي راڳ لاءِ گهرايو هئو، جنهن ڪچهريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
اسد
چوي ته هيءَ مچ ڪچهري منهنجي مان ۾ آهي ۽ مان اندر اندر ۾ لڄي ٿيان، جيتوڻيڪ کيس
مون ئي ڪراچيءَ مان فون ڪري هڪ ڏينهن اڳ چيو هئو ته سڀاڻي رات تنهنجي ڪچي واري
اوطاق تي گذاربي، اسد ۽ مون پنهنجي گڏيل دوست ادريس جتوئيءَ کي به چيو هئو ته هُو
به حيدرآباد کان ڪنهن به طرح موري اچي پر ان ڏينهن ڪنهن اهم سبب ڪري هو اچي نه
سگهيو.
موري
مان منهنجا دلبر دوست اسلم عباسي، وزير فرهاد ۽ سڪندر ڪورائي ۽ اسان جو دوست
موجوده ضلعي رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت نوشهروفيروز اظفر ميمڻ به اچي شامل ٿيا.
سنڌي ٻوليءَ جو بيمثال شاعر مشتاق باگاڻي به اچڻو هئو پر اچي نه سگهيو ۽ اسان کيس ڏاڍو
ياد ڪيو.
اسد جا
پنهنجا ڪجهه دوست ۽ ڪجهه سگا جا دوست حفيظ رحمان شيخ، اصغر ميمڻ ۽ اسان جو پراڻو
يار ۽ تحريڪي ساٿي ڊاڪٽر وجهه الدين ميمڻ به موجود هئو، گهڻي وقت کان پوءِ مليو
هئو، اڇو صاف مٿو اڇي سونهاري، سهڻو ته اڳ ئي هئو پر هن ڀيري سندس منهن مان نور
پئي ٽميو. پر مزاج اهو ئي ساڳيو، ڀوڳ چرچا، وڏا وڏا ٽهڪ، خاص طور اسلم عباسيءَ ۽
هن پاڻ ۾ چڱو ئي ٽهڪڙو ڪيو ۽ ڪچهريءَ ۾ رنگ ڄمايو.
اياز،
استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ سائين راشد جي جديد گيتن سان گڏ نوجوان راڳي عابد
سولنگيءَ صوفي شاعرن جا ڪلام پڻ ڳائي جهومائي ڇڏيو.
خاص
طور تي بلهي شاهه جي هن ڪافيءَ ته وڻ وڄائي ڇڏيا.
اسان
تيڏي پڇي دين تي ايمان ڇڏيا،
ڇڏيا
مندر تي مسيتان دوجهان ڇڏيا.
مٿان
تيرهين تاريخ جو روشن چنڊ، ڊسمبر جي آخري ٿڌ وسائيندڙ رات ۽ اڳيان ٻرندڙ مچ سامهون
جديد ۽ قديم شاعريءَ جا آلاپ ڪنهن به شخص کي چِتَ جي شانتيءَ لاءِ ٻيو ڇا کپي؟
رات جي
چانڊوڪيءَ ۾ حدنگاهه تائين ڪچي ۾ پوکيل ساوا ساوا کيت ۽ انهن مٿان ڪرندڙ ماڪ ڦڙا
ذهن تي اياز جي سٽ تري آئي هئي:
هُن جا
نِهٺا نيڻ ائين،
جيئن رڻ
۾ رات ٺري،
ڪوئي ڪيئن
ڪري؟
هيءَ رڻ
جي رات ته هئي ڪا نه پر ڪچي جي رات ضرور هئي، جيڪا ڪنهن به مضوعيت کان پاڪ، پنهنجي
فطري سونهن سان اسان جي اکين اڳيان هئي، پري کان ڪنهن ڪنهن وقت گدڙ جي اُوناڙ ٿي
آئي ته ڪنهن وقت ڪٿان ڪنهن ڪتي جي باهوڙ رات جي خاموشيءَ کي چيري بيچين ڪري ٿي
وئي. ائين هيءَ حسين رات پنهنجا ٻه پهر پورا ڪري. هلندڙ سال کان موڪلايو.
ٻن منٽن
جي وٿيءَ کان پوءِ نئون سال شروع ٿيو. ڪٿان به ڪو ٺڪاءَ جو آواز ڪو نه آيو. آسمان ڏي
ڪي روشنيون ڏيندڙ فٽاڪا ڪو نه اڇلايا ويا. خاموش رات ۾ ٻن سالن هڪ ٻئي سان هٿ
ملايو ۽ ڪچهريءَ ۾ موجود نوجوان راڳيءَ هو جمالو شروع ڪيو.
پڪ سان
هيءَ نئين سال جي آجيان هئي. اسان سڀني جي پياري دوست اسلم عباسيءَ ۽ وزير فرهاد
راڳيءَ سان سر ملايو. اسلم هٿ کنيا ۽ اسان کي تاڙين ۾ ساٿ ڏيڻ تي آماده ڪيو. جيتوڻيڪ
اسين سُرن کان ڪوهين ڏور بي سمجهه ماڻهو.
اسد جي
پرتڪلف ماني، ڇا کائي ڇا کائجي، کڻي وڃڻ جي اجازت ڪو نه هئي نه ته سڌ ٿئي پئي ته
مانيءَ جي گاڏي ڀري وڃجي. پر هڪ ويچار اچي ٿي دماغ ۾ واسو ڪيو ته ائين نه! ڇاڪاڻ
ته ماني ماڻهوءَ جي ضرورت ته آهي پر مرتبو ان کان وڌيڪ اهم آهي.
منهنجي
خواهش هئي ته رات جا باقي ٻه پهر اسد جي اوطاق ۾ گهارجن ۽ صبح جو نئين سال جي پهرئين
سج کي سنڌوءَ جي ڪٺار تان اڀرندي ڏسجي پر دوست سڪندر ڪورائيءَ جي گهڻي اسرار تي
موري لاءِ نڪرڻو پيو ۽ اهو به موٽر سائيڪل تي.
موري تائين ايندي سيءَ جيڪو
اسان کي مان ڏنو اهو، اهي شخص سمجهي سگهن ٿا جن سياري جون راتيون ٻهراڙيءَ ۾
گذاريون آهن. گهر ۾ پهچڻ کان پوءِ ساڳي ڪار سالن کان سج کي اُڀرندي نه ڏسي سگهڻ جو
ڏک دل ۾ سانڍي. ٻئي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ هليو آيس. ڪيترين ئي خوشگوار گهڙين کي دل ۾
سانڍي ۽ اکين ۾ اوتي. ٿينڪ يو پيارا اسد!
No comments:
Post a Comment