Monday, December 23, 2019

ڪتابن جي عاشقن سان ھڪ سفر - نثار کوکر


ڪتابن جي عاشقن سان ھڪ سفر
نثار کوکر
ان ڏينهن پنهنجي الائي ڪهڙي پُور ۾ هيس جو اوچتو جانان جي فون اچي وئي ۽ منهنجو ڏس پتو يعني لوڪيشن پڇيائين. جڏهن کيس خبر پئي ته همراهه جُوءِ ۾ آهي ته هن ڪراچي هلڻ جي صلاح ڪئي سو به صبح سان سوير. مون به نه ڪئي هم نه تم سنگت سان ها کڻي ڪيم. مون سمجهيو همراهه ڪجهه دير سان ايندا پر صبح جو ٺيڪ اٺين وڳي اچي در کڙڪايائون. اسان به سست ماڻهو سو بنا غسل جي راتوڪي گوڏ گنجي يعني ٽرائوزر سميت وڃي سنگت سان ملياسون. سمورو ڏينهن سفر ڪري جڏهن ڪراچي پهتاسون ته همراهن جي تڙ تڪڙ اهڙي هجي جيئن ڪا شيءِ هٿن مان ويندي هجي. مون سوچيو هي منور سولنگي ۽ يامين بلوچ ته پڙهيا لکيا اديب ماڻهو آهن سي پڪ سان ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ هلندڙ عالمي اردو ڪانفرنس ۾ وٺي هلندا، جتي اسان جي هڪ تمام جهوني سنڌي اديب جو ليڪچر يا سيشن به ان ئي ڏينهن رکيل هو پر همراهن نه ٿڪ ڀڳو نه ساهي پٽي. سڌو اچي ڪراچي ايڪسپو سينٽر تي بيٺا جتي ماڻهن جي تمام گهڻي رش لڳي پئي. مون اڃا گاڏي مس پارڪ ڪئي ته همراهه پڇائون ڪندا ڪندا وڃي پنهنجي پسنديده ڪتابن واري هال ۾ پهتا جتي سندن موڊ ئي مٽجي ويا. اسان کي ته صفا سڃاڻين ئي نه پيا. اچي ڪتابن تي متل رش ۾ وڏن خفتين واريون گهتون هنيائون. هڪٻئي کان پڇندا الڳ پيا رهن؛ يار ڏي خبر هي دوزخ نامه وٺندين، ٻيو چوي نه شهنشاهه ٿا وٺون. ان وٺ وٺان ۾ ايترا محو ٿي ويا جيتري ڪا بيگم صاحبه آئيڊياز جي سوڪالڊ ستر پرسينٽ واري سيل تي ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ وڃي وهاڻن تي بيهندي آهي.


ايڪسپو سينٽر ۾ ڪتابن جي اسٽالن تي ايتري ته رش هئي جو چئي بس ڪر، ماڻهو پنهنجي فيمليز سميت آيل هئا ته مختلف اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽيز کان شاگردن ۽ شاگردياڻين جا وفد الڳ سان لٿل هئا. ان ئي ڪتابن جي عاشقن جي رش ۾ جڏهن مون واري سفر جا ساٿي الڳ الڳ ٿي ويا ته مونکي پنهنجي پراڻي هم سفر ساٿياڻي ياد اچي وئي جنهن سان ان ئي ايڪسپو سينٽر ۾ ڪجهه سال اڳ لڳل ڪتابن جي نمائش ۾ آيو هئس. ان وقت هوءَ فارسيءَ ۾ ايم فل ڪري رهي هئي. تنهنڪري هن جي دلچسپي سبب ايراني قونصل خاني پاران لڳل اسٽال تي اسان گهڻو وقت گذاريو هو ۽ انهن جا انٽرويوز به ڪيا هئا. انهن انٽرويز دوران هوءَ منهنجي ڪئمرامين ٿي ڪم ڪري رهي هئي. مونکي ان رش ۾ جڏهن دوست اڪيلو ڇڏي ويا ته مون ان پراڻي گرل فرينڊ جي ياد ۾ ڪافيءَ جو ڪوپ پيئڻ جو فيصلو ڪيو ۽ تيستائين اها ڪني ٺهيل ڪافي پيئندو رهيس، جيستائين سنگتي ٻيهر نه مليا. ڪافي پيئڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي کان ڪراچي پهچڻ واري سفر جو ٿڪ مس لٿو ته مون به ڪتابن ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ پنهنجي پنهنجي پسند جا ناول يا سوانح حياتيون خريد ڪندو رهيس. دوستن جي اصرار تي هال نمبر ٽئين مان نڪري اسان هال نمبر ٻئين ۾ پهتاسين ته هڪ همراهه ٻانهن ۾ هٿ وجهي منهنجو نالو کڻي سنڌي ۾ چيو؛ سائين ڏسو ٿا نه ڪتابن جا اسٽال. مون کيس هائوڪار ڪئي ته هن پنهنجي اصل ڳڻتي کان آگاهه ڪيو. ان اجنبي شخص ٻڌايو ته؛ ڪراچي سنڌ جي دل چئون ٿا، پر هتي سنڌي پبلشرن يا ڪتاب گهرن ته ڇڏيو سرڪاري اشاعتي ادارن به ڪو اسٽال نه لڳايو آهي. اسان سنڌي ڪتاب ڪتاب هن ميلي مان ڪٿان خريد ڪريون. هن سرڪاري سنڌي اشاعتي ادارن جا نالا کڻي چيو ته انهن کي هتي هن ڪتابي ميلي ۾ اچڻ کان ڪنهن روڪيو آهي. سندس ڳالهه ۾ وزن هيو پر مونکي اڃا ٿورو اڳتي وارن اولڊ بڪ اسٽالن طرف وڃڻو هو سو همراهه کان موڪلائي اڳتي وڌيس. سدا بهار ڪتاب “آگ ڪا دريا” ڏسي رهيو هئس ته اچانڪ هڪ همراهه ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو؛ “ايڪسڪيوز مي سر..!” مون سندس چهري ۾ ڏسڻ بنا سري ڪري کيس رستو ڏنو پر هن چيو؛ “سر توهان سان ملڻو آهي..” مون سنڌيءَ ۾ سندس سڏ ٻڌي کيس هڪدم ڏٺو ته هڪ پڙهيل لکيل نوجوان سامهون بيٺل هو. هن پنهنجو ۽ پنهنجي پنجن ڇهن ساٿين جو تعارف ڪرائيندي چيو؛ “سائين اسان ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندا آهيون. هتي ڪتاب ڏسڻ آياسين پر سنڌي ڪتاب نظر نٿا اچن.” سندن ڳڻتي حق تي هئي پر خبر ناهي سنڌي پبلشر ان طرف ڇو توجهه نٿا ڏين. شايد ان ڪري ته هو سمجهن ٿا ته ڪراچي ۾ سنڌي گهٽ ڪتاب خريد ڪندا آهن پر شايد اهي به مون وانگر ان غلطفهمي ۾ مبتلا آهن، جيئن مون انهن نوجوانن کان پڇيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪيترا سنڌي شاگرد پڙهندا هوندا ته هنن جو جواب ٻڌي مان حيران ٿي ويس. انهن نوجوان شاگردن ٻڌايو ته؛ “ڪراچي يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ لڳ ڀڳ ويهه هزار سنڌي شاگرد پڙهي رهيا آهن.” ممڪن آهي سندن اندازو ڪجهه وڌيڪ هجي پر اها خوشخبري جهڙي ڳالهه هئي، جنهن تي ڳالهائيندي هنن ٻڌايو ته؛ ”سائين ڪراچي يونيورسٽي جي داخلا، پهريان ڪراچي واري تبديل ٿئي ته اسان جا تمام گهڻا نوجوان داخلا وٺي سگهن ٿا.“ کين شڪايت هئي ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ سنڌي شاگردن جي مالڪي نٿي ڪئي وڃي. هنن چيو ته؛ ”اسيمبلي ميمبر ته اسان جي نٿا ٻڌن، پر خود سنڌي ميڊيا جا ٽي وي چينل به اسان جي سرگرمين يا اسان جي مسئلن کي فوڪس نٿا ڪن. جنهنڪري اسان اڪيلي سر انهن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.“
ڪراچي يونيورسٽي جي انهن ذهين شاگردن کان موڪلائي، پنهنجي حصي جي ڪتابن طرف ڏٺم ته ٻه ٿيلهيون منهنجون به ڀرجي چڪيون هيون. سو وري به اڳتي وڌياسين ته پراڻن انگريزي ڪتابن جي اسٽال تي اسان جو محترم دوست يامين بلوچ اهڙي ڳولا ۾ لڳو پيو هو جو کيس مٿي کنهڻ جي واندڪائي به نه هئي. ان اسٽال تان يامين گهٽ ۾ گهٽ پنجن هزارن جي خريداري ڪئي. اسان اڳتي وڌياسين ته ڪنهن ٻئي هال ۾ وڃون ته ٻاهر ڪتابن جو پراڻو عاشق اسلام ڪوٽ وارو اشرف سمون، منور سولنگي سميت ڪتابن سان ڀريل ٿيلها ۽ ٿيلهيون کڻي ائين ويٺل هئا، جيئن ڪپڙن جي سيل تان موٽيل اڌڙوٽ بيگمات ساهي پٽڻ لئه ويٺل هونديون آهن. انهن جي ٿيلهين ۽ ٿيلهن مان لڳو پي ته انهن به ڪتابن جي رعايتي اگهن مان خريداري ڪرڻ جي ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. ان سنگت کي ساهي پٽڻ لئه ڇڏي اسان وري اڳتي اڃا ٽئين هال ۾ داخل ٿياسين جتي ٻارڙن جي ڪتابن جي سٺي ويرائٽي پيل هئي ۽ اسان دلچسپي سان انهن کي ڏسندا اڳتي روانا ٿياسين ته ڪتابن جو پراڻو پياسي پيارو حميد سبزوئي به نظر اچي ويو، جنهن سان بيٺي پير مختصر ملاقات بعد اسان اڳتي وڌي ڪنهن اهڙي اسٽال تي اچي بيٺاسين جيڪو پراڻن ڪتابن جي هڪ پوري لائبريري وڪڻي رهيو هو. پڇا ڳاڇا مان خبر پئي ته ڪنهن امير پر ڪتابن جي شوقين شخص جي لاڏاڻي بعد سندس اولاد اها پوري جو پوري لائبريري وڪڻي ڇڏي آهي. ان لائبريري ۾ صرف انگريزي ڪتاب پيل هئا پر لڳ ڀڳ سمورا ڪتاب چمڙي جي اهڙن جلدن ۾ ڍڪيل هئا جيئن انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جا ڪتاب جلدن ۾ محفوظ هوندا آهن. ان اسٽال تان ڪجهه ڪتاب ڏسي ڪجهه وٺي اڳتي وڌياسين ته مون کي سنگت واپسي جو اشارو ڪيو، جو سندن ان ڏينهن واري بئلنس جا کيسا خالي ٿي چڪا هئا. واپس اچي انهن بئنچن تي ويٺاسين جتي منور ۽ اشرف اڳي ئي ويٺل هئا. چانهن پي پنهنجي پنهنجي حصي جا ڪتاب کڻي، وري سڀاڻي ملڻ جو چئي سنگت کان موڪلايوسين.
واپسي تي ماني کائي، سڀاڻي آچر هئڻ ڪري، پلان اهو جوڙيوسين ته صدر هلي فوٽ پاٿ واري ڪتاب بازار کي به جانچجي. سمهڻو ته سويل هيو پر ڪتابن ۽ ليکڪن جي ڳالهين ۾ اهڙو ته ڪو نشو سمايل هو جو اسان کي اڌ رات ٿي وئي. سنگت وڃي سمهي پر مون کي پوءِ به پرڀات ٿي وئي ۽ ڪراچي جي پاڙيسري ملن جا آذان ٻڌي آئون پوءِ ستس. صبح جو اک کلڻ سان ڇا ڏسان ته جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ. سنگتي سويل ئي صدر بازار هليا ويا ۽ منهنجي آرام جو خيال ڪندي مون کي نه اٿاريائون. بعد ۾ خبر پئي ته انهن کي به اسلام ڪوٽ واري اشرف صبح سان اهو چئي اٿاريو هو ته مان صدر پهچي ويو آهيان. هتي ڪتابن جا ٻورا کلڻ وارا آهن، جلد پهچو. سو همراهه جڏهن منجهند ڌاري واپس ٿيا ته سندن هٿن ۾ وري به ڪتابن جون ٿيلهيون هيون. مون انهن ڪتابن جي عاشقن سان گڏجي مانجهاندو مس ڪيو ته همراهن وري هلڻ جو چيو ته هلي فريئر هال ۾ لڳل ڪتابن واري رعايتي بازار کي به چيڪ ڪجي. انهن سان گڏ فريئر هال پهتاسون، جتي ڪراچي جي ڇوڪرن جي اڪثريت پنهنجي پنهنجي سمارٽ فونن تي ٽڪ ٽوڪ يا ڪي ٻيا وڊيوز ٺاهڻ ۾ مگن هئي. پر هي پوڙهن جي پراڻي ڪمپني ڪتابن مٿان ڪڙڪي پئي ۽ نيٺ چونڊي چونڊي ڪجهه ناول وٺي، ڪراچي جي سمنڊ جو رخ ڪيائون.
مون پنهنجي زندگي ۾ گاجي شاه جي ميلي کان ويندي سمن سرڪار جي ميلي يا ٻين اڙانگن رستن وارن ميلن تي جام راتيون گذاريون آهن. جتي ڇوڪرن جي شوقينن کان ويندي ڪڪڙن جا خفتي به ٽڪريا آهن پر هي يار عجيب هئا، جيڪي ڪتابن جي عشق ۾ پنج سؤ ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڪراچي آيا ۽ گاڏيءَ جي ڊگي ڪتابن سان ڀري هزارين رويپا لٽائي خوشي خوشي واپس ٿيا.

No comments:

Post a Comment