واشنگٽن ميٽروريل
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط: ۳۶
ياسر قاضي
گذريل هفتي اسين هن سفرنامي جي 35هين ڀاڱي جي آخر تائين
پُورو ڏينهن واشنگٽن ڊي سِيءَ جا اهم يادگار گھمندي، يُو ايس ڪيپيٽول جي تاريخي
عمارت جي ٻاهران توڙي اندران وي آءِ پي ٽُوئر ڪرڻ کان پوءِ، سجَّ لهڻ کان ٿوري دير
پوءِ ئي پنهنجي هوٽل (”ميرِيييٽ ريزيڊنسي“) ٿڪي ٽُٽي پهتا هئاسين. اها ڇنڇر 5
اپريل 2014ع جي شام هئي ۽ صبح کان وٺي جيڪو سفر، اڪرم الياس جي انسٽيٽيُوٽ ۾ سندس
ليڪچر ٻڌڻ سان شروع ٿيو هو، اهو لنڪن ميموريل، ويتنام وار ميموريل، جارج واشنگٽن
ميموريل ۽ يُونين ريلوي اسٽيشن کان ويندي يُو ايس ڪيپيٽول تائين پهتو ۽ مون
پوئينءَ قسط ۾ اوهان سان احوال اوريو هو ته مُون جم مُوڊيءَ واري بريفنگ دؤران ننڊ
جا جھُوٽا پئي کاڌا. ساڳيا جھُوٽا ۽ پنڪيون مُون کي يُو ايس ڪيپيٽول کان هوٽل
تائين رستي ۾ پڻ جام آيا. هوٽل پهتاسين، لٽا مٽائي فريش ٿي پنهنجي هوٽل (”ميرِيييٽ
ريزيڊنسي“) جي پاڙي ۾ ئي واقع چائينيز ريسٽورنٽ ۾ حلال ڪڪڙ کائڻ لاءِ آءٌ ۽ اشفاق
آذر پنهنجي ٿڪل بُت کي زوريءَ گهلي وياسين. اها واهه جي جاءِ پاڙي ۾ ڳولهي لڌي هئي
سين، جتي اڌ راتي يا ڪُمهلي بک کي مناسب پئسن ۾ سهڻي نموني بهلائي ٿي سگھياسِين ۽
واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ رهائش وارن سمُورن ڏينهن دؤران ان حلال چائينيز ريسٽورنٽ جو
ڀرپُور فائدو حاصل ڪيوسين. هوٽل جي هڪ پاسي کان 200 کن قدمن تي اها ريسٽورنٽ هئي
ته ٻئي طرف کان هوٽل جي بلڪل لڳو لڳ هڪ سُپر اسٽور هو، جتي اسان جي گروُپ ۾ شامل
موالين کي نه فقط ٻيڙي، سگريٽ، سگار ۽ ”موکيءَ جو جام“ مناسب اگھه تي دستياب هو،
بلڪه روز مرهه جي استعمال جي پڻ هر شئي ملندڙ هئي، جنهن ڪري ڪابه شئي وٺڻ لاءِ
اسان کي گھڻو پري ڪونه ٿي وڃڻو پيو. واشنگٽن وانگر اها سهُولت اسان کي نيُويارڪ ۾
به حاصل رهي، جتي ”مينهاٽن“ جهڙي مصروف علائقي ۾ اسان جي هوٽل (”روزاويلٽ“) هئي،
جنهن جو احوال اوهان هن سفر جي ايندڙ حصن ۾ پڙهندا. البته ”هوائيءَ“ توڙي
”ڪولمبيا“ ۾ اسان ان سهُولت کان محرُوم رهياسين. سو مُون ڳالهه پئي ڪئي حلال
چائينيز ريسٽورنٽ جي، جتي ڪا ڊِيل آرڊر ڪري حلال ڪُڪڙ سان پيٽ ڀري واپس هوٽل
آياسين ۽ ٿڪ سبب اهڙي ننڊ ڪئي سِين، جو وڃي ٿيا خيرَ! اڄ ويڪ اينڊ هو، پر هڪ
مصرُوف ۽ ”هَل هَلان“ وارو ڏينهن گذارڻ سبب وِيڪ اينڊ جو احساس ئي ڪونه ٿي ٿيو.
سڀاڻي جيتوڻيڪ اسان جي ٻي ڪا خاص سرڪاري مصرُوفيت ڪانه هئي، پر تنهن جي باوجُود
ڏينهن صفا واندو به ڪونه هو، جو ڏينهن جو اسان کي ”نيُوزيم“ (”نيُوز ميُوزيم“)
گھمڻو هو ۽ شام جو مختلف خاندانن پاران اسان منجھان ٻن ٻن ساٿين جي مان ۾ ڪيل رات
جي مانيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مختلف گهرن جي مهمانيءَ جو مزو وٺڻو هو. رات جو ڀرپُور
ننڊ ڪري صبح جو آرام سان اٿيس. آچر 6 اپريل 2014ع جو ڏينهن طلوع ٿي چڪو. لڳ ڀڳ 9
لڳي اٿي، اشفاق کي انٽرڪام ڪري اُٿاريم. معمول مُوجب ناشتو ڪري پوءِ ڪمري تي اچي
تيار ٿياسين. اسان جنهن ڏينهن کان واشنگٽن ڊِي سِيءَ آيا هئاسين، ان ڏينهن کان
بلڪه شايد ان کان به اڳ کان مائي اينان (مسز اين هارٽمين) اسان کي ذري گھٽ روز ٿي
چيو ته هُوءَ اسان کي ڊِي سِيءَ ۾ ”ميٽرو ريل“ تي ضرُور چاڙهيندي. ڪالهه ته هن پڪ
سان اڄوڪي ڏينهن لاءِ چيو هو ته: ”اوهان کي ضرُور به ميٽرو تي چاڙهيندم!“ اسين سوا
10 لڳي صبح ڌاري هوٽل مان ”نيوزيم“ لاءِ نڪتاسِين. حالانڪه اسين ٽيڪسيءَ رستي به
”نيُوزيم“ وڃي ٿي سگھياسِين، ڇاڪاڻ ته نيُوزيم، ”پينسلويننيا ايوينيو“ تي ئي واقع
آهي، جيڪو گھڻو پري ڪونه هو، پر جيئن ته مائي اينان کي اسان کي ميٽرو ريل جو سفر
ڪرائڻو هو، تنهن ڪري اسين پنهنجي هوٽل کان پنڌ پنڌ، اڌ ڪلوميٽر کن پري ان جاءِ تي
پهتاسين، جتي آچر واري ڏينهن ڀاڄين ۽ ٻُوٽن جي چَڪين جي ”اتوار بازار“ (سنڊي
مارڪيٽ) لڳندي آهي. هن مارڪيٽ جو ڏيک لڳ ڀڳ ان آچر بازار جهڙو ئي هو، جهڙيُون
بازارُون پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ لڳن ٿيون. فرق صرف اهو هو ته هتي لڳل اسٽال صاف سُٿرا
هئا ۽ انهن تي ويٺل ماڻهُو، خوش لباس گورا هئا، نه ته باقي هن آچر بازار ۽ اسان
وارين آچر بازارن ۾ ڊزائن يا ماڻهن جي رش جي لحاظ کان ڪوبه خاص فرق ڪونه ٿي لڳو.
جيتوڻيڪ هي واشنگٽن جو بهار هو، پر اسان لاءِ جهڙوڪر سياري جو صبح هو. محسُوسات به
ذري گھٽ اهڙي ئي هئي، جهڙوڪر اسين ڊسمبر يا جنوريءَ جي ڪنهن صبح جو اسلام آباد
واريءَ جناح سُپر مارڪيٽ جي ٻاهران لڳل اسٽالن يا لاهور جي ڪنهن سبزي مارڪيٽ ۾
بيٺا اُس جي تڙڪي مزو وٺندا هجون. اسان مان لڳ ڀڳ هر ڪنهن ان سبزيءَ جي آچر بازار
جي مختلف اسٽالن جا، توڙي ان جي اسٽالن سان گڏ بيهي پنهنجا يادگار فوٽوگرافس
ڪڍرايا. نيُوزيم جو اڄوڪو دؤرو جيئن ته اختياري (آپشنل) هو، تنهن ڪري اسان منجھان
ڪجهه ساٿي اڄوڪي هن سير ۾ اسان سان گڏ ڪونه هليا. مُون هڪ ريڊيو جرنلسٽ جي حيثيت
سان سوچيو ته واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ صحافت سان واسطو هئڻ وارو ڪو اچي ۽ اهو نيُوزيم
نه گھمي ته پوءِ ان جي هتي اچڻ جو ڪهڙو فائدو! سو آءٌ، اشفاق آذر، غزاله فصيح،
ذوالفقار مهتُو، اڪرام الله، اسد علي حمزه، خالد خيشگي ۽ رياض برڪي نيُوزيم گھمڻ
وياسين، باقي ٻه ٽي ساٿي اسان سان ڪونه هليا، شايد انهن جي ترجيحات ۾ اهو سير شامل
ڪونه هو. مُون اوهان سان جنهن ريل سسٽم (ميٽرو ريل) جو ذڪر ڪيو، اهو واشنگٽنن ڊِي
سِيءَ جو اهو لوڪل ريلوي نظام آهي، جيڪو گھڻو تڻو زيرِ زمين وڇايل آهي، جيتوڻيڪ ان
جو ڳچ رستو زمين کان ٻاهر به آهي. اوهان واشنگٽن ڊِي سِيءَ ۾ شهر اندر هڪ جاءِ کان
ٻيءَ جاءِ تائين سفر ڪرڻ گھرو ته روڊ رستي اهڙو سفر ڪرڻ سان گڏوگڏ، لوڪل ريل رستي
به اهو سفر طئي ڪري سگھو ٿا، جنهن سان شهر جو روڊ ٽرئفڪ نظام بنهه متاثر ڪونه ٿو
ٿئي ۽ زمين هيٺ ريل هر وقت هلندي رهي ٿي. هن سسٽم تحت هڪ ئي وقت ڪئين ريلُون شهر
جي مختلف حصّن کان ڌار ڌار علائقن ڏانهن سفر ڪن ٿيون، جنهن رستي روزانو هزارين
مسافر سهُولت حاصل ڪن ٿا. نيُويارڪ ۾ به اهڙو ريلوي سسٽم آهي، جتي ان کي ”سب وي“
چيو وڃي ٿو، جنهن جو ذڪر اسين نيُويارڪ واري ڀاڱي ۾ ڪنداسِين.