سفر سھاڻو - پنڌ پراڻو
نصير مرزا
تازو حيدرآباد مان
جو آئون نڪتس ۽ سفر ۾ جُڳن جيڏي ننڊ بعد اکيون جو کوليم ته يارو ڇا ڏسان؟ سامهون
اروڙ جا جبل ئي جبل! ڪار جي ڦيٿن هيٺان ڪاري نانگ وانگر وٽ سٽ کائيندڙ کڙ کٻڙ رستو
هو ۽ جنهن جي ڪُلهي سان اجگر جيڏا پهاڙ ۽ ٻئي پاسي ڪوراڙ جي وات جهڙو نارا ڪئنال
جو ڦاٽ، جنهن جو ”اونهو وارياسو، پاڻيءَ بنا خالي پيٽ“ جنهن ۾ دور دور تائين
واريءَ جون ميٽوڙي ڀِٽون ۽ ڪٿي ڪٿي ته ڀوائتا ڪُن به صاف صاف نظر پئي آيا، تڏهن
منهنجو ته ساهه مٺ ۾ اچي ويو. اڙي يار نظر ملاح رانديڪي جيڏي هن ”ڪلٽس ڪار“ کي
بابا احتياط سان هلاءِ، جو هن هنڌ هنڌ تان کاڌل رستي تان جو ٿڙياسين ته وڃي سکر
بئراج جي ڪنهن ڪُن ۾ ڦاسنداسين.