Monday, January 13, 2014

ڳوٺ ويندي استنبول جو چڪر - عبدالله مورائي

ڳوٺ ويندي استنبول جو چڪر
عبدالله مورائي
استنبول استنبول- مون کي لڳو ڄڻ آئون جڳ مشهور ريل گاڏي اوريئنٽ ايڪسپريس (Orient Experience) ۾ آهيان ۽ ريل گاڏي جو ڪنڊيڪٽر (Conductor) مون سميت سڀني مسافرن کي استنبول (Istanbul) اچڻ جو اطلاع ڏيندو هجي. گهريءَ ننڊ مان سجاڳي ٿي ته، اوريئنٽ ايڪسپريس (Orient Express) ۽ نه ئي ڪو ڪنڊيڪٽر، بلڪ سامهون ترڪش ايئرلائينز (Turkish Air lines) جي هڪ سهڻي ايئرهوسٽس (Air hostess) استنبول اچڻ جو اطلاع ڏئي رهي هئي ۽ مون کي به هدايت ڪيائين ته سيٽ بيلٽ (Seat Belt) ٻڌي پنهنجي پاڻ کي قابو ڪر ۽ سڌو ٿي ويهه. جهاز استنبول جي عطا ترڪ هوائي اڏي تي لهڻ جا سانباها ڪري رهيو هيو. آئون اسٽاڪهوم کان ڳوٺ، وايه استنبول، اچي رهيو هيس. منهنجو دوست، عالم صديقي به مون سان گڏ هيو. اوريئنٽ ايڪسپريس ۾ سفر ڪرڻ جو خواب اڃا خواب ئي رهجي ويو. آئون به سڌو ٿي ويهي رهيس ۽ انتظار ڪرڻ لڳس.


ڀانت ڀانت جا بي فڪرا سياح استنبول ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ترڪي اڄ به دنيا جي ماڻهن کي متوجه ڪيو بيٺو آهي، جيڪي ملڪ سياحن ۾ سهولتون ڏين ٿا ۽ انهن جو خيال رکن ٿا ته ماڻهو اوڏانهن ڇڪجي وڃن ٿا، ٺڳ ۽ ڳنڍي ڇوڙ هتي به ڏاڍا آهن پر هتي سياحن کي اغوا ڪرڻ يا مارڻ وارو سلسلو ڪو نه آهي. هتي ڪلبون به آهن ته مسجدون به آهن، جنهن کي جيڏانهن وڻي اوڏانهن هليو وڃي، ڪا رنڊ روڪ نه آهي، استنبول ۾ پيسي جي ڏيتي ليتي مهل ٿورو غور ۽ خيال ڪرڻو پوي ٿو نه ته ماڻهو ٺڳجي سگهي ٿو ۽ آئون اتي ٺڳجي ويس.
سائين ٿيو ائين جو ٽوپ ڪاپي (Top copi) وارو عجائب گهر ڏسي ٻاهر آياسين ته خيال ٿيو ته هن عجائب گهر جي باري ۾ ڪجهه ڪتاب وٺان. هڪ گهورڙئي سان قيمت وغيره ڳالهائي پنج کن ڪتاب ورتم. پئسا کليا ڪو نه هيا سو ٻڌو نوٽ ڏيڻو پئجي ويو ۽ همراهه بقايا پئسا ڪتابن سان گڏ ڏنا ۽ اسان اتان روانا ٿياسين، ٿوري ئي دير کانپوءِ خيال ٿيو ته ڪاشيءِ وٺي کائجي، کڻي جو ڏسان ته پئسا لڀن ئي ڪو نه. بهرحال بچاءَ ٿي ويو گهڻو نقصان ڪو نه ٿيو، همراهه ٽيهه کن يورو (Euros) جي ڏهاڙي هڻي ويو.
ٺڳن جي ڳالهه نڪتي آهي ته هيءَ قصو به لکڻ وٽان آهي. مون ۽ عالم هڪ رات سوچيو ته هلي ٿا ڪنهن ڪلب ۾ ويهي ناچ گانو ڏسون ۽ ٻڌون. سلطان احمد واري علائقي کان ٽئڪسي ڪرائي اچي تڪسيم (Takseem) واري علائقي ۾ پهتاسين ته کٽي کنيو ۽ دلالن جي ور چڙهي وياسين. دلالن وڏي عزت سان وٺي وڃي هڪ ڪلب ۾ پڄايو ۽ پنهنجي ڪميشن وٺي رمندا رهيا.
اڃا ويٺي پنج منٽ به ڪو نه گذريا هوندا جو ٻه نوجوان ڇوڪريون جن جو تعلق رومانيا سان هو اچي ڀر ۾ ويٺيون ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيائون ۽ بيرو به سامان اسان جي ٽيبل تي رکندو ويو ۽ مٿان ڇوڪرين به پنهنجا آرڊر ڏيڻ شروع ڪيا. آئون سمجهي ويس ته هتي گڙٻڙ آهي. مون سڌو ڇوڪريءَ کي چيو ته مون کي تنهنجي ساٿ جي ضرورت نه آهي ۽ تون وڃي سگهين ٿي پر سائين ڇوڪري نه اٿي ۽ ان کان اڳ جو بيرو سندس آرڊر کڻي اچي مان اٿي کڙو ٿيس ۽ پاڻ واري دوست عالم کي به چيم ته پيارا خيال ڪجان. بهرحال همراهه ڇوڪرين سان ڪچهريءَ ۾ لڳو پيو هيو ۽ ڇوڪرين به وتن پيون آرڊر جي مٿان آرڊر ڏينديون. ڪلاڪ کن کانپوءِ همراهه ايس ايم ايس ڪيو ته يار مون وٽ اچ هتي گڙٻڙ ٿي آهي آئون به وٽس جلدي پهچي ويس. ڪلب وارن همراهه جو تقريبن پنج ڇهه سئو ڊالرن جو بل ڪڍيو هيو ۽ ڇوڪريون وري ٻين ٽيبلن تي نون شڪارن کي ڦاسائي ويٺيون هيون. پاڻ واري يار ٽي سئو ڊالر ڏئي جان ڇڏائي.
بهرحال جتي ٺڳ ۽ خراب ماڻهو آهن اتي تمام پيارا ۽ مددگار ماڻهو به ڀريا پيا آهن. هونئن به ٽيڪسي ڊرائيور، هوٽلن وارا يا اهي ماڻهو جن جو واسطو سڌو سنئون ٻاهرين ملڪن جي سياحن سان آهي، انهن جي ڀيٽ عام ماڻهن سان ڪرڻ صحيح نه آهي. ٻئي ڏينهن مون پنهنجي هڪ ترڪش دوست گليزار (Gulizar) کي سڄو قصو ٻڌايو ۽ پاڻ ڏاڍو کلي ۽ چيائين ته تو واري دوست کي رات ننڊ نه آئي هوندي ۽ اها حقيقت هئي، همراهه ڦرجڻ کانپوءِ موڳو ٿيو پيو هيو.
ترڪي جا ماڻهو پاڻ سنڌين وانگر مهمان نواز به واهه جا آهن، گليزار پنهنجي مصروفيت مان هڪ سڄو ڏينهن مون کي استنبول گهمائڻ لاءِ ڪڍيو هيو. پهريان هوءَ مون کي هڪ اهڙي ڪيفيٽريا تي وٺي وئي جتان آيو صوفيه ۽ سلطان اه۾د مسجد (Blue Mosque) جو نظارو تمام صاف ۽ کليل نظر اچي رهيو هيو. ترڪش ڪافي ڏاڍي Strong هئي پر مجبوريءَ ۾ پيئڻي پئجي ويئي. هتي کاڌا به تمام گهڻن قسمن جا آهن، ماڻهو منجهيو پوي ته ڇا کائجي، ڀلو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن ڪو اتان جو لوڪل دوست گڏ هجي، مسئلو حل ٿيو پوي پر ڪڏهن ڪڏهن نالي جي مٽاسٽا واري ڳالهه به ٿيو وڃي. هڪ هنڌ سوپ پيئڻ لاءِ ويٺاسين، گليزار پڇيو ته کنڀين جو سوپ پيئندي يا ٻيو جنهن جو نالو مون کان وسري ويو آهي، مون به اهو سوچيو ته کنڀيون ته پاڻ اسٽاڪهوم ۾ جام پيا کائون، سوچيومانس ته ٻئي قسم وارو سوپ پيئندس. جڏهن همراهه سوپ جو پيالو ڀري کڻي آيو ته اها مسور جي دال هئي. بهرحال دال به پنهنجي پسنديده آهي سو ڏاڍو سوپ پي وري نڪتاسين گهمڻ لاءِ. استنبول جي گرانڊ بازار (Grand Bazaar) به گهمڻ وٽان آهي، نئين ماڻهو لاءِ اهو ڏکيو آهي ته هو جنهن دروازي کان اندر وڃي ته اتان ئي واپس ٻاهر نڪري سگهي. اندر گهڙڻ کانپوءِ مون پنهنجو پاڻ کي ڪنهن الف ليليٰ جي طلسماتي بازار ۾ محسوس ڪيو. ننڍا وڏا دڪان ترتيب سان سينگاريل هيا، هر دڪان تي ماڻهو چاهي ته ڪلاڪ بيٺو رهي. هر شيءِ وٺڻ چاهي، اگهه به پٺاڻن جيان پنج هزار ٻڌائي پنج سون ۾ ڏيڻ لاءِ راضي.
گرانڊ بازار ۾ تقريبن سٺ جي لڳ ڀڳ مختلف گهٽيون آهن ۽ هڪ اندازي مطابق پنج هزار دڪان اٿس، سڄي جي سڄي بازار ڍڪيل آهي. هر اندر ويندڙ مائي يا مرد کي تلاشيءَ کانپوءِ اندر ڇڏين ٿا. آئون جيڪڏهن وري استنبول ويس ته اها گرانڊ بازار ئي هوندي جيڪا مون کي ڇڪي وري اتان جا گهٽ گهيڙ ڏيکاريندي.
تيرنهن ملين ماڻهن جي هن شهر ۾ جن مان هر ڏهن ماڻهن مان ٽن چئن جو نالو مصطفيٰ هوندو. نوانوي آبادي مسلمان آهي پر پاڻ ۾ مذهبي ڳالهين تي جهيڙو ڪو نه اٿن. نماز جي وقت هر پاسي آذان ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. گهڻا مسلمانن جي سياح ڪوشش ڪندا آهن ته سلطان احمد مسجد جمعي واري ڏينهن نماز پڙهڻ سان گڏوگڏ مفت ۾ گهمي به وٺجي. باقي آيا صوفيه مسجد، جيڪو پهريان ته چرچ هيو پر مسجد ۽ هاڻي ميوزيم ۾ بدلجي ويو آهي سو ٻين کانسواءِ گهمڻ ناممڪن آهي. بهرحال آئون به ان آسري تي ته ڪڏهن نه ڪڏهن ته اتي به نماز پڙهائيندا ته پوءِ گهمي وٺبو سو سندس ٻاهرين دروازي کي هٿ لائي موٽي آيس.
هتي به دنيا جي ٻين گهڻن ملڪن وانگر زمين اندر هلندڙ ريل گاڏي اتان جي ماڻهن کي سهولت ڏيڻ لاءِ روان دوان آهي، هتي جي هيءَ ريل گاڏي دنيا جي ٽيون نمبر پراڻي ريل گاڏي آهي جيڪا 1875 ۾ ٺهي تيار ٿي. پاڻ وٽ به زمين اندر هلندڙ ريل گاڏين جي سخت ضرورت آهي پر سائين ڪري ڪير، مال سڄي جو سڄو پنهنجي ملڪيت وڌائڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، عام ماڻهو ڀلي پيا خانگي بسن ۾ ڌڪا کائن ۽ ٽرانسپورٽ مافيا جي هٿان بليڪ ميل ٿين. هتي ٽرامون به عام جام هلن ٿيون ۽ گڏوگڏ بسن جي سهولت به هر وقت آهي. هتي جيڪي سياح اچن ٿا اهي هتان جي مشهور ترڪش باٿ ۾ وڃڻ ڄڻ فرض ٿا سمجهن. هنن باٿن ۾ سڀ کان پهريان هڪ همراهه مساج ڪري ٿو ۽ پوءِ توهان کي وهنجاري ٿو، سڄي عمل کان ماڻهو پاڻ کي هلڪو ۽ ڏاڍو فريش محسوس ڪري ٿو، عورتن واري پاسي به اهو ئي عمل ضرور هوندو باقي اها خبر خدا کي ته انهن عورتن کي مساج ڪير ٿو ڪري.

چون ٿا ته جيڪو استنبول اچي ۽ اسٽيمر ۾ چڙهي باسفورس (Basphorous) جو چڪر نه هڻي ته ڄڻ اهو استنبول آيو ئي ڪو نه، سو مان به ڪو نه چڙهي سگهيس، سو معنيٰ هڪ دفعو وري استنبول ضرور وڃبو ۽ پنهنجي اچڻ جي تصديق اسٽيمر ۾ چڙهي ڪبي. انسان مڙئي ساڳيا ڀلي اهي پنهنجي ديس جا هجن يا ٻين ملڪن جا، هر هنڌ احساس ساڳيا آهن. هتي استنبول ۾ به مون کي عورتون پنهنجن ڳلن تي ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسڻ ۾ آيون. خوشيون، غمگينيون، وفائون ۽ ڌوڪا هر هنڌ آهن اهو ڀلي پوءِ ترقي يافته ملڪ هجي يا ترقي ڏانهن وڌندڙ ملڪ، انسان اتي کلن به ٿا ته روئن به ٿا، جذباتي به ٿين ٿا ته خاموش تماشائي به.

No comments:

Post a Comment