Friday, January 17, 2014

آمريڪا ڏانهن اڏام - عبدالحي پليجو

آمريڪا ڏانهن اڏام
عبدالحي پليجو
اسان جو  جهاز آمريڪا کان ڪافي ڏور ٿي ويو آهي ۽ هاڻ چوطرف سمنڊ ئي سمنڊ نظر اچي رهيو آهي، ڏينهن آهي تنهنڪري هر شئي صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي آهي، ٽائيم ڏٺم ته سمجهيم ته نون ڪلاڪن کانپوءِ لنڊن جي هيٿرو پورٽ تي پهچبو. آمريڪا ايڏو ته وڏو ملڪ آهي جو خود آمريڪا ۾ به ڇهه مختلف ٽائيم آهن، جن کي اڄڪلهه يونيورسل ڪوآرڊينيٽيڊ ٽائيم  جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي ۽ اڳم هن عالمي ٽائيم کي دنيا اندر گرين وچ مين ٽائيم  جي نالي سان سڏيو ويندو هو. آمريڪا هيٺين مختلف ٽائيمن  ۾ ورهايل آهي.
Eastern standard time G M T 5
Central standard time G M T 6
Mountain Standard Time G M T 7
Pacific Standard Time G M T 8
Alaska zone time G M T 9.5 to 11
Hawaii zone time 10


اسان وقت جي سامهون پرواز ڪندا وڃون. تنهنڪري رفتار جي ابتڙ ٽائيم گهٽجندو وڃي ۽ هونئن ته وقت وڌندو وڃي. ٿوري دير کانپوءِ جهاز ۾ کاڌو ڏنائون، تنهن کانپوءِ فلم شروع ٿي. فلم منهنجي اڳ به ڏٺل هئي، جنهن جو نالو روميو جولئيٽ هو. مون ٿوري فلم ڏٺي پر پوءِ ڪاپي کڻي سڄي ٽوئر بابت نوٽس لکڻ شروع ڪيا. ڪلاڪ کن اهي به لکيم پر فلم اڃا به هلي رهي هئي. منهنجي هٿ ۾ رابرٽ ڪپلان جو ڪتاب آهي، پر پڙهڻ تي دل ئي ڪانه ٿي ٿئي. ننڊ اچي وڃي ته ڏاڍو سٺو ۽ ائين جيڪو لنڊن ۾ تازو توانو ٿي وڃي لهان، پر ننڍ به نٿي اچي. آمريڪا ۾ پنهنجي ٽوئر ۽ آمريڪا جي هيڏي ترقي تي سوچيان ٿو، پوءِ اهو به سوچيان پيو ته دنيا ۾ يوناني، رومن، عرب ۽ انگريزن سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي پر اڄ اهي ڪٿي آهن، ۽ آمريڪا سڄي دنيا جو حاڪم ٿيو ويٺو آهي، سو خود پهرئين عالمي جنگ کان اڳ ڪٿي هو؟ سرد جنگ کانپوءِ ۽ روس جي معاشي طرح سان ڪمزور هئڻ ڪري دنيا ۾ آمريڪي رويو ڏاڍو جارحاڻو ٿي پيو آهي، خاص ڪري مسلم ورلڊ ۽ چين سان. مسلم ورلڊ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ تيل وارين رياستن جي چوطرف اسرائيل کي وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن  مضبوط ڪندو ۽ چين کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هندستان ۽ سندس ڀرپاسي وارن ملڪن کي وڃي اڳيان آڻيندو. خود آمريڪا اندر يارنهن سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ مسلمانن لاءِ ڏاڍي نفرت وڌي آهي، پارڪن ۾ ويٺل مسلمانن کي نوجوان طالبان چئي چيڙائيندا آهن، برقعن ۾ هلندڙ عورتن جي توهين ڪندا آهن ۽ ڏاڙهي وارن کي، پوءِ اهي ڇو نه سک هجن، کي به غلطي سان توهين ڪندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته گولي هڻندي به دير ڪونه ڪندا آهن، اهڙا ڪيترائي واقعا آمريڪا ۾ ٿي چڪا آهن. آمريڪا ۽ يورپ ۾ خود اهڙي جنونيت جي ڪري سڄي دنيا ۾ وڃي جنونيت وڌندي، جنهن کي وڏي پئماني تي آمريڪي سرپرستي حاصل آهي. پهرئين يورپين ۽ آمريڪين کي پنهنجي فوجي طاقت، پنهنجي پئسي ۽ سفيد چمڙيءَ تي باور هو، پر اڳوڻي آمريڪي صدر بش سڌي طرح ”ڪروسيد وارس“ (صليبي جنگين) جا لفظ استعمال ڪيا، ڏسجي ته اها هنن جي جنونيت افغانستان ۽ عراق کان پوءِ ڪٿي ٿي وڃيو دنگ ڪري! آمريڪا دنيا ۾ ”جو ڏاڍو، سو گابو“ جي اصول تي هلي ڪمزور ملڪن کي ڌمڪائي هيسائي انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن کي حصو پتي ڏئي اقوام متحده کي نظر انداز ڪندو دنيا اندر جيڪي وڻيس ٿو، سو ٿو ڪري. سڄي دنيا پئي کيس ڏسي ته هاڻي ڪهڙي ملڪ کي ٿو تباهه ۽ برباد ڪري ۽ سندن هر ليڊر جو بيان هڪٻئي کان مختلف آهي. آمريڪا جي وزير خارجه جو چوڻ آهي ته، عراق جنگ کانپوءِ  ٻئي ڪنهن ملڪ کي ڊڄڻ نه گهرجي پر خود آمريڪي صدر چوي ٿو ته عراق جنگ کانپوءِ ايران، شام ۽ ڪوريا کي انهيءَ جنگ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، سو آمريڪا جي جابرانا ۽ جارحانه پاليسي ڪٿي ٿي وڃيو دنگ ڪري، تنهن جي ڪابه خبر ڪانهي. جهاز کان ٻاهر ڪابه سئي نٿي نظر اچي، نه ته اڳ آمريڪا ۽ يورپ وچ ۾ ائٽلانٽڪ سمنڊ شام جي سج جي روشني ۾ ڏاڍو وڻندڙ لڳندو هو، دنيا ۾ سمنڊن ڪري پهرئين سامونڊي جهاز ايجاد ٿيا، پوءِ هواز جهاز. سڄي ڌرتي پاڻي کانسواءِ خشڪ هجي ها ته ماڻهو ڪارن بسن ۽ ريل ذريعي دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين پيو خشڪي رستي گهمي ڦري. ماڻهو ته اڄ به سائيڪلن ذريعي لنڊن کان جپان وڃيو دنگ ڪن. هي جي هيڏا وڏا سمنڊ آهن، تن جو مختصر احوال توهان کي ٻڌايان ٿو.
پئسفڪ سمنڊ ڌرتي جي گولي جي تقريبن ٽئين حصي تي پکڙيل آهي. هي سمنڊ پکيڙ جي لحاظ کان دنيا جو سڀني کان وڏو سمنڊ آهي، سندس پکيڙ ڇهه ڪروڙ چاليهه لک چورس ميل يا سورهن ڪروڙ سٺ لک چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي، اهو سمنڊ ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏي سمنڊ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان ايراضي توڙي پاڻي جي مقدار ۾ ٻيڻو آهي، جنهن مٿان اسان هينئر پرواز ڪري رهيا آهيون. وڌيڪ عجيب ڳالهه اها آهي ته ڌرتي جي سمورن کنڊن يعني خشڪي وارن ڀاڱن جي ڪل ايراضي کان به پئسفڪ سمنڊ جي پکيڙ وڌيڪ آهي. هن سمنڊ  جي ويڪر ڏکڻ برفي سمنڊ يعني اينٽارڪٽڪ کان اتر برفي سمنڊ يعني آرڪٽڪ جي وچ ۾ بيرنگ ڳچي سمنڊ تائين اٺ هزار ٽي سئو پنجاهه ناٽيڪل ميل ۽ سندس ڊيگهه ڏکڻ آمريڪا جي ڪولمبيا ملڪ جي ڪنارن کان ايشيا جي ملائي جزيرن تائين پنج ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ سان پور وڇوٽ نموني يارهن هزار پنج سئو ناٽيڪل ميل ٿيندي. هي سمنڊ گهٽ ۾ گهٽ 4280 ميٽر يعني 14050 فوٽ اونهون ۽ مريانا کاهي ۾ ان جي وڌ ۾ وڌ گهرائي 11033 ميٽر يعني 36198 فوٽ آهي، ڌرتي جي اتر اڌ گول ۾ آرڪٽڪ برفي سمنڊ ۽ پئسفڪ سمنڊ بيرنگ ڳچي سمنڊ وٽ ملن ٿا، بيرنگ ڳچي سمنڊ هتي 55 ناٽيڪل ميل ويڪرو آهي، ڏکڻ اڌ گول ۾ پئسفڪ سمنڊ ڏکڻ آمريڪا جي ٽيراڊل فيوگوTierradel fue go نالي هڪ سوڙهي کاهي وٽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ سان ۽ گرهام لينڊ وٽ برفي سمنڊ يعني اينٽارڪٽڪ سان ملي ٿو، هي سمنڊ اوڀر ايشيا ۾ هلائي- فلپينس- انڊونيشين جزيرن ۽ آسٽريليا کنڊ وٽ هندي وڏي سمنڊ سان غير واضح نموني مليل آهي. پئسفڪ سمنڊ جو پاڻي آسٽريليا جي ڏکڻ ۾ باس ڳچي سمنڊ ۽ تسامانيا جزيرن وٽ اينٽارڪٽڪ يعني ڏکڻ برفي سمنڊ سان وڃي ٽڪرائجي ٿو.

دنيا جي مکيه جبلن جي موجود بيهڪ سبب سمورن دريائن ۽ ندين جي ڪُل پاڻي جو تقريبن ستون حصو وهي هن سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. پئسفڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ دريائن ۾ چين ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا وارن دريائن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي.

No comments:

Post a Comment