مورائي مراڪش ۾!
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
”مان آهيان
ته سئيڊش پر گذريل پنجويهن سالن کان ڊينمارڪ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناروي ۾ رهان ٿي. پيشي جي
حوالي سان مان نرس آهيان.“ جهاز اسٽاڪهولم Stockholm
کان مراڪش Marrakech
طرف تيزيءَ سان اڏري رهيو هو. جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ويٺل
چوونجاهه سالن جي اين Ann مون کان پڇيو ته تون مراڪش ۾ ڪهڙي هوٽل ۾ رهندين ۽ ڪهڙيون جايون
گهمڻ جو سوچيو ۽ رٿيو اٿئي؟ مون کيس هوٽل جو نالو ٽيمپو Tempo
۽ روڊ جو نالو ابوبڪر صديق ۽ عمر بن الخطاب ٻڌايو. اهو هوٽل
حورنيج جي علائقي ۾ هو. پاڻ روڊ جو نالو ٻڌي يڪدم وراڻيائين ته منهنجو هوٽل ته ٻيو
آهي پر روڊ ساڳيو آهي. سندس هوٽل جو نالو اماني Amani
هو، جيڪو منهنجي هوٽل کان هڪ ٻن منٽن جي وکن تي هو.