پراگ جو
ميوزيم ۽ مخملي انقلاب
اسحاق
انصاري
ابرار مري، منهنجي ٻانهن کي ڌوڻي رهيو هو ڇو جو مان
ته پنهنجن خيالن ۾ ئي گم هيس. هن لهڻ جو چيو، اسان ٽرام تان لهي وري ڏاڪڻين جي ذريعي
هيٺ زمين دوز ٽرين جنهنکي ٻين ملڪن ۾ ڪٿي ان کي انڊر گرائونڊ سڏيو وڃي ته ڪٿي ٽيوب
کي ميٽرو سڏيندا هيا جي اسٽيشن ۾ داخل ٿياسين. ميٽرو جون اسٽيشنون به سٺيون ۽ صاف سٿريون
هيون. ان جو اندازو ته مون کي گھڻو ڪونه هيو ته ٻين ملڪن ۾ اهڙي زمين دوز سواري جي
حالت ڇا آهي پر ڪجھه وقت کان پوءِ اسان جي هڪ دوست علي رضوي جيڪو لاهور جو هو ۽ انجينرنگ
۾ پڙهندو هو ته هنجي فيملي چيڪوسلوواڪيا گھمڻ آئي هئي. هن جو پيءُ جيڪو پاڻ به وڏو
سياح آهي ان ٻڌايو هو ته پراگ جون ميٽرو ۽ ان جو اسٽيشنز ڪافي صاف سٿريون آهن ۽ انگلينڊ
۽ آمريڪا جي مقابلي ۾ به بهتر آهن. خير اسان ميٽرو ۾ چڙهياسين، جھٽ ئي نه گذري ته اسانجو
اسٽاپ “ميوزيم” اچي ويو، وري مٿي وڃڻ واري ڏاڪڻ يا ايسڪيليٽر جي ذريعي مٿي آياسين.
جيئن ئي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتس ته منهنجي لاءِ ته دنيا ئي ٻي ٿي وئي. چوڌاري مختلف آرڪيٽيڪچر
جون شاهڪار عمارتون موجود هيون جن کي ڏسڻ سان ئي ماڻهو هڪ جادوئي دنيا ۾ گم ٿي وڃي
ٿو. سامهون وري هڪ ڪشادو رستو هو جنهن جي ٻنهي پاسن کان گاڏين لاءِ روڊ هو ته وري وچ
تي پيدل هلندڙن لاءِ جڳهه هئي جيڪا ٻنهي روڊن کي پاڻ سان ملائڻ کان پوءِ به ڪشادي هئي،
انهن جي وچ ۾ گل گلزاري به ٿيل هئي. رستي جي هڪ ڇيڙي تي هڪ وڏو بت لڳل هو، گھوڙي تي
ويٺل همراهه هٿ ۾ نيزو کنيو ويٺو هو، ميان ابرار مريءَ ٻڌايو ته اهو سينٽ واتسلاو جو
مجسمو آهي، جيڪو اصل ۾ ته ۱۰
صدي ڌاري چيڪ جو بادشاهه هو
پر سازش ڪري کيس سندس ننڍي ڀاءُ مارائي وڌو، جيڪو بنيادي طور تي خراب ماڻهو هو ۽ هاڻي
ان ڪري تاريخ ۾ هن کي لکندا ئي آهن سٺو بادشاهه ۽ سندس ڀاءُ کي سڏين ئي ڪِنو بادشاهه...
اهو مجسمو ۱۸۸۷ کان
ٺهڻ شروع ٿيو، چئني ڪنڊن تي وري ٻين چئين مختلف مَذهبي ۽ تاريخي ڪردارن جا مجسما آهن.
ان رستي کي سڏين به واتسلواسڪي ناميستي يعني واتسلا اسڪوائر يا بولوارد. ان مجسمي جي
پويان وري رستو آهي ۽ رستي جي ٻي ڀر وري هڪ عاليشان عمارت نظر اچي ٿي جيڪا قومي عجائب
گھر آهي. اها عمارت آرڪٽيڪچر جي نيوڪلاسيڪل طرز تي آهي. نيوڪلاسيڪل آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر
جي تحريڪ ۱۸ صدي
۾ هلي، جنهن ۾ روم ۽ يونان جي پراڻي آرٽ ۽ آرڪيٽڪيچر مان اتساهه وٺي ان ۾ ٿوري تبديلي
ڪري آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ استعمال ڪيو ويو.