Thursday, December 05, 2019

ڪالڪا مندر - عنايت کٽياڻ


ڪالڪا مندر - اروڙ
(سفرنامو)
عنايت کٽياڻ
Image may contain: 2 people, people standing
اسين اروڙ جا آثار ڏسڻ کان پوءِ ڪالڪا مندر پهتاسين ڪچي ٽٽل ڦٽل رستي تي تقريبن، ٽي ڪلوميٽر پنڌ ڪيوسين ته هن مک رستي جي ساڄي هٿ تي هڪ ٻيو رستو آهي جنهن تي مڙندي ئي کٻي هٿ تي ڪالڪا ماتا جو تاريخي مندر آهي. مندر هڪ اونچي ٽڪريءَ تي آهي، ٻاهرين وڏي دروازي کان اندر احاطي ۾ گاڏي بيهاري پڪي ۽ ڪشادي ڏاڪڻين تي چڙهي مٿي مندر تي پهتاسين وچ رستي جي ٻنهي پاسن کان رهائش ۽ پوڄا-پاٺ لاءِ وڏا وڏا ھال ۽ عمارتون ٺهيل آهن. رستي جي آخري ڇيڙي تي اصل مندر، هڪ غار اندر آهي، جنهن جي ٻاهران به هڪ وڏو ھال ٺهيل آهي، جتي مندر جا رکوالا ۽ پوڄاري ويٺا هئا، جن اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. مون ساڻن پنهنجو، سليم مهر صاحب ۽ ايڊووڪيٽ رفيق چاچڙ جو تعارف ڪرايو ۽ ٻڌايوسين ته اسان هن تاريخي مندر جي معلومات ڄاڻڻ چاهيون ٿا. مندر جي مک پوڄاريءَ چيو ته اچو پهريان اوهان کي اصل مندر ۽ ڪالڪا ماتا جو درشن ڪرايان پوءِ اچي ڪچهري ڪيون ٿا، هن مندر جو اندريو دروازو کوليو ۽ اسين سندس پويان اندر مندر ۾ داخل ٿياسين اندر هڪ وڏو ۽ ڪشادو غار هئو جنهن ۾ داخل ٿيندي ئي سامهون تقريبن ويھن فوٽن جي مفاصلي تي ڪالڪا ماتا جي اصل مورت جيڪا قدرتي پٿر تي نمودار ٿيل هئي ان جو درشن ڪيوسين اندر کٻي هٿ تي غار اندر هڪ ٻي قدرتي راهداري هئي جنهن جي ٻنهي پاسن کان ديوين ۽ ديوتائن جون مورتيون سجايل آهن، هي هڪ وڏو غار آهي ۽ اندر روشني لاءِ بجليءَ جو سٺو انتظام ٿيل آهي پوڄاري اسان کي راهداريءَ جي آخر ۾ وٺي ويو جتي هڪ گول سوراخ نما غار ڏيکاريائين ۽ ٻڌايائين ته هي سرنگهه آهي جيڪا هتان کان سيوڻ ۽ پوءِ هنگلاج تائين پهچندي هئي جنهن رستي ڏکين ڏينهن ۾ پوڄاري محفوظ سفر ڪندا هئا هاڻي هيءَ سرنگهه لٽجي بند ٿي ويئي آهي. مون کي ياد آيو ته اهڙي ئي هڪ سرنگهه مون مڪليءَ جي شنگھ ڀواني مندر ڀرسان ڏٺي آهي جيڪا پڻ هنگلاج تائين هوندي هئي جيڪا پڻ هاڻي بند ٿي ويئي آهي ۽ مون پڙهيو آهي ته اهڙي قسم جون خفيه سرنگهون وڏي محنت ۽ خرچ سان ٺهرايون وينديون هيون ته جيئن مخالف مذهبن جي حڪومت هوندي به پنهنجي تحريڪن کي جاري رکڻ لاءِ محفوظ سفر ڪري سگهجي. اسين پوڄاريءَ سان گڏ غار کان ٻاهر آياسين ۽ حال ۾ اچي ويٺاسين مون پوڄاريءَ کان پڇيو ته سائين آءٌ مڪليءَ جي شنگهه ڀواني مندر به ويو آهيان ۽ اسان دوستن ۾ هڪ بحث هتي ايندي ٿيو آهي، جنهن ۾ منهنجو رايو آهي ته ڪالي ماتا، ڪالڪا ۽ شنگهه ڀواني ماتا هڪ ئي ديوي جا نالا آهن. جڏهن ته سليم مهر صاحب جي راءِ آهي ته اهي الڳ الڳ ديويون آهن. اوهان اسان کي ان بابت ٻڌايو ته حقيقت ڇا آهي؟ پوڄاريءَ جواب ڏنو ته؛ اصل ۾ هڪ ئي ماتا جا هي ست روپ آهن. ماتا هڪ آهي جيڪا مختلف علائقن ۽ مختلف وقتن ۾ مختلف نالن سان سڏي وڃي ٿي ۽ سندس پوڄا ڪئي وڃي ٿي. هن جا نالا؛ ماها ڪالي، ڪالي ما، ڪالي ماتا، ڪاليڪا به آهن، ۽ اسان جي ڌرم جو سڀ کان وڏو ديوتا شِو ديوتا کي مڃيو وڃي ٿو، جيڪو ڪالي ماتا جو مڙس هئو. هنن ٻنهي کي وڏو ديوتا ۽ وڏي ديوي مڃيو وڃي ٿو. پوڄاريءَ ٻڌايو ته هن مندر تي نو-راتڙيءَ ۾ وڏو ميلو لڳي ٿو ۽ ديوي کي هزارين ناريلن جي ڀيٽا ڏني ويندي آهي.


هتي ماتا شنگهه ڀواني مندر (مڪليءَ) جو ذڪر به ڪندو هلان ته جڏهن ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندڙ رستو مڪليءَ جي ٽڪريءَ تان هيٺ ٺٽي شهر ڏي لهي ٿو ته بلڪل اُن هنڌ سڄي هٿ تي هي مندر آهي. ھيءُ مندر هندو ڌرم جو وڏو ۽ قديمي مندر آهي. هن مندر جو اصل نالو “ماتا شنگهه ڀواني مندر” آهي. ماتا شنگهه ڀواني جيڪا ڪالي ديويءَ ۽ ڪالي ماتا جي نالي سان به مشُھور آهي. هن مندر ۾ به ماتا شنگهه ڀوانيءَ جي قُدرتي مورتي آهي جنهن ڪري ھيءُ مندر قديمي دور کان هندو ڌرم جو هڪ اهم زيارت گاهه آهي. هتي پري پري کان زيارتي اچن ٿا. هن مندر جي هڪ ٻي به خاص اهميت آهي ته هنگلاج وڃڻ وارا ياتري ِهن مندر تي پهچي پوءِ هتان پنهنجي ڌرمي ياترائن لاءِ پنهنجو سفر شروع ڪن ٿا. سڄي برصغير خاص ڪري رڻ ڪڇ ۽ راجستان کان هنگلاج لاءِ وڃڻ وارا ياتري پھرين هن مندر تي پهچندا آهن. هتي قُدرتي مورتيءَ کان سواءِ ڪالي ماتا ديوي ۽ هندو ڌرم جي ٻين اهم اوتارن جون مورتيون به رکيل آهن ۽ ھيءُ مندر ڪالڪا جي مندر طور به مشهور آهي. هن مندر جي ڀر سان هڪ غار به آهي جنهن لاءِ مُختلف وقتن جون مُختلف ڏند َڪٿائون موُجود آهن. هن غار لاءِ چيو وڃي ٿو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن غار ۾ اندر داخل ٿيو ۽ سڌو وڃي هنگلاج نڪتو. اهڙيءَ طرح جون ڏند ڪٿائون ڀٽائي صاحب کان اڳ جي هندو سامين ۽ ساڌوئن لاءِ به مشُھور آهن.
رحيمداد خان مولائي شيدائي اروڙ جي ڪالڪا مندر بابت لکي ٿو ته عربن جي ڪاهه وقت اروڙ سنڌ سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هئو، ۽ هي مندر تمام وڏو مندر هئو، هتي هڪ سوار جو مجسمو رکيل هئو جيڪو سڄو هيرن ۽ جواهرن سان جڙيل هئو ۽ شهر وارن محمد بن قاسم سان آڻ مڃڻ لاءِ جيڪي شرط رکيا هئا انهن ۾ هڪ شرط هن بت جي سلامتيءَ لاءِ به هئو، جيڪو محمد بن قاسن سڀن شرطن سميت قبول ڪيو هئو ۽ پوءِ اروڙجي قلعي جا دروازا سندس لاءِ کوليا ويا هئا. (ڪتاب ۔ جنت السنڌ جو صفحو ۷۴).
مندر جي مک پوڄاريءَ سان اسان جي جيڪا ڪچهري ٿي ان ۾ هن اسان کي هندومت ۽ ڪالي ماتا بابت ڪافي ڄاڻ ڏني باقي مندر يا اروڙ جي قلعي بابت ڪا تاريخي ڄاڻ هن کي به نه هئي ۽ نه وري اروڙ جي آثارن بابت ڪا هن کي خاص خبر هئي، هن مذهب بابت پنهنجي وڏڙ کان ٻڌل ڳالهيون ئي ٻڌائيون، اسان هن کان موڪلائي مندر کان ٻاهر نڪتا سين، مندر ننڍي ٽڪريءَ تي آهي جنهن جي پويان وڏو پهاڙ نظر اچي ٿو ۽ آسپاس ننڍيون وڏيون ٽڪريون آهن جن سڀن جي وچ ۾ هي مندر پري کان تمام خوبصورت منظر پيش ڪري رهيو آهي، خاص طور مندر پويان وڏي پهاڙ جو سڀن کان منفرد حسين نظارو آهي، مندر جي سامهون به پهاڙ آهي جنهن جو دامن ۾ سرڪاري اسڪول قائم آهي.

(روزاني ايڪتا ۰۵ ڊسمبر ۲۰۱۹ع ۾ ڇپيل. - عنايت کٽياڻ جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment