بمبئي جون ايراني هوٽلون ۽ ريلوي
اسٽيشنون
الطاف شيخ
منهنجي عمر جي ماڻهن کي ممبئي ۾ ايراني ريسٽورنٽون (Cafes) ڏسي کين ڪراچي ۽
حيدرآباد جهڙا شهر ياد ايندا، جتي ڪنهن زماني ۾ اهي ڏاڍيون هيون ۽ سڀني جو هڪ ئي
نمونو هوندو هو. دخل تي ويٺل هڪ ايراني سيٺ جنهن جي چوڌاري مختلف قسمن جي بسڪيٽن
جون درجن کن برنيون هونديون هيون. چانهه سان گڏ گهڻو ڪري بَن هلندو هو يا ’مسڪا
بن‘ جنهن تي مکڻ لڳل هوندو هو. ٻئي نمبر تي پيٽيز ۽ ڪٽليٽ هلندا هئا. سڀني ايراني
هوٽلن ۾ فرنيچر (ٽيبل ڪرسين) جو ساڳيو نمونو هوندو هو. هڪ ڪنڊ ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ واش
بيسن هوندو هو. ڀتين تي ٽي چار اعلان يا چتاءَ ضرور درج ٿيل هوندا هئا، جهڙوڪ:
سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي. هتي نوڪرن کي روزانو پگهار ڏني وڃي ٿي. ڪرسيءَ تي ٽنگون
رکڻ کان پرهيز ڪريو. شراب واپرائڻ تي منع آهي. گهڻي دير ويهڻ منع آهي.... پر ڪبو
اهو ئي هو جيڪو وڻندو هو. تن ڏينهن ۾ گهر ۾ ڊرائنگ روم جو اڃان فيشن نه ٿيو هو. ان
ڪري غريب غربو، اديب، شاعر خاص ڪري شاگرد، ڪنهن ايراني ڪيفي ۾ ’چانهه بن‘ تي ڪلاڪن
جا ڪلاڪ ويهي امتحانن لاءِ نوٽ ڊسڪس ڪندا هئا، اديب ۽ ترقي پسند ڪامريڊ ادب، شاعري
۽ سياست تي ويچار ونڊيندا هئا. اسان وٽ پاڪستان ۾ هڪ هڪ ٿي وڃن ٿيون هي ريسٽورنٽون
ختم ٿينديون. حيدرآباد ۾ ڪيفي جارج، ڪيفي اي ون وغيره هينئر نظر نه آيون. هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي جتان ساڄي پاسي ڊائو ميڊيڪل
يونيورسٽي ڏي رستو وڃي ٿو، ان جي کاٻي پاسي واري ڪنڊ ۾ هڪ پراڻي ايراني ڪيفي نظر
آئي. ڪجهه دير ويهي چانهه ۽ مسڪا بن کائي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪيم.