Sunday, December 29, 2019

مورن جي ديس جي ياترا - نصير مرزا


مورن جي ديس جي ياترا
نصير مرزا
اصل ۾ ان طرف مورن ۽ مور جهڙن ملوڪ ماڻهن جو واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ ئي آئون وڃي رهيو هوس. بس انهن سان ملڻ ۽ مور جي ٽهوڪن ٻُڌڻ لاءِ ئي ڪارونجهر ياترا لاءِ آئون گهران نڪتل هوس ۽ هيءُ نئين ڪوٽ وارو ڪس ۽ گس هو، جنهن وٽان هيٺ ترائي ۾ آئون ڇا لٿس، پويان راضي شاهه جي مزار جي احاطي مان مائي ڀاڳيءَ جو سندس لحد مان آواز مون ڪنايو، ”مهراڻي جا مير، واڳون وطن تي وار...“ ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن ڦٽل کوهه ڪناري روهيڙي جي وڻ تان، مور جو پهريون ٽهوڪو ٻُڌي ورتو! هاڻي رستي ۾ اوچن ڀٽن جي هُن پار، منهنجي شاعر يار ماٺيڻي اوٺي جو ديار آيو، ڳوٺ خانور اوٺو...دوربين مون سان ساڻ هُئي، جنهن مان ماضيءَ جي ڪنهن جهروڪي ۾ بيٺل هو مون کي صاف نظر آيو. ڇا ته افلاطوني عشق جو قائل ۽ شروع کان ئي خودڪشي ڪرڻ ڏي مائل- مزاجن ڪنفيوزڊ، پر چوويهه ئي ڪلاڪ عاشق، نيٺ لاحاصل کي حاصل ڪرڻ لاءِ درياهه سنڌ ۾ لهي ويو، سندس لاش ڪوٽڙي بئراج جي ٻائيتالهين دروازي وٽان مليو، جنهن کي ايڌيءَ وارن لاوارث ڄاڻي ٽنڊي يوسف جي بي ڪنار قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪري ڇڏيو. تڏهن تُرت ريڊيو حيدرآباد تي مون سندس هيءُ ڪلام رڪارڊ ڪيو، ”روح جا ريلا هاءِ اڪيلا، توکي سُڏڪي ساريان.“ هاڻي مون خانور اوٺي مان به ڪنهن مور جو ٽهوڪو يا شايد ماٺيڻي اوٺي جو آواز ڪنائيو...”خدا حافظ ماٺيڻا“، مون چپن ۾ چيو ۽ خانور اوٺي کان مُنهن موڙي مٺي ديار ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو، جتي جي اسپتالن ۾ اُڃ، بُک ۽ دوائن جي اڻاٺ سبب ٻارن جي موت ۽ مورن جي روسٽ ٿيڻ وارين خبرن کان آئون اڳي ئي آگاهه هوس- اجهو مٺيءَ کان ننگر تائين چوطرف ڇا ته روهيڙي جا املهه وڻ، زير زمين معدنيات، پيٽرول، گئس، بليڪ گولڊ، ڪارونجهر ۾ گرينائٽ ۽ چائنا ڪلي هجڻ جي باوجود ان ديار ۾ داخل ٿيڻ سان، ڪنهن اسپتال جي دروازي وٽ مون ٻُڌو، ڇتا ڇُڙيل ڪائي سوڳوار ماءُ چئي رهي هئي...”مٺيون ٻيون، آئون مٺي ناهيان-“


هي گڊي ڀٽ جي ڪناري سان جيڪو ڍنگهرن جو لوڙهو، مون شايد اتان به ته مور جو هڪ اداس ٽهوڪو ٻُڌو...شايد اتي ڪنهن قبر اندر واريءَ جي وهاڻي تي سُتل هيءُ منهنجي يار موهن ڀڳت جو آواز هو. ساٿي رڙي سڏ ڪندي ويا، هاءِ منهنجي ساٿ جا...اوچتو منهنجون اکيون آليون ٿي ويون. تڏهن مون دعا لاءِ هٿ نه، اکين جا مٿي ڇپر کڻي چيو“ خداوند، اسان جو هيءُ معصوم راڳي شل مورن جي هنج ۾ هجي.“ موهن جي لحد ڀرسان هن جي شريڪ حيات امان کيمي ۽ ڀرسان ڀاءُ سروپَ جي قبر هُئي ۽ آسپاس ڳلي ۾ گهنڊڻين سان ٻڪريون چرندڙ هيون. لوڙهي ڀرسان موهن ڀڳت جي پريوار جا ٻڪريون چاريندڙ، بي پرواهه ننڍڙا ٻارڙا، دائرو ٺاهي واريءَ تي اوڪڙو ويهي گول ڦري چئي رهيا هُئا: ”ڦِر ڦِر سونٽو دٻلي ٿي ڇڻڪي.“ اوچتو گڊي ڀٽ وٽان لنگهندي پنهنجي يار، مٺي واسي شاعر سائينداد ساند جي سٽ مون کي ياد پئي؛ ”حال منهنجا پُڇي، منهنجا ڳوڙها اُگهي، ڪو ته اهڙو هُجي.“ تڏهن مٺيءَ جي گهٽين مان لنگهندي سائينداد به شدت سان ياد اچڻ لڳو هو. يونيورسٽي ۾ اسين سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ گڏ ئي ته پڙهندا هئاسين ۽ ٻئي ٽچا ٽچ جوان، تڏهن آئون جيڪڏهن شانت سڀاءَ وارو ته هو وري جهڙو ڊڄڻو هرڻ. مون ريڊيو تي هن جا ٻه ڪيڏا نه سٺا غزل رڪارڊ ڪيا هئا، جن مان هڪ هو ”ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو، ڪِرندو جنهن تي ڪاجل هوندو.“ هاڻي ته اسين ٻئي ڄڻ اولڊي گولڊي ۽ آئيني آڏو شرمنده شرمنده، ٻه رٽائرڊ پوڙها. مٺيءَ کان اڳتي ويندي الائي ڇو لڳو، سائينداد پويان بيهي پنهنجو ئي لکيل هڪ غزل جو هيءُ شعر منهنجي لاءِ پيو پڙهي ته..هٿ اکين تان کڻان، تنهن کان اڳي موڙ اُڪري وڃي ته ڏاڍو سٺو.“ اڳتي اسلام ڪوٽ جا ته رنگ ئي نرالا پئي نظر آيا، ڇا ته روڊ رستا، صفايون سُٿرايون ۽ هر چوڪ ڄڻ چاندني چوڪ اڪثر ماڻهو خوش لباس، ڀانت ڀانت جون ٻوليون ٻوليندڙ سنڌي، اردو، ٿري، ڏاٽڪي، مارواڙي، راجسٿاني، گجراتي، تڏهن ٿر جي ان مرڪز ۾ بيهي چيلهار کان ڏيپلي، ڇاڇري، ڇور، عمرڪوٽ ۽ ننگر جي مور ماڻهن جا نالا رنگ رتي ڦرموٽيءَ وانگر ذهن ۾ ڦرندا ٿي ويا ۽ اهي سڀ ڇا ته مور ماڻهو...مثال طور بابا سائين رائچند چيلهاروي، منگها رام اوجها، مسڪين جهان خان کوسو، چاچو علي نواز کوسو، سائين ولي رام ولڀ، عزيزم نفيس ناشاد، مقيم ڪنڀار، ڊپٽي صاحب غلام محمد ميمڻ، محمد عثمان ڏيپلائي، احمد ڏيپلائي، مصري ڏيپلائي، مائي ڌائي، مائي سوني، فوزيه سومرو...واٽ ۾ ايندڙ گوڙي مندر، جنهن جي پاسن کان ننڍڙيون سماڌيون، ڏيوريون، يا الائي ننڍا ننڍا مندر جن جي محرابن ۾ ڏينهن ڏٺي جو به ڏياٽيون روشن هيون، گوڙي مندر جي صحن ۾ وري ڪي مڱڻهار فقير هار مونيم اڳيان رکي ڍولڪ جي رڌم تي سياحن آڏو ڳائي رهيا هُئا: ”موريا او موريا سنيهو ڏنو، دل آهي پياسي منهنجي، اُڏر هلون ڙي ٿرپارڪر ۾، هل ته هلون ڙي ٿرپارڪر ۾...“
گوڙي مندر کان سڏ پنڌ تي مهاوير وارا هي ڇا ته اوچا اوچا مُنارا، ڀرسان ڀوڏيسر واري قديم مسجد، ان جي اڳيان بي نام ڪتبن واريون زمين دوز قبرون الائي ڪنهن جون؟ اتي بيٺل ڪنهن حواليءَ ٻڌايو پئي، انهن مان هڪ قبر ۾ ڀالوا واري مارئي به آرامي آهي. ڀوڏيسر واري مسجد مٿان هي ڇايا ڇتنار ڪنڊيءَ جو ڇا ته شاهي وڻ ۽ ان جي هڪڙي ڏار تي وڏو شاهي مور ويٺل. شايد آدم بيزار هو، سو اسانکي ڏسندي ئي راڻا سر تلاءَ ڏانهن وٺي اڏاڻو. پري کان مون اُن جو خوف ۾ ورتل ٽهوڪو به ٻُڌو. يا الله! هي مهاوير وارا مينارا، ڀوڏيسر واري مسجد جا در و ديوار، هي هتي قبرن جا آثار، جن بابت ڪنهن کي به ته خبر چار نه، ته انهن جا معمار الائي ڪير؟ ۽ ڇا انهن جي اڏيندڙن جا نالا؟ ڇا ايندڙ زمانن جو ڪو اينٿروپالاجسٽ، ڪو مورخ ننڊ مان نيٺ جاڳندو ۽ ٻُڌائيندو ته انهن قبرن ۾ آرامي ڪير ڪير؟ پر فضائن مان ڪنن تائين هي ڪهڙا آواز پئي مون ٻُڌا؟ بيگڙا او بيگڙا...روپلا او روپلا...پر انهن کي لنوائيندو آئون اڳتي ئي اڳتي وڌندو پئي ويس، ته ڇا ڏسان سامهون ڪارونجهر جبل! جتان ڪجهه فاصلي تي ڪاسبو، جتي شِو واري مندر جي آسپاس ننگر جا ڪي مور، مٺي تي ڪلنگي لوڏي لوڏي وقار سان وکون کڻي ٽهلندا، ڄڻ ڪارونجهر جي گري نائيٽ قيمتي پٿر تي فخر ڪندا پئي نظر آيا ۽ شايد ان هاڃي کان بلڪل بي خبر ته ڪارونجهر جي هڪ ڪُک ڪورجي چڪي آهي. اُندلس جي تاريخ ۾ ڪنهن وقت پڙهيو هوم، غرناطه جي آخري والي ابو عبدالله کي جنهن هنڌ شڪست آئي هُئي، شهر هن جي هٿن مان هليو ويو ته ان مقام کي مورخن پوءِ ”مور جي آهه“ جو نالو ڏنو هو. مڪمل طور تي ڪارونجهر جبل به جڏهن ڪورجي ختم ٿي ويندو ته ڇا ان هنڌ جو به نالو رکيو ويندو، ”ڪارونجهر جي آهه“- هاڻي يارن سان گڏجي ننگر مان نڪتس پئي ته هيءُ نماشام جو وقت، ڪو ڪولهي جهولندو جهمندو ڀرسان لنگهيو ته، ڌرتي ۾ چڪايل ٺري جهڙي خوشبوءِ ان منجهان آئي، تڏهن چپن ۾ چوڻ لڳس، ”او مان، ٺران ٺران....“
موٽي مٺيءَ پهتس ته ان جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ اتي ڪن رٽائرڊ استادن ۽ هڏ ڏوکي بزرگ تعليمدانن پاران ڀرپاسي وارن ڳوٺن جي غريب شاگردن لاءِ جيڪي ننڍيون ننڍيون پرائيويٽ هاسٽلز يا پينگ گيسٽ طور جيڪي اتي رهائش گاهون انهن به ته پاڻ ڏانهن مونکي ڇڪيو هو. تڏهن گڊي ڀٽ جي ڇانوَ ۾ هڪ هاسٽل ۾ اندر هليو ويس. ڇا ڏسان ننڍڙا ننڍڙا ڪمرا، جن ۾ اندر چار چار کٽولا، ائين ورانڊي ۾ به قطار در قطار کٽون رکيل، جن تي صاف سٿرا هنڌ وڇايل ۽ انهن تي ننڍا ننڍا ڪجهه نو خيز جوانڙا به پڙهائي ۾ مصروف. الائي ڇو مونکي ڏسي خوش ٿيڻ لڳا، جن مان ڪيترن ته موبائل آن ڪيا ۽ لڳا مون سان سيلفيون ڪڍرائڻ...اڙي بابا منهنجا ٻچڙو، آئون ڪو شاهه رخ خان يا سلمان خان ته ناهيان ۽ نه عمران خان يا بلاول ڀٽو زرداري، ڏسو توهين متان ڪٿي ڀليا ته ڪو نه آهيو؟ تڏهن نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ٻارڙا چوڻ ٿي لڳا، اهو ڪافي ناهي ڇا ته توهين نصير مرزا آهيو؟ اسين توهان جي ڪاوش وارن ڪالمن جا مسلسل پڙهندڙ...تڏهن اوچتو منهنجي سنگهڻ وارا حواس به ته سُجاڳ ٿي ويا هئا، لڳو اڱڻ ۾ جيڪا رسوئي هئي، اتان چانورن ۽ دال کي ٿوم واري رائيءَ جي خوشبوءِ جا اوٻار پئي اٿيا، جنهن تي وات منهنجو به پاڻي پاڻي...ٻارن ڊنر جي آفر به ڏني، پر افسوس، مانيءَ جي تياريءَ ۾ اڃا ٿوري دير هُئي ۽ مونکي اتان تڪڙو نڪرڻو هو. تڏهن گڊي ڀٽ ڏانهن ويندي ويندي دال، ڀت، مينهن وارن پڪوڙن ۽ ٽماٽن جي چٽڻيءَ جي خوشبوءِ پري پري تائين منهنجو پيڇو ڪندي آئي.

No comments:

Post a Comment