ہم ہیں بنارس کے بھیا
الطاف شيخ
گنگا نديءَ جي ڪناري تي هندستان
جو هي شهر بنارس، جيڪو ورانسي ۽ ڪاشي به سڏجي ٿو، هڪ عجيب شهر آهي، جنهن ۾ ٻارهو ئي
ميلو متل رَهي ٿو. هن شهر جي زيارت لاءِ، گنگا ۾ ٽٻي ڏئي پنهنجا پاپَ ڌوئڻ لاءِ، مري
ويل پنهنجن پيارن کي گنگا جي پاڻي ۾ لوڙهڻ يا چکيا چاڙهڻ لاءِ روزانو هزارن جي تعداد
۾ اچن ٿا. هڪ طرف ياتري ۽ فارين ٽوئرسٽ ته
ٻي طرف شاگردن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي ڇو جو بنارس نه فقط مندرن ۽ گهاٽن جو شهر آهي پر
اسڪولن ۽ اسپتالن جو به شهر آهي. ۽ هن شهر جي رونق هن صديءَ کان نه آهي ۽ نه ورهاڱي
کان پوءِ جي جيئن اسان وٽ حيدرآباد وارو قاسم آباد يا اسلام آباد آهي. بنارس ته صدين
کان آباد شهر آهي. اڄ کان فقط ٻه صديون اڳ جڏهن اڃان ڪوالالمپور يا ڪينيا جي گاديءَ
واري سهڻي شهر نئروبي جو پهريون گهر به نه ٺهيو هو تڏهن به بنارس ۾ روزانو پري پري
کان ياتري گهوڙن، گڏهن ۽ اٺن تي چڙهي يا پيدل پنڌ پهتا ٿي. بنارس عيسوي سن کان به پراڻو
آهي.... ايترو پراڻو جيترا هندو ڌرم جا پاڪ ڪِتاب ويد. منهنجي خيالَ ۾ دنيا جو ٻيو
ڪو ورلي شهر هوندو جنهن جو احوال ايترن مختلف تاريخي ۽ جاگرافي ڪِتابن ۾ ۽ ناولن ۽
سفرنامن ۾ آيو هوندو. فلمن ۾ ڏيکاريو ويو هوندو.... ها هڪ ٻه اهڙا شهر لنڊن، قاهرا
جهڙا ضرور آهن پر ملاڪا، ممبئي، لاهور، جِدو، حيدرآباد.... هرگز نه.