رعب تاب ۾ دٻيل سنڌ
امر لغاري
گڊو مان شڪارپور ايندي مون پنهنجن ڪن مهربانن کي فون ذريعي پيغام موڪليو
ته مون کي سکر جي ڪنهن صاف سٿري هوٽل جو ڏس پتو ڏين ته جيئن صبح جو لاڙڪاڻي ويندي رات
آرام سان ڪٽي سگھجي. دوستن ٻن ٽن هوٽلن ۽ ٻن ٽن گيسٽ هائوسز جو ڏس پتو ٻڌايو، جن مان
اسان ٻن چار کي ڏسي بريز گيسٽ هائوس جي چونڊ ڪئي. سامان سڙو رکي سوچيوسين ته هلڪو شهر
کي چڪر ڏجي. انهيءَ خيال سان اتان ٻاهر نڪري آياسين. جيتوڻيڪ اسان شهر جي پوش علائقي،
ايئرپورٽ روڊ کان ٿي آءِ بي اي سکر ۽ نادرا آفيس وارو روڊ ورتوسين، جيڪو سکر جي وڏن
بنگلن واري سوسائٽيءَ مان ٿي شهر ڏي اچي ٿو. انهي ئي سوسائٽيءَ ۾ بنگلن نما هوٽلن
۽ گيسٽ هائوسز جي ڀرمار آهي. مسافرن جي ريل پيل، بارگينگ ۽ طرح طرح جي ايئر ريفريشرز
جي خوشبوءَ هتي هر اچڻ ۽ وڃڻ واري جي استقبال لاءِ ۲۴ ڪلاڪ موجود آهي. مان پنهنجي دوست ساٿي استاد نظاماڻيءَ کان ڄاڻڻ گھريو
ته سکر جهڙي شهر ۾ اهي ايترا گيسٽ هائوسز ۽ هوٽل ڪنهن جي لاءِ ٺهيا آهن؟ جواب ۾ ڪجھه
دير، استاد کي به خبر ناهي ته ان جو راز ڇا هي؟ هڪ ڳالهه سمجھه ۾ اچي ٿي ته انهن گسٽ
هائوسز جو نمونو ڏسي ايئن لڳي ٿو هي درجنين ڪروڙ پتي يا ارب پتي پنهنجن بنگلن کي ڪرائي
تي ڏئي يا پاڻ خود گيسٽ هائوس ڪري پيا هلائين ۽ پاڻ ڪنهن ٻئي پاسي پيا رهن. اسان جي
ذهنن ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته انهن وٽ ايتري دولت ڪٿان آئي آهي جو اهڙا لگزري بنگلا ڇڏي
پاڻ ٻين اهڙن بنگلن ۾ پيا رهن؟ باقي مون کي قطعي ايئن نٿو لڳي ته جنهن طرز ۽ انداز
جا اهي بنگلا ٺهيل آهن، انهن جا ڌڻي ڪن فليٽن يا عام ٻن ٽن ڪمرن وارن گھرن ۾ رهي سگهندا
هجن! مون استاد جي جواب جو انتظار پئي ڪيو، منهنجي ذهن تي اچانڪ ۲۰۱۰ع واري ٻوڏ جو مظرنامو تري آيو. سکر اتر سنڌ جو ٻوڏ
جي حوالي سان ان وقت محفوظ ترين هنڌ هو. اتي جن ايڊ ايجنسين، اين جي اوز، ٽرسٽن جي
ڀرمار ٿي انهن يقينن اهڙي ضرورت پيدا ڪئي هوندي جو بنگلن جا مالڪ ڊالر ۽ بي انتها پئسو
ڏسي هرکجي پيا هوندا. هونئن به چوندا آهن ته پئسو پئسي کي ڪمائي، ان ڪري اها سوسائٽي
ايئرپورٽ کي ويجھو هوندي انهن ايڊ ايجنسين، ملازمن ۽ ورڪرن لاءِ نهايت موزون جاءِ هئي.
اتر سنڌ جي ڀوتارڪي ڪلچر کان گھڻو نه سهي پر ڪنهن حد تائين اربن ڏيک ڏيندڙ هي سکر شهر
وري به ٻاهرئين ماڻهن لاءِ محفوظ ترين جاءِ هئي. سکر مان شڪارپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور وڃجي
يا لاڙڪاڻو، قمبر- شهدادڪوٽ، خيرپور ۽ نوشهروفيروز اچجي يا مورو دادو ڏانهن اسهجي.
گھوٽڪي- رحيم يار خان ڏانهن رخ رکجي يا ٺل- جيڪب آباد ڏانهن روانو ٿجي، سکر وري به
مرڪز مائل قوت جي حيثيت رکي ٿو، پر هڪڙي ڳالهه اسان کي حيران ڪري وڌو ته انهي ساڳي
سوسائٽيءَ جا روڊ رستا، خود آءِ بي اي وارو رستو، جيڪو مين شهر ۾ داخل ٿئي ٿو، ڪِن
سان ڀريل ۽ گٽرن جي پاڻيءَ سان تر ٿيل نظر آيا.
مون کي ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور پڻ وڃڻ جو تجربو ٿي چڪو هو. اسان گڊو ڏي
ويندي شڪارپور مان گذريا هئاسون. شڪارپور ۾ داخل ٿيندي ئي مون کي ايئن لڳو ڄڻ ته مان
ڪِن ۽ روڊن رستن جي خسته حالي جي حوالي سان مشهور يعني بدنام ترين شهر سانگھڙ پهچي
ويو هجان. مون استاد کي چيو، ”يار، پاڻ ڪٿي سانگھڙ ته نه پهچي ويا آهيون؟“
شڪارپور مان منهنجو پهريون ڀيرو گذر ٿيو هو. منهنجي ذهن ۾ شڪارپور جي
تاريخ تي لکيل ڪيئي ڪتاب هئا. شيخ اياز جون يادگيريون، سائين انور فگار هڪڙي جا لکيل
مقالا ۽ ٻيا هندن ۽ انگريزن جا لکيل ڪيئي ڪتاب. پر انهن سڀنيءَ کان وڌيڪ اهو ته شڪارپور
کي ڪنهن زماني ۾ سنڌ جو پئرس سڏيو ويو. شهر کي ڏسڻ سان ئي مون کي حيرت وٺي وئي جو اسان
جي سانگھڙ جا ڪجھه مهربان سياستدان پڻ چوندا آيا هئا ته هنن جي حڪومت آئي ته هو سانگھڙ
کي پئرس بنائي ڇڏيندا. محمد خان جوڻيجي کان آصف زرداريءَ تائين وارا اقتداري سال گڏجي
به سانگھڙ کي پئرس ٺاهي نه سگھيا! پوءِ اهو شڪارپور ماضيءَ ۾ پئرس ڪيئن بڻيو؟ پئرس
هو به سهي يا اسان سنڌي ماڻهو چئن وڻن، ٻن بنگلن ۽ ٻن ٽن روڊن رستن کي صاف سٿرو ڏسي
چئون ٿا ته هاڻ اهو پئرس ٿي ويو آ.
بهرحال شهر مان گذرندي مون کي ڏاڍي ڦڪائي ٿي. اسان کي شڪارپور مان گذرندي
پنهنجي هڪ دوست رمضان راهيءَ سان به ملڻ جو اتفاق ٿيو. سنڌيءَ ۾ تمام ٿورن سٺن رسالن
ڪڍڻ واران ۾ هِن رمضان راهيءَ جو شمار پڻ ٿئي ٿو. رمضان سان گڏجي ماني پڻ کاڌي سين
۽ پوءِ هن اسان کي سائين خليل مورياڻيءَ سان ملايو جو سڏ پنڌ تي ئي پنهنجي ننڍڙي آشياني
۾ رهندڙ هو. سائين مورياڻي صاحب پنهنجي ضعيف العمريءَ جي باوجود لکڻ پڙهڻ جي ڪم سان
جنبيل هو. تازو ئي مرتب ڪيل هن جا ٻه ڪتاب اسان تائين پهتل هئا. شڪارپور جي تاريخ
۽ ڳالهيون نعمت ڀاءُ جون. هڪ ڪتاب جو ڇپجڻ وارو هو، اهو ٿر جي سفرنامن تي ٻڌل ”ٿر
۾ ڪهڙا ٿاڪ“ هو. مورياڻي جا ٻه ٻيا ڪتاب به مارڪيٽ ۾ موجود آهن، جن مان هڪ ”موئن جو
دڙو“ ۽ ٻيون ”شڪارپور، سونهن جو شهر“ آهي. مورياڻي ٻڌايو ته هن جي طبيعت ڪجھه وقت لاءِ
ٺيڪ نه هئي، ان ڪري ڪجھه ڏينهن تائين هو ڪو ڪم ڪري نه سگھيو هو. مون ڏٺو ته هن جي چهري
۽ هٿن تي ٿوٿر نمايان هئي، پر علم ۽ ادب جي خدمت لاءِ هن جي جستجو قابل تحسين هئي.
ڳالهه سنڌ جي شهرن جي خسته حاليءَ جي پئي هلي ۽ ڳالهه سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ
انهن ڪروڙ پتي ۽ ارب پتي ماڻهن جي پئي هلي، جن انهيءَ خسته حاليءَ ۾ ميخون هڻي ڇڏيون
آهن. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته اها ويڌن سنڌ جي ڪنهن هڪ شهر سان ناهي، بلڪه سنڌ جي هر شهر
سان ساڳي جٺ ٿيل آهي. ڳالهه برحق هئي. شڪارپور کان اڳتي جڏهن ڪنڌڪوٽ- ڪشمور ڏانهن نڪتاسين
ته سنگت تاڪيد ڪئي ته فلاڻي ٿاڻي کان فلاڻي ٿاڻي جي حد مان ۱۲۰ جي اسپيڊ ۾ گذرجو ۽ ڪٿي به
نه بيهجو، جو ان ٿاڻي جي حد ۾ پوليس خود توهان کي اغوا ڪرائيندي يا ڦرائيندي. ڀوتارڪي
سنڌ جي مرڪز ڪنڌڪوٽ وٽان ڪشمور مان گذر ٿيو. سنڌي شاعري توڻي اصلاحن ۾ ڪشمور جو ذڪر
اڪثر ٿيندو رهندو آهي، پر ان شهر کي جيڪو اکين سان ڏسي هوند نالو وٺڻ ڇڏي ڏئي. هن شهر
جي گهٽين، روڊن رستن ۽ ٻئي اسٽرڪچر جو به ساڳيو حال آهي. سنڌ جي ڀوتارن ۽ سردارن جي
اليڪشني ۽ ڪليشني سياست ۽ رعب تاب ۾ دٻيل سنڌ جا اهي شهر هاڻ موئن جي دڙي جو ڏيک ڏين
ٿا. ماڻهو جھيڙن ۽ بکيڙن ۾ ڦاٿل آهن. زر، زن ۽ زمين جا مالڪ اهي اليڪشني آقا ئي آهن.
سنڌ جا شهر پئرس ته شايد ۲۰۰۰
سال بعد ۾ ٿين، جي انهن ۾
رهندي ۽ انهن مان گذرندي ڪو پنهنجا ڦڦڙ، جگر ۽ گردا بچائي اڳتي وڌي ويو ته انهيءَ لک
کٽيو.
No comments:
Post a Comment