مخلتف سفرن جون يادون
Notes from Europe
عبدالله عثمان مورائي
جاويد اختر جي
شاعري آهي ته؛
”دلون مين تم اپني بي تابيان لي ڪي چل رهي هو تو زندهه هو تم،
نظر ۾ خوابون کي بجليان لي ڪي چل رهي هو تو زندهه هو تم،
هوا ڪي جهونڪون ڪي جيسي آزاد رهنا سيکو،
تم ايڪ دريا ڪي جيسي لهرون مي بهنا سيکو.“
(ناتمام)
مون هن مٿئين شعر
کي سمجهڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ دل ۾ بي تابي، نظرن اڳيان خواب، حيرانيون، هوا جا
آزاد جهونڪا، درياهه جون آزاد لهرون ۽ زندگيءَ جي هر هڪ گهڙيءَ سان ملڻ جي ڪوشش ڪرڻ
بابت سوچيو، ۽ مون سيلانيءَ جي منهن ۽ چپن تي مشڪ هئي. ڇاڪاڻ ته مون انهن بي
تابين، حيرانين ۽ خوابن جو پيڇو ڪيو ۽ مون پنهنجو پاڻ کي هوا جي آزاد جهونڪن ۽
درياهه جي آزاد لهرن وانگر پاتو. مون پنهنجي پاڻ کي ڳولهي لڌو.