Tuesday, October 29, 2019

پير حماد الله جي يورپ جي سفر جي ڪهاڻي - عبدالله مورائي


پير حماد الله جي يورپ جي سفر جي ڪهاڻي
Notes from Europe
عبدالله مورائي
زندگي هڪ سفر آهي ۽ وري ان سفر ۾ هڪ ٻيو سفر وري دنيا کي ڏسڻ ۽ پرکڻ آهي. سفر هڪ قسم جو عشق آهي، جنهن کي لڳو ته سڄي عمر نه لهندو. ان عشق جو مزو اهي ئي ٻُڌائي سگهن ٿا جن کي اهو عشق لڳو هجي. انسانن کي رومانس ڪنهن نه ڪنهن سان ضرور ٿئي ٿو. مون کي ۽ پير حماد الله صاحب کي وري سفر سان رومانس آهي ۽ اهو به انتها درجي جو. ڀلي اهو سفر اسان جي سنڌ ۾  هجي يا پاڪستان ۾ يا کڻي ڪنهن ڏورانهين ديس ۾، ان رومانس جو مزو ئي پنهنجو آهي ۽ اهو مزو اهي ئي ڄاڻن ٿا، جيڪي ان رستي تي هلندا هجن. سفر واري عشق ۾ محبوب هڪ ناهي هوندو پر هر اها جاءِ ۽ منزل محبوب جي مثل هوندي آهي جيڏانهن سفر ڪرڻو هوندو آهي.


سائين پير حماد الله جو سفرنامو يا ٻين لفظن ۾ عشق نامو ”يورپ جا روشن ڏينهن ۽ راتيون“ هٿن ۾ آهي ۽ محبوب منزلون آهن، انگلينڊ، جرمني، سئيڊن، ليٽويا، اسٽونيا، فنلينڊ، ناروي ۽ ائسلينڊ. سندن هن سفرنامي يا عشق نامي ۾ مٿي ذڪر ڪيل سڀني ملڪن بابت تمام سٺي آگاهي آهي. اتان جي مقامي ماڻهن يا هتان پاڪستان مان لڏي ويلن جي رهڻي ڪهڻي، روزمره جي زندگي گذارڻ، اتان جي رهاڪن ۽ سياحن لاءِ حڪومتن طرفان سهولتن جي بندوبست بابت انتهائي تفصيل سان ڪيل آهي، جيڪو پڙهندڙن کي تمام گهڻو مزو ڏيندو ۽ نون دوستن لاءِ گائيڊ يا سونهين جو ڪم پڻ ڏيندو، جيڪي ڏورانهن سفرن جي سفر جي تياري ڪندا هوندا. ڪتاب ۾ پنهنجي پاران واري حصي ۾ جيڪي لکيل آهي، اهو آءُ واقعي دل سان محسوس ڪري سگهان ٿو ته ڇا ته دور هوندو هيو جڏهن ڪتاب وٺبا هئا ۽ وري پڙهي دوستن سان انهن بابت ڪچهري ڪبي هئي. انٽرنيٽ ۽ موبائل نه هوندي هئي، امتحانن کانپوءِ واري وقفي ۾ ڪتاب پڙهبا هئا ۽ قلمي دوستي وسيلي دنيا جي ماڻهن سان خط و ڪتابت ڪبي هئي ۽ نقشن جا ڪتاب ڏسبا هئا ته ڪٿان ڪٿان جا دوست اسان ڏي خط لکن ٿا. اهي سڀ شيون اڄ به موجود آهن پر انهن جو طريقيڪار هاڻي مختلف آهي.
الطاف شيخ صاحب جا سفرناما واقعي به اسان جي زندگي جا اهي پهريان سفرناما آهن، جن سفر جو شوق جاڳايو ۽ دنيا کي ڏسڻ جو جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو، پوءِ اهو جو سلسلو شروع ٿيو ته اڄ ڏينهن تائين ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي. طارق عالم ابڙي جي سفرنامي لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ به اندر ۾ تمام گهڻي مانڌاڻ پيدا ڪئي ته ٻيلي گهران نڪرون ۽ دنيا ڀيليون. مستنصر حسين تارڙ ۽ محمد اختر جي سفرنامن صفا ان مانڌاڻ ۾ تيزي آندي ۽ پوءِ ڀلائي ٿي ۽ مالڪ جا ڪرم ٿي ويا. ڪتاب ۾ طارق عالم ابڙي کي به پير حماد الله صاحب ياد ڪيو آهي ۽ اسان جڏهن هن سال (۲۰۱۹ع) اپريل ۾ لنڊن گڏ پئي گهمياسين ته طارق عالم ابڙي کي به ياد پئي ڪيوسين. پنڌ ئي پنڌ لنڊن کي گهمندي مون محسوس ڪيو ته پير حماد الله لنڊن جو زبردست سونهون آهي. تجربيگار سياحن جو اهو ئي خيال آهي ته جيستائين اسان ڪنهن شهر کي پيرين پنڌ نٿا گهمون تيستائين اسان ان شهر کي گهميل ناهيون سمجهندا، پير حماد الله صاحب جي سفرنامي مان به ائين محسوس ٿئي ٿو، جتي جتي به وڃڻ ٿيو آهي اتي پيرين پنڌ گهمڻ کي ترجيح ڏنل آهي ۽ ائين رڳو اصلي سيلاني يا سياح ئي ڪري سگهي ٿو.
سفر کان ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ عجيب ڪيفيت هوندي آهي، خوشي يعني منزل محبوب سان ملڻ جي، ٿوري پريشانيته الائي هوٽل ڪهڙي قسم جي ملندي، محبوب منزل تي اتان جي مقامي ماڻهن جا رويا ڪيئن هوندا، ملڪ ڪيترو مهانگو هوندو ۽ مٿان وري جي ماڻهو اڪيلو ئي وڏي سفر تي ويندو هجي ته عجيب عجيب خيال ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا وغيره وغيره، پر انهن سڀني مٿين ڳالهين جي هوندي به پنهنجا ٿيلها گهلي پنهنجي محبوب منزل طرف اسهڻ جو پنهنجو هڪ مزو آهي، پير حماد الله صاحب جو اڪيلو ئي اڪيلو چاليهه ڏينهن جي لاءِ يورپ جي سفر تي نڪرڻ، مٿان وري سائين جهازن، بسن، ريل گاڏين، پاڻيءَ وارن ڪروزن ۽ هوٽلن جا نالا، وقت ۽ هنڌ ياد ڪرڻ گهڻن ماڻهن جي لاءِ هڪ اتساهه جو سبب بڻجي سگهن ٿا. عشق جي انتها تائين وڃڻو آهي ته پوءِ مالڪ به مدد ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته مالڪ به پنهنجي پاڪ ڪتاب  ۾ سفر جو چيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ وڏي تفصيل سان الطاف شيخ صاحب لکيو آهي ۽ ان مهاڳ کي پڙهڻ ۾ به وڏو مزو اچي ٿو، جڏهن شيخ صاحب پاڻ به ڪيڊٽ ڪاليج جي دور، سندس نوڪري ۽ سئيڊن ۾ تعليم دوران گذاريل دور بابت پڻ ڪافي ڄاڻ ڏئي ٿو. آئون پڪ سان اها ڳالهه چئي سگهان ٿو ته پير حماد الله پهريون سنڌي هوندو جيڪو صفا ناروي جي اتر واري علائقي نارٿ ڪيپ تي پهتو آهي، جنهن کان پوءِ رڳو سمنڊ آهي ۽ ان سمنڊ ۾ اڳتي هلڻ کان پوءِ سوالبرڊ جا ٻيٽ آهن، جتي انساني آبادي نه هئڻ جي برابر آهي، جيڪا گهڻي قدر ٻي دنيا کان لڳ ڀڳ ڪٽيل ئي آهي. الطاف شيخ جو به اهو ئي خيال آهي ته پير حماد الله پهريون سنڌي مرد آهي جيڪو نارٿ ڪيپ تي پهتو آهي ۽ عورتن ۾ وري سندن ڪاليج جي دور جي دوست محمد رفيع ڪاڇيلي جي ڌيءُ انوشڪا آهي، جيڪا انهي ڏورانهين هنڌ پهتي آهي. الطاف شيخ صاحب پنهنجي مهاڳ ۾ ٻين به ڪجهه دوستن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سئيڊن جي مختلف علائقن مان تعليم حاصل ڪري آيا آهن يا سنڌي ڇوڪري صنم جو پڻ ذڪر آهي، جيڪا ناروي جي اترئين شهر ترومسو مان پڙهي وئي آهي. ڪتاب کي پڙهڻ کانپوءِ منير شاهه ذاڪري جو خيال آهي ته هي سفرنامو عام سفرنامن کان مختلف ان ڪري آهي جو پڙهڻ دوران لڳي ائين ٿو ته ڄڻ اوطاق ۾ ويهي ڪچهري ڪري رهيا هجون. ڊاڪٽر مشتاق سومرو ڪتاب بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي لکي ٿو ته هي سفرنامو گھڻ پاسائون ۽ گهڻ رخو آهي، جنهن ۾ ليکڪ جي شين، ماڻهن ۽ جڳهين بابت ڪيل مشاهدي کي ساراهيو ويو آهي.
پير حماد الله صاحب جي عشق نامي ۾ مزيدار ڳالهه اها آهي ته پاڻ نه رڳو يورپ جو حال احوال لکيو اٿس پر ان سان گڏوگڏ سنڌ يا پاڪستان جي ٻين علائقن، پنهنجي ڳوٺ خياري شريف، پڙهائي دوران سنڌ يونيورسٽي ۽ ويجهن ڪلاس واسين، دوستن، استادن ۽ واسطيدارن کي پڻ ساريندو هليو آهي، جيئن مرحوم عبدالعزيز مگسي کي ۽ سندس پياري گفتار کي، مگسي صاحب جا پڪا ۽ فلاسافيڪل گفتا مون کي اڄ به ياد آهن جيڪي هو ڪچهري دوران چوندو هو. هن عشق نامي ۾ پير صاحب ڪن ماضي جي، خاص ڪري سنڌ يونيورسٽي جي واقعن کي انتهائي خوبصورت انداز ۾ پنهنجي يورپ جي سفر ۾ ٿيندڙ واقعن کي ملائي بيان ڪيو آهي. ائين واقعي ٿيندو به آهي ته ڪا خوشبو، ڪو گانو يا ڪا شئي حال مان ماضي ۾ کڻي ويندي آهي. پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي گهمندي يا مون سان گڏ اسٽاڪهولم يونيورسٽي گهمندي سنڌ يونيورسٽي کي پڻ ڏاڍو ياد ڪرڻ مان ظاهر آهي ته سندس سنڌ يونيورسٽي وارو دور ڪو بهترين دور هيو جنهن تي پاڻ هڪ ڪتاب ”ڄامشوري جو الوداعي ڀاڪر“ پڻ لکيو اٿس. هي عشق نامو تمام مزيدار آهي، يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران انهن ڪردارن ۽ ماڳن سان به عشق جو اظهار آهي، جيڪو هڪ شاگرد (پير حماد الله صاحب) سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي واري ڊپارٽمينٽ ۾ انگريزي ادب پڙهڻ دوران انهن جائين ۽ ڪردارن بابت ڄاڻي ٿو ۽ ڪافي سالن کانپوءِ انهن ماڳن کي پاڻ وڃي ڏسي ٿو ۽ انهي ادب ۾ ذڪر ڪيل ڪردارن کي اتي پاڻ وڃي محسوس پڻ ڪري ٿو. ڪتاب ۾ نه رڳو ماڳن بابت لکيل آهي پر اتان جي ماڻهن، جانورن ۽ پکين کي به انتهائي ويجهڙائي سان مشاهدي هيٺ آندو ويو آهي.
مون ۽ پير صاحب سنڌ سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ گڏجي سفر پڻ ڪيو آهي ۽ ماڻهو سفر جي ساٿين مان هڪ ٻئي کان گهڻو ڪجهه سکي ٿو، سفر دوران فوٽوگرافي جا گُر مون پير صاحب کان سکيا آهن. سندس نفيس طبيعت ۽ من موهيندڙ ڳالهائڻ جو انداز واقعي ماڻهو کي پنهنجو ڪري ٿو ڇڏي. برائٽن ۽ ريئڪجيوڪ ۾ اتان جي ماڻهن جو پير حماد الله سان انتهائي ۽ ولولا انگيز طريقي سان ملڻ ۽ سندس تعريف ڪرڻ مان ظاهر آهي ته سندس شخصيت من موهيندڙ آهي. ڪتاب جا ڪجهه صفحا پير حماد الله صاحب جي سفر دوران ڪڍيل فوٽن تي پڻ مشتمل آهن. پير حماد الله ۽ مون کي اهو هڪ جنون ۽ خواب هيو ته دنيا جي ڏورانهن ملڪن جو سفر ڪجي، اسان جي گهڻين ڪچهرين جو گهڻي قدر محور به دنيا جي ملڪن بابت، اتان جي رهڻين ڪهڻين، ماڻهن بابت هوندو هيو. الله تعالي جي ڀلائي سان اهو خواب جيڪو اسان ڏٺو سو ساڀيان ٿيو. منهنجي لاءِ اها انتهائي خوشي جي ڳالهه هئي جو مون انهن کي ٽي چار ڏينهن اسٽاڪهولم ۾ گهمايو ۽ مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ مان به هتي نئون آيل هجان ۽ اسان ٻئي شهر کي گڏجي گهمون پيا ۽ گهمڻ دوران کل ڀوڳ، ڪچهري، دوستن کي ياد ڪرڻ، سنڌ جي حالتن تي تبصرا ڪرڻ ۽ اها خواهش ڪرڻ ته ڪاش اسان جي سنڌ به هنن ترقي يافته ملڪن وانگر ترقي ڪري ۽ اسان جا ماروئڙا به ڪو سچو سک جو ساهه کڻن.
چون ٿا ته ايئر پورٽ، بسن جا اڏا ۽ ريلوي اسٽيشنون دنيا جون اهي جڳهيون آهن جتي اوهان پنهنجن پيارن، گهر ڀاتين يا دوستن سان ملڻ جي حقيقي خوشي پسي سگهو ٿا يا موڪلائڻ مهل چهرن تي اداسي! پير حماد الله به منهنجي چهري تي اها اداسي اسٽاڪهولم جي هوائي اڏي تي پسي ورتي، جڏهن اسان پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان وري ملڻ جو چئي موڪلايو پير حماد الله صاحب يورپ جي سفر کانپوءِ يو ايس اي ۽ ڪئنيڊا جي سفر تي پڻ ويو ۽ اميد ڪجي ٿي ته سندس ٻيو سفرنامو انهن ملڪن بابت پڻ جلد ضرور ايندو ۽ پڙهندڙن کي منفرد قسم جي معلومات ملندي.

No comments:

Post a Comment