Thursday, April 07, 2011

ڪوالالمپور جا رستا هتي جي تاريخ آهن


ڪوالالمپور جا رستا هتي جي تاريخ آهن
الطاف شيخ
ڪوالالمپور شهر ۾ اسان واري ننڍي کنڊ جي انگريز وائسراءِ لوئيس مائونٽ بيٽن نالي به روڊ آهي، جيڪو هاڻ ملئي حاڪم نالي ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ”جالان تُن پيراڪ“ سڏجي ٿو. انگريزن جي رکيل نالي ”ڪراس اسٽريٽ“ جو نالو هاڻ ”جالان تن تان سيو“ آهي، جيڪو ملائيشيا جو خزانا وزير رهي چڪو آهي. ڪي ايل جو مشهور روڊ برڪ فيلڊ روڊ هاڻ ”جالان تن سمبا ناٿن“ سڏجي ٿو.
سمبا ناٿن ويراسامي هتي جو اهم تامل انڊين ٿي گذريو آهي، جنهن تنڪو عبدالرحمان ۽ تان چينگ لاڪ سان گڏ هن ملڪ جي آزادي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. ملائيشيا ۾ انڊين جي سياسي پارٽي MIC (ملائيشين انڊين ڪانگريس) جو صدر به رهي چڪو آهي. هن جو پيءُ 1890ع ۾ انڊيا کان ملايا آيو ۽ رٻڙ جي پوک ۾ پئسو لڳايو. سمبا ناٿن 1919ع ۾ پيراڪ رياست جي شهر سنگائي سپوت ۾ ڄائو ۽ ڀرواري شهر ڪئالا ڪنگسار جي مشهور اسڪول ڪلفرڊ هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد اڪانامڪس ۾ اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ انڊيا جي ڏاکڻي رياست تامل ناڊو جي انامالائي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، ان وقت انڊيا ۾ انگريزن خلافQuit India  جهڙيون تحريڪون ڏسي هن کي به سياست ۾ اچڻ جو شوق ٿيو. هن گانڌيءَ جي فلاسافي تي عمل ڪندي ملائيشيا ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِNon Violence  جي تحريڪ هلائي. ملائيشيا ۾ پنهنجي هندو ڪميونٽي ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ هن 1954ع ۾ سنگائي سپوت ۾ ”مهاتما گانڌي تامل اسڪول“ کوليو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. ياد رهي ته ملايا ۾ جيڪي انڊين رهيا ٿي، انهن ۾ 90 سيڪڙو تامل نادو (ڏکڻ هندستان) جا غريب هاري هئي، جن رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک ۾ کيتي ٻاڙي ڪئي ٿي ۽ هو شهر جي سهوليتن کان پري رهيا ٿي ۽ غربت جي زندگي گذاري ٿي.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته سمباناٿن کي سياست ۾ مشهوري جواهر لعل نهرو جي ڀيڻ وجايا لڪشمي ڏياري. سمباناٿن جڏهن تامل ناڊو رياست جي ائنامالائي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ته اتي هن جي دوستي نهرو جي هن ننڍي ڀيڻ سان ٿي وئي هئي ۽ هاڻ هن جڏهن سنگائي سپوت ۾ مٿيو اسڪول کوليو ته ان موقعي تي وجايا لڪشمي انڊيا کان هلي ملي سنگائي سپوت آئي. جيتوڻيڪ 1954ع اهو سال هو، جنهن ۾ ملايا ۾ ڪميونسٽن جا هنگاما متل هئا ۽ سيڪيورٽي جو وڏو مسئلو هو، پر وجايا انهن سڀني ڳالهين جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي يونيورسٽي جي دوست سمباناٿن جي اچي عزت افزائي ڪئي. ان ڳالهه ڪري سمباناٿن جي اهڙي ته واهه واهه ٿي وئي جو 1959ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ هو پنهنجي علائقي سنگائي سپوت مان سيٽ کٽي ويو.
ڪوالالمپور جا ڪي ڪي رستا اهڙا آهن، جيڪي اڄ به انهن انگريزن جي نالي قائم آهن. شايد انهن انگريزن پنهنجي دور ۾ مڪاني ماڻهن کي سکيو رکيو يا سٺا ڪم ڪيا، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ اڃا تائين فريئر روڊ ۽ برنس روڊ آهن. ڪوالالمپور ۾ اهڙن ئي روڊن مان بيلفيلڊ روڊ آهي. هينري ڪانوي بيلفيلڊ پيراڪ، سلينغور ۽ نيگري سيمبيلان جو 12 سال کن برٽش ريزيڊنٽ ٿي رهيو. اهڙي طرح پيراڪ جي هڪ ٻئي انگريز ريزيڊنٽ والٽر هئملٽن ڪاڪرين جي نالي ”ڪاڪرين روڊ“ به اڃا قائم آهي. پر پهانگ رياست جي برٽش ريزيڊنٽ ليوس براڪمن نالي ٿيل ”براڪمن روڊ“ هاڻ داتو اون جعفر نالي آهي. ”رابسن روڊ“ اڃا تائين ساڳي نالي سان آهي. رابسن (سڄو نالو جي ايڇ رابسن) اهو انگريز آهي، جنهن انگريزي اخبار ”دي ملئي ميل“ شروع ڪرائي، جيڪا اڃا تائين هلندي اچي. سلينغور جي هڪ ٻئي انگريز ريزيڊنٽ مسٽر اوسوالڊ فرانسز گيرارڊ اسٽونر نالي ”اسٽونر روڊ“ به اڃا ساڳي نالي سان آهي.
انگريزن جي ڏينهن جو وڪٽري ايونيو هاڻ ”جالان سلطان هشام دين“ روڊ سڏجي ٿو. هي هڪ اهم روڊ آهي ۽ ڪوالالمپور جي ريلوي اسٽيشن، دايا بومي ڪامپليڪس ۽ مسجد نگارا وٽان لنگهي ٿو. ”سويٽنهام روڊ“ هاڻ ”جالان سلطان صلاح الدين“ سڏجي ٿو. سويٽنهام لاءِ شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته ملئي رياستن جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل هو. پاڻ ان پوسٽ تي 1896ع کان 1901ع تائين رهيو. ڪوالالمپور وارو بندرگاهه پورٽ ڪلانگ به سندس نالي ”پورٽ سويٽنهام“ سڏبو هو. 1850ع ۾ ڊربي شائر (انگلينڊ) جي هڪ ڳوٺBelper  ۾ ڄائو. ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هن ملئي لفظن جي ڊڪشنري به ٺاهي.
ڪوالالمپور جون باتو غارون مشهور آهن، جتي هندو ديوتا جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏوStatue  آهي. هي آڳاٽيون غارون صديون لڪل رهيون، جن کي هتي ملايا ۾ رهندڙ ٽامبو سامي نالي انڊين سوداگر ڳولي لڌو. ڪوالالمپور ۾ ”جالان ٿامبو سامي“ نالي روڊ هن همراهه جي مان ۾ آهي. اهڙي طرح هتي جي هڪ ٻئي انڊين رهاڪو نالي ”ويوڪا نندا روڊ“ آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ايندڙ اسان جي پاڪستانين کي حيرت ٿيندي هوندي ته هن پاسي رهندڙ انڊين هندن جا نالا عجيب آهن. دراصل اسان پاڪستان ۽ اتر انڊيا ۾ رهندڙ هندن جي نالن کان واقف آهيون، جيڪي اُچارڻ واقعي سولا آهن، جيئن ته موهن، ڪرشن، گوپال، رامچند، پرڪاش وغيره ۽ ڪيترن جي نالن ۾ اڙدو، سنڌي، عربي جا به لفظ آهن، جيئن ته بختراءِ، راءِ چند، وليرام، ڀڳڙو مل، ستنام، لالچند، جهمٽ مل، روشن لعل، گلاب راءِ وغيره. پر هن پاسي جيڪي هندو رهن ٿا انهن جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي ۽ هنن جا نالا تامل، مليا لم، ڪنهڙ، تيلگو جهڙين زبانن سان آهي، جن کان اسين اڻ واقف آهيون. ويندي سندن ڪيترن ديوتائن جا نالا به مختلف آهن. ڪن مذهبي ڏينهن جا نالا به اسان لاءِ نرالا آهن، جيئن ٿائپوسام آهي. اسان وٽ هولي، ڏياري، نوراتڙي ته سڀني ٻڌو هوندو، پر ٿائپو سام ورلي ڪنهن ٻڌو هجي. اهڙي طرح ڪوالالمپور جي ڪجهه رستن جا نالا هتي رهندڙ اهم چيني شخصيتن نالي به آهن، جيئن ”جالان چينگ لاڪ“ جيڪو هتي جي چيني سياسي پارٽي MCA (ملاين چائنيز ايسوسيئيشن) جو پهريون صدر هو. اهڙي طرح جالان لوڪ ييو(Loke Yew)  آهي، جيڪو ڪوالالمپور ۾ رهندڙ هڪ امير ترين چيني ٿي گذريو آهي.
ڪوالالمپور شهر جو اڃا وجود نه هو ته چين کان مزورن کي گهرايو ويو هو ته هو کاڻين جي کوٽائي جو ڪم ڪن. انهن چيني مزورن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ملئي سردارن ۽ انگريزن انهن مان ڪو اهم ماڻه ڪمدار طور چونڊيو ٿي، جيڪو ٻين کي ڪنٽرول ۾ رکي. اهو ”ڪئپٽن چينا“ سڏيو ويو ٿي. جيسين شهري حڪومت ٺهي تيسين پنج کن ڪئمپٽن چينا ٺهيا. انهن مان ٻن جي نالي تي رستا نظر اچن ٿا. هڪ ته جالان يپ آح لوئاءِ آهي، جيڪو ”جالان تن پيراڪ وٽ آهي ۽ ٽئين ڪئپٽن چينا Yap Ah Loy نالي آهي. هي همراهه سڀ کان وڏو عرصو 1869ع کان 1885ع تائين ڪئپٽن چينا ٿي رهيو. هڪ رستو جالان يپ ڪوان سينگ به آهي، جيڪو ڪوالالمپور جي پنجين ۽ آخري ڪئپٽن چيناYap Kwan Seng  نالي آهي. هي همراهه 1889ع کان 1902ع تائين ڪوالالمپور جو داداگير ٿي رهيو.
اسان جو سڀ کان دلپسند روڊ ”جالان تنڪو عبدالرحمان“ رهيو آهي، جنهن تي گلوب سلڪ اسٽور ۽ چوٽڙ مل جي دڪان کان وٺي ٻين ڪيترن سنڌي هندن، گجراتين، سکن ۽ مدراسين جا دڪان آهن ۽ ڏسان پيو ته سال 1968ع کان وٺي جڏهن منهنجو پهريون دفعو هن شهر ۾ اچڻ ٿيو هو، هي رستو تنڪو عبدالرحمان روڊ گهما گهمي ۽ رونق وارو رهيو آهي، جيڪو شروع ۾ باتو روڊ (پٿرن وارو رستو) سڏبو هو. چون ٿا ته ڪوالالمپور ۾ هي پهريون پڪو رستو ٺهيو هو. هيستائين مون سمجهي پئي ته هن روڊ جو هي نالو جالان تنڪو عبدالرحمان ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم نالي آهي، پر هن دفعي پاڪستان ايمبسي جي ڊپٽي سفير امتياز قاضي صاحب ٻڌايو ته اهو روڊ جالان تنڪو(Tunku) عبدالرحمان نه پر جالان تئانڪو(Tuanku)  عبدالرحمان آهي، جيڪو ملايا کي آزادي ملڻ بعد سڄي ملڪ جو پهريون بادشاهه ٿيو. ملائيشيا جي سلطانن ۽ انهن جي بيگمن ۽ ٻارن جي نالن جي اڳيان ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن جي نالن اڳيان تُنڪو، تئانڪو، تُن، تَان سري، داتڪ ۽ داتن جهڙا لفظ نظر ايندا، جيڪي هتي جي بادشاهن ۽ سلطانن طرفان لقب آهن، جيئن انگريز حاڪم پنهنجن ۽ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي سر، خانبهادر، راءِ بهادر جهڙا لقب ”نوازيندا“ هئا. انهن ملئي لقبن جو ٿي سگهي ٿو ته تفصيل سان ذڪر ڪريون. هتي هن ملئي بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان بابت ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهان ٿو. پاڻ 1895ع ۾ نيگري سيمبيلان جي سلطان المرحوم تئانڪو محمد جي گهر ۾ ڄائو. پنهنجي رياست جي اسڪول ۽ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ 1918ع ۾ ليفٽيننٽ جي عهدي تي پهچڻ بعد انگلينڊ وڃي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ انرٽيمپل مان بئريسٽر ٿيو. ملايا موٽڻ بعد هن سرڪاري نوڪريون ڪيون ۽ مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. 1933ع ۾ سندس والد جي وفات بعد پنهنجي رياست جو سلطان ٿيو. پاڻ ان وقت جو وڪيل ۽ پڙهيل ڳڙهيل سلطان هو. 1957ع ۾ ملايا کي خودمختياري ملڻ بعد سڀني سلطانن هن کي پنجن سالن لاءِ ملڪ جو بادشاهه چونڊيو. پاڻ بادشاهه ئي هو ته 1960ع ۾ شاهي محل ۾ ننڊ ۾ گذاري ويو.
تئانڪو عبدالرحمان ملڪ جو بادشاهه هو، پر هن پارليامينٽري ڊيمو ڪريسي ۾ يقين رکيو ٿي. سندس هڪ بيحد يادگارQuotation  آهي، جيڪا هن عرب دنيا جي هڪ حاڪم کي چئي. هڪ عرب حاڪم جڏهن ملايا جي هن بادشاهه سان سندس وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان جي شڪايت ڪئي ته ”هو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو ۽ اهڙي وزيراعظم کي ڪڍي ڇڏ“ ته هِن بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان کيس جواب ڏنو ته ”افسوس جو آئون هن کي ڪڍي نٿو سگهان. هن کي منهنجي ملڪ جي عوام چونڊيو آهي ۽ ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان هو چاهي ته مون کي ڪڍي سگهي ٿو.“هن بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان چار شايون ڪيون. هڪ 24 ورهين جي ڄمار ۾ ڊلسي نالي هڪ يورو ايشين نرس سان شادي ڪئي، جنهن اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو معمونا رکرايو. کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. وڏو پٽ تئانڪو جعفر 1967ع کان مرڻ تائين (2008ع تائين) نيگري سيمبلان جو سلطان رهيو. تئانڪو عبدالرحمان ٻي شادي مهرون نالي ڇوڪريءَ سان ڪئي، جنهن مان هڪ پٽ تئانڪو مناوير ٿيس، جيڪو سندس وفات بعد 1960ع کان 1967ع تائين نيگري سيمبلان جو سلطان رهيو. 1929ع ڌاري انهن ٻنهي زالن کي طلاق ڏئي پنهنجي سوٽ قرشيا سان شادي ڪئي، جيڪا سندس بادشاهه ٿيڻ وقت ملڪ جي پهرين راڻي بڻي. تئانڪو عبدالرحمان چوٿين شادي به پنهنجي ڪزن زائده سان ڪئي، جيڪا اڃا جيئري آهي ۽ 90 ورهين جي ٿيندي.











Tuesday, April 05, 2011

A Malay Mother’s Achievement- Altaf Shaikh


A Malay Mother’s Achievement
By Altaf Shaikh

Teaching has been my passion since my childhood. After sailing as Chief Engineer for some 12 years on different foreign going vessels, I left sea life and searched  for  a shore job of the choice of my own. Soon I was in hold of teaching job in Maritime Academy of Malaysia. I flew from Karachi to Kuala Lumpur (capital of Malaysia) and from thence I reached Malacca -- the historical city - where the academy is, by road.
Malaysia is a country of rivers and rains, snakes and reptiles, beautiful animals and birds. Heavy rains, thunder and lightening welcomed me the day I had to start teaching. It started raining at 4a.m. After punching the card I reached office at 7:55 am sharp. In Malaysia, the offices commence business at 8 O’clock and every government official including the prime minister of the country reaches office in time and punches card to prove his presence and punctuality for the duty.

Sunday, April 03, 2011

ماني ڪٿي کائجي - الطاف شيخ


ماني ڪٿي کائجي
الطاف شيخ
ان ڏينهن عليءَ جي پروٽون واجا (Proton waja) ڪار ۾، ڪئالالمپور جي رستن تي هروڀرو ڊرائيونگ ڪندا رهياسين. ڪلاڪ ٻه گذارڻو هو، سو علي منهنجي چوڻ مطابق، انهن روڊن تي ڪار ڊوڙائي رهيو هو، جن لاءِ مون چيومانس ٿي. مون اسي واري ڏهي جي ياد تازي ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪي ڏهه سال کن مون جهاز هلائڻ ڇڏي، ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا ۾ اچي ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي هئي. ملاڪا رياست جي جنهن شهر ”مسجد تاناح“ ۾ اسان رهياسين ٿي، اتان کان ڪئالالمپور 90 کن ڪلوميٽر پري هجڻ ڪري، منهنجو تقريبًا هر موڪل جو ڏهاڙو هنن رستن تي گذرندو هو. عيد جي يا ٻي ڪا وڏي موڪل ٿيندي هئي ته پوءِ ڏکڻ ڏي ڪئالالمپور وڃڻ بدران اتر جو رخ اختيار ڪندا هئاسين. جيڏانهن 250 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ملائيشيا جو ڇيڙي وارو شهر ”جوهور بارو“ آهي ۽ پل ذريعي سمنڊ جا ٻه کن ڪلوميٽر ٽپڻ بعد سنگاپور جو ٻيٽ آهي.
ڪراچيءَ وانگر ڪئالالمپور جا به شروعاتي رستا انگريزن جي ڏينهن جا ٺهيل آهن ۽ سندن نالا به انگريز حاڪمن نالي پويان هئا. ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد آهستي آهستي ڪيترا ئي نالا بدلائي ديسي حاڪمن، راجائن ۽ ملئي سردارن ۽ ڀوتارن جا رکيا ويا. هونئن ستر واري ڏهي ۾، جهاز ذريعي جڏهن ملائيشيا اچبو هو ته پينانگ توڙي ڪئالالمپور جا رستا آڳاٽن نالن سان ئي سڏيا ويا ٿي. ٿي سگهي ٿو انهن ڏينهن ۾ اهي نالا بدلجي چڪا هجن پر ماڻهن جي زبان تي اهي ئي پراڻا نالا هئا، جيئن جالان (شاهراهه) تن رزاق ”پيڪليلنگ روڊ“ سڏبو هو ۽ اڄ وارو جالان تئانڪو عبدالرحمان ”باتو روڊ“ (پٿرن وارو رستو) سڏبو هو. جالان سلطان اسماعيل ۽ جالان هنگ تئا ته اسي واري ڏهي جي شروعات تائين به ٽريچر روڊ ۽ شا (Shaw) روڊ سڏبا هئا. اهڙيءَ طرح اڄ وارو سلطان هشام الدين ۽ جالان مهاراجا ليلا رستا ”وڪٽري ايوينو“ ۽ ”جالان برچ“ سڏبا هئا. ملئي زبان ۾ فارسي ۽ عربي سان گڏ ڪيترا ئي هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ پڻ آهن. ان ڪري ملائيشيا ۾ توهان کي مهاراجا ۽ راڻي جهڙا ڪيترا ئي لفظ ملندا. ايتري قدر جو ملڪ جي وزيراعظم لاءِ ملئي لفظ ”پرڌان مينتري“ آهي جيڪو پڻ هندي يا سنسڪرت جو لفظ آهي. ڪيترا ته تامل، مليالم ۽ ڪنهڙ زبانن جا لفظ ملئي زبان ۾ شامل آهن. ڇو جو ڏکڻ هندستان جون اهي زبانون ڳالهائڻ وارا تامل نادو ۽ مدراس پاسي جا ڪيترا ئي انڊيا جا ماڻهو هتي رهن ٿا.
انگريز ريزيڊنٽ مسٽر جيمس برچ نالي نه فقط ڪئالالمپور ۾ ”برچ روڊ“ هو پر، ملائيشيا جي ٻين شهرن سريمبان، پينانگ، اپوح ۽ سنگاپور ۾ به هو. ٻين شهرن جي خبر ناهي پر سنگاپور ۾ اهو روڊ اڄ به ساڳئي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جيمس برچ (سڄو نالو جيمس ويلر ووڊ فورڊ برچ) ملائيشيا جي اترانهين رياست پيراق جو پهريون برٽش ريزيڊنٽ هو. هو 1874ع ۾ پيراق جي سلطان جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. بس اها مڙيئي انگريزن جي کيڏ هوندي هئي ته ظاهري طرح ڀلي رياست جو سلطان به خوش رهي ۽ پنهنجي عوام کي منهن ڏيکارڻ جهڙو رهي ته اڃا هو سلطان آهي، باقي اندروني طرح هن کي ڪرڻو اهو ئي پوندو هو جيڪو انگريز چاهيندا هئا. جيڪو ڪم هو پنهنجن مقرر ڪيل ائڊوائيزرن ذريعي ڪرائيندا هئا. اهڙيءَ طرح انگريز به خوش هئا ته هو مڪاني ماڻهن جي بغاوت کان بچيل رهيا ٿي. هنن اڻ سڌيءَ طرح پنهنجو هر ڪم صلاحڪار ذريعي سلطان کان ڪرائي ورتو ٿي. هنن انگريز صلاحڪارن جي هر صلاح، حڪم هوندو هو ۽ سلطان جي ڇا مجال جو حڪم عدولي ڪري. هو هيڏي وڏي هندستان جا حال ڏسي رهيا هئا ته اتي جي بادشاهن، حاڪمن، نوابن ۽ ڀوتارن جو انگريزن ڇا حشر بڻائي ڇڏيو هو. هر رياست جو حاڪم (سلطان) انگريز جي هر ڳالهه چپڙي ڪري مڃيندو هو. انهن برٽش ريزيڊنٽن يا صلاحڪارن جو وڏو رعب تاب ۽ مان شان هو. مٿن ڪو آڱر به کڻي نٿي سگهيو پر هي جيمس برچ 1875ع ۾ هڪ مڪاني ملئي سردار داتو مهاراجا ليلا هٿان مارجي ويو. چون ٿا ته برچ ڀر واري نديءَ تي غسل پاڻي ڪري رهيو هو ته مهاراجه ليلا مٿس ڀالن سان وار ڪري، کيس ماري ڇڏيو. هن قتل بابت انگريزن جو اهو چوڻ آهي ته؛ سردار مهاراجا ليلا جنهن جي ڪمائيءَ جو وڏو ذريعو پيراق جي جنگلن مان، اتان جا جهونا رهاڪو، جيڪي ’اورانگ اصلي‘ سڏجن ٿا، غلام بنائي وڪرو ڪرڻ هو. انگريزن طرفان منع ڪرڻ تي، برچ جو قتل ڪيو ويو. ملئي تاريخدانن جو اهو چوڻ آهي ته؛ برچ کي ان ڪري قتل ڪيو ويو جو هن ملئي ماڻهن کي ڪمتر سمجهيو ٿي ۽ ملئي تهذيب و ثقافت تي هميشه ٺٺوليون ڪندو رهيو ٿي. ايتري قدر جو رياست جي والي يا سلطان جي درٻار ۾ جتي هر هڪ جوتا لاهي آيو ٿي، هيءُ جوتن سميت گهڙي پوندو هو. هن پاسي (ملائيشيا، ٿائلينڊ ڏي) ماڻهو پنهنجن بادشاهن سلطانن کي پير و مرشد جو درجو ڏين ٿا. هونئن انگريز هميشہ اهڙين ڳالهين جو خيال رکندا آهن ته مڪاني ماڻهن جي روايتن، ريتن، رسمن، اعتقادن ۽ دين ڌرم جو احترام ڪيو وڃي، جيئن ڪنهن جي عزت نفس مجروح نه ٿئي، پر اها مشهور حقيقت آهي ته برچ انگريز وڏو ٽيڙيءَ خور هو.
ملئي ماڻهن لاءِ مهاراجا ليلا، جنهن کي ملڪ کي خود مختياري ملڻ بعد ان دليرانه عمل ڪريِ ’داتو‘ جو به خطاب ڏنو ويو، هڪ هيرو جي حيثيت رکي ٿو. اسان جي هيمون ڪالاڻيءَ وانگر هو انگريز ۽ سندن Colonialism خلاف اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. برچ جي قتل بعد، انگريز سرڪار ان وقت پيراڪ رياست جي سلطان عبدالله کي ڏيهه نيڪالي ڏئي، هندي سمنڊ جي سيشلز ٻيٽن تي موڪلي ڇڏيو. مهاراجا ليلا ۽ سندس ساٿين کي ڦاهي ڏئي ڇڏي. ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد، هتي جي حڪومت برچ روڊ جو نالو بدلائي، جالان مهاراجا ليلا رکيو آهي.
جيئن ڪراچيءَ ۾ شاپنگ لاءِ شروع کان صدر وارو علائقو خوبصورت سمجهيو وڃي ٿو، تيئن ڪئالالمپور جو ”بڪت بنتانگ“ علائقو مشهور آهي، جتي هڪ دفعو هر ٽوئرسٽ چڪر هڻي ٿو. هيءُ علائقو گولڊن ٽرائنگل (Golden Triangle) به سڏجي ٿو. جالان بڪت بنتانگ، جالان راجا چولان، جالان پودو، جالان امبي ۽ جالان سلطان اسماعيل هن علائقي جا اهم روڊ آهن. هن علائقي ۾ خوبصورت شاپنگ سينٽر، هوٽلون، نائيٽ مارڪيٽون، گاڏن وارا ۽ هر قسم جا بار(Bars)  ۽ پارلر آهن. هتي رنگين بتين جي جهرمر، رات کي ڏينهن بڻائي ٿي. اسان جي ڏينهن ۾، يعني اڄ کان ٽيهه چاليهه سال اڳ وارو ڪئالالمپور، جيڪو ان وقت اسان جي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ کان به پٺتي هو، تڏهن به هيءُ علائقو ”بڪت بنتانگ“ سڀ ۾ سهڻو ۽ ماڊرن سمجهيو ويو ٿي. مٿين روڊن مان ڪنهن هڪ تي پنهنجي ڪار پارڪ ڪري پوءِ هن علائقي جا چڪر پيا هڻندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ رستا هڪ ئي ليول تي هئا، جيڪي چوواٽن تي مليا ٿي. هاڻ ته سڄي ڪئالالمپور ۾ دهلي ۽ تهران وانگر ايتريون ته پليون ٺهي ويون آهن جو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙو رستو ڪٿي ختم ٿيو ۽ ٻيو رستو ڪٿان شروع ٿيو. پر تنهن هوندي به عليءَ کي چيم ته؛ جالان بڪت بنتانگ، راجا چولان، پودو، امبي ۽ سلطان اسماعيل روڊن (جالانن) تان ڪار هلاءِ ته گذريل زمانو ياد ڪريان، جڏهن هنن رستن تي پارڪنگ لاءِ واجهائبو هو. خاص ڪري 1985ع کانپوءِ، جڏهن ملائيشيا پنهنجيون ڪارون ”پروٽان ساگا“ ٺاهڻ شروع ڪيون هيون ۽ هر هڪ ويو ٿي ڪار جو مالڪ ٿيندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪئالالمپور ۾ ڪار پارڪنگ جو مسئلو ايڏو ته وڌي ويو جو ڪڏهن ڪڏهن ضرورت واري جاءِ کان ميل اڌ پري پارڪنگ لاءِ جاءِ ملندي هئي. پهرين به ٻڌائي چڪو آهيان ته؛ ملئي زبان ۾ روڊ، رستي يا شاهراهه لاءِ ”جالان“ Jalan لفظ آهي. انگريزيءَ ۾ عدد واحد مان جمع ٺاهڻ لاءِ S يا es ڳنڍيو وڃي ٿو. اسان وٽ پيشَ بدران زَبَر لڳائي وڃي ٿي. جيئن ڪتابُ مان ڪتابَ يا ”ون“ ڳنڍڻ سان عدد جمع ٿئي ٿو، جيئن کٽ مان کٽون وغيره. پر ملئي ۾ ساڳيو لفظ ٻه دفعا لکڻ سان عدد جمع ٿئي ٿو. مثال طور ڪتاب کي ملئي زبان ۾ بُڪو (Buku) سڏجي ٿو جنهن جو جمع ٿيندو ’بُڪو بُڪو‘ معنى گهڻا ڪتاب. سو گهڻن روڊن لاءِ مٿي، مون فقط هڪ دفعو جالان لکيو آهي، پر ملئي زبان جي حساب سان ’جالان جالان‘ ٿيندو.
مٿي جيڪو ”جالان راجا چُولان“ لکيو اٿم يعني ”راجا چُولان روڊ“ ان جو اصلي نالو ويلڊ روڊ هو. اڄ به مون جهڙا ڪيترا پوڙها ۽ ٽئڪسي ڊرائيور ان کي ويلڊ روڊ سڏي رهيا هئا. جيتوڻيڪ هن جي ڪناري تي جتي ڪٿي ’جالان راجا چولان‘ جا بورڊ لڳل آهن. هن روڊ جو نالو جالان ويلڊ ان ڪري نه پيو ته هي روڊ ڪو ويلڊ ڪيو ويو آهي يا هن روڊ تي ويلڊنگ جا دڪان آهن، پر هي روڊ هتي جي هڪ انگريز گورنر نالي آهي، جنهن جو سڄو نالو ”سر فريڊرڪ ويلڊ“ هو. هن جي نالي آسٽريليا جي شهر پرٿ ۽ نيوزيلينڊ جي شهر مارلبورو ۾ به ويلڊ روڊ آهي. ملائيشيا جي رياست پيراڪ جو بندرگاهه جيڪو هاڻ ڪئالا سيپيتانگ سڏجي ٿو ان جو اصل نالو پورٽ ويلڊ هو ۽ اسان جڏهن جهاز هلائيندا هئاسين ته اسان جي نيويگيشنل چارٽن تي به Port weld لکيل هوندو هو. ڪئالالمپور ۾ جتي منارا مي بئنڪ آهي، اها هن گورنر نالي ”ويلڊ هل“ سڏبي هئي پر هاڻ ان جو نالو بُڪت مڪاحماه رکيو ويو آهي. ملئي زبان ۾ ٽَڪريءَ (Hill) کي بُڪت سڏجي ٿو. پينانگ بندرگاهه جي هڪ وهارف (ڌِڪي) جو نالو پڻ   Weld Quay آهي. اهو اڃا به ان نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
سر فريڊرڪ ويلڊ نه فقط ملايا جو پر مغربي آسٽريليا ۽ تاسمانيا جو به گورنر رهي چڪو آهي ۽ نيوزيلينڊ جو ڇهون وزيراعظم پڻ هو. پاڻ بنيادي طرح نيوزيلينڊ جو سياستدان هو. 1823ع ۾ انگلنڊ ۾ ڄائو ۽ هن شروع جا سال والدين سان گڏ فرانس ۾ گذاريا. سئٽزرلئنڊ مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد، 1844ع ۾ هن نيوزيلينڊ جي شهر ويلنگٽن ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. جتي هن پهرين رڍن پالڻ جو ڪاروبار شروع ڪيو، جنهن مان هن خوب ناڻو ڪمايو. ان بعد هو سياست ۾ آيو ۽ 1887ع تائين مختلف هنڌن ۽ نوڪرين تي رهڻ بعد، هن رٽائرڊ زندگي اختيار ڪئي. آرام سان گهر ۾ ويٺو هو ته کيس هڪ وار ملايا ۽ سنگاپور گهمڻ جو شوق پيدا ٿيو. 1891ع ۾ جيئن ئي هتي پهتو ته کيس ڪا اهڙي بيماري لڳي وئي جو علاج لاءِ سڌو انگلينڊ پهتو، جتي ان ئي سال وفات ڪيائين.
بهرحال ڪئالالمپور شهر جي خوبصورت علائقي بُڪت بنتانگ مان لنگهندڙ ويلڊ روڊ جو نالو اڄڪلهه ”جالان راجا چولان“ آهي. راجا چولان، جنھن جو سڄو نالو راجا سر چولان ابن المرحوم سلطان عبدالله محمد شاهه حبيب الله ھيو، پيراڪ رياست جي شاهي خاندان مان هو. هن بنيادي تعليم ملاڪا هاءِ اسڪول ۽ ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار مان حاصل ڪئي. 1896ع ۾ هن (راجا چولان) انگريزن ۽ پيراڪ، سلنگور، نيگري سيمبيلان ۽ پهانگ رياستن جي سلطانن سان ملي فيڊريشن ٺاهي، جيڪا Federated Malay States جي نالي سان سڏجڻ لڳي. جنهن سان پوءِ ٻين رياستن ملي اڄ وارو ملائيشيا ٺاهيو. راجا چولان، انگريز حڪومت جي دور ۾، انگريزن تي زور آندو ته هو ملئي ماڻهن جي معاشي حالت سڌارين ۽ کين سول سروس ۾ آڻين. پاڻ 1933ع ۾ گذاري ويو. سندس قبر پيراڪ رياست جي شهر ڪئالا ڪنگسار جي شاهي قبرستان ۾ آهي.
ان ڏينهن عليءَ سان گڏ ڪئالالمپور جي هن خوبصورت علائقي ”بڪت بنتانگ“ مان لنگهڻ وقت، هتي جي ڪجهه خاص شاپنگ مالن جا نالا نوٽ ڪيم، جيڪي هن ريت آهن: برجايا ٽائيمس اسڪائر، بُڪت بِنتانگ پلازا، امبي پلازا، فارنهائيٽ 88 (هن جو اسان وارن ڏينهن ۾ K.L پلازه نالو هو)، لويات پلازا (هي هڪ چيني منسٽر Low Yat جو آهي)، اسٽار هل گئلري، سنگائي وانگ پلازا، Lot 10، پويلين ڪي. ايل وغيره.
برجايا ٽائيمس اسڪائر، دنيا جو تيرهون نمبر وڏو شاپنگ مال آهي. هن شاپنگ مال جي جملي ايراضي، ٽي لک چورس ميٽر چئي وڃي ٿي. سندس مٿئين فلور تي 3D- Imax سئنيما ٿيٽر آهي.
ملائيشيا ۾ صفائيءَ سٿرائيءَ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي هائيجين تي سختي هجڻ ڪري، وڏين هوٽلن توڙي گاڏن تي وڪامندڙ کاڌي پيتي جون شيون، توهان کي صحيح ملنديون. ڪيترا ئي وڏا ماڻهو هنن گاڏن وارن  (Hawkers) کان کاڌو وٺي کائين. ڪئالالمپور جي هن بُڪت بِنتانگ علائقي ۾ ئي هڪ گهٽي جالان الور نالي آهي، جيڪا سڄي گهٽي کاڌي پيتي جي شين کان مشهور آهي. هتي توهان کي ريڙهي (گاڏي) وارا، انڊين پاڪستاني کاڌن (چپاتي، نان، پوري، اڊلي، ڊوسا، اڦراٽي، برياني، ٻوڙ) کان وٺي چيني ۽ انڊونيشي کاڌا وڪڻندي نظر ايندا. توهان کلئي آسمان هيٺ بيهي يا گاڏن وارن طرفان رکيل پلاسٽڪ جي اسٽولن تي ويهي، اهي کاڌا کائي سگهو ٿا.
ڪئالالمپور ۾ هن قسم جون گهٽيون ٻين به ڪيترن هنڌن تي نظر اينديون ۽ ٽوئرسٽن کي آئون اها ئي صلاح ڏيندس ته هو ڪنهن وڏي هوٽل ۾ ويهي ماني کائڻ تي اجايو پئسو خرچ ڪرڻ بدران، هنن گاڏن وارن وٽ کائين، جيڪي ان ئي وقت تئي تان ماني لاهي توهان جي پليٽ تي رکندا وڃن ٿا.




Saturday, April 02, 2011

ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (2) الطاف شيخ


ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (2)
الطاف شيخ
ٻي وڏي لڙائي دوران، 11 جنوري 1942ع تي، جپاني فوج ڪوالالمپور تي قبضو ڪري ورتو. اٽڪل ساڍا ٽي سال کن، سڄو ملايا جپاني اثر ۽ انتظاميا هيٺ رهيو. منهنجي ڪيترن ئي اهڙن ملئي مسلمانن سان واقفيت رهي، جن انهيءَ عرصي دوران، جپانين جي قائم ڪيل اسڪولن ۾، جپاني پڙهي ھئي. ملاڪا ۾، هڪ اهڙو پوڙهو جپاني رهندو هو جو مسلمان ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين اتي ئي رهيو. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ بعد، سنگاپور ۽ ملايا ۾ مقيم جپاني فوج جي جنرل، سائيشيرو اتاگاڪيءَ 15 آگسٽ 1945ع تي، انگريز انتظاميا اڳيان هٿيار ڦٽڪا ڪيا. هتي اهو به لکندو هلان ته؛ هن جنگ ختم ٿيڻ بعد آمريڪن، جپاني فوجين تي سندن ڪيل ظلمن خلاف، ڪيس هلايا. جنهن ۾ جنرل اتاگاڪي سخت ظالم قسم جو قاتل ثابت ٿيو. کيس ٽوڪيو جي مشهور جيل سوگامو ۾ 23 ڊسمبر 1948ع تي ڦاهي ڏني وئي. جپانين اھو جيل، يورپين ۽ انگريز فوجين ۽ شهرين کي سزا ڏيڻ لاءِ، جنگ دوران ٺهرايو هو.
هن جنگ دوران، جپانين جي سنگاپور ۽ ملايا تي قبضي ۾ حقيقت اها آهي ته، جپانين ملئي مسلمانن تي ايڏا ظلم نه ڪيا جيڏا انگريزن ۽ چينين مٿان. ڇو جو چينين، جپانين جي ڪافي مزاحمت ڪئي. هڪ اندازي مطابق، فقط سنگاپور جي ٻيٽ تي جپانين 5 هزار کان 25 هزار چيني ٽارچر ڏئي ماريا. اهو ئي حال، هنن انگريزن سان به ڪيو. جپانين جي قيد مان ورلي ڪو انگريزPOW (Prisoner of war)  بچي نڪتو ٿي. زندگي ماڻڻ وارن انگريز فوجي قيدين مان، هڪ اسان جي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جو پرنسپال ڪرنل ڪومبس پڻ هو.
1941ع ۾ ڪرنل ڪومبس کي ”137 فيلڊ ريجمينٽ“ جي پلٽون جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. کيس، پنھنجي پلٽون سميت، ملايا ۾ موجود يارهين انڊين ڊويزن سان شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جپانين سان جنگ دوران، سندس ريجمينٽ پهرين هئي. ڪرنل ڪومبس جي پلٽون جي پوزيشن، سنگاپور جي سامونڊي ڪناري (بيچ) تي هئي. 15 فيبروري 1942ع تي، سنگاپور جپانين جي قبضي ۾ اچي ويو. اسان وارو پرنسپال ڪرنل ڪومبس، آگسٽ 1945ع تائين، ٽي سال پنج مهينا، جپانين جو قيدي ٿي رهيو. کيس شروعاتي سال کن، چانگي جيل ۾ رکيو ويو. ان بعد ٿائلينڊ جي Nangpladuk ڪئمپ ۾ POW جي حيثيت ۾ رکيو ويو.
قيد واري عرصي دوران، اسان جي پرنسپال پنهنجي ڪتاب Banpong Express ۾ پنهنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آهن. ان ۾ هن، جپاني قيد اندر، جنگي قيدين جي زندگيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي ته هو ڪيئن هر وقت موت جي پاڇولي ۾ زندگي گذاريندا هئا. هو پنهنجي بند جي تڪليف جي ڪهاڻي، پنن تي لکي، قيد جي رڌڻي اندر رکيل هڪ ڊرم ۾، لڪائي ڇڏيندو هو. جنهن جي آخر تائين جپاني سپاهين کي خبر نه پيئي. هن جي ريجمينٽ 9 هفتا وڙهندي رهي، پر افسوس جو هار سندن مقدر بڻي. 700 ماڻهن مان 3 آفيسر ۽ 28 سپاهي ويڙهه ۾ مارجي ويا. 184 ڄڻن کي، جپانين قيد دوران چيچلائي چيچلائي ماريو. ڪرنل صاحب، پيٽارو ۾ ڊنر تي، ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پنهنجي زندگيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته؛ اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئا. هو چوندو هو: ”جنگ هارائڻ جي ڪؤڙاڻ ۽ جنگي قيديءَ جي صورت ۾ بي عزتي سهڻ جهڙي ٻي ذليل ڳالهه آهي ئي ڪا نه.“ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو ته؛ ”اسان وري به خوش نصيب هئاسين جو بچي وياسين ۽ پوءِ سوڀ به ماڻيسين. تنھن ھوندي به آئون اها ئي دعا گهرندس ته؛ ”اسان جي تجربن مان ايندڙ نسل سبق سکن. جنگيون ڪري هڪ ٻي جو سک نه ڦٽائين.“ جنگ بعد ڪرنل ڪومبس کي انگلينڊ گهرايو ويو ۽ 1954ع ۾ کيس سنگاپور ۾ چيف ايڊيوڪيشن آفيسر جي حيثيت سان رکيو ويو. سنگاپور ۾ هڪ ڏينهن گاڏي هلائيندي، ڪرنل جو ڪنھن واٽهڙوءَ سان حادثو ٿي پيو، جنھن ۾ اھو ماڻهو مري ويو. ڪرنل ڪومبس، پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ڪورٽ کيس ڏوهاري بڻائي، ڇهه مهينا جيل جي سزا ڏني. جيڪا هن سنگاپور جي ان ساڳئي چانگي جيل ۾ گذاري، جنهن ۾ هو جنگي قيديءَ (P.O.W) جي حيثيت سان رهي چڪو هو.
ڪورٽ طرفان سزا ٿيڻ ڪري، ڪرنل ڪومبس جو فوجي ڪيريئر ختم ٿي ويو. ور نه ته هو هاڻ ميجر جنرل جي عهدي تي پهچڻ وارو هو. هن سوچيو پئي ته؛ ترقي ملڻ بعد ريٽائرمينٽ وٺي پنهنجي علائقي گرنسي جو گورنر ٿيندس. افسوس جو انھيءَ حادثي سبب، هو پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي نه سگهيو. 1957ع ۾، هو انگلينڊ پهتو ته هن اتي جي اخبار ۾، ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص جي لاءِ پرنسپال جو اشتهار  ڏٺو. ان وقت پيٽارو واري بلڊنگ، اڃا ٺهي رهي هئي. هن لنڊن مان ان نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو. ساڳئي وقت، اسان عبرت اخبار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا جو اشتهار پڙهي، چونڊ لاءِ فارم ڀريو. ڪرنل ڪومبس ۽ مون جهڙن شاگردن کي، هڪ ٻئي سان ملڻو هو ۽ 1958ع کان 1963ع تائين گڏ گذاريوسين. سندس ڳالهين ۽ تعليم مان مستفيض پڻ ٿياسين. بهرحال اڄ ڪوالالمپور جو ٻي وڏي لڙائي جي حوالي سان احوال لکندي، ڪرنل ڪومبس ياد اچي ويو جنهن جي انهن ڏينهن کان تنڪو عبدالرحمان سان سٺي عليڪ سليڪ هئي. ايتري قدر جو ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم ٿيڻ بعد، هڪ دفعو هو لنڊن وڃي رهيو هو ته ڪراچيءَ ۾ اسٽاپ اوور هجڻ تي، ڪرنل ڪومبس اسان ڪجهه شاگردن سان گڏ، ساڻس ڪراچيءَ جي هوائي اڏي تي ملاقات ڪئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪريءَ ۾ اچڻ کانپوءِ، ڪرنل ڪومبس جي حوالي سان، تنڪو صاحب سان منهنجيون ملاقاتون پڻ سندس وفات تائين جاري رهيون. هن هميشه اسان جي پرنسپال لاءِ، عزت ۽ قرب جو اظهار ڪيو ٿي.
جنگ جي ڪري سڄي ملايا جي معاشي حالت خراب ٿي پئي. انگريزن نه فقط ڪوالالمپور کي بهتر بڻائڻ چاهيو ٿي پر پنهنجي لنڊن کي به پيرن تي بيهارڻ چاهيو ٿي. چوڌاري بيروزگاري، کاڌي جي کوٽ ۽ مهانگائي عروج تي هئي.
مڪاني ماڻهن چاهيو ٿي ته؛ جپانين سان گڏ انگريز به هليا وڃن. ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي جي ويڙهاڪ ڊويزن MNLA (ملاين نئشنل لبريشن آرمي) انگريزن سان گوريلا جنگ جوٽي، جيڪا 1948ع کان 1960ع تائين هلي. ان کي انگريز، ملاين ايمرجنسي سڏڻ لڳا. 1957ع ۾، ملايا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملي. 1963ع ۾ ملايا بورنيو ٻيٽ جي ٻن رياستن سباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان ملائي، هڪ نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهيو. ٻن سالن بعد، 9 آگسٽ 1965ع تي، سنگاپور ملائيشيا مان نڪري الڳ ملڪ ٺاهيو.
ملائيشيا ۾ 10 سيڪڙو کن انڊين ۽ ٻين قومن جا ماڻهو رهن ٿا. باقي 90 سيڪڙو ۾ اڌواڌ ملئي مسلمان ۽ چين کان آيل چيني رهن ٿا. ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد، ملئي ۽ چينين جي پاڻ ۾ اڻ بڻت وڌڻ لڳي. ايتري قدر جو 13 مئي 1969ع تي ٻنهي ڌرين، ڪوالالمپور ۾ خوب مار ماران ڪئي. اٽڪل 200 کن ماڻهو، شهر جي گهٽين ۾ مارجي ويا. ان بعد قاعدا قانون سخت ڪيا ويا. اڄ تائين وري اهڙو واقعو رونما نه ٿيو آهي.
1978ع کان ڪوالالمپور، سڄي ملڪ جو گاديءَ جو شهر قرار ڏنو ويو. سريمبان رياست جو، ’شاهه عالم‘ شهر، گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو. شاهه عالم، مسجدن، باغن ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي. سندس هڪ آڳاٽي ڪاليج ۾، جيڪو پوءِ يونيورسٽي بڻيو، اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي پڙهائڻ جو شرف حاصل آهي. پاڻ پهريون سنڌي شاگرد آهي، جنهن اليڪٽرونڪس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ صاحب بعد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو. هن وقت سندس ٻه ڀائيٽا ملائيشيا ۾ ڊاڪٽر آهن. هڪ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ، جيڪو دل جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو ڊاڪٽر عديل جيڪو آرٿوپيڊڪ سرجن آهي.
ڪوالالمپور، جيتوڻيڪ سلينغور رياست جي وچ ۾ آهي، پر کيس فيڊرل ٽيريٽري سڏيو وڃي ٿو. 2001ع کان،، سلينغور جو هڪ ٻيو شهر پتراجايا پڻ، فيڊرل حڪومت ۾ اچي ٿو. اھو شهر، ڪوالالمپور کان ڪجهه ٻاهر-ڀرو ٺاهيو ويو آھي، جتي فيڊرل حڪومت جون انتظامي آفيسون ۽ عدالتون ٺاهيون ويون آهن. ڪوالالمپور کي پتراجايا سان اليڪٽرڪ گاڏين ۽ بسين ذريعي ڳنڍيو ويو آهي. جيئن ڪنهن کي به سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار هجي ته هو سولائيءَ سان اتي پهچي سگهي. ملڪ جي وزيراعظم جو گهر توڙي آفيس به، پتراجايا ۾ آهي. سڀ وزير ۽ ڪامورا، هڪ ئي هنڌ موجود رهن ٿا. هونئن به، ملائيشيا جا ماڻهو نوڪريءَ کان گسائين نٿا. هو ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏين ٿا. ملڪ جو وزيراعظم به ڏيھاڙي صبح جو اٺين بجي آفيس ۾ پهچيو وڃي. ڇو جو کيس به، هر سرڪاري پگهار کڻندڙ ملازم وانگر، پوري ٽائيم تي اچڻ ۽ موڪل تائين آفيس ۾ حاضر هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ، ڪارڊ پنچ ڪرڻو پوي ٿو.
پارليامينٽ هائوس ۽ بادشاهه جو محل، ڪوالالمپور ۾ ئي آهن. ڪوالالمپور جو انتظام هلائڻ جو ڪم، ميئر حوالي آهي، جيڪو لارڊ ميئر ۽ ملئي زبان ۾ ”داتڪ بندر“ سڏجي ٿو. پارليامينٽ، ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ House of Representatives جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ديوان رعيت“ سڏين ٿا ۽ ٻيو House of senate جيڪو ”ديوان نگارا“ سڏجي ٿو.
سلنغور رياست جي وچ ۾، فيڊرل حڪومت جا شهر ڪوالالمپور ۽ پتراجايا آهن. منجھانئس ڪلانگ ندي پڻ وهي ٿي. اھا ڊيگهه ۾ 120 ڪلوميٽر کن ٿيندي. هن نديءَ وارو علائقو، ڪلانگ وئلي يعني ڪلانگ ماٿري سڏجي ٿو. ڪلانگ ندي، بندرگاهه وٽ، ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. رستي تي ساڻس ٻيون يارهن نديون پڻ ملن ٿيون. منجھانئن ڪجهه هن ريت آهن؛ گومباڪ ندي، باتو ندي، دمن سارا ندي، ڪيروح ندي، پينچالا ندي، ائمپنگ ندي.
نديءَ کي ملئي زبان ۾؛ سنگائي سڏجي ٿو. ان حساب سان سندن نالا آھن سنگائي گومباڪ، سنگائي باتو.... وغيره. جتي گومباڪ ندي، ڪلانگ نديءَ سان ملي ٿي، اتي ڪوالالمپور آهي. ان کانپوءِ هيءَ ندي پتلانگ جايا شهر جي ڏکڻ مان گذري ٿي. اڳتي هلي ڪلانگ، سلنغور رياست جي گاديءَ واري شهر، ”شاهه عالم“ مان گذري ٿي. سلنغور جو شهر ڪلانگ، هن نديءَ جي بلڪل پُڇڙ وٽ آهي. ان بعد اھا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.