سوکي بندر کان ڪيٽي بندر
تائين
سامونڊي سورن جو سفرنامو
آغا نور محمد پٺاڻ
مون ۲۰ سال پهريون پنهنجي دوست ڊاڪٽر عبدالقادر سومري سان گڏجي ڪجھه دوستن جي
دعوت تي سمنڊ جي اندر هڪ ٻيٽ ۾ لڳل “ابراهيم شاهه واڙي واري” جو ميلو ڏٺو جيڪو
ميلو ڇا هيو ان ٽن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي ٻيڙين جو هڪڙو شهر آباد ٿيل هيو جيڪو ان ٻيٽ
جي چوڌاري سون، هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کان آيل هيون جتي مون پهريون دفعو
جتن جي ٻولي ۽ لباس ڏٺو ۽ اتان جي ثقافت جو اندازو ٿيو نه ته پهريان اسان سرائڪي ٻوليءَ
کي جتڪي ٻولي سمجهندا هياسين، اتي وڃي خبر پئي ته جتن جي ٻولي الڳ آهي ۽ ميرپورساڪري
کان ابراهيم شاهه واڙي واري ۸ ڪلاڪن جو ٻيڙيءَ ۾ سامونڊي سفر ڪندي چانورن جي ماني سان درياهه جي مڇي
کائيندي ۽ شاهه لطيف جو ڪلام ٻڌندي هڪ خاص لطف حاصل ٿيو هيو.
هن ڪتاب
پڙهڻ سان سوکي بندر جو به اهو منظر ياد آيو ته اتي به ائين ئي رات ڏينهن رونق لڳل
هوندي. چون ٿا ته هن بندرگاهن کي اتان جا ماڻهو سنڌ جو ڪشمير چوندا هيا ۽ امن امان
جو اهو حال هيو ته اتي ڪو به پوليس ٿاڻو ڪو نه هيو ۽ سنڌ ۽ هند جا فنڪار اتي ايندا
هيا. جن کي سوکي جا هندو واپاري گهرائيندا هيا جن ۾ لتا، رفيع، سليمان شاهه، جيوڻي،
مائي ڀاڳي ٻيڙين ۾ چڙهي ايندا هيا ۽ ان بندر جي آس پاس سون جي تعداد ۾ ڳوٺ موجود
هيا. جتان جا ماڻهو مزدوري ڪرڻ ۽ ٻين ڪم ڪارين جي لاءِ ايندا هيا. هي بندر سنڌوءَ
جي ڇوڙ واري علائقي جي خوبصورت چئن ڦاٽن جي وچ ۾ سنهڙي ۽ ميرواهه جي وچ ۾ هيو. ڊاڪٽر
محمد علي مانجهي جيڪو ان علائقي جو باشندو آهي ۽ سنڌ جي ثقافت کاتي ۾ ڊائريڪٽر
جنرل به رهيو آهي. ان جي مطابق ۱۹۸۰ع
تائين هن شهر جا آثار هن ڏٺا هيا جنهن کي هاڻي سمنڊ کائي ويو آهي. ان مطابق هتي
سارين جا ڪارخانا به هيا ۽ هٿ جي هنرن ۽ مٽيءَ جي ٿانون ٺاهڻ جا ماهر ڪنڀار به
رهندا هيا جيڪي ٺڪر جا ٿانوَ، ڏياٽيون، پاٽڙا،
پاٽڙيون، پارا، پاريون، ڪنيون، ڪنا، مٽَ، مٽيون، ڪَرا، بدنا، گھاگهرون، وٽيون،
پيالا ۽ ٻارن جا رانديڪا ٺاهيندا هيا. ان کان علاوه “پَن” جيڪو هڪ گاهه جو قسم آهي
اهو گھڻو مشهور هوندو هيو جيڪو ڀرپاسن ۾ رهندڙ ماڻهو ان جا ٻيڙا ڀرائي کڻي ويندا
هئا ۽ هتي پن تمام گھڻي ٿيندي هئي جنهن مان اتان جا مقامي ماڻهو تڏا، تنوريون، ڇَلون،
ڇلَ، ڇليون، هٿ وارا پکا، نِکون، پڙش الڳ الڳ نمونن سان چٽ ساليون ڪري ٺاهيندا هيا
جيڪي ڏسڻ وٽان هوندا هيا. سوکي بندر تي اُٺن پالڻ ۽ واپار ڪرڻ جو ڪم خاص طور تي جت
ڪندا هئا جيڪي صدين کان وٺي هن سامونڊي پٽيءَ ۾ اهو ڌندو ڪندا اچن ٿا. اتان جا ماڻهو
اهو ٻڌائن ٿا ته سوکي شهر ۾ واپار جو وڏو چلتو هلندو هيو ۽ هتي به ڀنڀور ۽ ڪيٽي
بندر وانگر سوين هزارين ٻيڙا هلندا هئا. ڪسٽم جو آفيسون، ڪالونيون، بينڪون، ڪاروباري
ادارن جون بيٺڪون هونديون هيون. جتان روزانو هزارين ٽن چانور، کنڊ، مڇي، ڪڻڪ ۽ ٻيو
اناج ڏيساور روانو ڪيو ويندو هو. هتي به ڪيٽي بندر وانگر سوين سنڌي وڻجارا، سوٽِي ڪپڙو،
ڪپھه، ڪڻڪ، چانور، ڀرت ڀريل گجَ، سُوسِيءَ جو ڪپڙو، کَيسَ، لويون، اجرڪ ۽ ٻئي
سامان سان ٻيڙا ڀرائي واپار خاطر ڏيساور مسافري تي روانا ٿيندا هئا. اهڙي منظر جي
دلڪشي لطيف سائين هن بيت ۾ پڻ ڪئي آهي:
کاري
کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ
نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي
جي مَهراڻَ جا، تِن جا طامائو؛
سامُونڊِي
سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
سوکي
بندر کي به سمنڊ جي کاري پاڻيءَ اهڙو سوڪهڙو وڌو جو ڀاڳين جا مال به ويا ۽ واپارين
جا وٿاڻ به ويا. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ڪيترا شهر ڦٽائي ڇڏيا آهن جن ۾ سوکي جهڙو
خوبصورت بندر به شامل آهي ۽ هاڻي ڪيٽيءَ جو تاريخي شهر ۽ بندر به سمنڊ جي گهيري ۾
آيل آهي ۽ سمنڊ روزانو ۱۰۰ ايڪڙ
زمين درياهه جي انهن ڦاٽن ۾ پاڻي نه هجڻ جي ڪري ڳڙڪائي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين ۷۵۰۰ چورس ڪلوميٽر ۽ ۱۵ لک ايڪڙ
زمين انڊس ڊيلٽا ۾ سمنڊ اندر غرق ٿي چڪي آهي جيڪي ضلعي ٺٽي ۽ بدين سان تعلق رکي ٿي.
جيئن شاهه بندر، لاهري بندر، جا نالا ڪتابن ۾ لکيل آهن پر هاڻي انهن جو وجود ڪونهي.
بقول ڀٽائي سرڪار جي:
نه سي
تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون!
سَرتيُون
سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛
مارِينِمِ
فِراقَ، پاڙيچيُون پِريُنِ جا.