افغانستان ڪو جهنگل يا رڻ
پٽ ناهي
الطاف شيخ
يارو پنھنجو پاڻ ۾
ويٺا آهيون. آمريڪا يا ٻين قبضاگير طاقتن، جن جن ملڪن تي حملو ڪري انهن کي پنھنجي
قبضي ۾ ڪيو، ان جي ستياناس ڪري ڇڏي. ظاهري طرح ته اهو ئي واعظ ڪندا رهيا ته اسان
هن ملڪ کي سڌارڻ ٿا چاهيون، کين جمھوريت ٿا سيکاريون، امن امان ٿا قائم ڪريون...
وغيره وغيره، پر ايئن ٿيو ناهي. چند من پسند ماڻهن، موقع پرست اشرافيا کي ضرور
فائدو پھچايو ويو، باقي ملڪ ۽ قوم کي نه رڳو برباد ڪيو ويو پر اتي جي ماڻهن کي هڪ ٻئي
سان اهڙو لڳايو ويو جو قبضا گيرن جي وڃڻ بعد به هنن جي من جي مراد پوري ٿيندي رهي
۽ مڪاني ماڻهو مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽيندا رهيا.