گلوبلائيزيشن ۽ سڪڙجندڙ دنيا
عبد الله مورائي
جيئن پاڻ وٽ سنڌو درياهه جي هڪ ڪناري سان سکر ۽ ٻئي ڪناري
سان روهڙي يا ساڳيءَ طرح سان حيدرآباد ۽ ڄامشورو ٻئي جاڙا شهر آهن، تيئن درياهه ڊنيوب
(Danube) جي ڪنارن سان
هنگري (Hungary) جي گادي جو
شهر بڊاپيست (Budapest) به ٻن الڳ الڳ
شهرن تي مشتمل آهي. يعني درياهه جي هڪ پاسي بڊا ۽ ٻئي پاسي پيسٽ. دنيا جي ٻين شهرن
وانگر هتي به صبح جو ناشتو هوٽل وارن تي ئي هيو، مانجهاندو بڊاپيسٽ واٽر سمٽ (Budapest Water Summit) ڪرائڻ وارن
يعني اتان جي فارين افيئرس جي وزارت (Ministry of Foreign Affairs) تي هيو، جن مونکي دعوت ڏئي گهرايو هو. اهو ته
ٿيو ڏينهن جو قصو, هاڻي سائين رات جو ماڻهو ماني ڪٿي ۽ ڇا کائي؟ مٿان وري مينهن وسندو
هجي ته ماڻهو رهندو پريشان ته وڃي ته ڪاڏي وڃي؟