آذربائيجان جو سفرنامو
مرتضيٰ سيال
باڪو، جتي زندگي
پنهنجي سمورن رنگن سان روان دوان آهي...
۶ اپريل تي جڏهن پياري دوست جامي چانڊيي فون ڪري چيو ته “تون سدائين چوندو
آهين ته گڏ ڪو ٽوئر ڪيون سو پروگرام ٺاهيو آهي ته پاڻ چار ڄڻا ڊاڪٽر علم الدين
انصاري، فياض لطيف، تون ۽ آئون باڪو آذربائيجان هلون، هڪ دوست ڏاڍو سٺو ٽوئر پئڪيج
موڪليو آهي، بس تاريخ طئي ڪري ٻڌايان ٿو پوءِ تياري ڪيو” مون فورن حامي ڀري ۽ باڪو
جي باري ۾ سوچڻ لڳس.