Monday, June 15, 2015

ورق ورائيندي حيران ڪُن حقيقتون - فضل سليمان قاضي

ورق ورائيندي حيران ڪُن حقيقتون
فضل سليمان قاضي
بنيادي طور تي پرائمري اسڪول عظيم درسگاهه تصور ڪيو ويندو آهي، جتي شاگرد جي تعليم سان گڏ تربيت جو پڻ آغاز ٿئي ٿو. ڪجهه اسڪول پنهنجي الڳ سڃاڻپ ۽ وصفن جي ڪري تمام گهڻو مشهور ٿيندا آهن. جهڙي طرح انگلينڊ ۾ HARROW and ETON اسڪول مشهور آهن.


موري شهر جو سرڪاري پرائمري اسڪول مقامي طور تي HARROW and ETON جهڙين خاصيتن جو مرڪز هئو. ان اسڪول ۾ ٻه الڳ الڳ جڳهيون هيون، جيڪي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هونديون هيون ۽ منهنجي خيال ۾ ته انهن ۾ پهرئين کان وٺي چوٿين جماعت تائين شاگرد تعليم پرائيندا هئا، جن جا استاد الڳ الڳ هوندا هئا. ماسٽر ڇٽل سرهيو ان وقت اسڪول جو هيڊ ماستر هئو. هو پڙهائيءَ جي دوران تمام چست، چوبند ۽ متحرڪ نظر ايندو هئو. اسڪول جي ڪلاسن جا استاد پنهنجي ڪم ۾ فرض شناسيءَ جي ڪري مشهور هوندا هئا. اسڪول جو آڳر تمام وڏو هوندو هو. ان آڳر جي وچ تي هڪ ننڍڙو پر خوبصورت باغيچو پڻ هوندو هو.
اسڪول کي ٻه دروازا هوندا هئا، جيڪي هڪ وڏي کڏ جي مٿان هوندا هئا. اها کڏ 40 کان 50 فوٽ گهري هوندي هئي. ان کڏ جي وچ ۾ چڪيءَ نمان ڪاٺ جو چڪرو لڳل هوندو هو، جنهن جي اوچائي ان کڏ جيتري هوندي هئي. ٻي پاسي وارو در موري جي شهر واري پاسي ڏانهن کلندو هو، جنهن جي سامهون پوسٽ آفيس جي بلڊنگ هوندي هئي- ۽ ان جي بلڊنگ تمام سهڻي ۽ مضبوط ٺهيل هوندي هئي.
قاضي خاندان جي ماڻهن جي موري ۾ سوين سالن کان سڪونت رهندي پئي آئي آهي. ان ڪري مون پنهنجي والد جي ڪتاب تي لکيل هي ڪتبو پڙهيو هو، جنهن تي لکيل هو ته، Muhammad Sulieman Kazi: Morai، ان ۾ مورائي لفظ روايتي طور تي شناخت جي نشاني ۽ باعث فخر پڻ هو. منهنجي سڪونت ان وقت ”سليمان منزل“ ۾ هئي، جتان مان روز پنڌ اسڪول ۾ ويندو هئس. رستي ۾ هڪ تمام پراڻو ۽ قديمي قبرستان هوندو هو، جيڪو شايد تمام مشهور ماڻهن جو هو. ان کان اڳيان وري هندن جو هڪ وڏو مندر هو. موري واري وڏي کڏ جي مٿان رستو هوندو هو، ان تي کيڙن جي وڏي اوطاق هوندي هئي، ان کڏ مان لنگهي اسڪول پهچبو هو.
مان 1947 ۾ نواب شاهه ۾ ٽيون درجو سنڌي پڙهندو هوس. اهو اسڪول موهني بازار جي پويان واري رستي تي واقع هو. ان جي ٻه ماڙ بلڊنگ هئي، جا ڪنهن ماڻهوءَ جي ذاتي ملڪيت هئي. 14 آگسٽ 1947 تي آزاديءَ جي اعلان جي ڪري سنڌي هندو  تمام گهڻي خوف ۾ وڪوڙيل هئا. هڪ عجيب هيجان جي ڪيفيت هئي. سنڌي هندن لاءِ هن مُلڪ جي آزادي عذاب کان گهٽي ڪانه هئي. انهيءَ دوران مجبورن سنڌي هندو پنهنجو الهه تلهه وڪرو ڪري لڏڻ شروع ڪيو هو. ان وقت حالتون اهڙيون هيون جو موهني بازار ۾ هندن تمام گهڻو سامان وڪري لاءِ آندو هو.
انهن ڏينهن ۾ نواب شاهه جو ڪليڪٽر  مسعود کدرپوش هو. هُن  14 آگسٽ تي نواب شاهه شهر جي چوواٽي مرڪز ۾ جوش ۽ ولولي واري تقرير ڪئي هئي. سندس رويو سنڌ دشمنيءَ وارو هو. هن منصوبو ٺاهي راجا واري ريل، جيڪا هندستان ڏانهن وڃي رهي هئي، ان ۾ ڪافي تعداد ۾ نواب شاهه جا سک ۽ هندو سفر ڪري رهيا هئا، ان کي گاجرا واهه کان اڳتي بيهاري مسافرن جو قتل عام ڪرايو. پر مٿس ڪو به انتظامي قدم نه کنيو ويو.  پاڪستان جي آزادي جو آغاز ائين ٿيو هو.  مسعود جا رشتيدار اوڀر پنجاب ۾ قتل ڪيا ويا هئا، جنهن جو هو بدلو وٺي رهيو هو. پنجاب سان تعلق رکندڙ آفيسر سنڌ کي لٽڻ ۽ ڦرڻ ۾ مصروف هئا. آزاديءَ واري پوري عمل کي هنن پنهنجي ذاتي مفادن طور استعمال ڪيو ۽ اڄ تائين پنهنجي ذاتي مقصدن جي حصول ۾ مشغول رهيا آهن.
چوٿين سنڌي ڪلاس جو ڪمرو کڏ واري پاسي آخري ڪلاس هئو. ان جي هڪ دري هوندي هئي، جنهن جو رخ اسپتال طرف هو.
منهنجو والد قاضي محمد سليمان سنڌ سرڪار جي جانورن جي کاتي ۾ وٽنري سرجن هو. ان ڪري هن جون بدليون ٿينديون رهنديون هيون جهڙوڪ حيدآباد، نواب شاهه، سکر، دادو ۽ ڪراچي. بابا جو چوڻ هوندو هو ته آفيسر جو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ ڏانهن بدلي ٿيڻ ڪو مسئلو نه آهي. منهنجي والد صاحب نوشهري جي مدرسي مان تعليم حاصل ڪئي. سندس قابليت جي ڪري کيس هندستان جي Bombay Veterinary College ۾ اسڪالرشپ ڏني وئي. جتي 4 سالن تائين GBVC ۽ Graduation جو ڪورس ڪاميابي سان مڪمل ڪيو. کيس پنجSilver Medal هر هڪ سبجيڪٽ لاءِ الڳ الڳ ڏنا ويا. والد صاحب ٻڌايو ته کيس ڪاليج ۾ ليڪچرار جو عهدو آڇيو ويو. نوڪري سانگي اسان به گهڻو ڪري والد صاحب سان گڏ رهندا هياسين ۽ تعليم به انهن شهرن ۾ حاصل ڪندا هياسين.
موري شهر ۾ اسان جي رهائش وارو عرصو مختصر رهيو. صرف چوٿون ڪلاس سنڌي موري  مان تعليم حاصل ڪئي. پهريون ۽ ٻيو ڪلاس سنڌي حيدرآباد جي Training College For Men واري بلڊنگ ۾ قائم اسڪول مان پاس ڪيم. ڪلاس شروع ٿيڻ کان اڳ Assembly ٿيندي هئي. ٽيون درجو سنڌي نواب شاهه ۾ ۽ چوٿون درجو موري جي اسڪول ۾ پڙهيس. چوٿون انگريزي کان 7 ڪلاس انگريزي وارو عرصو نور محمد هاءِ اسڪول ۾ رهيو، جتان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان اسڪول ۾ منهنجو عزيز ۽ دوست نذير قاضي ڪلاسي هوندو هو.
موري جي پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ منهنجو ڪلاسي ۽ ماروٽ نذير قاضي پڻ شامل هو، اسان هڪ ٻئي جي تمام ويجها هوندا هياسين. ان ڪلاس ۾ هڪڙو سومرو به هوندو هئو، جنهن جو نالو ياد نه ٿو اچي، ان کي مٿي ۾ گهڻا ڦٽ هوندا هئا. جنهن ڪري هو ڦٽ جي نالي سان مشهور هوندو هو. غلام مصطفي سومرو، حيدر ميمڻ، واحد بخش شيخ پڻ  منهنجا هم ڪلاسي هئا.
غلام مصطفيٰ Sindh Cooperative کاتي ۾ وڏي عهدي تان رٽائر ٿيو. حيدر ميمڻ MBBS ڪئي ڪجهه  وقت ايران ۾ نوڪري ڪيائين. هاڻي خبر ناهي ته ڪٿي آهي. واحد بخش موري جي ڪاليج ۾ پروفيسر هو.
اسان جي ڪلاس جو استاد رستم خان هڪ بهترين استاد هو، خوش طبع ۽ خوش مزاج هو. ڪلاس جي هوم ورڪ ۾  ڪوتاهي قبول نه ڪندو هو. مون کي هن جو تڪيو ڪلام ياد آهي، پاڻ چوندا هئا ته ”مون کي نانيءَ موڪلي آ پائي“. منهنجي خيال ۾ پاڻ کي رستم خان  ان ڪري سڏايائين جو هو علم جو رستم هو. تمام وجاهت وارو ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ هو. روسو جي چوڻ مطابق
He did not come for others; in fact others came for him
رستم خان جهڙو ڪو ورلي استاد هوندو. اسان وٽ قدر شناسي جي کوٽ آهي. رستم خان کي ڪنهن وڏي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيڻ کپندو هو. مون کي رستم خان جي ڪردار Portrait of Elam ياد ڏياري ڇڏيو. هي انگلينڊ جي هڪ وڏي اسڪول ۾  استاد هو. سندس شخصيت ۾ بي پرواهي، علم جي فضيلتن کان واقف ۽ پنهنجي انداز سان شاگردن کي پڙهائيندو هو. هو وقت جو تمام گهڻو پابند هو. ڪلاس ۾ پنهنجي مرضي سان ايندو هو. Elam سان منهنجي سڃاڻپ سنڌ يونيورسٽي B.A (Hons) انگريزي جي نصاب ۾ رکيل ٻن ڪتابن سان ٿي. انهن ڪتابن ۾ Social History of England ۽Through Literature to Life شامل هئا. اهي ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ آءِ قاضي پاران مقرر ڪيا ويا هئا. Through Literature to Life علم جو هڪ وڏو خزانو آهي. گذريل 50 سالن کان ان ڪتاب کي سانڍي رکيو اٿم ۽ وري وري ان کي پڙهيو اٿم. رستم خان جو ايلام سان صرف علميت جي ڀيٽ آهي. جڏهن ته ايلام مختلف قسم جو انسان هو، وڏو داناء ۽ عالم هو.
رستم خان سٺو ڪلاس ماستر هو. Elam شاگردن کي پڙهايو ته مان توهان کي ideas ڏيڻ گهران ٿو ته جيئن توهان ۾ سوچ ۽ احساس پئدا ٿي سگهي. معلومات ته هڪ جاهل به گڏ ڪري سگهي ٿو.

Elam شاگردن کي تلقين ڪئي ته پنهنجي Brain کي ڪجهه حقيقتون گڏ ڪرڻ جو دٻو نه سمجهڻ کپي، پر ان کي Power House جو درجو حاصل ڪرڻ گهرجي. 1953 کان 1956 تائين منهنجي تعليم جو سلسلو جاري رهيو، اهو وقت مون نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيءَ ۾ لڳايو. ان دور جي نصاب ۾ عربي ۽ فارسي لازمي مضمون هوندا هئا، جنهن مان ڪو به هڪ مضمون لازمي پڙهڻو هوندو هو. انگريزي جو استاد جان جيڪب جيڪو ڏکڻ ڀارت جو هو، اسڪول جي عمارت جي هڪ ڪمري ۾ رهندو هو. بيحد لائق ۽ قابل استاد هو. پاڻ انگريزي پڙهائيندو هو، سندس پڙهائيءَ جو اهو انداز اڄ تائين نه وسريو آهي. ان وقت جي نصاب ۾ Longman Literary Solutions جهڙا ڪتاب رکيل هئا. جان جيڪب صاحب جو تڪيو ڪلام اڃا تائين ياد آهي هو چوندا هئاShow me your teeth, you rascal your photo must be taken منهنجي هم ڪلاسين ۾ نظير قاضي بيحد ذهين ۽ باصلاحيت شاگرد هو.

No comments:

Post a Comment