دُنيا جا وشال ساگرَ ۽ ڪنارن تي آباد قومن جي سمنڊ شناسي
عبدالحي پليجو
پئسفڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڪنارو آمريڪا جي ڪارڊيليران جابلو سلسلي Cordilleran mountain system سان وابسته آهي.
هِي جابلو سلسلو اُتر ۾ الاسڪا تائين پکڙيل آهي. سندس سر اتر ۽ سر ڏکڻ وارن پهاڙي ڪنارن
کي ڇڏي، باقي سمورو ساحل هڪ ساريڪو آهي، انهيءَ جي ابتڙ سندس الهندو يعني ايشيا وارو
ساحل بناوٽ ۾ هڪ ساريڪو يعني ريگيولر ڪونهي. پئسفڪ وڏي سمنڊ جي هن اُلهندي ساحل يعني
ايشيا واري ڀاڱي سان هن کنڊ جا ڪيترا ئي علاقائي سمنڊ ڳنڍيل آهن، جهڙوڪ جاپاني سمنڊ،
پِيلو سمنڊ، اُڀرندو چِيني سمنڊ ۽ ڏکڻ چِيني سمنڊ وغيره. اوڀر ايشيا جي مشهور وڏين
ندين مثلن، آمر AMUR يا آمون درياهه يانگزي ندي، سبچيانگ ندي ۽ ميڪانگ ندين جو پاڻي مذڪوره
ڳنڍيل علائقائي سمنڊ معرفت اڻسڌيءَ طرح پئسفڪ
سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو.
پئسفڪ وڏي سمنڊ کي ماحولياتي لحاط کان ٽن ڀاڱن (۱) اڀرندو (۲) اُلهندو (۳) وچئين ڀاڱي ۾ ورهائي سگهجي ٿو. پئسفڪ سمنڊ جو اُڀرندو ڀاڱو، جيڪو الاسڪا
کان فيوگو تائين پکڙيل آهي، اهو اولهه آمريڪا جي ڪارڊيليران جابلو سلسلي سان وابسته
آهي، هن ڀاڱي ۾ ساحلي ٽڪريون ڪافي حد تائين اُڀيون آهن، هن ساحل وارو ڪانٽينٽل ٿسيلف
سوڙهو نسبتاً اُڀ ڪپرو ۽ پُور وڇوٽ آهي، هن ڀاڱي جي اُترئين حصي ۾ اڪيپلڪو Acapulco ۽ گوئيٽي مالا واريون کاهيون نمايان آهن، سندس ڏاکڻي حصي ۾ مکيه کاهي
پيرو ۽ چلي واري ٽرينڇ آهي. پئسفڪ سمنڊ جو اُلهندو ڀاڱو ڌرتيءَ جي پهرئين تَهه جي شاهي
۽ نسبتاً پائيدار حصي تي مشتمل آهي. هن ڀاڱي ۾ سمنڊ جي عمومي گهرائي ۱۵۰۰۰ فوٽ آهي، پئسفڪ سمنڊ جي اُلهندي
ڀاڱي جي سامونڊي بائونڊري ڪيترين ئي سامونڊي کاهين تي مشتمل آهي، جيڪي هڪٻئي کان پري
۽ غير واسطيدار آهن. هن ڀاڱي جي اُترئين حصي ۾ اليوٽين کاهي مشهور آهي، هن ڀاڱي جي
ڏکڻ ۾ وري ڪيتريون ٻيون به کاهيون، جهڙوڪ ڪُرل، جاپان، ٽُنگا ۽ ڪرماڊيڪ کاهيون موجود
آهن، سمنڊ جو هِي ڀاڱو بناوٽ ۾ ٻين ڀاڱن کان وڌيڪ پيچيده آهي، هن ڀاڱي جي تقريباً سمورن
جزيرن جي وچ ۾ وڏيون کاهيون موجود آهن، جزيرن جي بناوٽ اُڀ ڪپري آهي. سندن سطح سنوت
وارو ۽ تراکڙو آهي، جنهن جزيزن جي ڪنارن سان ڪيترائي علائقائي سمنڊ آهن.
هن مهان ساگر ۾ ترائين، کاهين زيرِ آب ٽڪرين ۽ پهاڙي جزيرن جو تعداد پڻ
تمام گهڻو آهي، ڪوڪوز نالي زيرِ آب پهاڙي سلسلو اُڀرندي پئسفڪ ڀاڱي ۾ گيلا پيگوز جزيرن
تائين پکڙيل آهي، هنن جزيرن جي ڏکڻ اولهه ۾ اوڀر پئسفڪ واري وڏي ترائي موجود آهي، هن
ترائي ۽ ڏکڻ اولهه واري ترائيءَ جي وچ ۾ پئسفڪ اينٽارڪٽڪ رج نالي زيرِ آب پهاڙي سلسلو
موجود آهي، نيوزيلينڊ ۽ اوڀر آسٽريليا جي وچ ۾ ميڪئري رج زيرِ آب پهاڙي سلسلو آهي،
هِي پاڻيءَ ۾ لڪل پهاڙي سلسلو پئسفڪ سمنڊ ۾ هندي سمنڊ جي سرحد طور ڳڻيو وڃي ٿو، اُلهندي
پئسفڪ ڀاڱي ۾ هِي زيرِ آب پهاڙي سلسلو جهڙوڪر چوطرف پکڙيل آهي. ساڳيءَ طرح ڪُرلس، بونن،
مريا ناز، ياپ، پاتو، بسمارڪ، سولومنس ۽ سانتا ڪروز زيرِ آب پهاڙيون پڻ هن اُڀرندي پئسفڪ ڀاڱي ۾ موجود
آهن، هنن زيرِ آب پهاڙي سلسلن مان سيمون، ٽونگا، ڪرمانڊيڪ ۽ ميڪئري نالي جزيزا ڦُٽي
نڪتل آهن. اولهه پئسفڪ ۾ اليوٽين، ڪُرلس، تائيوان، فلپينس، انڊونيشيا ۽ نيوزيلينڊ پکيڙ
۾ وڏا هئڻ ڪري کنڊن جهڙا يعني خالص خُشڪ علائقا ڀانئجن ٿا. هنن جزيرن ۾ ڀر وارن ساحلي
پهاڙيءَ جا اهڃاڻ به موجود آهن.
علم الارضيات جي مفروضن موجب، اُتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي کنڊن جو مٿاڇرو يعني مٿين سطح نه فقط
اوڀر پئسفڪ جي تَري تي پاڻيءَ وانگر مٿان چڙهي ويل ڀانئجي ٿي، پر هن سمنڊ جي سموري
تَري تي آمريڪي کنڊن جو اهو مٿيون تهه چڙهيل لڳي ٿو. فضائي طور تي هن سمنڊ جي سطح
۾ ماٺار سبب هوائي داٻ وڌڻ لڳي ٿو، اهو اصول پوري ڌرتيءَ جي فِضائي ڪيفيت سان لاڳو
آهي، ڏکڻ ۽ اوڀر پئسفڪ ڀاڱي ۾ هلندڙ تيز تجارتي
هوائون پڻ ٻين سمنڊن ۾ هلندڙ تجارتي هوائن سان فضائي مماثلت رکن ٿيون. البت اولهه
۽ اوڀر ڀاڱن ۾ ساڳئي ويڪرائي ڦاڪ تي هلندڙ هوائن جي رفتار ۾ فرق آهي. پئسفڪ سمنڊ ۾
هلندڙ تجارتي هوائن جو دارو مدار اوڀر خطِ استوائي هوائن جي گهيري ۽ چڪرن تي آهي، اوڀر
پئسفڪ ڀاڱي واريون هوائون تجارتي هوائون خشڪيءَ ڏانهن ٿڌيون هيرون موڪلين ٿيون، پئسفڪ
سمنڊ ۾ لڳندڙ تجارتي هوائن جي سراسري رفتار ۱۳
ناٽيڪل ميل آهي، فضائي ڪيفيت
تقريبن سُٺي رهي ٿي ۽ جزوي طور هلڪن ڪڪرن جا ننڍا ننڍا ميڙ پڻ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن موجود هجن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن هنن تجارتي هوائن جي عرصي دوران سخت ڀيانڪ طوفان پڻ برپا ٿي
پوندا آهن، اولهه پئسفڪ سمنڊ ۾ لڳندڙ هن قسم جي طوفانن کي ٽائيفون Typhoon سڏيندا آهن. سامونڊي
پاڻيءَ جي وهڪرن جو دارومدار پاڻيءَ ۾ لُوڻ جي مقدار ۾ گرميءَ جي درجي تي هوندو آهي،
سمنڊ جي تري تي پاڻي تمام گهاٽو ۽ مٿئين سطح تي تمام ڇِڊو ٿيندو آهي، انهيءَ صورتحال
جو مکيه سبب گرميءَ جو درجو ٿئي ٿو، جنهن ڪري تَري ۾ پاڻي تمام ٿڌو هئڻ سبب تمام گهاٽو
هوندو آهي، ۽ مٿاڇري تي اهو گرم ۽ ڇِڊو هوندو آهي. خطِ استوائي پٽيءَ ۾ تجارتي هوائن
وارن ڀاڱن جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ ۾ لُوڻ جو مقدار نسبتاً گهٽ هوندو آهي، پئسفڪ سمنڊ ۾ آبي
حيات، مڇيون توڙي وڏي ۾ وڏا مڇ به موجود آهن، اُتي اوڀر پئسفڪ سمنڊ جا اسڪينا فريسر
۽ ڪولمبيا ندين جي ڇوڙ وارا علائقا ماهيگيريءَ جا مکيه هنڌ آهن، اُتر اولهه پئسفڪ
۾ وري جاپان ۽ اوخوسٽڪ ڳنڍيل سمنڊن ۾ مڇيءَ جو تمام گهڻو مقدار شڪار ٿئي ٿو.
جاپان پئسفڪ ماهيگيريءَ ۾ سڀني ملڪن کان اڳتي آهي، پئسفڪ سمنڊ جي ڪنارن
تي آباد قبيلن ۽ قومن سمنڊ شناسيءَ جي ڪوشش گهٽ ڪئي، جيتوڻيڪ، انهن ماڻهن پنهنجيون تهذيبون ۽ ثقافتون اُجاگر ۽ روشن ڪيون هيون، نتيجتاً
پئسفڪ سمنڊ جي سڃاڻپ يورپي ماڻهن کي سورهين عيسوي صديءَ دوران مُيسر ٿي، تنهن کانپوءِ
يورپي لوڪن پئسفڪ سمنڊ کي اوڀر جي ملڪن، جن ۾ گرم مصالحن جو تمام وڏو ذخيرو موجود آهي،
اتي پهچڻ لاءِ سولي ذريعي طور استعمال ڪيو، سترهين عيسوي صديءَ ۾ ڊچ جهاز ران ايبل
ٽسمان، تسمانيا، نيوزيلينڊ ۽ فجي جا ٻيٽ ڳولي لڌا، ارڙهين صديءَ ۾ انگريز جهازران جيمس
ڪوڪ فرينچ جهازران لوئس بوگينولي ۽ ٻين پئسفڪ جي ڪوششن سان سموري پئسفڪ سمنڊ جي نسبتاً
صحيح ماپ ڪئي وئي.
No comments:
Post a Comment