گلگلت بلتستان جي حسين
ماٿرين ڏانهن
خادم رند
پاڪستان ھڪ پاسي
پنهنجي مخصوص جاگرافيائي بيهڪ ڪري دنيا ۾ اھم ملڪ سمجهو وڃي ٿو ته ٻي پاسي ھتان
جون فطري حُسناڪيون به ڏيھي ۽ پرڏيھي سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿيون. دنيا ۾ اھڙا ٿورا
ئي ملڪ ھوندا جن وٽ پاڪستان جيان درياءَ، سامونڊي ڪنارا، سرسبز ميداني علائقا، وارياسا
ميدان، گليشيئر ۽ سڄو سال برف جي تھن سان ڍڪيل پھاڙي چوٽيون ھونديون. سنڌ، پنجاب،
بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي فطري سونهن به پنهنجو مٽ پاڻ آھي پر گلگت بلتستان پاڪستان
جو ھڪ اھڙو حسين علائقو آھي جتي فطرت سان پيار ڪندڙ پاڻ کي فطرت ماءُ جي ڀاڪر ۾
محسوس ڪن ٿا.
مان به جيئن ته
فطرت پسند ماڻهو آھيان سو سالن کان خواھش ھئي ته فطرت جي حُسناڪين سان ڀريل گلگت
بلتستان جو ٽوئر ڪجي. ان لاءِ ضروري ھو ته ايڏي ڊگهي سفر لاءِ ڪي گهڻا نه ته به گهٽ
۾ گهٽ ھڪڙو دوست ته ساڻ ھجي جنهن سان گهمڻدي ڦرندي ڪچهري ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي.
اھڙي خواھش جو پورائو ھن سال جولاءِ مھيني ۾ تڏهن ٿيندي نظر آيو جڏهن پنهنجي
بهترين ۽ ھمخيال دوست مجيد منگي مونکي اتريان علائقا گهمڻ جي صلاح ھنئي. ھو ٻه
مھينا کن اڳ پنهنجي ٽريننگ جي سلسلي ۾ اتان ٿي آيو ھو ۽ ٻڌائي رھيو ھو ته اترين
علائقن جي موسم، ماڻهن جي مزاج توڙي فطري سونهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏکيو آھي. مجيد
به فطرت ۽ انسانذات سان پيار ڪندڙ ترقي پسند ماڻهو آھي، انڪري فطرت، سماج ۽ ماڻهو
سندس پسند جا موضوع آھن. مجيد بنيادي طور ته قمبر جو آھي پر ڪيترن ئي سالن کان ٻارن
جي پڙهائي ۽ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ مستقل طور حيدرآباد ۾ رھي ٿو. مجيد واري صلاح مون
لاءِ سنڌيءَ جي ان چوڻي مثل ثابت ٿي ته ”اڳي ئي رٺل مٿان وري پيڪن جو نياپو“.
اسان طئي ڪيو ته
اضحىٰ واري عيد کانپوءِ ترت ئي ڪنهن ٽوئرنگ ڪمپني جي معرفت ھلنداسين. مجيد چيو ته
تون حيدرآباد اچجان ته گڏجي گرين لائين ۾ اسلام آباد ھلنداسين پر مون کيس چيو ته
مون لاءِ لاڙڪاڻي کان ڪوچ ذريعي اسلام آباد اچڻ مناسب ۽ سھنجو رھندو. ڪراچي جي ھڪ ٽوئرنگ
ڪمپني سان رابطو ڪري خيبر پختونخوا، ھنزه، خنجراب ۽ ڪشمير تي ٻڌل مختلف علائقن جي ڏھن
ڏينهن واري ٽوئر جي بڪنگ ڪرائي ڇڏيسين. ڪمپني جي پاليسي موجب ڪل رقم جو اڌ به کين
اڳواٽ موڪلي ڇڏيو. طئي ٿيل تاريخ کان ڪجھ ڏينهن پھريان ڪمپني وارن فون وسيلي آگاھ ڪيو
ته علائقي ۾ شديد لينڊ سلائيڊنگ ڪري ٽوئر ملتوي ٿا ڪيون. اڳتي ھلي خبر پئي ته اھڙي
ڪا ڳالھ نه ھئي پر ھر ڪمپني سياحن جو گهربل تعداد نه ملڻ جي صورت ۾ ڪو بهانو گهڙي ٽوئر
ملتوي ڪري ڇڏيندي آھي ته جيئن ماڻهن منجھ سندن ساک متاثر نه ٿئي. اسان پوءِ ڪراچيءَ
جي ھڪ ٻي ڪمپني سان رابطو ڪري پاڻ کي رجسٽر ڪرايو. ھنن جو ٽوئر شيڊيول به ساڳيو اڳين
ڪمپني وارو ئي ھيو. ٽوئر ۾ کاڌو، رھائش، ٽرانسپورٽيشن ۽ گائيڊ مھيا ڪرڻ ڪمپني جي ذميواري
ھئي. پروگرام موجب ۱۸ آگسٽ تي صبح جو پرھ ڦٽيءَ کان اڳ اسلام آباد مان ناران ڪاغان لاءِ نڪرڻو
ھو. مان ۱۶ تاريخ تي ۱۲ وڳي منجهند جو قمبر مان لاڙڪاڻي لاءِ پنهنجي پٽ ڪامران سان گڏجي نڪتم. لاڙڪاڻي
مان ڪامران جي دوست اعزاز ھُليي سيٽ بڪ ڪرائي ڇڏي ھئي. عيد جيئن ته تازو گذري ھئي
انڪري لاڙڪاڻي توڙي پسگردائيءَ جي ماڻهن جي اسلام آباد ڏانهن واپسي زورن تي ھئي. جڏهن
قمبر مان فون وسيلي بڪنگ نه ٿي سگهي ته ڪامران پنهنجي دوست کي چيو جيڪو لاڙڪاڻي ۾
ئي رھندو آھي. لاڙڪاڻي بس اسٽينڊ پهتاسين ته اعزاز پنهنجي ھڪ دوست سان گڏ اسان جي
انتظار ۾ ويٺو ھو اھڙي وڙُ لاءِ سندس مهرباني. ڪوچ جي روانگي جيئن ته ڏيڍ وڳي ھئي
انڪري موقعي جو فائدو وٺندي ڀرواري هوٽل ۾ وڃي ويٺاسين ته جيئن چانھ بھاني ڪچهري ڪري
سگهجي. نوجوانن سان تعليم، سياست، سنڌي سماج ۽ ڪجھ ٻين موضوعن تي ڪارائتي گفتگو ٿي.
مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته ٻئي نوجوان سٺي ڄاڻ رکندڙ ھيا.
ٻي ڏينهن صبح جو ۸ وڳي ڌاري مان راولپنڊي پڄي ويم. ڊيره غازي
کان شروع ٿيندڙ مينهن ته چڱي وقت کان بيھجي ويو ھو پر ويندي ويندي موسم کي ڏاڍو
خوشگوار بڻائي ڇڏيو ھيائين. بس اسٽينڊ جي ھڪ هوٽل تان چانھ پي اسلام آباد لاءِ نڪتم.
ھوٽل الوقاص پهچي سامان وغيره رکي فريش ٿيڻ کانپوءِ ٽوئرنگ ڪمپني جي نمائندي وليد
لوڌي سان گڏجي هوٽل جي ريسٽورنٽ ۾ نيرن ڪئي. ڪراچي کان اسلام آباد ايندڙ گرين
لائين ٽرين ۳ کان ۴ ڪلاڪ ليٽ ھئي، نتيجي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد وارا سياح رات
جو لڳ ڀڳ ھڪ وڳي ھوٽل پهتا. مختصر حال احوال ۽ ڊنر ڪري سمھي پياسين ڇاڪاڻ ته ٽوئر
گائيڊ شعيب سڀني کي صبح ۴ وڳي اٿڻ جي تاڪيد ڪري ڇڏي ھئي.
۱۸ آگسٽ تي شعيب پوري ۴ وڳي ڪمرن جا در کڙڪائي سڀني کي ڪچي ننڊ مان جاڳائي چيو
ته توھان جلدي ۾ تيار ٿي نڪرڻ جي ڪيو باقي نيرن رستي ۾ ڪنهن مناسب جڳھ تي ڪري وٺنداسين.
وڏي ڪوشش ۽ وٺ وٺان کانپوءِ به اسان واري ڪوسٽر ۵:۴۵ کان اڳ روانو نه ٿي سگهي. اسان يڪو ٻڏتر ۾ ھياسين ته
سفر لاءِ گاڏي الائي ڪهڙي ھوندي؟ پر ڪاري ڪلر جي ريڪنڊيشنڊ جاپاني ڪوسٽر ڏسي اسان
اطمينان جو ساھ کنيو. اسان وارو ھي ٽوئرسٽ گروپ ۲۰ مردن (جن ۾ ڪمپني جا ۳ ملازم به شامل آھن) ۽ ۳ ماين تي مشتمل ھيو. ٽئي مايون ڪراچي جون
ھيون جيڪي پنهنجي مڙسن سان يا مڙس ھنن سان ٽوئر تي نڪتا ھيا. ھونئن ھن ٽوئر ۾ اڪثريت
ڪراچي وارن جي ھئي. جيئن ته ھڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد ۽ پنجاب جي وڏي حصي ۾ گهڻو
مينهن پيو ھو تنهنڪري موسم ڏاڍي وڻندڙ ۽ مزيدار ٿي پئي ھئي. جيئن ئي ڪوسٽر چرڻ
شروع ڪيو ته سڀني ڄڻن جي موبائيلن ۽ ڪيمرائن به پنهنجو ڪم سنڀالي ورتو. ڪوسٽر ۾
سوار سڀئي ڄڻا جيئن ته راتوڪي کاڌي تي ھيا انڪري ڪلاڪ ڏيڌ جي سفر کانپوءِ نيرن
واري جائز گُهر زور وٺندي وئي. انتطاميا چيو ته مانسهرا ۾ نيرن ڪنداسين. پر مانسهره
پڄندي پوڻا نَوَ ٿي ويا. ھتي پهچڻ کان اڳ ايبٽ آباد، سلھٽ ۽ حويليان جهڙن ساوڪ ۾
ويڙھيل ۽ خوبصورت شھرن جي وچان گذرياسين. نيرن ڪندي ڪافي وقت لڳي ويو ڇاڪاڻ ته
جنهن ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿياسين سو بلڪل خالي ھو. نيرن جو آرڊر ملڻ کانپوءِ ريسٽورنٽ
عملي ۾ ٿوري چرپر پيدا ٿي. ريسٽورنٽ ڪنهن مٿانهين جڳھ تي ٺهيل ھو جنهنڪري مانسهره
شھر ۽ پسگردائيءَ جا بهترين نظارا نه رڳو اکين ۾ پر ڪيمرائن ۾ به قيد ڪياسين.
مانسهره ساڳي نالي واري ضلعي جو هيڊڪوارٽر به آھي. ھتان سوائين ڏهين وڳي ڌاري نڪتاسين.
رستي ۾ چٽا پٽا، عطر شيشا ۽ چوڪ ڦوگلا جهڙا ننڍڙا شھر ڪراس ڪري سوائين ٻارھين ڪِيوائي
(Kiwai)
پھتاسين. ھي ننڍڙو ڳوٺ خوبصورت آبشارن ڪري مشهور آھي. علائقي جو ھڪ مشهور تفريحي
ماڳ شوگران (Shogran)
ھتان کان صرف ۱۰ ڪلوميٽر پري آهي. شوگران اسان واري رستي ۾ ته اچڻو ھو پر
اتي ترسڻ اسان واري شيڊيول ۾ شامل نه ھو. ڪيوائي ڏسڻ لاءِ جيئن ته اڌ ڪلاڪ جو وقفو
رکيل ھو تنھنڪري مجيد ۽ مان مختصر چڪر لڳائي آبشار جي ڀرسان ھڪ صاف سٿري ۽ منفرد ڊزائين
واري ريسٽورنٽ تان کير واري چانھ پي ورتي. جڏهن سڀئي ڪوسٽر ۾ ويھجي ويا ته ناران ڏانهن
سفر ٻيهر شروع ٿي ويو. فريد آباد، شوگران، مھانڊري، ڪاغان (ھي وڏو علائقو جنهن مان
اسان گذري رھيا ھياسين سو ڪاغان سڏجي ٿو پر ڪاغان ھڪ ننڍڙو شهر به آھي) ۽ راجوال
جهڙا خوبصورت شھر ۽ علائقا ڪراس ڪري ۳:۳۰ ڌاري ناران پهچي وياسين. ھن سموري رستي ۾
ماکيءَ جي فارمنگ تمام گهڻي نظر آئي. ان کان سواءِ چيني ڪمپنين پاران مختلف پراجيڪٽن
تي ڪم به نظر مان گذريو. ناران ۾ گيٽ وي ھوٽل تي بڪنگ ٿيل ھئي، ڇاڪاڻ ته ٽوئر جي
پهرين رات اسان کي ھتي رھڻو ھو. هوٽل ۾ پنهنجي پنهنجي ڪمرن ۾ سامان رکي فريش ٿياسون.
ھتان کان اسان کي
علائقي جي مشهور تفريحي ماڳ سيف الملوڪ ڍنڍ وڃڻو ھو. سيف الملوڪ وڏن پھاڙن جي وچ ۾
فطرتي ڍنڍ آھي. اوڏانهن وڃڻ وارو رستو جيئن ته ڀڳل ٽٽل، چاڙھي وارو ۽ تمام اڙانگو
آھي، انڪري فور ويل گاڏين کانسواءِ ٻي ڪا گاڏي نه وڃي سگھندي آھي. اسان واري ٽوئرسٽ
ڪمپني به ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ ناران مان ۳ جيپون ڀاڙي تي ڪرايون ھيون. اسان ۴:۳۰ ڌاري ناران مان سيف الملوڪ ڍنڍ لاءِ نڪتاسين.
سيف الملوڪ ڍنڍ سمنڊ جي سطح کان ۱۰۵۷۸ فوٽ مٿانهين تي آھي. ڍنڍ جي پکيڙ پوڻا ٽي ڪلوميٽر ۽ وڌ
۾ وڌ اونهائي ۱۱۳ فوٽن تائين آھي. ڪاغان ماٿري جو مشهور درياءُ ڪنڙ سيف الملوڪ ڍنڍ مان ئي نڪري
ٿو. ڍنڍ جي پسگردائيءَ وارو علائقو سيف الملوڪ وائيلڊ لائيف سينڪچري قرار ڏنل آھي
جنهن جو مقصد جهنگلي حيات خاص طور جابلو ٻڪر جنهن کي مارخور (Himalayan Ibex) سڏين ٿا جو
تحفظ ڪرڻ آھي.
جنهن جيپ ۾ مجيد ۽
مان ويٺاسين، ان جي ڊرائيور جو نالو راشد ھو جيڪو گاڏيءَ جو مالڪ به پاڻ ئي ھو.
ھتان بابت پڇا ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته ناران ۽ ڀرپاسي ۾ سال جا رڳو ۴ مھينا (مئي کان آگسٽ تائين) سياحن جي آمد
جاري رھندي آھي. آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ برفباري ۷ کان ۸ فوٽن تائين پوندي آھي، جنهنڪري ھي علائقو
رھڻ لائق نه رھندو آھي. منهنجي سوال جي جواب ۾ راشد ٻڌايو ته اندازن ۵۰۰ جيپون ناران کان سيف الملوڪ ڍنڍ تائين ھلن ٿيون،
جن مان ھر ھڪ ڏھاڙي ۲ کان ۳ چڪر لڳائي ٿي ۽ اوٽ موٽ جو ڪرايو ۳۰۰۰ کان ۳۵۰۰ رپيا ورتو وڃي ٿو. ھن ٻڌايو ته ھي سڀ جيپون آرمي وارن
کان واڪ ذريعي خريديل آھن. سيارو ايندي ئي ھتان جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي بالاڪوٽ ۽
مانسهرا ڏانهن ھليا ويندا آھن. ھتي ماڻهن جي روزگار جو بنيادي ذريعو ته سياحت آھي
پر ھو پٽاٽا ۽ مٽر پوکي به ڪافي ناڻو ڪمائيندا آھن. سندس چوڻ ھو ته خراب رستن تي لڳاتار
ڊرائيونگ ڪري ھتان جي ڊرائيورن جون بڪيون ڪجھ سالن ۾ خراب ٿي وينديون آھن. ڳالهين ڪندي
تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ ڍنڍ تي پهچي وياسين. ڍنڍ جي ڀرسان چڱيرڙي بازار ٺهيل ھئي، جتي
سياحتي ماڳن بابت ڪتابڙن ۽ نقشن کان سواءِ کاڌي پيتي جون شيون به دستياب ھيون. ماڻهن
جو وڏو تعداد ڍنڍ ڏسڻ لاءِ آيل ھو، جن ۾ ڪافي انگ ماين ۽ ٻارن جو به شامل ھيو. ماڻهن
کي ڍنڍ جو چڪر ڏيارڻ لاءِ چپو واريون ساديون ۽ موٽر واريون ٻيڙيون به موجود ھيون،
جن تي ڪافي ماڻهو چڪر ڏيڻ ۾ مصروف ھيا. اسان به ھڪ ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ھن خوبصورت ڍنڍ
جو چڪر لڳايو، گڏوگڏ مجيد پاران ورتل سائي چانهن جو به مزو وٺندا رھياسين. سيف
الملوڪ ڍنڍ جيئن ته ڪافي بلنديءَ تي آھي، انڪري آگسٽ مھيني ۾ به ڍنڍ جي ڀروارن
جبلن جي چوٽين تي برف ڄميل ھئي. ايترو سيءُ ھو جو ڪيترن ئي ماڻهن کي گرم ڪپڙا
پهريل ھيا. شام ويلي ته ٿڌ ۾ ويتر اضافو ٿي ويو ۽ اسان به ورڻ جي ڪئي. واپس ھوٽل
تي آياسين ته رات ٿي چڪي ھئي. رات جي ماني کائي ٽولن جي صورت ۾ ناران شهر جو چڪر لڳائڻ
نڪتاسين. ناران نه رڳو حد درجي جو خوبصورت پر ڪافي وڏو شھر به بڻجي چڪو آھي. ناران
گهمندي اسان کي لڳي رھيو ھو ته ڄڻ ناران ۾ نه پر ڪراچي يا حيدرآباد جهڙي ڪنهن وڏي
شھر ۾ ھجون. شھر ۾ وڏي پيھ ۽ عاليشان هوٽلن ۽ بازارن مان اندازو لڳايوسين ته ھت ماڻهن
جو وڏو تعداد سياحت واري خيال سان اچي ٿو. اسان کي گهڻي کان گهڻا پنجاب جا ماڻهو
نظر آيا. منهنجي خيال ۾ اسان اڌ شھر به نه گهميو ھوندو جو مجيد چيو ته واپس هوٽل ٿا
ھلون ٿڪاوٽ ڪري ننڊ ٿي اچي. هوٽل پھچي جلد سمهڻ جي ڪئي پر پوءِ به بستري تي
آھلجندي ۱۲ وڄي چڪا ھيا.
ھتان کان اسان کي
علائقي جي مشهور تفريحي ماڳ سيف الملوڪ ڍنڍ وڃڻو ھو. سيف الملوڪ وڏن پھاڙن جي وچ ۾
ھڪ فطرتي ڍنڍ آھي. اوڏانهن وڃڻ وارو رستو جيئن ته ڀڳل ٽٽل، چاڙھي وارو ۽ تمام اڙانگو
آھي، ان ڪري فور ويل گاڏين کانسواءِ ٻي ڪا گاڏي نه وڃي سگھندي آھي. اسان واري ٽوئرسٽ
ڪمپني به ڍنڍ تي وڃڻ لاءِ ناران مان ۳ جيپون ڀاڙي تي ڪرايون ھيون. اسان ۴:۳۰ ڌاري ناران مان سيف الملوڪ ڍنڍ لاءِ نڪتاسين.
سيف الملوڪ ڍنڍ سمنڊ جي سطح کان ۱۰۵۷۸ فوٽ مٿانهين تي آھي. ڍنڍ جي پکيڙ پوڻا ٽي ڪلوميٽر ۽ وڌ
۾ وڌ اونهائي ۱۱۳ فوٽن تائين آھي. ڪاغان ماٿري جو مشهور درياءُ ڪنڙ سيف الملوڪ ڍنڍ مان ئي نڪري
ٿو. ڍنڍ جي پسگردائيءَ وارو علائقو سيف الملوڪ وائيلڊ لائيف سينڪچري قرار ڏنل آھي
جنهن جو مقصد جهنگلي حيات خاص طور جابلو ٻڪر جنهن کي مارخور (Himalayan Ibex) سڏين ٿا جو
تحفظ ڪرڻ آھي.
جنهن جيپ ۾ مجيد ۽
مان ويٺاسين ان جي ڊرائيور جو نالو راشد ھو جيڪو گاڏيءَ جو مالڪ به پاڻ ئي ھو.
ھتان بابت پڇا ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته ناران ۽ ڀرساسي ۾ سال جا رڳو ۴ مھينا (مئي کان آگسٽ تائين) سياحن جي آمد
جاري رھندي آھي. آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ برفباري ۷ کان ۸ فوٽن تائين پوندي آھي جنهنڪري ھي علائقو رھڻ
لائق نه رھندو آھي. منهنجي سوال جي جواب ۾ راشد ٻڌايو ته اندازن ۵۰۰ جيپون ناران کان سيف الملوڪ ڍنڍ تائين ھلن ٿيون
جن مان ھرھڪ ڏھاڙي ۲ کان ۳ چڪر لڳائي ٿي ۽ اوٽ موٽ جو ڪرايو ۳۰۰۰ کان ۳۵۰۰ رپيا ورتو وڃي ٿو. ھن ٻڌايو ته ھي سڀ جيپون آرمي وارن
کان واڪ ذريعي خريديل آھن. سيارو ايندي ئي ھتان جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي بالاڪوٽ ۽ ماڻسهرا
ڏانهن ھليا ويندا آھن. ھتي ماڻهن جي روزگار جو بنيادي ذريعو ته سياحت آھي پر ھو ٻٽالون
۽ مٽر پوکي به ڪافي ناڻو ڪمائيندا آھن. سندس چوڻ ھو ته خراب رستن تي لڳاتار ڊرائيونگ
ڪري ھتان جي ڊرائيورن جون بڪيون ڪجھ سالن ۾ خراب ٿي وينديون آھن. ڳالهين ڪندي
تقريبن اڌ ڪلاڪ ۾ ڍنڍ تي پهچي وياسين. ڍنڍ جي ڀرسان چڱيرڙي بازار ٺهيل ھئي جتي
سياحتي ماڳن بابت ڪتابڙن ۽ نقشن کانسواءِ کاڌي پيتي جون شيون به دستياب ھيون. ماڻهن
جو وڏو تعداد ڍنڍ ڏسڻ لاءِ آيل ھو جن ۾ ڪافي انگ ماين ۽ ٻارن جو به شامل ھيو. ماڻهن
کي ڍنڍ جو سير ڪرائڻ لاءِ چپو واريون ساديون ۽ موٽر واريون ٻيڙيون به موجود ھيون
جن تي ڪافي ماڻهو چڪر ڏيڻ ۾ مصروف ھيا. اسان به ھڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي ھن خوبصورت ڍنڍ
جو سير ڪيو گڏوگڏ مجيد پاران ورتل سائي چانهن جو به مزو وٺندا رھياسين. سيف الملوڪ
ڍنڍ جيئن ته ڪافي بلنديءَ تي آھي انڪري آگسٽ مھيني ۾ به ڍنڍ جي ڀروارن جبلن جي چوٽين
تي برف ڄميل ھئي. ايترو سيءُ ھو جو ماڻهن جي اڪثريت کي گرم ڪپڙا پهريل ھيا. شام
ويلي ته ٿڌ ۾ ويتر اضافو ٿي ويو ۽ اسان به ورڻ جي ڪئي. واپس ھوٽل تي آياسين ته رات
ٿي چڪي ھئي. رات جي ماني کائي ٽولن جي صورت ۾ ناران شهر جو چڪر لڳائڻ نڪتاسين.
ناران نه رڳو حد درجي جو خوبصورت پر ڪافي وڏو شھر به بڻجي چڪو آھي. ناران گهمندي
اسان کي لڳي رھيو ھو ته ڄڻ ناران ۾ نه پر ڪراچي يا حيدرآباد جهڙي ڪنهن وڏي شھر ۾
ھجون. شھر ۾ وڏي پيھ ۽ عاليشان هوٽلن ۽ بازارين مان اندازو لڳايوسين ته ھت ماڻهن
جو وڏو تعداد سياحت واري خيال سان اچي ٿو. اسان کي گهڻي کان گهڻا پنجاب جا ماڻهو
نظر آيا. منهنجي خيال ۾ اسان اڌ شھر به نه گهميو ھوندو جو مجيد چيو ته واپس هوٽل ٿا
ھلون ٿڪاوٽ ڪري ننڊ ٿي اچي. هوٽل پھچي جلد سمهڻ جي ڪئي پر پوءِ به بستري تي
آھلجندي ۱۲ وڄي چڪا ھيا.
۱۹ آگسٽ تي صبح جو لڳ ڀڳ ۷ وڳي کان گروپ جا ساٿي پنهنجي پنهنجي بسترن مان نڪري
تياري کي لڳي ويا ته جيئن مھل سان سفر کي اڳتي وڌائي سگهجي. ان ڏينهن اسان کي خيبر
پختونخوا ۽ گلگت بلتستان جي ڪجھ تفريحي ماڳن وٽ مختصر قيام ڪري امڪاني طور شام
تائين ھنزه پهچڻو ھو. ٽوئرنگ ڪمپني وارن ساڳي ڪالھوڪي تجويز رکي ته ناران مان جلدي
نڪري رستي ۾ ڪنهن مناسب جاءِ تي نيرن ڪجي. پر سڀني ميمبرن اھڙي تجويز جي يڪراءِ
مخالفت ڪندي چيو ته ھتان ئي نيرن ڪري نڪرجي ته بهتر ٿيندو. جيئن ئي سڀ ميمبر ڪٺا ٿيا
ته نيرن لڳائي وئي ۽ پيٽ پوڄا مان آجو ٿي سڀ ڪنهن اچي ڪوسٽر جو پاسو ورتو. ناران ۾
ڪافي سيءُ ھو ۽ اڳتي جيئن ته وڌيڪ سرد علائقا اچڻ وارا ھيا تنھنڪري سڀني ميمبرن
پنهنجي لباس جي چونڊ مناسب طريقي سان ڪري ڇڏي ھئي.ساڍي اٺين ڌاران اسان جي سفر جي
شروعات ٿي ۽ سٺو اھو ٿيو ته ڪوسٽر ناران جي مک روڊ سان ھلندي رھي جنهنڪري اسان ڏينهن
جي روشنيءَ ۾ شھر جو ديدار ڪري سگهياسين. جيئن آبادي کان نڪري ٻاھر ٿياسين ته ساوڪ
سان ڀريل خوبصورت پھاڙي نظارن اسان کي پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏيو. اسان جو پهريون اسٽاپ
بٽه ڪنڊي (Batta Kundi)
نالي ھڪ علائقي ۾ ٿيو جيڪو پنهنجي فطري سونهن ۽ پهاڙن تان ڪرندڙ آبشارن ڪري سياحن
۾ گهڻو مشھور آھي. روڊ جي ھڪ پاسي پهاڙ تان آبشار جي صورت ۾ ڪرندڙ پاڻي روڊ مٿان
گذري ٻي پاسي وھي رھيو ھو. پاڻيءَ جو وهڪرو ايترو ته تيز ھو جو پري تائين سندس
آواز ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. ھتي ٽوئر جي سڀني ميمبرن نه رڳو دل کولي فوٽو گرافي ڪئي پر
فطرت جي ڪاريگريءَ مان ڀرپور لطف به حاصل ڪيو. بٽه ڪنڊي کانپوءِ بوڙاوئي، جدکڊ،
بيسر ۽ ڪجھ ٻين سهڻن ماڳ مڪانن جو ڪوسٽر مان ئي ديدار وٺندي تقريبن ساڍي ڏھين وڳي ڌاري
ڪاغان وادي جي ھڪ ٻي مشھور تفريحي ماڳ لُولُوسر ڍنڍ (Lulusar Lake) وٽ اچي پڙاءُ
ڪيوسين. سيف الملوڪ ڍنڍ جيان ھي به پهاڙن جي وچ ۾ ٺهيل ھڪ خوبصورت ۽ فطري ڍنڍ آھي.
ھتي به اسان واري سنگت گهمڻ ڦرڻ ۽ فوٽوگرافي ۾ مشغول ٿي وئي پر مجيد ڍنڍ جي ڀرسان
ھڪ ريسٽورنٽ ۾ ويھي ڍنڍ ڏسڻ سان گڏ سائي چانھ پيئڻ جهڙي ڪارائتي صلاح ڏني. لولوسر ڍنڍ
تي اڌ ڪلاڪ ترسي سڪون وٺي سفر کي اڳتي وڌايوسين. رستي ۾ گيٽي داس نالي ڪنهن ڳوٺ
مان گذري اندازن اڌ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ مشهور بابوسر ٽاپ (Babusar Top) يا بابوسر
پاس پهچي گهٽ ۾ گهٽ ھڪ ڪلاڪ جو ڊاٻو ڪيوسين. بابوسر ٽاپ ۴۱۷۳ ميٽرن جي اونچائي تي واقع آھي تنھنڪري ھن
سموري علائقي جو تمام ٿڌو بلڪ ٿڌو ترين ماڳ آھي. آگسٽ جهڙي مھيني ۾ جيڪيٽون وغيره
ھوندي به سيءُ ٿي رھيو ھو. ھتي ھڪ گليشيئر به آھي جنهن مٿان ڪيترائي سياح گھمي
رھيا ھيا. ھي ماڳ فوٽوگرافي ۽ خاص طور سيلفي جي شوقينن لاءِ وڏي ڪشش رکي ٿو. انڪري
ڪيترا ئي ماڻهو خاص طور نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اھڙي شغل ۾ مشغول نظر آيا. اھڙي
شديد ٿڌ ڪري بابوسر ٽاپ فقط ٽي يا چار مهينا ئي کليل رھندو آھي. سيارو ايندي ئي
ھتان جا ماڻهو چيلاس ڏانهن لڏي ويندا آھن. ھت ڪاٺ ۽ پٿرن مان تيار ڪيل عام رواجي
قسم جا ڪيترا ئي ھوٽل ۽ دڪان ٺهيل آھن جيڪي ھتان گذرندڙ ماڻهن ۽ سياحن جي مختلف
ضرورتن جو ڪنهن حد تائين پورائو ڪندا آھن. انکانسواءِ ڪاٺ ۽ ٽين جي چادرن مان تيار
ڪيل واش روم به نظرن مان گذريا جن جي درن تي کين استعمال ڪرڻ وارن کي ٻڌائڻ لاءِ اڳواٽ
ئي ۵۰ رپيا اگھ لکيل ھيو. جيئن ته ڪافي ٿڌ ھئي سو مجيد ۽ مان ھڪ ننڍڙي اسٽال تان
اوٻاريل آنا کائي پاڻ کي گرم رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
بابوسر ٽاپ ۱۵۰ ڪلوميٽر ڊگهي ڪاغان ماٿري کي اتر ۾ گلگت بلتستان سان قراقرم ھاءِ وي وسيلي ڳنڍي
ٿو. انڪري ئي بابوسر ٽاپ کي خيبر پختونخوا صوبي ۽ گلگت بلتستان جي حدبندي به تصور ڪيو
ويندو آھي. ان جو مطلب ته اسين ۴۱۷۳ ميٽر يا ۱۳۶۹۱ فوٽ اونچائي واري بابوسر ٽاپ تان ھيٺ لھي گلگت بلتستان
جي حسين ماٿرين ۾ داخل ٿي وياسين.
گلگت بلتستان کي
اھو نالو پيپلز پارٽيءَ جي سرڪار دوران ۲۰۰۹ع ۾ ڏنو ويو، جڏهن تڏهوڪي صدر آصف علي زرداريءَ جي خاص ڪوششن
سان گلگت بلتستان کي نه رڳو نالو پر محدود اختيار پڻ ڏنا ويا ھيا. انهيءَ کان اڳ ۱۹۷۰ع ۾ ھن علائقي کي ھنزه ۽ نگر رياستن سميت
اترين علائقن جو نالو ڏئي وفاقي سرڪار جي انتظام ھيٺ ڏنو ويو ھو. گلگت بلتستان جي
پکيڙ ۷۲۹۷۱ ڪلوميٽر ۽ ۲۰۱۷ع جي آدمشماري موجب ڪل آبادي ۱۹۰۰۰۰۰ (اوڻيهه لک) آھي. انتظامي لحاظ
کان ھن کي ٽن ڊويزنن ۽ ڏھن ضلعن ۾ ورھايو ويو آھي. بلتستان ڊويزن ۾ گهانچي، شِگر،
خارمانگ ۽ اسڪردو ضلعا، گلگت ڊويزن ۾ گلگت، گِذر، ھنزه ۽ نگر ضلعا جڏهن ته ديامير
۾ ديامير ۽ استور ضلعا شامل آھن. گلگلت بلتستان جو ھيڊ ڪوارٽر گلگت ۽ وڏي ۾ وڏو
شھر اسڪردو آھي. اسڪردو جي آبادي ۲۱۴۸۴۸ ۽ گلگت جي آبادي ۲۱۶۷۶۰ آھي.
جاگرافيائي حوالي
سان گلگت بلتستان جون حدون ڏکڻ ۾ آزاد ڪشمير، اولھ ۾ خيبر پختونخوا صوبي، اتر ۾
افغانستان، اوڀر ۽ اتر اوڀر ۾ چين ۽ ڀارتي قبضي ھيٺ آيل ڪشمير ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ لداخ
سان ملن ٿيون. گلگت بلتستان بنيادي طور جابلو ۽ پهاڙي علائقن ۽ ماٿرين تي مشتمل
آھي، جنهن جون ڪيتريون ئي چوٽيون سڄو سال برف جي تھن سان ڍڪيل رھن ٿيون. ھت دنيا
جا ٽي وڏا جابلو سلسلا قراقرم، ھماليا ۽ ھندوڪش موجود آھن. انهن سلسلن جون ۵ اھڙيون جابلو چوٽيون آھن، جن جي اونچائي ۸۰۰۰ ميٽرن کان مٿي آھي ۽ ۵۰ کان مٿي اھڙيون جابلو چوٽيون به آھن جن جي
اونچائي ۷۰۰۰ ميٽرن کان وڌيڪ آھي. ڪي ٽو، نانگا پربت، راڪا پوشي، ترچ مير، براڊ پيڪ
ھتان جي ڪجھ مشهور جابلو چوٽين جا نالا آھن، جن کي سر ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي
ملڪن جا جبل چاڙھو پاڪستان ايندا رھندا آھن. ھتي قطبن کانپوءِ دنيا جا سڀ کان وڏا
۽ مشهور گليشيئر به آھن. اھڙن گليشيئرن ۾ بيافو، باتورا، بالتورو، سياچن، پاسو ۽ ڪجھ
ٻيا شامل آھن. خوبصورت ڍنڍن جي به ھت ڪا کوٽ نه آھي. ھتان جي ڪجھ مشهور ڍنڍن ۾
شوسر، نالتر، ستپارا، ڪاتزورا، زاربا، ڦوروڪ، بيارسا، رُش، ڪرومبر، راما، ڪچورا ۽ ٻيون ڳڻائي سگهجن ٿيون.
ندين جي سلسلي ۾ به گلگت بلتستان پنھنجو مٽ پاڻ آھي. گلگت ندي، شيوڪ ندي، شِگر
ندي، سالتورو ندي، ھُوشي ندي، ھِسپر ندي، رُوپل ندي، شِمشال ندي، گِذر ندي، ڪرامبر
ندي، نالتر ندي، نبرا ندي وغيره ھتان جي ڪجھ ندين جا نالا آھن. انکانسواءِ اسان جي
ان داتا سنڌوندي جو تمام وڏو حصو به ھن خوبصورت ۽ حسين علائقن مان گذري ٿو.
فطري حسن کانسواءِ
گلگت بلتستان جهنگلي جيوت جي حوالي سان به وڏو شاھوڪار علائقو آھي. جهنگلي حيات
جون ھتي ۳۰۰ کان وڌيڪ جنسون ملن ٿيون جن ۾ خطري ھيٺ آيل برفاني چيتي (Snow Leopard) ۽ ناسي رڇ
(Brown Bear)
کي دنيا ۾ خاص اھميت حاصل آھي. ھن علائقي جو مشهور ۽ پالتو بڻايل جانور ياڪ (Yak) ۽ مارڪو
پولو رڍ (Marco Polo Sheep)
به سموري پاڪستان مان رڳو ھتي ئي ملي ٿي.
۱۹۷۸ع ۾ قراقرم ھاءِ وي جي تعمير کان اڳ گلگت بلتستان جو ملڪ جي ٻين حصن سان
رابطو تمام ڏکيو بلڪ ڪٽيل ھوندو ھو، ڇاڪاڻ ته سخت مشڪل ۽ برف سان ڍڪيل جابلو رستن
۽ ماٿرين کي تن ڏينهن ۾ عبور ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه ھئي. چين ۽ پاڪستان جي گڏيل
ڪوششن سان تيار ڪيل قراقرم ھاءِ وي گلگت بلتستان جي ماڻهن کي نه رڳو ملڪ جي مڙني
علائقن ۽ شهرن سان ڳنڍي ڇڏيو پر ھتان جي سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي زندگيءَ تي
به وڏا مثبت اثر وڌا. پاڪستان ۾ تعليم جي مجموعي شرح ۶۰ سيڪڙي کان گهٽ آھي پر گلگت بلتستان ۾ ۹۰ سيڪڙي کان وڌيڪ ماڻهو پڙھيل لکيل آھن. مطلب
ته تعليمي ترقيءَ ۾ ھتان جا ماڻهو ملڪ جي چئني صوبن کان اڳتي نڪتل آھن. گلگت
بلتستان ۾ ماڻهن جي اڪثريت اسماعيلي فرقي سان واسطو رکي ٿي ۽ مذهبي حوالي سان ھتان
جا ماڻهو ٿڌي دماغ وارا آھن. اهوئي سبب آھي ته ھتي مذهبي انتهاپسنديءَ جو ڪو وجود
ناھي. شينا، بروشسڪي ۽ بالتي ھتان جون مک ٻوليون آھن پر انهن کانسواءِ ڪجھ ٻيون ٻوليون
به ڳالهايون وڃن ٿيون. مختلف قوميتن وارا ماڻهو هڪٻئي سان رابطي لاءِ گهڻو ڪري
اردو ٻوليءَ جو استعمال ڪندا آھن.
بابوسر ٽاپ واري وڪڙدار
لاھي لھي اسان واري ڪوسٽر ھنزه طرف پنهنجو سفر جاري رکيو. لڳ ڀڳ ڪلاڪ سوا جي سفر
کانپوءِ ڪوسٽر جيئن ئي موڙ ڪاٽيو ته کٻي پاسي کان ھڪ درياھي وھڪرو نظر آيو. مونکان
اڳين سيٽ تي ويٺل مجيد منهنجو ڌيان ڇڪائيندي ٻڌايو ته ھي اسان وارو شينهن درياھ سنڌو
آھي. مجيد سنڌو درياھ ۾ خاص دلچسپي رکندو آھي. گلگت بلتستان جي پهرئين ئي ٽوئر ۾
ھو سنڌو درياھ مان ايترو ته متاثر ٿيو ھو جو ھن سندس جاگرافي ۽ وھڪرن بابت ٽي عدد قسطون
لکي فيس بوڪ تي سنگت سان شيئر ڪيون ھيون. ھينئر منجهند ٿي چڪي ھئي سو سڀني مسافرن
شعيب کي چيو ته ايندڙ ڪنهن مناسب جڳھ تي اسٽاپ ڪرائي ته جيئن مانجهاندو ڪري سگهجي.
ٿورو ئي اڳيان سنڌو ڪناري ھڪ ننڍي وستي وٽ جيئن ئي ڪوسٽر بيٺي ته سڀئي ٽوئرسٽ ھيٺ
لھي پنهنجي پنهنجي ٽولن سان کاڌي لاءِ نڪري پيا. مان ۽ مجيد به ڪچهري ڪندا پٺاڻن
جي ھڪ ننڍڙي ھوٽل تي اچي ويٺاسين. رستي ۾ گوشت کائڻ کان پرھيز ڪندي اسان ڀينڊين جي
ڀاڄي جو آرڊر ڏنو. ٿوري ئي دير ۾ ماني آئي ته ڀينڊين جي غير معمولي سائيز ڏسي مجيد
چيو ته گهوڙي جي ٽنگن جهڙيون ڀينڊيون پهريون ڀيرو ڏٺيون آھن. ھتي منو ڪلاڪ کن ترسي
اڳتي وڌياسون. ڪجھ خوبصورت ماڳ مڪانن جو درشن ڪندا ٽپهري ڌاري گلگت بلتستان جي ھڪ
ننڍڙي شهر جگلوٽ اچي پهتاسين. قراقرم ھاءِ وي تي واقع ھن شهر جو خاص سياحتي ماڳ ٽن
عظيم جابلو سلسلن قراقرم، ھماليا ۽ ھندوڪش جي پاڻ ۾ ميلاپ وارو ھنڌ آھي، جنهن کي
انگريزيءَ ۾ (Junction Point)
سڏيو وڃي ٿو. جگلوٽ وٽان گلگت ۽ اسڪردو لاءِ ڌار رستا نڪرن ٿا. اسان ھن حسين ۽
عجيب ماڳ تي ۲۰ کان ۲۵ منٽ رھي مزو ورتو ۽ فوٽو گرافي به ڪئي. ٽوئر ۾ شامل سڀني مردن ۽ ماين جو
پھريون گروپ فوٽو به ھتي ورتو ويو. ھتان گلگت ڪافي ويجهو ھو پر اڄوڪي رات لاءِ
اسان جي منزل ھنزه ھئي. رستي ۾ سلطان آباد، نومل (جتي گلگت ندي سنڌو درياھ سان ملي
ٿي)، رحيم آباد ۽ ڪجھ ٻيون وستيون ڪراس ڪري ٿورو اڳتي وڌياسين ته سج لھي ويو ۽
آھستي آھستي اسان ٻاھريان منظر ڏسڻ کان محروم ٿي وياسين. سومهڻي ڌاري اسان راڪاپوشي
وِيو پوائنٽ پهتاسين. ھتان راڪاپوشي چوٽي سٺي نموني نظر ايندي آھي. جيتوڻيڪ مڪمل
اوندھ ٿي چڪي ھئي پر پوءِ به ۷۷۸۸ ميٽر بلند ھي چوٽي پاڻ پسائي رھي ھئي. ھتي سيءُ ايترو
ھو جو اسان ھوٽل واري کي تڪڙ ۾ چانھ پيارڻ جي تاڪيد ڪئي ته جيئن جلديءَ ۾ چانھ پي
ھتان نڪري سگهون. تقريبن ۹ وڳي اسين علي آباد پهتاسين. ٽوئر بابت ڏنل شيڊيول موجب
اسان کيس اڄوڪي رات ھنزه جي ضلعي هيڊڪواٽر ڪريم آباد ۾ رھڻو ھو پر ڪمپنيءَ وارن
اسان کي علي آباد جي ھنزه سٽي ھوٽل ۾ اچي لاٿو. علي آباد ۾ ان وقت تيز ھوا سان گڏ
ھلڪو مينهن به وسي رھيو ھو. گهڻي سيءَ ۽ مينهن کان بچڻ لاءِ اسان پنهنجا ٿيلها کڻي
تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ھوٽل ۾ داخل ٿي وياسين.
ھوٽل ۾ اسان لاءِ
بُڪ ڪرايل ڪمرا ٽين منزل تي ھئا، سڀئي ميمبر پنهنجي پنهنجي ڪمرن ۾ سامان رکي فريش ٿيڻ
لڳا. اسان جي چئن ڄڻن واري گروپ کي ۴۰۲ نمبر ڪمرو مليو. ٽوئر انتظاميا ھوٽل پهچڻ وقت سڀني
ميمبرن کي آگاھ ڪري ڇڏيو ھو ته ڊنر لاءِ فريش ٿي آخري منزل تي ٺهيل ھال ۾ اچي گڏ ٿيو
آھي. اسان چارئي ڄڻا به ڪجھ وقت ۾ تيار ٿي مٿي پهتاسين، جڏهن سڀئي پهچي ويا ته کاڌو
لڳايو ويو. کاڌي جي سڀني تعريف ڪئي. کاڌو واقعي مزيدار ھو يا شديد بُک ڪري ايترو وڻيو
ھو، تنهن جو فيصلو ڪرڻ ڏکيو آھي. مون کي ھال ڏاڍو وڻيو، ڇاڪاڻ ته ان جي تعمير ۾ ھنزه
جي مخصوص تعميراتي روايتن موجب ڪاٺ جو ججهو ۽ انتهائي سهڻو استعمال ڪيو ويو ھو.
خاص طور ھال جي ڇت تي اعليٰ معيار وارو ڪاٺ جو ڪم ٿيل ھو. ھتي مون ڏٺو ته وڻ جي
شاخن کي تاڪن جي صورت ۾ ڪٽي ڪنهن شو پيس جيان ڀتين تي لڳايو ويو ھو. اھڙا ڪاٺ جا
شو پيس پهريون ڀيرو ته مون کي ھن ھنزه سٽي ھوٽل ۾ نظر آيا ۽ پوءِ مان ڪيترين ئي
مختلف جڳھن تي اھڙا شو پيس ڏسندو رھيس. ڊنر دوران خبر پئي ته ماني کانپوءِ موسيقي
جو بندوبست به ڪيو ويو آھي. جيتوڻيڪ سڀ ٿڪل ھئا پر موسيقي جهڙي مڌر ۽ روح کي راحت ڏيندڙ
شيءِ جو نالو ٻڌي سڀ فرنا ٿي پيا. ھتان جي ھڪ لوڪل فنڪار اردو ۽ ھنزه جي ڪنهن ٻوليءَ
۾ ڪجھ ڪلام ٻڌايا. ھو ڳائڻ سان گڏ رباب به وڄائي رھيو ھو ۽ ھڪ نوجوان ڊرم وسيلي ھن
سان سنگت ڪري رھيو ھو. گروپ جي ڪجھ ساٿين ڪلامن جي ڌُنن تي پنهنجي وت ۽ وس آھر ڊانس
ڪري ماحول کي رونق وٺرائي ڇڏي. سڀ کان سٺي ڊانس اسان جي گروپ ۾ پنهنجي گهرواري
سميت شامل ڪراچيءَ جي ھمايون خان ڪئي. ھن جي گهرواري تهينا به رباب وڄائڻ تي خوب
طبع آزمائي ڪئي. ڏاڙھي رکيل ھجڻ ڪري مجيد ۽ مان ھمايون کي ملان ٿي سڏيو پر زال مڙس
جي شاندار پرفارمنس کانپوءِ اسان ملان واري لفظ اڳيان ترقي پسند ۽ روشن خيال جهڙن
لفظن جو اضافو ڪري ڇڏيو. کل خوشي ۽ موج مستي ۾ وقت جو احساس ئي نه رھيو ۽ گهڙيءَ
جا ڪانٽا ۱۲ جي انگ کي ڪراس ڪري چڪا ھئا. صبح جو به جيئن ته مھل سان ھتان خنجراب لاءِ
نڪرڻو ھو سو سڀ هڪٻئي کان موڪلائي پنهنجي پنهنجي ڪمرن ڏانهن روانا ٿي ويا.
۲۰ آگسٽ ٽي صبح جو اندازن ۶ وڳي مون کي جاڳ ٿي. مون ڏٺو ته مجيد پنهنجي بيڊ تي
موجود نه ھو ۽ نواب شاھ وارا ٻئي نوجوان اڃان ننڊ پيا ھئا. مان دروازو کولي ٻاھر
بالڪني ۾ آيس ته ھلڪي ڦڙ ڦڙ پئجي رھي ھئي ۽ مجيد ميڊيٽيشن واري حالت ۾ ويٺل ھو.
موسم وڏي شاندار ھئي ۽ ھوٽل جي بالڪني مان علي آباد جا منظر ايترا ته وڻندڙ ھئا جو
مجيد چيو ته اسان واري ٽوئر جو سمورو خرچ اڄوڪي فرحت بخش صبح مان ئي وصول ٿي ويو.
ساڍي ڇهين ڌاري ڪڻ ڪڻ ھلندي اسين ھوٽل مان ھيٺ لھي شهر جي رستن سان پسار ڪرڻ لاءِ
نڪري پياسين. مينهن ڪري آلي ٿيل رستن سان ورلي ئي ڪو ماڻهو نظر اچي رھيو ھو. ان جو
سبب ھروڀرو مينهن نه ھو پر ٿڌن علائقن جا ماڻهو سيءُ جي ڪري صبح جو نسبتن دير سان ٻاهر
نڪرندا آھن. شهر جي گهٽين ۾ گهمندي اسان کي ھتان جا ڪجھ ماڻهو واڪ ڪندي نظر آيا ۽
سڀني اسان کي غير مقامي سمجهي کِلي کيڪاريو ۽ اسان جو تعارف معلوم ڪيو. گفتگو گهڻي
ڀاڱي انگريزي زبان ۾ ٿي ڪيائون. اسان کي معلوم ٿيو ته ھتان جا ماڻهو نه رڳو تعليم
يافتا پر مھذب ۽ ملنسار به آھن. ھتي زردالو، آڙو، صوف ۽ ڪجھ ٻين ميون جا وڻ وڏي
تعداد ۾ نظر آيا. اھوئي سبب آھي ته رستن ۽ گهٽين تي وڻن مان ڇڻيل ميون جو ججهو انگ
ڪِريو پيو ھو. خيبر پختونخوا کان ھنزه تائين رستي ۾ مان جوئر ۽ ٻاجهري جي ٻوٽي جهڙي
ڪا پوک ڏسندو آيو ھيس پر سمجهي نه سگهيس ته اھا ڇاجي پوک ھئي. ھتي علي آباد ۾ به
ساڳي پوک نظر آئي ته مون ان ارادي سان ھن جو ھڪ سنگ پٽيو ته ڪنهن کان پڇان ته ھي ڇاجو
ٻوٽو آھي. ھڪ وڏي عمر جي شخص کان معلوم ڪيو، جنهن ٻڌايو ته ھن کي اسان مال جي چاري
طور ڪتب آڻيندا آھيون. اسان چانھ پيئڻ لاءِ ھڪ ھوٽل ۾ وياسين، جتي ڪافي ماڻهو نيرن
ڪندي نظر آيا. اسان چانھ پي ۸ وڳي ڌاري واپس پنهنجي ھوٽل پهچي وياسين. اسان وارا روم
ميٽ اڃان بسترن حوالي ٿيل ھئا ۽ اسان کي واپس ڪمري ۾ داخل ٿيندو ڏسي لاچار بسترن
کان موڪلائڻ جي ڪيائون.
نائين وڳي تائين
اسين چارئي ڄڻا گرم پاڻي سان وهنجڻ جو مزو وٺي بلڪل تيار ٿي وياسون. نيرن لاءِ
جنھن وقت مٿي ھال ۾ پهتاسين ته ڪجھ ميمبر اڃان کُٽل ھئا. نيرن ڪري ھڪٻئي پٺيان سڀئي
اچي ڪوسٽر ۾ سوار ٿياسين. سامان سڀني جو ڪمرن ۾ ئي رکيل رھيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي
رات جو واپسي تي ساڳي ئي ھوٽل ۾ رھڻو ھو. ۱۰ وڳي مس وڃي ڪوسٽر جي ڦيٿن ڦرڻ شروع ڪيو. علي آباد، گڻيش
۽ ڪريم آباد هڪٻئي کي بلڪل ويجها شهر آھن. ان ڪري اسان علي آباد مان نڪري ٿوري ئي
دير ۾ گڻيش کي ڪراس ڪرڻ لڳاسين. گڻيش ايترو ته حسين، سرسبز ۽ صاف سٿرو آھي جو اھڙي
دلڪش شهر کي تفصيل سان نه ڏسڻ وارو افسوس اندر ۾ کڻي اڳتي وڌندا رھياسين. تقريبن اڌ
ڪلاڪ ۾ ھتان جي مشهور تفريحي ماڳ عطاباد ڍنڍ ۽ عطاباد سرنگهن کي ڪراس ڪيوسين. ٽوئر
پلان موجب عطا آباد ڍنڍ اسان کي ايندڙ ڏينهن گهمڻي ھئي. عطا آباد وارين سرنگهن جو
تعداد ۵ آھي، جيڪي ۲۴ ڪلوميٽر ڊگهي عطا آباد قراقرم ھاءِ وي
ريئلائينمينٽ پراجيڪٽ جو حصو آھن. ۵ ئي سرنگهن جي جملي ڊيگھ ۷ ڪلوميٽر آھي. ھن منصوبي جو افتتاح ۱۴ سيپٽمبر ۲۰۱۵ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ميان نوازشريف ڪيو ھو. چين جي سھڪار
سان تڪميل کي پهتل ھن عاليشان منصوبي تي ۲۷۵ ملين آمريڪي ڊالر خرچ ٿيا ھئا.
يارهين وڳي اسين
گلگت بلتستان جي ھڪ جڳ مشهور ماڳ حسيني سسپينشن (لڏندڙ) پل جو ديدار ڪرڻ لاءِ ڪوسٽر
مان لھي پنڌ ھلڻ شروع ڪري ڏنو. پل تائين ويندڙ رستو جيئن ته سوڙھو، وڪڙدار ۽
لاھيءَ وارو آھي، سو سواءِ پنڌ جي اوستائين پهچڻ جو ٻيو ڪو چارو ناھي. اندازن ويھ
پنجويھ منٽن جي پنڌ کانپوءِ پل تائين پهتاسين. رستي ۾ ھتان جي ھڪ مائي لوڪل ميون
مان تيار ٿيل ڪي جيم، جيليون وغيره کپائي رھي ھئي. اسان جي ٽوئر ۾ شامل ٽنهي مائين
ھن کان خريداري ته ڪئي الائي نه پر حال حوال وڏا ڪيائونس.
حسيني پل کي دنيا
جي خطرناڪ پل طور مشهور ڪيو ويو آھي پر حقيقت ۾ ھي ڪافي محفوظ پل آھي. باقي تڪڙ ۽
اٻهرائپ ڪرڻ واري ڪنهن ماڻهو کي نقصان ضرور پهچائي سگهي ٿي. ھي پل ھنزه ندي مٿان ٺاھي
وئي آھي، جيڪا زاراباد ۽ حسيني ڳوٺ کي پاڻ ۾ ملائي ٿي. حسيني نالو مٿس حسيني ڳوٺ
جي ڪري پيو آھي. ھي علي آباد کان ۴۵ ۽ گلگت کان ۱۳۲ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اپر ھنزه جي علائقي
گوجل (Gojal)
۾ واقع آھي. لوھي رسين ۽ ڪاٺ جي تختن سان تيار ڪيل ھي پل ھر وقت لڏندي لمندي رھندي
آھي، ان ڪري نئون ماڻهو ھن تان ڊڄي ڊڄي گذرندو، باقي مقامي ماڻهو ان کي ڪافي
اعتماد سان ۽ تڪڙ ۾ پار ڪري ويندا آھن. حسيني پل جي تعمير تڏهوڪي صدر ايوب خان جي
ھدايتن تي ۱۹۶۸ع ۾ مڪمل ڪئي وئي ھئي. واضح رھي ته ھو ۱۹۶۰ع ۾ شڪار جي شوق ۾ ھتي آيو ھو. ھن پل جو ڳاڻيٽو
اتر پاڪستان جي اھم ۽ ڀوائتين پلين ۾ ڪيو ويندو آھي.
اسان جي بدقسمتي
چئجي يا خوشقسمتي جو جڏهن ويجهو وڃي ڏٺوسين ته نائيلون جي ڊگهي پائيپ جي مدد سان
پل اچ وڃ لاءِ بند ٿيل ھئي. پوءِ به ڪناري ۽ پائيپ جي وچ ۾ ۸ يا ۱۰ تختن جو مفاصلو ڇڏيل ھو ته جيئن سياح ڪنهن تختي تي
پنهنجي مرضيءَ جا پوز ھڻي ڪي يادگار تصويرون وٺي سگهن. اسان واري گروپ جي سڀني
ميمبرن اھڙي سهولت جو ڀرپور فائدو ورتو، جنهن جي شروعات شادي شده جوڙن پاران ڪئي
وئي ھئي. رڳو حسيني پل مزيدار نه ھئي پر ھي سمورو علائقو ميويدار وڻن ۽ ساوڪ سان ڀريل
ھو. پسمنظر ۾ جبل جي قطارن ماحول کي وڌيڪ پرڪشش ٿي بڻايو. واپسي ۾ جيئن ته چڱي ڀلي
چاڙھي ھئي، تنھنڪري گروپ جا ڪجھ ساٿي ڪٿ ڪٿ ساھي پٽيندي ۽ وڏا ساھ کڻندي به نظر
آيا.
سوائي ٻارھين ڌاري
اسان ھاليووڊ جي ايڊوينچر ۽ سسپينس وارين فلمن ۾ ڏيکاريل پلين جهڙي حسيني پل کي
الوداع چئي اڳتي وڌياسين. ڪجھ وقت جي مزيدار سفر کانپوءِ اسان جي ڪوسٽر ھتان جي ھڪ
ٻي اھم ۽ عالمي سطح تي مشهور ماڳ پاسو ڪونز (Passu Cones) پهتي. ھتي ڪافي
جبلن جون چوٽيون ڪون جي مهانڊي جهڙيون آھن، تنهن ڪري کين اھو نالو ڏنو ويو آھي.
پاسو اصل ۾ ھڪ ڳوٺ جو نالو آھي، جنهن جي آبادي ۱۰۰۰ کن ماڻهن تي مشتمل آھي. پاڪستان جو مشھور
پاسو گليشيئر به ھت آھي. ھتي ۱۵ کان ۲۰ منٽ ترسي اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاسين ته اسان واري نوجوان ڊرائيور
شعيب پاران گرين سگنل ملڻ تي گاڏي گيئر ۾ وڌي.
منجهند جو ڏيڍ وڳي ڌاري
قراقرم ھاءِ وي تي پاڪستان جي آخري وسندي سوست (Sost) يا سُسٽ (Sust) پهتاسين.
ھي ننڍڙو شهر به اپر ھنزه جي علائقي گوجل جي حدن اندر اچي ٿو. سوسٽ سمنڊ جي سطح
کان ۲۸۰۰ ميٽر يا ۹۱۸۶ فوٽن جي بلنديءَ تي واقع آھي. ھي شهر قراقرم جي رستي سان سفر ڪندڙ مسافرن
۽ مختلف قسمن جو سامان ڍوئيندڙ ٽرڪن، ٽرالرن ۽ ٻين ڳرين گاڏين لاءِ وڏي وسندي آھي،
جتي سندن ڪيترين ئي ضرورتن جو پورائو ٿئي ٿو. سوسٽ ۾ پاڪستان اميگريشن ۽ ڪسٽمز
کاتي جي آفيس به آھي. ھتان خنجراب پاس يا لڪ ۵۹ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي جتي پاڪستان ۽ چين جون سرحدون پاڻ ۾ ملن ٿيون. ٽوئر
انتظاميا ۽ اسان طئي ڪيو ته خنجراب مان واپسيءَ تي سوسٽ ۾ ماني کائبي ۽ شھر جي
بازارن وغيره جو چڱي نموني چڪر لڳائبو. شھر جي ٻاھرئين پاسي واري ھڪ پيٽرول پمپ
تان ڪوسٽر مان تيل ڀرائڻ جو فائدو وٺندي گاڏي مان ھيٺ لھي ڪِن فريش ٿيڻ لاءِ واش
رومن ۽ ڪِن ھلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ لاءِ جنرل اسٽورن ۽ ٽڪ شاپن جو رخ رکيو. علي آباد
کان سوسٽ تائين واري رستي ۾ اسان کي ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون
گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون نظر آيون، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي
هنن اترين علائقن ۾ سياحت لاءِ ڪيڏو نه سٺو ۽ امن امان وارو ماحول موجود آھي.
اهوئي سبب آھي ته سياحت ھتان جي معيشت جي بهتري ۽ خوشحاليءَ لاءِ بنيادي ڪردار ادا
ڪري رھي آھي.
اسان جو ڪوسٽر جيئن
جيئن اڳتي وڌي رھيو هو، تيئن تيئن نه رڳو چاڙھي پر ٿڌ ۾ به اضافو ٿي رھيو ھو. اھڙي
ٿڌ جي جيئن ته اڳواٽ خبر ھئي سو ان کان بچڻ لاءِ سڀني سٺو بندوبست ڪري ڇڏيو ھو.
اسان شام ۴ وڳي ڌاري خنجراب پهچي وياسين. ڪوسٽر کي پارڪنگ لاءِ مخصوص جڳھ تي بيھاري ٻنهي
ملڪن جي سرحد وٽ تعمير ڪيل جڳ مشهور گيٽ کي ويجهڙائيءَ کان ڏسڻ لاءِ پنڌ پياسين.
پارڪنگ واري ھنڌ کان گيٽ ڪو گهڻو پري ته نه ھو پر شديد سيءُ ۽ آڪسيجن جي کوٽ جي ڪري
اسان لاءِ ايترو مفاصلو طئي ڪرڻ به ڏکيو بڻجي پيو ھو. ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي سان گڏ رکي
رکي ٽنگون به ھلڪي ٿيڙ کائي رھيون ھيون. جبلن جون چوٽيون ته اڇي ۽ تجلا ڏيندڙ برف
جي تھن سان ڍڪيل ھيون پر زمين تي به برف جا ڍڳ موجود ھئا. انهيءَ جي باوجود اسان
ملڪ جي انتهائي اترين سرحد تائين پهچڻ ڪري ڏاڍا خوش ھئاسين. خنجراب سامونڊي سطح
کان ۴۶۹۳ ميٽر يا ۱۵۳۹۷ فوٽ بلنديءَ تي واقع آھي. مجيد ھت ڪجھ وقت ميڊيٽيشن واري حالت ۾ ويٺو
رھيو. سرحد جي ٻي پار چيني حڪومت جا ڪجھ اھلڪار موجود ھئا، جن ۾ ڪجھ عورتون به
شامل ھيون. چيني عورتون ۽ خنجراب گهمڻ آيل پاڪستاني عورتون پري کان ئي هڪٻئي کي
ھيلو ھاءِ ڪندي نظر آيون. خنجراب ۾ ڪجھ سرڪاري عمارتن کانسواءِ نيشنل بينڪ آف پاڪستان
پاران اي ٽي ايم بوٿ به قائم ٿيل آھي، جنهن جي ٻاهران لکيل ھو ته ھي دنيا جو بلند
ترين اي ٽي ايم بوٿ آھي، ھت سياحن جي سهولت لاءِ نه ڪو ريسٽورنٽ ۽ نه ئي ڪو دڪان
نظر آيو، جنهن جي اسان کي سخت گهرج محسوس ٿي رھي ھئي. ڪجھ واش روم ضرور نظر آيا،
جن کي استعمال ڪرڻ لاءِ ۱۰۰ رپيا ڏيڻا ٿي پيا. ھتي اڌ منو ڪلاڪ ترسي واپسيءَ جو دڳ ورتوسين. رستي ۾
ھتان جا ۲ جڳ مشهور جانور ياڪ (Yak) ۽ مارخور (Himalayan Ibex) نظر آيا جن
جا گاڏي روڪي فوٽو ورتاسين.
شام جو تقريبن ۶ وڳي سوسٽ پهچي وياسين. جيئن ته مانجهادي نه
ڪرڻ سبب گهڻي بُک لڳي ھئي، سو اسان چار ڄڻا شهر تي نظر وجهندا ھڪ ريسٽورنٽ ۾ گهڙياسين.
ٻيا ساٿي به پنهنجي پنهنجي ٽولن سان ڪيڏانهن ھليا ويا ھئا. ريسٽورنٽ ڪافي صاف سٿرو
ھو ۽ سروس به سڄي ھين. ھتان نڪري مارڪيٽ جو چڪر لڳائيندا ڪجھ خريداري به ڪئي سين.
مون اسپورٽ بوٽن جو ھڪ جوڙو ورتو، جيڪو قمبر ۽ لاڙڪاڻي جي ڀيٽ ۾ گهڻو سستو ھو. دڪاندار
اسان کي ڏسڻ سان سمجهي ويو ته ھي سنڌي آھن، تنهنڪري وس آهر سنڌي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو
رھيو. مجيد به ڪجھ شيون خريد ڪيون. سوسٽ ۾ بوٽن ۽ ريڊي ميڊ ڪپڙن جي سٺي ورائٽي نظر
آئي. شيون تقريبن چين جون ٺهيل ھيون، جنهن جو سبب شايد چين جو ھتان ويجهو ھجڻ
ھوندو. سج لھڻ وارو ھو، سو اسان ھڪ ننڍڙي ۽ روايتي ڪيفي تان کير واري چانھ پي ڪوسٽر
طرف قدم وڌائڻ شروع ڪيا.
سوسٽ مان اسانکي
بنا ڪنهن ساھي جي سڌو علي آباد پهچڻو ھو پر ڪجھ وقت سفر ڪرڻ کانپوءِ ڪوسٽر ڪنهن
اونداھين جاءِ تي انجڻ بند ڪري بيھي رھي. اصل ۾ ڳالھ اھا ھئي ته اسان جي ٽولي ۾
شامل ٽنهي ماين ۽ اسان واري ٽوئر گائيڊ شعيب پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري شعيب وارن جي ڳوٺ
ششڪٽ (Shishkat)
وڃڻ جو پروگرام رٿي ڇڏيو ھو. ششڪٽ کي ناظم آباد پڻ سڏيو ويندو آھي. اھو پروگرام ڪڏهن
۽ ڪٿي ٺهيو تنهن جي اسان کي ڪا خبر نه ھئي. ماين جي شريڪ حياتن کي ٿي سگهي ٿو ان
معاملي جي کڙڪ پئي ھجي يا اھو به امڪان آھي ته ھو به اھڙي صلاح ۾ شامل ھجن. گاڏيءَ
جي رڪجڻ سان ماين پنهنجي سيٽن کان اٿي آگاھ ڪيو ته اسان شعيب سان گڏ ھن جي گهر وڃون
ٿيون توهان ڪجھ دير انتظار ڪيو. شعيب وري مفت ۾ صلاح ڏني ته ھتان عطاباد ڍنڍ بلڪل
ويجهو آھي توهان چاھيو ته ڀلي اوڏانهن چڪر ھڻي اچو اسان جلد واپس موٽون ٿا. اسان سڀئي
ڏاڏا ٿڪل ھياسين ھڪ ته سڄي ڏينهن جو سفر ۽ مٿان وري خنجراب جي ٿڌ ۽ آڪسيجن جي ڪمي
اسان کي ھلاڪ ڪري رکيو ھو. پوءِ به دل ٻڌي ڪجھ ڄڻا گاڏي مان ھيٺ لٿاسين پر ڪجھ نظر
اچي ته ڏسون. اھڙي حالت ۾ عطاباد وڃي ڇا ڪيون؟ مجيد ۽ مان روڊ جي ڀڪ ۾ ھڪ سيمينٽ
جي دڪي تي ويھي ڪجھ وقت ڪچهري ڪئي پر سيءُ ڪري گهڻو ويھڻ نه پڳو ۽ اٿي اچي ڪوسٽر ۾
پناھ ورتيسين.
اندازن ڪلاڪ
کانپوءِ مايون ۽ شعيب موٽيا. ماين شعيب وارن جي ماين جي وڏي واکاڻ ڪئي ته ڏاڍيون
قربائتيون ھيون اسان کي ڏاڍي عزت ڏنائون. پوءِ وري کين پيش ڪيل کاڌي پيتي جو شد مد
سان وچور به ڏنائون. گاڏيءَ مان ڪن پڇين ته ڀلا اسان لاءِ ڇا آندو اٿو؟ تنهن تي ڪورس
جي انداز ۾ جواب ڏنائون ته گهڻو ڪجھ آندو آھي توهان کي واپس پهچي ڏيون ٿا. پر اھو
گهڻو ڪجھ الائي ڇا ھو ڇو ته اسان جي اکين ئي نه ڏٺو. خير ھنن جي واپسيءَ تي انتظار
جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ ڪوسٽر جي ڦيٿن روڊ تي ڦرڻ شروع ڪيو.
۹ ڌاري خير سان علي آباد پهچي ھنزه سٽي ھوٽل ۾
پنهنجي پنهنجي ڪمرن ڏانهن راھي ٿياسين ته جيئن ڪجھ وقت لاءِ چيلھ سڌي ڪري فريش ٿي
سگهجي. ويندي مھل شعيب کي تاڪيد ڪندي چيوسين ته ڊنر جلدي لڳرائي ڇاڪاڻ ته شديد ٿڪاوٽ
ڪري سڀني جلدي بستري ڀيڙو ٿيڻ تي چاھيو.
۲۱ آگسٽ واري صبح تي مجيد ۽ مان ننڊ مان سوير اٿي ساڍي ڇهين ڍاري ھڪ ڏينهن اڳ
جيان شھر جو ديدار ڪرڻ لاءِ رستن تي نڪري پياسين. سواءِ چند ھوٽلن جي لڳ ڀڳ سڄو
شھر اڃان بند پيو ھو. شھر جي مختلف حصن ۾ لڳل سائن بورڊ ڏاڍا سهڻا ۽ صاف سٿرا ھيا.
جيئن ته گلگت بلتستان ۾ ڳالهايون ويندڙ ٻوليون اڃان تائين لکت واري صورت ۾ نه اچي
سگهيون آھن تنھنڪري سڀئي سائن بورڊ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل ھيا. شھر ڪافي صاف سٿرو
ھو ۽ ڪٿي به سنڌ جي شهرن جيان گند ڪچري جو ڪو ڍير نظرن مان نه گذريو. سڀ کان سٺي ڳالھ
اھا ته شھر جي نيڪال واريون ناليون ڍڪيل ھيون. اسان ڏٺو ته ھتان جا ڪافي تعليمي،
ھنري ۽ ثقافتي ادارا آغا خان فائونڊيشن جي مالي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون سان ھلي رھيا ھيا.
جنهن تي مجيد چيو ته آغا خان واحد مذهبي اڳواڻ آھي جيڪو ماڻهن کي مذھب جي نالي تي
انتهاپسند ۽ تنگ نظر بڻائڻ جي جاءِ تي کين تعليم ۽ تربيت سان گڏ معاشي طور به پاڻ ڀرو
ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيو آھي. ھتان جي ادارن جي سٺي ڪارڪردگي ڏسي اسان سنڌ جي
ادارن جي تباھي وارن سببن تي ڳالهائيندا بلڪ سور پِٽيدا رھياسين. ڪچهري ڪندا ھڪ ھوٽل
تان سائي چانھ پيئڻ وياسين. ھوٽل بلڪل خالي ھو رڳو ھڪ نوجوان ڇوڪرو صفائي سٿرائي
واري ڪم ۾ مصروف نظر آيو. جيڪو ھن ھوٽل جو ھڪ ئي وقت مالڪ، ڪاريگر ۽ بيرو ھو. پاڻ
گلگت شھر مان ھتي اچي ھي ھوٽل کوليو ھيائين. ھو چانھ ٺاھڻ سان گڏ اسان جي ڪيترن ئي
سوالن جا جواب به ڏيئي رھيو ھو.
تيار ٿي ۽ نيرن ڪري
پوڻين نائين وڳي علي آباد مان روانا ٿياسين. ان ڏينهن واري ٽوئر شيڊيول موجب اسان
کي عطاباد ڍنڍ، ھنزه جو ضلعي ھيڊ ڪوارٽر ڪريم آباد، التيت ۽ بلتيت قلعا ۽ راڪاپوشي
وِيو پوائنٽ گهمندي رات جو ڪنهن وقت گلگت پهچي رات اتي گذارڻي ھئي. ساڍي ڏهين وڳي
گلگت بلتستان جي ھڪ اھم ترين تفريحي ماڳ عطاباد ڍنڍ پهچي وياسين. ھي ڍنڍ به گوجال
(Gojal)
ماٿري واري علائقي ۾ اچي ٿي. گوجال اصل ۾ ڪيترين ئي ننڍين وڏين ماٿرين تي مشتمل ھڪ
وسيع علائقي جو نالو آھي جنهن کي گلگت بلتستان جو وڏي م وڏو تعلقو ھجڻ جو به اعزاز
حاصل آھي. ھن جون حدون خنجراب لڪ ۽ شمشال (Shimshal) ماٿري وٽ چين سان ۽ چِپرسن (Chipurson) ماٿري وٽ
افغانستان سان ملن ٿيون. ھتان جي آبادي ۲۰۰۰۰ ماڻهن تي مشتمل آھي جيڪي سڀئي اسماعيلي شيعا آھن.
عطاباد نالي ھي
شفاف پاڻيءَ واري ۽ انتهائي خوبصورت ڍنڍ ۲۰۱۰ع واري زلزلي جي نتيجي ۾ ٺهي پئي ھئي. ھن ڍنڍ جي ڊيگھ
تقريبن ۲۱ ڪلوميٽر ۽ وڌ ۾ وڌ اونهائي ۱۰۹ ميٽر يا ۳۵۷ فوٽ آھي. عطاباد ڍنڍ کي ھنزه ندي وسيلي پاڻي
مھيا ٿيندو رھي ٿو. ساواڻ مائل نيري پاڻيءَ واري ھي ڍنڍ فشنگ، بوئنگ ۽ جيٽ اسڪائنگ
جهڙين مزيدار سرگرمين جو مرڪز بڻجي چڪي آھي. ھتي توهان کي ملڪ جي ھر حصي مان آيل
سياحن کانسواءِ غير ملڪي سياح به نظر ايندا. ڍنڍ جي سير لاءِ ھت ڪيترن ئي قسمن جي
ننڍين وڏين ٻيڙين کانسواءِ کاڌي پيتي جون پوائنٽون ۽ رھائش لاءِ بهترين ھوٽل پڻ
موجود آھن. اسان به ڍنڍ جي شفاف پاڻيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ ھڪ وڏي ٻيڙِي ۾
سوار ٿياسين. ويھ پنجويھ منٽن وارو ھي چڪر اسان سڀني لاءِ ڏاڍو مزيدار ۽ يادگار
رھيو. اڳ گذريل ٽوئر جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوٽوگرافي ۽ وڊيو رڪارڊنگ ھتي ڪئي وئي. ٻيڙي
واپس اسان کي ڪناري تي لاٿو ته ڪجھ نوجوانن چيو ته اسين تيز رفتار ۽ موٽر سائيڪلن
جھڙين ننڍڙين ٻيڙين جو به مزو وٺنداسين. ڪيترائي ماڻهو خاص ڪري نوجوان اھڙين بوٽن
جي ڊرائيونگ مان انجواءِ ڪندي نظر آيا. بوٽ جا ۵ منٽن لاءِ ۱۰۰۰ رپيا ڪرايو ٿي ورتائون. مجيد ۽ مان
ريفريشمينٽ لاءِ ڪنهن فوڊ اسپاٽ پاران ڇٽيءَ ھيٺان رکيل ٻن ڪرسين تي اچي ويٺاسين.
گلگت بلتستان جي ٻين تفريحي ماڳن جيان ھتي به ماين جو وڏو تعداد نظر آيو. تقريبن ٻه
ڪلاڪ ڍنڍ ۽ ان جي خوبصورت ماحول مان لطف اندوز ٿيڻ کانپوءِ ساڳي ئي رستي سان واپس
موٽياسين ڇاڪاڻ ته اسان کي ھاڻي ڪريم آباد وڃڻو ھو جيڪو علي آباد ۽ گڻيش جي بلڪل
ويجهو آھي. ھڪ دفعو وري اسان جي ڪوسٽر انجنيئرنگ جي شاھڪار عطاباد سرنگهن مان گذري
اڳتي وڌندي رھي.
ھنزه جي خوبصورت ۽
من موھيندڙ نظارن ۽ وسندين مان لطف اندوز ٿيندي منجهند جو ڏيڍ وڳي ڌاري ڪريم آباد
پهتاسين. ھنزه گلگت بلتستان جي اتر ۾ واقع آھي. رياست جي حيثيت ۾ ھنزه ۱۸۹۲ع کان ۱۹۴۷ع تائين برطانوي سلطنت جو حصو رھيو. پاڪستان
جي وجود ۾ اچڻ کان ۱۹۷۴ع تائين ان جي حيثيت ھڪ خودمختيار رياست واري رھي، جنهن کانپوءِ ان کي پاڪستان
۾ ضم ڪيو ويو. ھتان جي معيشت بنيادي طور سياحت، زراعت ۽ باغباني تي مدار رکي ٿي. ڪريم
آباد جيئن ته ضلعي ھيڊڪوارٽر ۽ ان علائقي جو عاليشان سياحتي ماڳ آھي، تنھنڪري اھم
سرڪاري آفيسن کانسواءِ ھتي تاريخي ۽ روايتي بازارون ۽ بهترين قسم جا ھوٽل ۽ ريسٽورنٽ
موجود آھن. واضح رھي ته ڪريم آباد واري نالي کان اڳ ھن کي بلتت جي نالي سان سڏيو
ويندو ھو. مشھور اخبار گارڊين ڪريم آباد کي پاڪستان جي ۵ بهترين سياحتي ماڳن مان ھڪ قرار ڏنو آھي.
ھت تعليم جي شرح ۹۰ سيڪڙي کان مٿي آھي ۽ ٻڌايو وڃي ٿو ته ھتان جا ٽيھن سالن جي عمر تائين وارا
نوجوان ۱۰۰ سيڪڙو تعليم يافتا آھن. ڪريم آباد سميت ھنزه جا ٻيا ماڳ گهمڻ لاءِ اپريل
کان آڪٽوبر تائين وارا مھينا سٺا سمجهيا ويندا آھن. ڇاڪاڻ ته سال جي باقي مهينن ۾
ھتان جي سخت سيءُ کي منهن ڏيڻ ڏکيو ھوندو آھي. ملڪي ۽ غير ملڪي سياحن جي وڌ ۾ وڌ
آمد جُون، جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ ٿيندي آھي. اسان به جيئن ته آگسٽ مهيني دوران ھتي آيا
ھياسين، تنھنڪري ڪريم آباد جا روڊ رستا ۽ سياحتي ماڳ سياحن سان ڀريا پيا ھيا. ڪوسٽر
ھڪ مناسب جاءِ تي بيھاري سڀيئي ڄڻا ٽولن جي صورت ۾ ھتان جون روايتي بازارون گهمندا
بلتت (Baltit)
قلعي طرف وڌڻ لڳا. قلعو جيئن ته مٿانهين ٽڪريءَ تي اڏيل آھي، تنھنڪري لڳاتار مٿانهين
ڏانهن پنڌ ڪندي ڪافي ڏکيائي محسوس ٿي رھي ھئي. رستي ۾ ڪيترائي ماڻهو خاص ڪري گهڻي
وزن ۽ وڏي ڄمار وارا ساھيون پٽيندي ۽ وڏا وڏا ساھ کڻندي نظر آيا. ھت به مردن جيان
ماين جو وڏو انگ نظر آيو. رستي جي پاسن کان ميون جا تمام گهڻا وڻ ھيا ۽ ھتان جي
انتظاميا ڪجھ ھنڌن تي بورڊن مٿان لکرائي ڇڏيو ھو ته سياحن کي وڻن مان ميوا پٽي کائڻ
جي اجازت آھي. اسان جا ڪجھ ساٿي به اھڙي عاليشان آڇ مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا
رھيا.
بلتت قلعو تقريبن ۷۰۰ سئو سال قديم آھي. تاريخي حوالن ۾ ڄاڻايل
آھي ته ھنزه جا حڪمران جن کي مير ۽ ٿم (Thum) جي نالن سان سڏيو وڃي ٿو، تن جون ھن علائقي
۾ ڪجھ ننڍيون ۽ خودمختيار رياستون قائم ٿيل ھيون. اھڙين رياستن ۾ ھنزه ۽ نگر
واريون روايتي حريف رياستون به شامل آھن. ھي ٻئي رياستون ھنزه نديءَ جي آمھون
سامھون وارن ڪپرن تي قائم ھيون. ٻنهي رياستن جي ميرن پنهنجي طاقت ۽ دٻدٻي کي قائم
رکڻ لاءِ مضبوط مرڪز يا قلعا جوڙايا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ھنزه جا مير پهريان التت (Altit) قلعي ۾
رھندا ھيا پر اتان جي سلطان جي ٻن پٽن شاھ عباس ۽ علي خان جو پاڻ ۾ ڪن معاملن تي تڪرار
پيدا ٿي پيو جيڪو آخرڪار ننڍي ڀاءُ جي مارجڻ تائين وڃي پهتو. نتيجي ۾ شاھي گهراڻي
بلتت قلعي منتقل ٿي کيس گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪري ڇڏيو. ھتان کان بلتت قلعو اقتداري
طاقت جو اھڃاڻ بڻجي پيو. وقت جو وهڪرو قلعي کي زبون ڪندو رھيو ۽ وس وارا مختلف
وقتن تي ان جي مرمت ڪرائي ڀُرڻ ۽ ڪرڻ کان بچائيندا رھيا. ۱۹۹۰ع ۾ ھي قلعو مڪمل طور زبون ٿي چڪو ھو پر
پرنس ڪريم آغا خان چوٿين عالمي سطح جون ڪوششون وٺي ۽ مالي سھائتا مهيا ڪري ھن عظيم
قلعي جو مرمتي ۽ آرائشي ڪم مڪمل ڪرايو. جنهن کانپوءِ ھي تاريخي ۽ ثقافتي ورثو ايندڙ
نسلن لاءِ محفوظ بڻجي پيو. بلتت قلعو ھن وقت بلتت ھيريٽيج ٽرسٽ سنڀالي ٿو ڇاڪاڻ ته
مير غضنفر علي خان ۽ سندس ڪٽنب وڏي دل جو مظاھرو ڪندي پنهنجو خانداني قلعو ٽرسٽ
حوالي ڪري ڇڏيو آھي. بلتت قلعي کي ۲۰۰۴ع ۾ گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو (UNESCO) پاران عالمي ورثو (World Heritage) قرار ڏنو
ويو آھي. جڏهن ته ۲۰۰۵ع ۾ دنيا جي مشھور ٽائيم ميگزين ان کي ’بيسٽ آف ايشيا ايوارڊ‘ جو اعزاز پڻ ڏنو
آھي.
مٿي پهچي ڏٺوسين ته
قلعي گهمڻ لاءِ ڏيهي ۽ پرڏيهي سياحن جو وڏو تعداد موجود ھو. اسان به ڪائونٽر تان ٽڪيٽون
خريد ڪيون. ٽڪيٽ جو ملھ ڏيھي سياحن لاءِ ۵۰۰ رپيا رکيل ھو. ڪائونٽر انچارج ٻڌايو ته انهن پيسن مان
قلعي جو انتظامي وهنوار به ھلايو وڃي ٿو ۽ مستقبل جا مرمتي ۽ آرائشي ڪم پڻ ان رقم
مان ڪرايا ويندا. مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ته قلعي جي سار سنڀال لاءِ خالص سائنسي
بنيادن تي انتظام ڪيا ويا ھيا. اسان کي ٻڌايو ويو ته في الحال ڪو گائيڊ فارغ ناھي
توهان جيڪڏهن چاھيو ته پنهنجي منهن قلعو گهمي سگهو ٿا جي نه ته ڪجھ وقت انتظار ڪيو
جيستائين ڪو گائيڊ فارغ ٿئي. مجيد چيو ته انتظار ڪرڻ بھتر آھي. ٻاھر ھتان جي ڪنهن
لوڪل فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ٿي ڪيو، جنهن جي چوڌاري سياحن جو ھجوم ڪٺو ٿيل ھو،
جنھن ۾ اسان به شامل ٿي وياسين. سياح فنڪار کي خوب داد ڏئي رھيا ھيا ۽ ڪيترائي
سندس وڊيو رڪارڊنگ ڪندي به نظر آيا. اسان کي مولامدد نالي ھڪ سٺو ۽ پروفيشنل گائيڊ
مليو. بهترين گفتگو ڪندڙ مولامدد کي ھنزه اسٽائيل واري مخصوص قسم جي ڏاڙھي رکيل
ھئي. ھن قلعي جي تاريخ ۽ ان جي مختلف حصن جي پسمنظر ۽ ان جي ڪارج بابت ڏاڍي تفصيلي
۽ ڪارائتي ڄاڻ ڏني. قلعو جيئن ته حڪمرانن جي رھائش گاھ ھيو، انڪري ھتي بيڊ رومن، ڊرائينگ
ھال، گيسٽ ھال ۽ رڌڻي سميت ڪنهن مثالي گهر جون سڀ سھولتون موجود ھيون. ھڪ ھنڌ اناج
ذخيرو ڪرڻ لاءِ وڏو گودام به ٺهيل ھو، جنهن کي مٿان ھڪ ننڍي دري ھئي. مولامدد ٻڌايو
ته ڏڪار يا اڻاٺ وارن ڏينهن ۾ مير صاحب پنهنجي ماڻهن کي ھتان اناج مھيا ڪندا ھيا.
قلعو ته ھر حوالي سان شاندار ھو پر جنهن ڳالھ مونکي گهڻو متاثر ڪيو، سي ھيون ھتان
جون عام استعمال واريون شيون ۽ ھٿيار. ھٿيارن ۾ تير ڪمان کان بندوقن تائين ڪيترن
ئي قسمن جا هٿيار ۽ عام استعمال وارين شين ۾ قالين، لباس، رڌپچاءُ جا ننڍا وڏا
برتن، ٻارن جا رانديڪا ۽ پينگها، ڪئامار ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون شامل ھيون. حقيقت
اھا آھي ته سوين سال قديم ۽ املھ شيون ڏسي مون پاڻ کي ڪجھ گهڙين لاءِ انھيءَ دؤر ۾
بيٺل محسوس ڪيو. مونکي ذاتي طور بلتت قلعو ھر لحاظ کان ڏاڍو وڻيو ۽ مجيد جا به
قلعي بابت ساڳيي قسم جا ويچار ھيا. قلعي ٻاھران رکيل توپ وٽ مولامدد سان ڪجھ گروپ
فوٽو وٺي اسان کانئس موڪلائي ھيٺ لھڻ شروع ڪيو.
واپسيءَ ۾ ساڳي ئي
رستي سان مارڪيٽن تي الودائي نظر ڦيرائيندا ٿي آياسين ته ھڪ سموسن ۽ چاٽ واري دڪان
تي نظر پئي. ھتان جي روايتن موجب دڪان ۾ گراھڪن جي ويهڻ لاءِ قالين وڇايل ھيا.
اسان جيئن ئي ويٺاسين ته اسان جي گروپ جا ڪجھ ٻيا ساٿي به اندر آيا ۽ اسان گڏجي
ريفريشمينٽ به ڪئي ۽ ڪچهري جو به مزو ورتو. ڪوسٽر وٽ پهچڻ تي خبر پئي ته اسان جي
گروپ جي ھڪ مائي اوچتو بيهوش ٿي وئي ھئي جنهن کي علاج لاءِ علي آباد جي ڪنهن نجي
اسپتال کڻي ويا ھيا. اصل ۾ ٿيو ايئن ته ٽنهي ماين جڏهن ڪريم آباد جي بازارن ۾
پنهنجي پسند ۽ دلچسپي واريون شيون ڏٺيون ته هڪٻئي جي گڏيل صلاح سان قلعي ڏسڻ وارو
ارادو ختم ڪري خريداري کي لڳي ويون. ھنن جي سنگتياڻي بازار ۾ ئي ڪٿي بيهوش ٿي ڪري
پئي ھئي. اسان سڀ اديءَ جي صحتيابي لاءِ پريشان ٿي وياسين ته ھڪ ھشاش بشاش انسان
کي آخر ڪهڙو مسئلو ٿي سگهي ٿو. پوئتي رھيل ساٿين سان جلد پهچڻ لاءِ رابطي جي ڪوشش ڪئي
وئي. سموري گلگت بلتستان جيان ھنزه ۾ به موبائيل سگنلن جو شديد مسئلو آھي پر سٺي ڳالھ
اھا ھئي ته اسان ضلعي ھيڊڪوارٽر شھر ۾ بيٺا ھياسين. سڀ پهتا ته ڪوسٽر علي آباد ڏانهن
رخ رکيو.
علي آباد ۾ ڪلينڪ ٻاهران
گاڏي پارڪ ڪري ڊاڪٽر کان پنهنجِي ڪليگ جي خيريت بابت پڇڻ لڳاسين. ڊاڪٽر ٻڌايو ته
پيشنٽ هينئر حوش حواس ۾ آھي توهان دلجاءِ ڪريو.
بس ڪجھ وقت انتظار ڪريو جيئن ئي ڊرپ پوري ٿيندي ته اسان کيس ڊسچارج ڪنداسين.
اسان ڊاڪٽر کان بيھوشي جو سبب پڇيو جنهن تي ھن ٻڌايو ته بلڊ پريشر گهڻو گهٽ ٿيڻ ڪري
پيشنٽ بيهوش ٿي ھئي. اسان سڀ ڏاڍا خوش ٿياسين ته ڪا خطري واري صورتحال نه ھئي. ڊرپ
جي پوري ٿيڻ تائين ڊاڪٽر سان تعارف کانپوءِ ڪچهري ٿيندي رھي. ھن ٻڌايو ته سندس
نالو حامد علي آھي ۽ ھو گلگت ۾ رھندو آھي. علي آباد واري ھي ڪلينڪ سندس ھڪ دوست ڊاڪٽر
جي آھي جيڪو ڪنهن ڪم سانگي شھر کان ٻاھر ويل ھو. ھن جي غير موجودگيءَ ۾ ڊاڪٽر حامد
گلگت مان اچي سندس ڪلينڪ سنڀالي رھيو ھو. اسان کي اھو ڄاڻي خوشي ٿي ته ڊاڪٽر حامد
لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج (ھينئر شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي)
مان ايم بي بي ايس جي ڊگري ورتي ھئي. پنهنجي استادن ۾ ھن ڊاڪٽر سڪندر مغل ۽ ڪن ٻين
جا نالا کنيا. ڪجھ دوستن جو به ذڪر ڪيائين جن نالا هينئر ياد ناھن.
ادي جيئن ئي گاڏي ۾
اچي ويٺي ته اسان جو رڪيل سفر ھڪ ڀيرو ٻيھر اڳتي وڌڻ لڳو. ساڍي چئين ڌاري ڪوسٽر
علي آباد کي خيرباد چئي ھنزه ماٿري جي حسين ۽ دلڪش منظرن مان گذرندي اڳتي وڌندي
رھي. اندازن مني ڪلاڪ کانپوءِ ھڪ ڀيرو وري راڪا پوشي ويُو پوائنٽ وٽ اچي ساھي ڊاٻو
ڪيوسين. پڙھندڙن کي شايد ياد ھوندو ته علي آباد اچڻ وقت به اسان ھن ماڳ وٽ ڊاٻو ڪيو
ھو پر سج لھڻ ڪري اوندھ ٿي چڪي ھئي. نتيجي
۾ اسان ھي پوائنٽ سٺي نموني نه ڏسي سگهيا ھياسين. اڄ جيئن ته صحيح وقت تي اچڻ ٿيو
ھو انڪري ھن اھم سياحتي ۽ تفريحي ماڳ جي خوبصورتين مان ڀرپور مزو ۽ لطف ورتوسين. ڏيھي
۽ پرڏيھي سياحن ۽ جبل چاڙھن جي دلچسپي جو مرڪز ھي راڪاپوشي چوٽي قراقرم جابلو
سلسلي ۾ اچي ٿي جنهن جو ڳاڻيٽو پاڪستان جي اھم ترين جابلو چوٽين ۾ ڪيو وڃي ٿو. ان
جي اونچائي ۷۷۸۸ ميٽر يا ۲۵۵۵۱ فوٽ آھي. مقامي زبان ۾ راڪاپوشي جي معنيٰ ’برف سان ڍڪيل‘ آھي. ان چوٽي کي ڪڪرن
يا ڌنڌ جي ماءُ پڻ ڪوٺيو ويندو آھي. درجيبندي جي حوالي سان ھي پاڪستان جي اٺون
نمبر ۽ دنيا جي ستاويھون نمبر اونچي چوٽي آھي. جاگرافيائي بيھڪ سان ڏسجي ته راڪاپوشي
نگر (Nagar)
۽ بگروٽ (Bagrote)
ماٿرين جي وچ ۾ اچي ٿي ۽ گلگت بلتستان جي گادي واري شھر گلگت کان اٽڪل ۱۰۰ ڪلوميٽر اتر ۾ واقع آھي. ھت منو ڪلاڪ کن ترسي ۽ ھلڪي ڦلڪي ريفريشمينٽ ڪري اڳتي
وڌياسين.
ان ڏينهن اسان جي
آخري منزل گلگت ھو ۽ سڀ جي خواهش ھئي ته ان اھم ۽ تاريخي شھر کي جيترو ممڪن ٿي
سگهي گھمي ڏسجي پر اسان ساڍي ستين وڳي ھت مس پهچي سگهياسون. ڪوسٽر گلگت جي مشهور
المدينه ھوٽل ۲ تي اچي لاٿو. اھڙي بي تڪي وقت تي ڇا ڏسجي وائسجي؟ اسان جا ڪجھ ساٿي ٽوئر انچارج
شعيب ۽ وليد سان بحث ۾ شروع ٿي ويا ته ھي سڀ توهان جي مِس مينيجمينٽ ڪري ٿيو آھي.
ھينئر رات ٿي چڪي آ شھر بند ٿي ويو ھوندو ڇا اسان رات جو رڳو سمهڻ لاءِ ھت آيا
آھيون؟ ٽوئر وارن جو مؤقف ھو ته علي آباد ۾ گهڻو وقت بيھڻ ڪري ليٽ ٿي وياسين ان ۾
اسان جو ڪهڙو ڏوھ آھي؟ بحرحال مجيد منگي ۽ ڪجھ ٻين ساٿين بحث کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي
چيو ته جيڪو ٿيو سو ٿيو تنهن کي ڇڏيو. في الحال ڊنر ڪيو پوءِ ڏسون ٿا ته ڇا ڪرڻو
آھي. ماني کائيندي مجيد منگي سڀني اڳيان مناسب تجويز رکي ته ھتان فارغ ٿي پنهنجي
خرچ تي شھر گهمڻ ھلجي. ان تي سنگت ورھائجي وئي ھڪڙن چيو ته صحيح آ اسين ھلون ٿا ۽ ٻين
چيو ته شھر جون مارڪيٽون وغيره بند ٿي چڪيون ھونديون باقي سکڻا شٽر ڏسي ڇا ڪبو؟
پوءِ به اڌ کن ماڻهو
تيار ٿيا. اسان ھوٽل وارن کي چيو ته ۲ ڪارون گهرائي ڏيو اسان مارڪيٽ وڃڻ ٿا
چاھيون. ھوٽل مان نڪري شھر جي روڊن تي اچڻ سان ڏٺوسين ته شھر واقعي بند ٿي چڪو ھو
پر پوءِ به ھاريي کان پيتو ڀلو واري ڳالھ ھئي. مون پاڻ کي آٿت ڏني ته وري به پاڻ
گلگت جي روڊن تي گھمي رھيا آھيون ۽ جيڪي نه آيا سي ڪمرن ۾ بند ھوندا يعني انڌي جهڙي
پيڪين تھڙي ساھرين. ڊرائيور پڇو ڪٿي لھندئو؟ اسان چيو جتي ڪا مارڪيٽ يا بازار ڏسين
لاھي ڇڏجانءِ. اڳتي ھڪ وڏي مارڪيٽ وٽ ھن ڪار روڪي. اسان اندر وڃي ڏٺو ته مارڪيٽ نه
رڳو وڏي پر بهترين به ھئي. اھا کڻي ٻي ڳالھ ھئي ته وقت چڙهي وڃڻ ڪري اسان کي پاڻ
کانسواءِ ڪو ٻيو گراھڪ نظر نه آيو. مارڪيٽ ۾ جيترا به دڪان کليل ھيا تن ۾ اڪثر
ماين ۽ ٻارن سان لاڳاپيل يا سندن استعمال جون شيون ھيون. اسان جي ٽولي جي باخبر ساٿي
ڊاڪٽر سنتوش ڪمار دڪاندارن سان بارگيننگ کانپوءِ آگاھي ڏني ته ھت شيون ڏاڍيون
مھانگيون آھن. پوءِ به ٽوئر جي يادگيري طور مون سميت ڪجھ ساٿين مڙئي سڙئي نالي
ماتر خريداري ڪئي. ھڪڙي دڪان تان مون ھنزه جي مخصوص ۽ انتهائي نفاست واري ڀرت سان
تيار ڪيل پرس خريد ڪيو. اھڙي قسم جون ھٿ سان ٺاھيل شيون ڪريم آباد جي مارڪيٽن ۾
جام ھيون پر وقت جي گهٽتائي ڪري اسان خريد ڪرڻ ته ٺهيو پر سٺي نموني ڏسي به نه
سگهياسين. دڪاندار اسان کي مهمان ڏسي نه رڳو حال احوال ورتا پر چانھ پيئڻ جي آفر به
ڪئي. ھن ٻڌايو ته ھيل سنڌ جا تمام گهڻا ماڻهو گلگت بلتستان گھمڻ آيا آھن. مارڪيٽ
مان ٻاھر نڪري ڪنهن چانھ پيئڻ جي خواھش ڏيکاري پر اڪثريت ٿڪجي پوڻ جو چئي سندس
چانھ پيئڻ واري خواهش کي لوڙھي ڇڏيو. واپسي لاءِ رستي تي چڱو وقت انتظار ڪرڻ
کانپوءِ ھڪ ڪراڙي ڊرائيور جي پراڻي ڪار ھٿ لڳي جنهن ۾ ڪجھ ويٺا ۽ ٻيا وري ٻي گاڏي
۾ ٿوري دير کانپوءِ ھوٽل پهتا.
گلگت ۾ سيءُ گهٽ ھو
تنھنڪري اسان ھوٽل جي لان ۾ چانھ پيئندي شعيب جي ان ھدايت تي به ڳالھ ٻول ڪندا
رھياسين جنهن ۾ ھن چيو ھو ته صبح جو سوير نيرن ڪري ھتان نڪربو. اسان مان ڪنهن جو به
سوير نڪرڻ جو ارادو نه ھو ڇاڪاڻ ته سڀني گلگت گھمي ڦري پوءِ اڳتي وڌڻ ٿي چاھيو. پاڻ
۾ ھڪ صلاح ٿي ۽ مجيد کي اڳواڻ مقرر ڪري اسان شعيب ۽ وليد کي اندران سڏرائي پنهنجي
خواهش سندن اڳيان رکي. مجيد ڳالھ رکي ته سڀ ساٿي اھو ٿا چاھين ته صبح سويري نه پر
گلگت جو چڪر وغيره لڳائي ڪجھ دير ڀرو نڪرجي ڇاڪاڻ ته ھتي گھمڻ واري مقصد سان آيا
آھيون. وليد ته قائل ٿي ويو پر شعيب چيو ته اھو ممڪن ناهي ڇو ته ٽوئر سدائين مقرر ڪيل
شيڊيول موجب ئي اڳتي وڌندو آھي. نيٺ زور ڀرڻ تي ھو ٽوئر ڪمپني جي مالڪ (جيڪو ڪراچي
جو آھي) سان ڳالهائڻ جو چئي اتان اٿي ويو ۽ ٿوري دير ۾ واپس اچي چيائين ته اسماعيل
صاحب نٿو مڃي. اھڙي صورتحال کانپوءِ مجيد پاڻ مالڪ سان ڳالھايو ۽ مدلل طريقي سان
کيس ذھن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جڏهن سڀئي دير سان نڪرڻ چاھن ٿا ته توهان کي
اعتراض نه ھجڻ کپي ڇو ته ان سان توهان جي خرچ وغيره ۾ ڪو اضافو نه ٿيندو. اھڙن
سگهارن دليلن کانپوءِ ھن ھائوڪار ڪئي ۽ نيٺ اھو ڪشمير معاملو خوش اسلوبي سان حل ٿي
ويو. جنهن کانپوءِ اسان جو مطمئين ھجڻ فطري ڳالھ ھئي.
۲۲ آگسٽ واري صبح مجيد ۽ مان سوير ننڊ مان اٿياسين ۽ اسان جا روم ميٽ اڳ جيان
ستل ئي رھيا. مجيد ۽ مان ھوٽل جي رسيپشن تي ويٺل ملازم کان انٽرنيٽ جو ڪوڊ لڳرايو
۽ پوءِ ھوٽل جي وچ تي لڳايل بهترين پارڪ ۾ مختلف قسمن جا سهڻا ۽ رنگ برنگي گل ڏسندا
۽ ڪچهري ڪندا رھياسين. اسان وٽ جيڪي گل سياري جي مند ۾ پوکبا آھن سي ھتي اونهاري ۾
موجود ھيا. مونکي المدينا ھوٽل ۲ ھر حوالي سان ڪافي بهتر بلڪ معياري لڳو. اسان سائي چانھ
پي ڪمري ۾ واپس اچي تياري ۾ لڳي وياسين. آرام سان تيار ٿي ۽ نيرن ڪري سوا نائين ڌاري
ڪوسٽر ۾ اچي ويٺاسين ۽ جيئن ئي انگ پورو ٿيو ته ڊرائيور ھارن ڏئي گاڏي کي اڳتي ريڙھڻ
لڳو ۽ مان ھوٽل مٿان ھڪ نظر وجهي ڄڻ ته کانئس موڪلائڻ لڳس.
گلگت بابت جيئن اڳ
ذڪر ٿي چڪو آھي ته گلگت بلتستان انتظامي يونٽ (ان کي گهڻا ماڻهو صوبو به سڏين ٿا
پر حقيقت ۾ ھي صوبو نه پر خاص انتظامي يونٽ آھي جنهن وٽ پنهنجي قانونساز اسيمبلي ۽
گورنر به آھي) جي گادي جو ھنڌ آھي. گلگت ھن سموري علائقي جو اسڪردو کانپوءِ ٻيو
نمبر وڏو شھر آھي جنهن جي آبادي ۲۱۶۷۶۰ ماڻهن تي مشتمل آھي. گلگت شھر جبلن جي وچ ۾ ھڪ ماٿري تي
اڏيل آھي جيڪا سنڌو، گلگت ۽ ھنزه ندين ھزارين سالن جي وھڪرن دوران جوڙي آھي. ھي
سمنڊ جي سطح کان ۴۹۰۰ فوٽ مٿانهين تي واقع آھي. حقيقت ۾ گلگت پاڪستان جي قبضي واري ڪشمير جو ئي
حصو آھي. گلگت بلتستان کي صوبي واري حيثيت نه ملڻ جو ھڪ سبب اھو به آھي ڇاڪاڻ ته
ان سان ڪشمير بابت پاڪستان سرڪار جي اختيار ڪيل مؤقف کي نقصان پهچندو. گلگت اسلام
آباد کان ۶۰۰ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي.
ھوٽل کان نڪري شھر
جي مختلف حصن جو پسار ڪندا ٿوري وقت ۾ اچي ھڪ وڏي مارڪيٽ وٽ لٿاسين. ٽوئر انچارج ۽
گائيڊ شعيب سڀني کي تاڪيد ڪئي ته ڪوشش ڪري ھڪ ڪلاڪ تائين گھمي ڦري واپس اتي ئي
اچو. ھن مارڪيٽ کي ھتان جي ماڻهن چائنا مارڪيٽ ٿي سڏيو. ھوٽل جي ملازمن اسان کي ٻڌايو
ھو ته گلگت ۾ سڀ کان اڳ ھي مارڪيٽ کلندي آھي. ھرڪو پنهنجي پنهنجي ٽولي سان مارڪيٽ
جي مختلف پاسن ڏانهن روانو ٿي ويو. مجيد ۽ منهنجي خريداري ۾ ته خاص دلچسپي نه ھئي
بس ڪوشش اھا ھئي ته ايتري مختصر وقت ۾ جيترو ٿي سگهي ڏسي وائسي وٺجي.
چائينا مارڪيٽ طور
مشهور ھن مارڪيٽ جو اصل نالو اين ايل آءِ (NLI) مارڪيٽ آھي جيڪو نادرن لائيٽ انفينٽري جو
مخفف آھي. اين ايل آءِ پاڪستاني فوج جي ھڪ ريجمينٽ جو نالو آھي جيڪا خاص طور ملڪ
جي اترين علائقن (جتان جون سرحدون ھندستان، چين ۽ افغانستان سان ملن ٿيون) جي
نظرداري ۽ بچاءُ لاءِ ٺاھي وئي ھئي. اين ايل آءِ مارڪيٽ ۾ ۷۰۰ کان وڌيڪ دڪان آھن جن ۾ ريڊي ميڊ گارمينٽس
کان بوٽن ۽ سينڊلن، ڪراڪري کان سينيٽري، لٽي ڪپڙي کان اليڪٽرانڪس ۽ کاڌي پيتي جي
شين کان بجلي تي ھلندڙ گهريلو استعمال جي مختلف شين وارا دڪان شامل آھن. ۱۹۹۲ع ۾ تڪميل تي پهتل ھن عاليشان مارڪيٽ جي
تعمير جو مک سبب ريجمينٽ جي جوانن ۽ آفيسرن جي گهر وارن جي مالي سھائتا ڄاڻايو وڃي
ٿو. مارڪيٽ جا تقريبن اڌ دڪان ٻاھرين ماڻهن کي مليل آھن.
مارڪيٽ ھڪ منصوبا
بندي يا رٿا ھيٺ تعمير ٿيل آھي تنھنڪري ان جا سڀئي روڊ رستا، گهٽيون ۽ دڪان جياميٽريءَ
جي اصولن موجب بلڪل سنوت ۽ سِڌائي وارا آھن. ھيڏي وڏي مارڪيٽ ۾ ڪٿي به گند ڪچرو
نظر نه آيو. ھت ماڻهن جو وڏو تعداد نظر آيو جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اين ايل آءِ
ماڪيٽ ۾ سٺو ڪاروبار ٿيندو ھوندو. مجيد ۽ مان مارڪيٽ ۽ ان جو وهنوار ڏسندا بوٽن جي
ھڪ دڪان تي آياسين. دڪان جو مالڪ گلگت شھر جو ھڪ مقامي ماڻهو ھو ۽ سٺي ڳالھ ته کيس
سياست ۾ ڪافي دلچسپي ھئي. پاڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جو سپورٽر ھو ۽ اسان کي ٻڌايائين
ته گلگت بلتستان جا ماڻهو ڀٽي صاحب جا ڏاڍا شيدائي آھن تنھنڪري اڄ تائين پيپلزپارٽي
جي حمايت ڪندا رھن ٿا. ھن دعويٰ ٿي ڪئي ته جيڪڏهن صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين ته
پيپلزپارٽي کي گلگت بلتستان ۾ ڪو به شڪست ڏئي نه سگهندو. ھن اسان کان به سنڌ جا
حوال ورتا ۽ وڌيڪ ڪچهري جي موڊ ۾ ھو پر اسان وٽ بلڪل محدود وقت ھو تنھنڪري خريد ڪيل
بوٽن جا ڪجھ جوڙا واپسيءَ تي کڻڻ جو چئي دڪان کان ٻاھر نڪتاسين. ڪجھ ٻيون شيون به
خريد ڪندا مارڪيٽ جي ٻي پاسي کان نڪري ھڪ ڪشادي روڊ تي آياسين جتي ڪيترائي دڪان،
بينڪون ۽ ڪجھ سرڪاري آفيسون ھيون. ھتان ٿورو چڪر ڏئي واپس ٿياسين. گلگت جهڙي
تاريخي ۽ اھم شھر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ به سڄو ڏينهن گهرجي پر ڇا ڪجي ايترو وقت ڪٿان آڻيون
ھا؟
واپسيءَ تي گلگتي دڪاندار
کان سامان کڻندا ڪوسٽر تائين پهتاسين. شعيب ٻاھر ئي بيٺو ھو ۽ اسان کي ايندو ڏسي
پري کان ئي چيائين ته گروپ جا سڀ ساٿي اچي چڪا آھن رڳو توهان ئي رھيل آھيو. گاڏيءَ
اندر شاپنگ بيگس جي چڱي تعداد مان اندازو ٿيو ته راتوڪي بحث جو ھڪ سبب خريداري
لاءِ وقت حاصل ڪرڻ به ھو. گلگت ڪافي وڏو ۽ خوبصورت شھر آھي. وڏن وڏن جبلن سان
گهيريل پيالي جهڙي شڪل وارو ھي شھر مونکي بيھڪ جي حوالي سان ڪافي حد تائين ڪوئيٽا
جهڙو لڳو. مارڪيٽ جيئن ته شھر جي تقريبن وچ تي ھئي تنھنڪري ٻاھر نڪرندي چڱو وقت لڳي
ويو تيستائين اسان به شھر جو ايترو ديدار ضرور ڪري ورتو جو هينئر چئي سگهجي ٿو ته
گلگت اسان جو گهميل آھي.
ڪلاڪ کن جي سفر
کانپوءِ جگلوٽ مان تيل ڀرائي ٿورو اڳتي وڌياسين ته ڪنهن ڏھ ڦيٿي ٽرڪ جي ڦاسي پوڻ ڪري
رستو بند ٿي چڪو ھو. مختلف قسم جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون گاڏيون رستي تي بيٺل
ھيون جن ۾ ڪجھ گاڏيون سياحن جون پڻ ھيون. ڳري سامان سان لوڊ ٿيل ٽرڪ جا ٽائر اکڙيل
روڊ جي مٽيءَ ۾ هيٺاهين واري ھنڌ تي گچي ويا ھيا ۽ ڊرائيو جي گهڻين ڪوششن باوجود ٽرڪ
نٿي نڪري سگهي. ھتان جبل ڪٽي رستو ٺاھيو ويو ھو جنھن جي خطرناڪ ھجڻ جو اندازو ان
مان لڳايو ته ڪٽيل جبل رستي مٿان وريل ھو ۽ گاڏيون مڪمل طور ان جي ھيٺان بيٺيون
ھيون. ھت وقت بوقت لينڊ سلائيڊنگ ٿيندي رھندي آھي. اھڙي حالت ۾ توهان سمجهي سگهو ٿا
ته سڀني جي ڪهڙي ڪيفيت ھوندي؟ آخر چڱي جدوجهد کانپوءِ ٽرڪ مٿي ته چڙھي نه سگهي پر
رستي جي ھڪ پاسي ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. تڏهن مس وڃي صبر آزما انتظار ۽ خوف مان جان ڇٽي
۽ ڪوسٽر جيئن ئين ھلڻ شروع ڪيو ته سڀني سک جو ساھ کنيو.
خطرناڪ رستو پار ڪري
اڳتي وڌياسين ته روڊ جي ھڪ پاسي کان چيلاس ڪيڊٽ ڪاليج جي تعميراتي مرحلن مان گذرندڙ
وڏي ۽ عاليشان بلڊنگ نظر آئي. اسان هيڏانهن ساڳي ئي رستي سان آيا ھياسين پر تنهن
وقت ان بلڊنگ تي نظر نه پئي ھئي. بابوسر ٽاپ وٽ جيئن ته اچڻ وقت ڊاٻو ڪيو ھو تنھنڪري
ڪنهن به ساڳي جاءِ تي ٻيھر بيھڻ جي خواھش نه ڏيکاري. گيٽي داس کان ٿيندا سوائين ٽين
وڳي ڌاري مانجهاندي لاءِ مون ريسٽورنٽ وٽ پڙاءُ ڪيوسين. ھي ھتان جو مشھور معروف
ريسٽورنٽ آھي جت کاڌي پيتي جا ڪيترائي قسم موجود ھوندا آھن. ٻارن ۽ ماين جي راند
روند ۽ تفريح لاءِ ريسٽورنٽ مالڪن ڪجھ پينگهن ۽ چيڪلن جو بندوبست به ڪري ڇڏيو آھي.
مايون انڪري چيم جو ٻارن سان گڏ اھي به اھڙي سهولت مان لطف اندوز ٿي رھيون ھيون.
ريسٽورنٽ جي اندر ۽ ٻاھر ماين ۽ مردن جو وڏو تعداد ماني کائيندي ۽ پاڻ ۾ ڪچهري ڪندي
نظر آيو. ٻارڙا به ڪافي ھيا جيڪي کاڌي پيتي کانسواءِ کيڏي ۽ مستيون ڪري رھيا ھيا.
مونکي ريسٽورنٽ جي سروس ۽ کاڌا معياري لڳا اھا کڻي ٻي ڳالھ آھي ته اگھ به ٺاھوڪا
ھين.
رستي سان خوبصورت
نظارا ڏسندي ۽ ڀوڳ ٺڪاءَ ڪندي شام جو چانھ پيئڻ لاءِ ھڪ سٺي ھنڌ تي رڪياسين. جبل
تان آبشار ھيٺ لھي رستي کي ڪراس ٿي ڪيو. وھندڙ ٿڌي پاڻيءَ مٿان ھوٽل وارن ڪرسيون ۽
ٽيبلون رکرائي ڇڏيون ھيون. ماڻهن کاڌي پيتي سان گڏ آبشارن جي صاف سٿري ۽ شفاف پاڻيءَ
۾ پير وجهي مزو ۽ فرحت ٿي ورتي. ٻين ڪيترن ئي ماڳن جيان ھت به ٽرائوٽ مڇي جو وڪرو ٿي
رھيو ھو. مجيد ۽ مان رڳو چانھ پيتي ڇو ته مون ريسٽورنٽ واري ماني اسان لاءِ ڪجھ ٻيو
کائڻ جي گنجائش نه ڇڏي ھئي. سج لٿي ڌاري ڪنھن ھنڌ پهتاسين ته رستي جي ٻنهي پاسن
واري ٽريفڪ بيھاري وئي ھئي. پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته ڪا چيني ڪمپني ڪنڙ ندي مٿان ڊيم
تعمير ڪري رھي ھئي. ان لاءِ ڊائنامائيٽ وسيلي کين جبل جو مخصوص حصو اڏائڻو ھو ۽ ڪنھن
امڪاني نقصان کان بچڻ لاءِ ھنن احتياطن سموري ٽريفڪ ڪجھ وقت لاءِ روڪرائي ڇڏي ھئي.
ڏھ پندرهن منٽن جي انتظار کانپوءِ ڌرتي ڌوڙيندڙ ڌماڪو ٿيو ۽ ٿوري ٿوري وٿي سان اھڙا
ٽي ڌماڪا ٻيا به ٿيا. ڌماڪن سان ايتري ته ڌوڙ اڏامي جو ڪجھ نظر ئي نٿي آيو. مون
پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو الفريڊ نوبل پاران ايجاد ڪيل ڊائنا مائيٽ جو ڌماڪو ٻڌو
ھو ۽ خوشيءَ جي ڳالھ چئجي ته ھت ڊائنامائيٽ جو استعمال ڪنهن ڪارآمد مقصد لاءِ ٿي
رھيو ھو. رات جو سومهڻي وقت اسان خير سان بالاڪوٽ جي بريز ان ھوٽل ۽ ريسٽورنٽ پڄي
وياسين جت اسان کي رات رھڻو ھو.
بِريز ان ڪافي سٺو
۽ ڪشادو ھوٽل ھو. مين گيٽ اندران گاڏيون بيھارڻ لاءِ وڏي جاءِ مختص ٿيل ھئي. ڪمرا ۽ واش روم به ڪشادا ۽ سھولتن وارا ھيس.
اسان سڀ پنھنجي پنھنجي ڪمرن ۾ سامان رکي تازا ٿياسون. گروپ جي ڪجھ ساٿين ھوٽل جي
لان ۾ ويٺي ڪچهري ٿي ڪئي ته سامهون ڪي نوجوان پاڻ ۾ سنڌي ڳالھائي رھيا ھيا. رڳو
اسان نه پر ھو به پنھنجي ٻولي ٻڌي اسان ڏانهن متوجھ ٿيا. حال احوال ڪندي خبر پيئي
ته سڀ لاڙڪاڻي جا ھيا ۽ اسان جيان ملڪ جا اتريان علائقا گهمڻ لاءِ نڪتل ھيا. اتفاق
سان ھو به اتان ٿي اسان کان ڪجھ وقت اڳ ھوٽل پهتا ھيا. اسان ٽوئر ڪمپني جي پيڪيج
تي ھياسين پر ھي ٽرين وسيلي اسلام آباد آيا ھيا ۽ اتان ھڪ بهترين ڪنڊيشن واري ڪوسٽر
بڪ ڪرائي خنجراب کان ٿي موٽيا ھيا. اتي ئي ويٺا هياسين ته ڊنر لاءِ سڏ ٿيو. ڊنر ڪري
ڪجھ وقت ٻيھر اچي لان ۾ ويٺاسين. جيئن ته علي آباد ۽ گلگت جيان بالاڪوٽ به رات جو
پڳا ھياسين تنھنڪري شھر گهمڻ واري حسرت اسان اڳ ئي ختم ڪري ڇڏي ھئي. بس پوءِ ڪچهري
کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو دڳ نه ھو تنھنڪري ڊگهي ڪچهري مان خوب لطف اندوز ٿيندا
رھياسين. ڪراچي وارو ھمايون خان ۽ سندس گهرواري تھمينا به وڏو وقت ويٺا رھيا. ۱۲ وڳي ڌاري ڪچهري ختم ڪري آرام لاءِ پنھنجن
پنھنجن ڪمرن ڏانهن ھليا وياسين.
۲۳ آگسٽ جو سج اسان کي بالاڪوٽ جي سرزمين تي اڀريو. مجيد ۽ مان معمول جيان
سوير ئي بسترن جي پچر ڇڏي ھوٽل کان ٻاھر نڪتاسين. روڊ ڪافي ڪشادو ۽ صاف سٿرو ھو.
رستي جي ٻنھي پاسن کان ساوڪ ۽ ڊگها وڻ ٿي نظر آيا. ھن ٽوئر ۾ مون ڏٺو ته گلگت
بلتستان کان خيبر پختونخوا جا علائقا جن مان اسان جو گذر ٿيو يا جتي ترسياسين وڌيڪ
ساوڪ ڀريا آھن. گلگت بلتستان ۾ ججهي ساوڪ ته آھي پر اتان جا جبل گهڻي ڀاڱي ساوڪ
کان خالي يا ٺوڙھا آھن پر خيبر پختونخوا ۾ زمين سان گڏ جبل ۽ پھاڙ به مختلف قسمن
جي گاھ ٻوٽن ۽ وڻن ٽڻن سان ڍڪيل آھن. بالا ڪوٽ تعلقي جو هيڊڪواٽر وارو شھر آھي جيڪو
مانسهرا ضلعي ۾ شامل آھي. ھن شھر جو تمام وڏو حصو ۲۰۰۵ع ۾ آيل زلزلي جي ڪري تباھ ٿي ويو ھو. پاڪستان
۽ سعودي عرب جي گڏيل ڪوششن ۽ سهڪار سان کيس ٻيھر تعمير ڪيو ويو آھي. ڪنھڙ ندي جي
ساڄي پاسي وسايل بالاڪوٽ ۾ ھندڪو ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. ۱۹۶۵ع ۾ ندي مٿان ايوب نالي پل تعمير ڪرائي وئي
جنھن کانپوءِ بالاڪوٽ ڪاغان ماٿري ۽ ملڪ جي ٻين حصن سان ڳنڍجي ويو.
مجيد ۽ مان روڊ سان منظر ۽ ماڻهو ڏسندا ھڪ ھوٽل
جي کليل حصي ۾ اچي ويٺاسين. ڇوڪري کي چانھ لاءِ چئي تقريبن مني ڪلاڪ تائين مختلف
موضوعن تي ڪچهري ھلندي رھي. خاص طور پيپلزپارٽي جي سياست ۽ ڪراچيءَ جي آئيندي بابت
ويچار ونڊياسين. مون لاءِ مجيد جهڙي دلبر ۽ ھم خيال دوست جي گڏ ھجڻ ڪري ھي ٽوئر وڌيڪ
مزيدار ۽ يادگار بڻجي پيو ھو.
ساڍي ڏھين ڌاري ڪوسٽر
بالاڪوٽ کي پوئتي ڇڏي پاڪستاني ڪشمير جي گادي واري شھر مظفرآباد لاءِ روانو ٿيو.
اندازن اڌ ڪلاڪ جي کل ڀوڳ واري سفر کانپوءِ ڳڙھي حبيب الله نالي ھڪ ننڍڙو شھر آيو.
ھت بنا ڪنھن ساھيءَ جي گاڏي اندران ئي شھر جو نظارو ڪندا ھلندا رھياسين. ٿوري وقت
کانپوءِ ڪوسٽر مظفرآباد ويجهو نيلم جهلم ھائڊرو اليڪٽرڪ پراجيڪٽ (NJHEP) وٽ اچي اسٽاپ
ڪيو. نيلم نديءَ تي بجلي پيدا ڪرڻ جو ھي منصوبو واپڊا جي انجنيئرن ۽ ماھرن پاران
تيار ڪيو ويو آھي. منصوبي جو افتتاح تڏهوڪي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي ۱۳ اپريل ۲۰۱۸ع ۾ ڪيو ھو. ھن منصوبي وسيلي ۹۶۹ ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رھي آھي. ھت ڪجھ
عرصو ترسي ٿورو ئي اڳتي وڌياسين ته گادي وارو شھر مظفرآباد نظرن مان گذرڻ لڳو. ٽوئر
شيڊيول موجب اسان کي ھت ترسڻو نه ھو تنھنڪري ڪوسٽر جي اندران ئي مظفرآباد شھر جو
درشن ڪندا رھياسين. شھر ڪافي وڏو محسوس ٿيو جتان جي مارڪيٽن ۽ روڊ رستن تي ماڻهن ۽
گاڏين جي وڏي پيھ لڳي پئي ھئي. جمعي جي ڪري تعليمي ادارا جيئن ته سوير بند ٿيا ھيا
تنھنڪري شاگردن ۽ شاگردياڻين جو به وڏو انگ پنھنجي پنھنجي گهرن ڏانهن ويندي نظر
آيو.
پاڪستاني ڪشمير ۾
مون نوٽ ڪيو ته اتان جا روڊ بهتر حالت ۾ نه ھيا. ايتريقدر جو مظفرآباد جي روڊن تان
مٽي ۽ ڌوڙ اڏامي رھي ھئي. باقي فطرت جي حُسناڪي ۽ ساوڪ جي حوالي سان ھي علائقو
يقينن پنھنجو مٽ پاڻ آھي.
ڪشمير کي ڌرتيءَ تي
موجود جنت کانسواءِ بھارن، ندين ۽ آبشارن جي ڌرتي به ڪوٺيو ويندو آھي. مظفر آباد،
نيلم ماٿري، شاردا، ڪيل، ڪوٽلي ۽ ٻيا علائقا ۽ ماٿريون فطرت جي اھڙن من موھيندڙ
شاھڪارن سان ڀريا پيا آھن. اسان جو ايندڙ ڊاٻو ھتان جي ھڪ اھم تفريحي ماڳ دولائي
آبشار (Dolai Waterfall)
وٽ ٿيڻو ھو جنھن کي ڪشمير آبشار پڻ سڏيو ويندو آھي. ھي خوبصورت آبشار نيلم نديءَ
جي ساڄي ڪناري سان ڪوھالا مظفرآباد روڊ تي واقع آھي. آبشار ڏانهن وڃڻ لاءِ ھڪ لوڪل
قسم جي لفٽ وسيلي نيلم ندي پار ڪرڻي پوي ٿي. ڪوسٽر اسان کي نديءَ جي کاٻي ڪناري تي
لاٿو جتان ڪجھ قسطن ۾ مٿي ٻڌايل لفٽ ۾ ويھي آبشار وٽ پھتاسين. لفٽ پنھنجي وت آھر ھڪ
وقت ۾ رڳو چار ماڻهو ٿي کنيا. ڪرايو في ماڻهو ۲۰۰ رپيا مقرر ٿيل ھو جيڪو آبشار کان واپسي مھل
وصول ٿي ڪيائون. پراڻي نموني واري لفٽ چرخي ڦيرائڻ سان ھلي رھي ھئي. لفٽ مان ندي
جو وهڪرو ڏاڍو سهڻو ۽ مزيدار لڳو. دولائي تمام وڏو آبشار آھي ۽ سندس پاڻي وڏي مٿانھين
تان ھيٺ ٿي ڪريو. بلنديءَ تان ڪرڻ سبب پاڻيءَ جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي
رھيو ھو. ڪيترا ئي ماڻهو آبشار جي پاڻيءَ سان پاڻ کي پُسائي لطف اندوز ٿي رھيا
ھيا. ڪن وٽ ته ڇٽيون ھيون جن مٿان آبشار جو پاڻي ٿي ڪريو. فيملي ميمبرن ۽ دوستن جا
ٽولا ھڪٻئي سان فوٽو ڪڍرائڻ ۽ من مستيون ڪندي نظر آيا. اسان جي گروپ جا ڪجھ ساٿي ۽
ٽئي مايون به آبشار جي ٿڌي ۽ شفاف پاڻيءَ مان خوب مزو وٺندا رھيا. مجيد ۽ مان به
اھڙي خوبصورت ماحول مان مزو وٺندا رھياسين پر ٿورو پري کان. اسان ننڍڙي ھوٽل ۾
چانھ پيئڻ واري ارادي سان ويٺا ھياسين پر ھنن وٽ چانھ نه ھئي. باقي ڪنا ڊرنڪس جام
ھين جيڪي پاڻ کي وٺڻا نه ھيا. ڪجھ وقت کانپوءِ لفٽ ۾ ويھي واپس ٿياسين. جيستائين سڀ
ساٿي واپس ٿين تيسين اسان چانھ پيئڻ لاءِ گاڏيءَ جي ڀر ۾ ھڪ ھوٽلڙي ۾ اچي ويٺاسين.
سرڪاري اسڪولن وارو يونيفارم پهريل ڇو ڪرو جڏهن چانھ کڻي آيو ته مجيد کانئس ان جو
سبب پڇيو جنهن تي ٻڌايائين ته ھو ھوٽل مالڪ جو پٽ آھي ۽ اسڪول مان واپس موٽي
پنھنجي پيءُ جو ھٿ ونڊائيندو آھي. اسان ٻنھي کيس اھڙي ھمت تي داد ڏنو ۽ تاڪيد ڪئي
ته ھو ھوٽل تي ڪم ڪرڻ سان گڏ پنھنجي پڙهائي تي به پورو پورو توجھ ڏيندو رھي.
جڏهن سڀئي ساٿي
آبشار تان موٽيا ته شعيب ھٿ جو اشارو ڪيو ۽ اسان ٻئي به اٿي گاڏي طرف وڌياسين.
ھتان کان نڪري اسلام آباد واپس وڃڻ لاءِ ڪوھ مري وارو رستو ورتوسين. ننڍيون ننڍيون
وسنديون ۽ خوبصورت نظارا پسندا اچي ڪوھ مري پهتاسين. ھتان ڊاڪٽر سنتوش ڪمار ۽ ھن
جي ٽن دوستن اسان کان موڪلايو ڇو ته کين ڪوھ مري ۾ ڪجھ عرصو رھي ڪنھن ٻي پاسي وڃڻو
ھو. اسان هڪٻئي سان ڪو وڏو عرصو ته گڏ نه رھيا ھياسين پر پوءِ به موڪلائڻ وقت مون
پاڻ کي ھڪ عجيب ۽ ڏک واري ڪيفيت مان گذرندي محسوس ڪيو. گاڏي اسلام آباد ھاءِ وي
تان تيزيءَ سان اڳتي وڌي رھي ھئي ۽ مان ھن ٽوئر دوران گذاريل حسين لمحن ۽ منظرن کي
ياد ڪري رھيو ھوس. اسان جي ھن يادگار ٽوئر جو اڄ آخري ڏينھن ھو. بس، ھاءِ وي جي ڪنھن
ريسٽورنٽ تان مانجهاندو ڪري اسلام آباد جي الوقاص ھوٽل پهچي هڪٻئي کان موڪلائڻو
ھو.
No comments:
Post a Comment