پاڪستان جي خوبصورت ۽ تفريحي
ماڳن جو سير
ميوارام نجار
نگرپارڪر جو سير
(نگرپارڪر ايندڙ
سياح ڪهڙي رستي سفر ڪن ۽ هن سفر ۾ ٻيا ڪهڙا ماڳ گهمن.)
اسان جو ملڪ پاڪستان
قدرت جي حسين سنگم سان مالا مال آهي جنهن ۾ معدنيات کان علاوه ڪيتريون ئي خوبصورت
واديون سياحن لاءِ پڻ منتظر آهن. سو هن ملڪ جي ڪجھ حسين خوبصورت وادين جو جڏهن مون
سير ڪيو ته منهنجي دل کان انهن جو احوال لکڻ رهجي نه سگهيو سو انهن وادين جي
اهميت، روڊ رستا، سفر، جاگرافي بيهڪ، رهڻي ڪهڻي، آبادي وغيرہ بابت معلومات هاڻي روزاني
هلال پاڪستان ڪراچي ۾ قسط وار شايع ٿيندو.