ڇا پرڏيهي پاسپورٽ رکندڙ ديس واسين کان خبردار رهجي؟
الطاف شيخ
سڄي دنيا خبردار ٿي وئي آهي ته، سگريٽ يا ٻيون نشي آور شيون انساني صحت
لاءِ هاڃيڪار آهن پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته، اسان وٽ سنڌ ۾ اڄ به ان کي، خاص ڪري
شراب پيئڻ کي فيشن ۽ ’وڏ ماڻهپي‘ سمجھيو وڃي ٿو. دنيا جي هر پڙهيل ڳڙهيل ۽ سُڌريل ملڪ
۾ شراب پيئڻ کي خراب سمجھيو وڃي ٿو، خاص ڪري گذريل صديءَ جي ويهارو سالن کان شراب خلاف
سخت مهم هلي رهي آهي. ايشيا جا ملڪ جپان ڪوريا هجن يا يورپ آمريڪا..... هن شيءِ لاءِ
اهو ئي چيو پيو وڃي ته، هِي اهو زهر آهي، اها بيماري آهي، جيڪا اسان پئسا ڏئي خريد
ڪريون ٿا. ميڊيڪل سائنس به هاڻ اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته، دنيا جا پنجاهه سيڪڙو ڏوهه
شراب جي ڪري ٿين ٿا. مون ته سُلجهيل ۽ سٺن گهرن جي انگريزن کي به ان شيءِ کان نفرت
ڪندي ڏٺو آهي. اسانجا ڪيترا ڳوٺاڻا، سرڪاري ڪامورا ۽ وڏيرا اهو ئي سمجھن ٿا ته، جيڪو
ولايت ۾ رهي ٿو اهو شراب پيئي ٿو يا ان لاءِ پيئڻ ضروري آهي. اسان جا ماڻهو ڪيڏو بي
عقل آهن! اڄ سڄي دنيا ان شيءِ کان نفرت ڪري ٿي، ٻيا ملڪ ته ڇڏيو آمريڪا ۾ هلي ڏسو ته ڪيترا آهن جيڪي
شراب پيئن ٿا. اسان جا سنڌي ته ڇڏيو پر مڪاني گورا به ڪيترا آهن، جيڪي پيئن ٿا....
هر عقلمند ماڻهو ان نشي کي خراب سمجھي ٿو، پر ماڻهو ڏسو.... بيهوش ٿي ويندا، نازيبا
ٻولي ڳالهائيندا، يا رستي تي اُلٽيون ڪري ڪريا پيا هوندا!
ڪراچيءَ ۾ هڪ دعوت ۾ هڪ ننڍي عمر جي سرڪاري آفيسر کي شراب پيئندو ڏسي
مونکي ڏاڍي حيرت ٿي. رات جا ٻه ٿي ويا هئا ۽ هو هاڻ اوٽ پٽانگ حرڪتون ڪري رهيو هو.
منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته، هن جي فئملي ڳوٺ ئي رهي ٿي، ان ڪري هن کي دير سوير موٽڻ جو فڪر نٿو رهي. ”ٺهيو!“
منهنجي سمجھائڻ تي هن کي حيرت ٿي ته اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڪو ولايت ۾ رهي به
شراب نه پيئي! ۽ هن جي ڳالهين مان مون اهو مطلب ڪڍيو ته، هن لاءِ شراب پيئڻ ’وڏ ماڻهپي‘
جي نشاني آهي. پگهار ته نشي ۾ پورو ٿيندو هوندس، ٻچن کي الائي ڇا نصيب ٿيندو هوندو!
مون دل ۾ سوچيو ۽ اها حقيقت آهي ته، اسانجي سياستدانن، وزيرن، وڏيرن، ڪامورن وغيره
کي ڏسي ڪيترائي ننڍين نوڪرين وارا، پورهيت
۽ غريب ڳوٺاڻا به شراب پيئڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. ۽ شل نه ڪو وڏيرو يا ڪو وڏو آفيسر ڪنهن
ڳوٺ جي ماڻهوءَ کي يا ڪنهن ننڍي آفيسر يا ڪلارڪ کي ان دعوت ۾ گهرائي. بس هن جي لئه
ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
ڳوٺ جو نالو نٿو لکان، ان جي هڪ غريب ڇوڪري کي يونيورسٽيءَ ۾ سٺي پوزيشن
حاصل ڪرڻ تي جپان ۾ اعليٰ تعليمَ جي اسڪالرشپ ملي وئي ۽ هن اتي به نالو پيدا ڪيو ۽
کيس ڪيترن ئي هنڌن تي نوڪرين جي به آفر ٿي. هونئن ته هن غريب کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪنهن
پڇيو ڪونه ٿي پر جپان مان اعليٰ تعليم حاصل
ڪرڻ تي کيس ڳوٺ جي وڏيري به محفل ۾ گهرائي نه فقط عزت ڏني پر ”نشو“ به ڪرايو ۽ هن به
سمجھيو ته هاڻ هن لاءِ اهو پيئڻ ضروري آهي، جو ولايت مان موٽڻ ۽ وڏ ماڻهپي جي اها ئي
نشاني آهي. وڏيري کي به وندر لاءِ ماڻهو ٿي کپيو، سو هن کي روز شامَ جو اوطاق تي گهرائي
گلاس مٿان گلاس پياري ساڻس پاڻ ۽ ٻين پيالي
ڀاين چرچا ڀوڳَ ڪيا ٿي ۽ هي ان ۾ خوش ته ”آئون وڏي اهم شئي ٿي ويو آهيان“. اوطاق تان
پي نشي ۾ موٽندو هو ته، رستي تي ڳوٺ جا ماڻهو چرچا ڪندا هئس ۽ هي ان ۾ خوش ته هن جي
وڏيري تائين رسائي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هن کي خوار ڪرڻ لاءِ وڏيري جي اوطاق تي اهڙا ڪاڪ
ٽيل ٺاهي پياريندا هئس جو وچ بازار ۾ ڪري پوندو هو ۽ اوٽ پٽانگ وڦلندو رهندو هو. کيس
قدرت ڪيتريون ئي اعليٰ کان اعليٰ نوڪريون ڏياريون پر هو نشي ۾ اهڙو ته اونهو ڦاسي ويو،
جو هن لاءِ نوڪري ڇڏڻ آسان ٿي پيو پر نشو ڇڏڻ ناممڪن هو! هڪ کان وڌيڪ شاديون به ڪيائين
پر سندس ڪا به زالَ کيس برداشت نه ڪري سگهي. اڄ به ان جو سوچي مونکي افسوس ٿيندو آهي
ته، ڇا ٺاهوڪو جوان هو ۽ ڇا جپان ۾ رهي نالو ٺاهيائين پر نشي خاطر پنهنجو مستقبل تباهه
ڪري ڇڏيائين. اڄ به ان تي بحث هلندو آهي ته، ان بدبختيءَ ۾ سندس ڏوهه هو يا وڏيري جو!
نشي کيس وڏو ماڻهو بڻائڻ بدران تباهه ڪري وڌو.
ورجينيا جي هڪ مسجد ۾ جمعي نماز پڙهڻ بعد مانيءَ تي ڊاڪٽر منور عباسي،
مقبول هاليپوٽي ۽ فلڪ شير ڳالهين دوران ان ڳالهه جو ڏک ڪيو ته، پٺيان وطن ۾ اسان جا
ڪيترا دوست ان غلط فهميءَ ۾ آهن ته، آمريڪا ۾ جيڪي اسين رهون ٿا، انهن جو رڳو ڪم نشو
ڪرڻ آهي. منهنجي خيالَ ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ هر
اهو ماڻهو، جيڪو پنهنجو وطن ڇڏي آيو آهي، اهو هِتي ڪو شراب پيئڻ يا عيش جي زندگيءَ
لاءِ نه آيو آهي پر هو پورهيو ۽ مزدوري ڪري ٿو. ۽ آمريڪا يا يورپي ملڪن ۾ پورهيو يا
نوڪري ڪرڻ سولو ڪم ناهي. ها البت ڪجهه اهڙا ماڻهو ضرور آهن، جن جي زندگيءَ جو مقصد
ئي شراب پيئڻ آهي. اهي ماڻهو آمريڪا ۾ ڄمي رهڻ بدران پنهنجي وطن موٽي اچن ٿا ۽ پنهنجن
ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ته هو آمريڪا جا شهري آهن، فخر سان شراب پيئن ٿا. هيوسٽن ۾ رهندڙ
نوابشاهه جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته، اهڙن ڪارين رڍن ۾ (جيڪي ٻين کي بدنام ڪن ٿا) گهڻائي
انهن جي آهي، جيڪي تعليم يافته نه آهن، هنن کي سندن قابليت تي آمريڪي شهريت نه ملي
آهي پر پورٽوريڪن يا حبشي عورتن سان پيپر مئريج ڪري گرين ڪارڊ ۽ پاسپورٽ حاصل ڪيو آهي.
اهڙا ماڻهو اهڙي طرح ڪيل شاديون ۽ بعد ۾ انهن حبشاڻين مان جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ نفسياتي
مريض ٿيو پون. واپس وطن اچڻ تي ٻهڪيل ٻهڪيل ڳالهيون ڪن ٿا. جڏهن ريمن ڊيوس نالي آمريڪن
پاڪستان ۾ ٻن ڀائرن جو خون ڪري ڀڄي وڃڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، ته غريب پاڪستانين کي اهو
ميسيج مليو ته، آمريڪي پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو طاقتور شئي آهي، بقول اسان جي دانشور دوست
ڊاڪٽر جوڻيجو جي، آمريڪا مان نڪتل اسان جا ڪيترا ماڻهو هر ڳالهه ۾ رعب رکڻ لاءِ اڄڪلهه
اهو چوندي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته، ”اسان وڏا خوني آهيون. اسان ٻه قتل ڪري چڪا آهيون.... وغيره“
جيئن سندن مائٽ ۽ ڳوٺائي هنن کان خوف کائين ۽ هنن جي ڪيل ڪرتوتن تي تنقيد نه ڪن .
ان قسم جا ماڻهو، آمريڪا جو پاسپورٽ رکندڙ اهو سمجھن ٿا ته، هنن کي آمريڪا
جو پاسپورٽ ڇا مليل آهي، هنن کي هر ڏوهه کان بخشش آهي. اسانجي ملڪ ۾ قانون جي کڻي ايڏي
حڪمراني ناهي پر اهڙو به ڪو انڌير ناهي. بقول سنڌي پهاڪي جي، ”سنڌ ڪا گدڙن نه کاڌي
آهي.“ بهرحال اهو مٿيون مثال مونکي اڄ ئي ڌيان ۾ اچي ويو، جڏهن ڪراچيءَ ۾ هڪ ان قسم
جو آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ اسانجو ديسي ماڻهو رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ شراب ۾ ڌت ٿي گاڏي
پئي هلائي ۽ ٻئي کي ٽڪر هڻڻ تي ان کان معافي وٺڻ بدران هن کي دڙڪا ڏئي رهيو هو ته،
سندس پوليس به نالو نٿي وٺي سگهي، جو هو آمريڪي شهري آهي. دل ۾ مون سوچيو ته، هو عجيب
خوشفهميءَ ۾ آهي. هو سمجھي ٿو ته، هو ڪو اڪيلو آمريڪن آهي. هتي ته ڪراچيءَ جو اڌ شهر
آمريڪن، ڪئناڊين، آسٽريلين آهي يا برٽش ۽ بقول واشنگٽن ۾ رهندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ تعليم
يافته ۽ خير جا ڪم ڪندڙ سائين علي نواز ميمڻ جي، اهڙن ماڻهن جي انهن ڪرتوتن جي ڪري،
آمريڪا توڙي ڪئناڊا ۾ ايندڙ اسان جا نوان هم وطني روزگار يا شهريت حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي
محسوس ڪن ٿا.
No comments:
Post a Comment