Monday, December 23, 2019

شهدادپور ريلوي اسٽيشن ۽ پُراسرار ملنگ بابا - استاد نظاماڻي


شهدادپور ريلوي اسٽيشن ۽ پُراسرار ملنگ بابا
سفري ڪالم
استاد نظاماڻي
Image
شهدادپور ريلوي اسٽيشن سان گهڻيون يادون وابسته آهن. ننڍي هوندي جڏهن به مائٽ درگاه شريف تي ويندا هئا، شهداپور مان ئي ريل گاڏي ۾ چڙهي وڃي خيرپور ۾ لهندا هئاسين. اُتان وري درگاه شريف وڃبو هو. ريل گاڏي ۾ عيد جي موقعي جي ڪري رش اڳي ئي گهڻي هوند ي هئي. مٿان وري جماعت جو هجوم جو چڙهندو هو ته ويتر اندر هل هنگامو ٿي ويندو هو.


اسڪائوٽ ٽوئر تي وڃڻ وقت به هن اسٽيشن تان ئي گاڏيءَ ۾ چڙهندا هئاسين. جيڪا اڪثر عوامي ايڪسپريس، يا تيزرو هوندي هئي. جيڪا هر اسٽيشن تي بيهندي مٽي ڌوڙ ۾ لٽيندي، اچي لاهور اسٽيشن تي لاهيندي هئي. لاهور تي لهڻ وقت، همراه سڀ مٽي ۾ ڀڀوت ٿي لهندا هئاسين، جيستائين ٻه ٻه دفعا صابڻ هڻي وهنجبو هو تڏهن وڃي انار ڪلي بازار گهمڻ جهڙا ٿيندا هئاسين. جواني، سفر جو جوش خروش؛ ان ڪري نه مٽي جي پرواه، نه گرمي جي. ان ڪري ريل جي ڊٻن توڙي پٽڙي تي ڦرندڙ لوھ جي فيٿن جو شور به ڪنهن مڌر موسيقي جيئان لڳندو هو. ڪنهن به اسٽيشن تي ريل گاڏي بيهندي هئي مون جهڙو لهي پليٽ فارم تي پيو چڪر لڳائيندو،.وري جنهن مهل ريل وسل ڏيئي هلڻ شروع ڪندي ته هلندي ريل تي ڊوڙي نه چڙهجي ته سفر جو مزو ڪهڙو. هتان شهداپور مان ڪراچي جي لاءِ عوامي ايڪسپريس ۾ مون ۽ امر لغاري پڻ سفر ڪيو. مون ڪراچي کان وٺي پشاور تائين، ريل جو سفر ڪيو آهي. ان کان علاوه فيصل آباد سرگودها ريلوي روٽ جي سفر جو به موقعو مليو. لاهور ريلوي اسٽيشن سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو، پر جيڪڏهن ڪو مون کان پُڇي ته منهنجي آئيڊيل ريلوي اسٽيشن ڪهڙي آهي ته مان اهو چوندس ته اسلام آباد واري ريلوي اسٽيشن گولڙه شريف، ۽ لاهور کان اڳ ۾ ايندڙ اسٽيشن ڪوٽ راڌا ڪرشن. ڇاڪاڻ ته انهن جي هڪڙي پنهنجي خوبصورتي آهي، جنهن کي شاعراڻو مزاج رکندڙ ماڻهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو. انهي سفر دوران ڪيترا دلچسپ واقعا به پيش آيا، جيڪي مختصر مون پنهنجي ڊائرين ۾ به لکيا آهن.
هڪ دفعي مان پنهنجي اسڪائوٽس سان گڏ راولپنڊي مان عوامي ايڪسپريس ۾ چڙهيس، ريل گاڏي سفر ڪندي اسٽيشنن تي بيهندي اچي دينا اسٽيشن تي بيٺي. مان هيٺ لهي پيس. ننڍڙي اسٽيشن، جتي ڪا به ماڻهن جي پيهه نه هئي نه ئي ڪا چانهه جي ڪينٽين نه ڪا شاپ. عوامي ايڪسپريس کي ڪراس ڏيڻو هيو. ان ڪري ڪلاڪ کن انهي اسٽيشن تي ريل بيهي رهي. مان سيمنٽڊ بينچ تي ويهي رهيس. جولاءِ جو مهينو، مونکي پاڻي پيئڻ جي خواهش ٿي، مون هيڏنهن هوڏانهن لوڻو هنيو پر پاڻي نظر نه آيو. هڪڙو هينڊ پمپ نظر آيو، پر ان جو هٿيو گم هو. انهي سوچ ۾ ئي ويٺو هيس، هڪ ملنگ پنهنجي ڪاري عصا (لٺ) سان سان گڏ اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. پنهنجي گودڙي مان منرل واٽر جي بوتل ڪڍيائين، جيڪا سِيلڊ هئي. مون چپن ۾ چيو؛ واه مولا واه! تنهنجا ملنگ به هاڻ منرل واٽر پيا پين، ۽ مان اسٽيشن تي لڳل نلڪي مان مان پاڻي پيو ڳوليان پر پاڻي نه ٿو ملي، جڏهن ته نلڪو بنا پاڻي جي اسان جي اُڃ پيو وڌائي.
ملنگ مون ڏانهن غور سان ڏٺو، مسلسل ڏسندو رهيو. مان هن جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي ڪو نه سگهيس، جيتوڻيڪ ان جي اکين ۾ ڪاوڙ جي بجاءِ نماڻائي هئي. هُن پاڻي جي بوتل ڪڍي پاسي ۾ رکي. وري گودڙيءَ مان ماني، جيڪا ڪنهن ڪٻري ڪپڙي ۾ ويڙهيل هئي، سا به ڪڍيائين. مانيءَ سان گڏ بصر ٽماٽا تريل هئا.
هن منهنجي ٻانهن مان جهلي چيو؛ ”ماني کاءُ تنهنجي لاءِ آندي اٿم.“ (لهجو ميانوالي جي پنجابي سرائيڪي گاڏڙ هو)
مون انڪار ڪيو. مون صرف پاڻي پيئڻ جي خواهش ڪئي. هن ماني منهنجي جهولي ۾ رکندي ٿوري ڪاوڙ ۾ چيو؛ ”مان ڪي تنهنجي بابي جو نوڪر ٿورئي آهيان جو هيڏو پنڌ ڪري تو کي ماني؛ پاڻي ڏيڻ آيو آهيان.“
ائين چئي هو اٿيو. آهسته آهسته هلندو، ريلوي اسٽيشن جي مين گيٽ کان ٻاهر نڪري ويو. مون ڏکڻ طرف ڏٺو، عوامي ايڪسپريس جي بوگين جي ڊگهي قطار اڳيان لڳل ڪاري انجڻ مان نڪرندڙ دونهون، پوٺوهار جي فضا ۾ پکڙجي پئي ويو. انجڻ اڳيان، کمبي ۾ لڳل ملنگ جي ڳاڙهي اک جيئان ڳاڙهي روشني، گاڏيءَ کي روڪيو بيٺي هئي.
مان حيرت مان ڪنهن مهل پاڻي جي ٿڌي منرل واٽر جي بوتل کي ڏسندو رهيس، ته ڪنهن مهل جهوليءَ ۾ پيل ماني کي. ڪجهه لمحن ۾ ڪراس ڏيندڙ ايڪسپريس گاڏي وڏي شور ۽ تيزي سان گذرڻ لڳي. فضا ۾ اُڏامندڙ مٽي، لوھ جي پٽڙين تي وزني ڦيٿن جو آواز .....پوءِ وري ڊگهي خاموشي.
مون بوتل کولي پاڻي چپن تي چاڙهيو مس ته منهنجي ڪنن ۾ آواز آيو، ريل ۾ ويٺل ماستر اسحاق دري مان سسي ڪڍي چيو؛ ”واه ماستر واه! عياشيون پيو ڪرين، کاءُ کاءُ! اڪيلو کاءُ! اسان کي صلاح به ڪو نه ٿو ڪرين....!“
مون اتر طرف ڏٺو! ريلوي گارڊ سائي جهنڊي لهرائي رهيو هو. ريل آهسته آهسته ملنگ بابا جي رفتار جيئان رڙهڻ لڳي.
منهنجا قدم خوابن ۾ ڊوڙندڙ انسان جيئان پئي لڳا.

(استاد نظاماڻي جي فيسبڪ وال تان کنيل)

No comments:

Post a Comment