اوآهُو
ٻيٽ جو نو آنُو پالي لُڪ آئُوٽ (پولي ڪلف)
ياسر قاضي
گذريل قسط ۾ اسان امريڪا ۾ هوائي
(رياست) جِي ”اوآهُو“ ٻيٽ جو ”هاف آئلينڊ ٽُوئر“ (اڌ ٻيٽ جو سير) ڪندي، اوآهُو ۽
هونولُولُو جي تارِيخي، ثقافتي توڙي جاگرافيائِي اهميت کي سمجھڻ جِي ڪوشش ڪندي،
”ٿامس رِج وي“ تي، هونولُولُو جِي مشهُور ”الي اِيو لانِي هالِي“ نالي عمارت جي
سامهُون بِيٺل، هوائِي سلطنت جي بانِي بادشاهه ”ڪاميهاميها ايڇ اي پهرين“ جي 1883ع
۾ ٺاهيل پِتل جي مُجسمي کي ڏسِي، گھُمي، پنهنجو اڳتي جو سفر شرُوع ڪرڻ لڳا
هُئاسِين.
هُونءَ ته دُنيا جي هر ڪُنڊ جِي
هڪ الڳ تاريخ آهي ۽ اُن تاريخ کي وؤڙِيندي اڪيچار حيرت ۾ وجھندڙ باب به پڙهڻ، ڏسڻ
توڙي ڄاڻڻ لاءِ مِلن ٿا، پر هِن خطي جي تاريخ توڙي ثقافت جا دلچسپ باب ڪُجهه
گھڻائي آهن. هُونءَ به سنڌ جيان جن خطن تي گھڻ قومي راڄ رهيو آهي، يا ايئن کڻي
چئجي تي جن خِطن جِي راڄ ڌانيُن جا رنگ تڪڙا تڪڙا مَٽبا رهيا آهن، اُنهن جي تاريخ
به گھڻ رنگِي ۽ گھڻ رُخِي آهي. اسِين ”ڪاميهاميها“ جي مُجسمي جي درشن کان پوءِ هن
ٻيٽ جو اصل حُسن ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسِين. اسان جِي ايندڙ منزل ”نُوآنُو پالِي لُڪ
آئُوٽ“ هُئي، جنهن کي ”پولي ڪلف“ به چيو وڃي ٿو. اها اُن وقت اسان کي خبر ڪانه
هُئي ته اسين ”ٿامس رِج وي“ کان ڪيڏانهن وڃِي رهيا هُئاسِين، ڇاڪاڻ ته ڇپيل
شيڊيُول ۾ اڄوڪِي شام جي دؤران گھُمجندڙ ماڳن جا ڌار ڌار نالا ڪونه لکيل هُئا، ها
اها هدايت/صلاح ضرُور لکيل هئي ته اسين پاڻ سان ڪا جيڪيٽ يا سُئيٽر وغيره ضرُور
کڻُون، جو هن سير دؤران اسان کي ٿڌ لڳِي سگھي ٿِي. اسان جو گائيڊ، ڀلو ماڻهُوءَ
”ڊيرڪ فيرار“ اسان کي رستي ويندي ٻُڌائيندو هليو ته ”هِينئر آءٌ اوهان کي هن ٻيٽ
جي حسِين ترِين جڳهن منجھان هڪ ماڳ ڏانهن وٺِي وڃِي رهيو آهيان، جنهن جا حسين
نظارا ۽ سُهڻي مؤسم ڏسي، اوهان زندگيءَ جي سُهڻن پَلن مان لُطف اندوز ٿِيندؤ. اُن
ماڳ جو نالو آهي ”نُوآنُو پالِي لُڪ آئُوٽ“ يا ”پالي ڪِلف“ “
اسان جي ڪوسٽر تڪڙِي ڊوڙندِي
شهر کان ٻاهر جو رُخ رکيو. جيئن جيئن شهر کان ٻاهر نڪرندا وياسِين، مؤسم تبدِيل
ٿيندِي وئِي... اُسَ، جھُڙ ۾ تبدِيل ٿيندِي وئِي ۽ ڦُڙ ڦُڙ جو سلسلو شرُوع ٿي ويو.
اسان جي ڪوسٽر جا شِيشا ڀڄي ويا ۽ اوچتو ايئن لڳو ته ڄڻ اسين هڪ نئين وادِيءَ ۾
داخل ٿي ويا هُجُون. حالانڪه هوائِيءَ جِي اُسَ به وڻندڙ هُوندِي آهي، پر گھنگھور
گھٽائُن جي وَسڻ جي سُهڻي سلسلي، جھُڙ ڦُڙ مُند متوالِيءَ پهرِين اپريل 2014ع جي
اُن شام ۾ نرالا رنگ ڀري ڇڏيا. اسان شهر جُون رونقُون لتاڙي، هڪ جابلُو وادِيءَ ۾
داخل ٿياسُون ۽ اسان جِي ڪوسٽر اُڀن روڊن تي چاڙهيءَ وارو سفر ڪندي، ورَ وڪڙَ رستا
لتاڙِيندِي، هڪ شاهراهه (هاءِ وَي) تان تيز رفتارِيءَ سان گذرندِي، جبلن جِي اوٽ
مان پنڌ اُڪلائيندي، ڪُجهه چُريُن (Tunnels) مان گُذرندِي، هڪ جاءِ تي اچِي بِيٺِي، جتي اسان کي لهڻ لاءِ چيو
ويو. اها شاهراهه، ”دِي پالي هاءِ وي“ هُئِي، جنهن کي ”هوائِي اسٽيٽ هاءِ وي“ به
چيو وڃي ٿوجيڪا ”ڪائي لُوآ“ کي ”هونولُولُو“ شهر جي مرڪز (ڊائُون ٽائُون
هونولُولُو) سان ملائي ٿِي ۽ جن چُريُن/سُرنگھن (Tunnels) مان اسين گُذرياسِين، اُنهن کي ”نوآنُو
پالي ٽنِلس“ (نوآنُو پاليءَ جُون چُريُون) چيو وڃي ٿو.
Yasir Qazi ”نُوآنُو پالِي لُڪ آئُوٽ“ (پالي ڪِلف) پهچِي،
ڪوسٽر مان لهڻ کان اڳ ٻاهر ڌُنڌ جا بادل ايئن پئي نظر آيا، جو لڳو پئي ته لهڻ سان
سِيءَ ۾ ڏڪندي ٿڙ ٿڙ ٿڙڪنداسُون، پر لهڻ سان سِيءُ ته محسُوس بنهه ڪونه ٿيو، ها
البته وڻندڙ ۽ خُوشگوار مؤسم پنهنجي حُسن جي انتها تي هُئِي. اُهي ڪڪرن جا بادل،
نظر کي فطري حُسن آڇي رهيا هُئا. اُها برسات، جنهن ”پالي ڪلف“ ڏانهن ايندي رستي ۾
اسان جو استقبال ڪيو، اُها ته بند ٿِي چُڪِي هُئي، پر آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڍڪيل هو
۽ منجھند جي لڳ ڀڳ 3 لڳي ڌاري هتي سانجھِيءَ جي ٽاڻي جو احساس ٿِي رهيو هو. هر
شيءَ دُونهاٽيل ٿي ڏسڻ ۾ آئيي. بي حد دل لُڀائيندڙ هوا تن توڙي من کي واسي رهِي
هُئي. ههڙي هِيرَ ۽ ههڙو هُڳاءُ مُون گھٽ ۾ گھٽ پنهنجِي حياتِيءَ ۾ ان کان اڳ ڪڏهن
به Experience ڪونه ڪيو
هو. اسان هڪ چؤڪ نُما گول ڦيري وٽ پنهنجِيءَ ڪوسٽر تان لٿاسِين. لهڻ سان ڏٺوسيِن
ته اُتي هڪ ٻه ٻيُون به ڪوسٽرس ان کان اڳ ۾ بِيٺيُون هُيُون، جن تي ٻيا گرُوپ اسان
کان اڳ ”نُوآنُو پالِي لُڪ آئُوٽ“ (پالي ڪلف) گھُمڻ آيا هُئا. ان جاءِ تي فطري
ماحول ۾ اضافو ڪندڙ عام گھُمندڙ ڪُڪڙَ، ڪُڪڙيُون ۽ چُوزا هُئا، جيڪي ڏسڻ ۾ بلڪل
اسان جي سنڌي ديسي ڪُڪڙن ۽ ڪُڪڙيُن جهڙا هُئا. اُنهن جي رنگ، سائيز ۽ موڙَ جي
انداز ۾ ڪوبه فرق نه هو. لڳو ٿي ته ساڳئي ئي نسل سان تعلق رکندڙ هُئا. ڪوسٽر مان
لهڻ کان پوءِ اُن چؤراهي کان جبلن جي وچان ٺهيل هڪ چاڙهِيءَ وارِيءَ راهدارِيءَ
تان گُذرِي، اسان هڪ وسيع ميدان ۾ اچي پُڳاسِي، جيڪا جبل مٿان ٺهيل هڪ اُوچِي جاءِ
هُئِي، جنهن جي ٽِن پاسن کان جبل ۽ هڪ پاسي کان حفاظتِي ڀت ٺهيل هُئِي، جنهن جي
پريان جيڪو نظارو هو، اُن جِي سُونهن نه ڪنهن ڪئميرا جِي اک ۾ محفُوظ ڪري سگھجي
ٿِي ۽ نه ئي ورِي لفظن ۾ ڪو صاحبِ بيان به درج ڪري سگھي ٿو. هِي هڪ اُوچِي جاءِ
تان پُوري ”اوآهُو“ ٻيٽ جو اُهو سُهڻو نظارو هو، جنهن ۾ نه فقط اسان کي پُورو
هونولُولُو شهر پنهنجيُن اُوچيُن عمارتن ۽ فطرِي حُسن سميت پئي نظر آيو، بلڪه اُن
جي پريان دلفريب نِيري ۽ سائي رنگ جي مُختلف Shades ۾ پئسفڪ جي پاڻِيءَ، اُن منظر کي جنهن
جمالياتِي انداز ۾ مُڪمّل پئي ڪيو، اُن جو بيان مُشڪل ئي نه، پر نامُمڪن آهي. هِي
هڪ ايڏو وڏو فوٽوگرافڪ فريم (Frame) هو، جيڪو انسانِي اک ئي ڏسِي، پَسِي ۽ محسُوس ڪري پئي سگھِي. ٻئي
ڪنهن ڪئميرا جي ان کي محفُوظ ڪرڻ جي ڀيڻي نه هُئِي! يعني اوهان اکيُون ٻُوٽي ٿورو
تصّور ڪريو ته اسان هڪ اهڙيءَ بلند جاءِ تي بِيٺا هُئاسُون، جتان پُوري ”اوآهُو“
ٻيٽ جو اُتر اوڀر وارو نظارو، پئسفڪ جي پس منظر سان نظر اچِي رهيو هو. اُن ٻيٽ جي
مُختلف حصّن تي اُس ۽ ڇانوَ جا مُختلف عڪس هڪ ئِي وقت نظر اچِي رهيا هُئا (يعني هڪ
ئي وقت ڪِن حصّن تي اُسَ هُئي، ته ڪن ڀاڱن تي ڇانوَ!) ۽ پئسفڪ مان اُٿندڙ بُخارات،
ننڍيُن ننڍيُن ڪڪريُن جِي صُورت ۾ اهڙو سُهڻو نظارو پيش ڪري رهيا هُئا، جو چئي
کڻِي بس ڪجي! ورِي اسان جنهن جاءِ تي بِيٺا هُئاسُون، اُن جاءِ تي آسپاس جَي جبلن
سان ڳل ڳل ۾ ملائِيندڙ اهڙا ئي هوا جا بُخار ڇا ته نظارو اُڻِي رهيا هُئا. ڪاش!
مُون وٽ لفظن جِي اُڻت جو اهڙو هُنر هُجي ها، يا ورِي اهڙا لفظ هُجن ها، جيڪي اُن
سمئي جِي سُونهن جو جِيئن جو تِيئن بيان ڪري سگھن ها ته جيڪر مان اُن جِي صحيح
صحيح عڪاسِي ڪري سگھان ها! ويتر اُتي جيڪا دل لُٽيندڙ هوا ٿي لڳِي (جنهن ۾ هلڪو
هلڪو ٿڌ جو احساس به هو) اُن هن سمُوري ماحول کي چاليهه چنڊ لڳائي ڇڏيا هُئا. اها
حسِين جاءِ هُئي: ”نُوآنُو پالِي لُڪ آئُوٽ“ (پالي ڪلف)، جنهن کي ”نُوآنُو پالِي
اسٽيٽ وَي سائِيڊ“ به چيو وڃي ٿو. هتان نظر ايندڙ پئسفڪ وارا پاسا (ڪنارا) ”ڪاني
اوهِي بي“ ۽ ”ڪائِي لُوآ“ چورائن ٿا. (هوائي ٻولِيءَ جا نالا به عجِيب آهن.
اُچارِيندي ڄاڙِي ئي چٻِي ٿيو وڃي.) پوءِ به هوائِيَنس (هوائِيءَ جي رَهاڪُن) جو
خيال آهي ته اسان سندن وَٿُن جا نالا صحيح نه ٿا پُڪاريُون. ابا! اسان ته وسُ ٿا
ڪريُون. اوهان نالا ئي ايڏا ڏُکيا رکيا آهن ته اسان ڇا ڪريُون! پر هوائِيءَ وارا
به وسُ ڪن، پر اسان جا ”مُحمّد پڃل“ ۽ ”ڌڱاڻي خان“ جهڙا نالا نه اُچاري سگھندا، نه
ئي لکِي سگھندا!
مُون کي لڳو ته شايد هن ئي جاءِ
(يا دُنيا جِي ٻئِيءَ ڪنهن ڪُنڊ ۾ واقع ههڙِيءَ ئِي ڪنهن جاءِ) کي ڏسِي، اسلام
آباد ۾ ”دامنِ ڪوهه“ جو ماڳ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو بُنيادِي تصوّر ڪنهن به
وادِيءَ يا شهر جي بُلندِيءَ تان ٿِي سگھندڙ مجمُوعي نظاري کي مُمڪن بڻائڻ آهي.
”نُوآنُو پالِي“ (پالي ڪلف) جِي سمنڊ (پئسفڪ)
جِي سطح کان اُوچائِي 1168 فُٽ (356 مِيٽر) آهي. هِيءَ جاءِ بذاتِ خُود ”اوآهُو“
ٻيٽ جي ”ڪولائُو“ نالي جابلُو قطار جو حصّو آهي، جتان اُترِينءَ ”ڪولائُو“ نالي
جابلُو قطار جو سُهڻو نظارو به ڪري سگھجي ٿو. هيءَ پُورِي وادِي، جنهن جو نظارو
اسان هتان بِيٺي ڪيو ٿي، اُن وادِيءَ کي ”نوآنُو“ چئجي ٿو. ”نُوآنُو پالِي لُڪ
سائِيڊ“ (پالي ڪلف) وارو ماڳ ان وادِيءَ جي بلڪُل مُنڍ تي ٺهيل آهي، جنهن ڪري ان
کي ”نُوآنُو پالِي“ سڏجي ٿو. هيءَ جاءِ انتهائي قديم تاريخي اهميت واري ماڳ جي
حيثيت سان اوآهُو ٻيٽ جي اهم ماڳن منجھان هڪ آهي. ”هوائي“ (ٻيٽن) جِي تاريخ ۾ سڀني
کان وڌيڪ خُونريزِيءَ وارِي جنگ ”نوآنو وارِي جنگ“ هن ئي جاءِ تي لڳي هُئي. جنهن ۾
”ڪاميهاميها پهرين“ (بادشاهه) [پيدائش: جُولاءِ 1782ع، لاڏاڻو: 8 مئي 1819ع]
اوآهُو ٻيٽ کي فتح ڪري، پنهنجي قبضي ۽ هٿ هيٺ ڪيو، جنهن لاءِ تاريخ ٻُڌائي ٿِي ته
هُو سال 1795ع ۾ پنهنجي جنم ڀومِيءَ (جيڪا پڻ هوائي ٻيٽن منجھان ئي هڪ ٻيٽ
”ڪوهالا“ آهي) مان 10 هزار هٿياربندن جي فؤج وٺِي، بحري جهاز ۾ سوار ٿِي، پئسفڪ
رستي ”مايُوئِي“ ۽ ”مولوڪائِي“ ٻيٽ فتح ڪندي، اوآهُوءَ تي ڪاهه ڪئِي هُئي ۽ ان کي
پنهنجي هٿ هيٺ ڪيو هُئائين. هن فؤج ۾ ڳچ تعداد اهڙن فوجيُن جو به هو، جيڪي هوائيءَ
ڄاوا ڪونه هو. ”ڪاميهاميها“ جِي ”اوآهُو“ ٻيٽ جي مقامي شهريُن سان اها خُوني ويڙهه
هن ئي وادِيءَ (”نوآنُو“) ۾ ٿِي هُئِي. هن جنگ ۾ ”اوآهُو“ جي لشڪر جِي سرواڻِي،
اوآهُو جو تڏهوڪو بادشاهه ”ڪالانِي ڪُوپُولَي“ (پيدائش: 1760ع ـ لاڏاڻو: 1795ع)
ڪري رهيو هو. (هتي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻُڌائيندو هلان ته اُن بادشاهه ”ڪالانِي
ڪُوپُولَي“ جي نالي جي معنى آهي: ”ڪُو“ جِي جنت لاءِ گھُريل دعا) هاڻي اوهان
سوچيندا ته اهو ”ڪُو“ ڇا آهي؟ ”هوائي“ (رياست/علائقي) جي ڏند ڪٿائُن مُوجب ”ڪُو“
اُنهن جي چئن وڏن ديوتائن منجھان هڪ آهي، جنهن کان سواءِ سندن باقي ٽي خُدا
(ديوتا) هي آهن: 1 ـ ”ڪنالوآ“ 2 ـ ”ڪانَي“ 3 ـ ”لونو“. تنهن ڪري اوهان هوائِيءَ
سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي نالن ۾ ”ڪُو“، ”ڪانِي“ ۽ ”لونو“ وغيره (جي حصّن) جو
استعمال گھڻو ٻُڌندا. اهو ايئن ئِي آهي، جيئن اسان جي نالن ۾ الله ۽ رسُول جي نالن
جو استعمال (مثلاً: ڌڻي بخش، خُدا ڏنو، الله نواز، غلام نبي، عليءَ ڏنو، نُور نبِي
وغيره) هُونءَ به دُنيا گھُمي مُون ته اهو ڄاتو آهي ته دُنيا جي هر ڪُنڊ ۾ شين ۽
وَٿُن ڏانهن ماڻهُن جا روّيا ۽ انداز بدليل آهن، باقي نه ته بُنيادي رواج هڪ ئي
قسم جا آهن. خاص ڪري وهم، وسوسا، ڊپ، ساٺَ، سنوڻ، مؤت جو ڊپ، زندگيءَ سان حرص جِي
حد تائين پيار، موت کان پوءِ وارِيءَ زندگيءَ جو تصوّر، جنّت ۽ دوزخ جو تصوّر
وغيره سڀ ساڳيا ئي آهن، بس نالا مَٽيل آهن. ڪٿي مؤت جو فرشتو ”عزرائيل“ ٿو ڪوٺجي،
ته ڪٿ ”يمراج“! ڪٿ ”سُورڳ“ آهي ته ڪٿي ”جنّت“! جيئن مُون اوهان کي پوئتي مائِي
جُون (جُون ڪُراموتو) جو مثال ڏنو هو، ته اُن تي مهيني جو نالو رکيل آهي (جيئن پاڻ
”رمضان“، ”محرم“، ”شعبان“ يا ”رجب“ وغيره نالا رکندا آهيُون). اڳي آءٌ لاڙڪاڻي ۾
”ڀٽائي پڪوڙا هائُوس“ ڏسي کلندو هئس ته ”ڀٽائيءَ“ جو پڪوڙن سان ڪهڙو واسطو! پر
ڪولمبيا، مِزُورِيءَ ۾ ”شيڪسپيئر پِيزا“ ڏسي، پاڻ تي ئي کل پئي آئِي ته اسان جو
ڪهڙو ڏوهه! (شيڪسپيئر پِيزا جو ذڪر اڳيان ڪولمبيا وارن بابن ۾ ايندو) سو ڳالهه پئي
ڪئي سِين ”اوآهُو“ جي بادشاهه ”ڪالانِي ڪُوپُولَي“ جِي ۽ هن ٻيٽ تي ٿيل
”ڪاميهاميها“ جي حملي جِي! ان حملي ۾ ”ڪاميهاميها“ جو سپاهه، پئسفڪ رستي پُڄِي،
اوآهُو تي حملو ڪري، دفاعي فؤج کي ڌِڪيندو، هن جاءِ (پولِي ڪلف) تائِين وٺِي آيو ۽
هتان اُنهن کي، لڳ ڀڳ هن ئي جاءِ تان (يعني 1 هزار 1 سؤ 68 فوٽن جي بُلندِيءَ تان)
ڌِڪو ڏئي موت جي وادِيءَ ڏانهن ڌِڪي ڇڏيو. اهو ڌِڪو ڏئي ماريل اوآهُو جو عوام 400
جي لڳ ڀڳ هو. يعني جنهن جاءِ تي اسان بِيٺا اوآهُو ٻيٽ جي هن پُرلطف نظاري ۽ حسِين
مؤسم مان مزو ماڻي رهيا آهيُون، اُن جاءِ تان اتفاقي ڪِري مُئلن جو تعداد ته جيترو
به هُجي، پر سن 1795ع ۾ ڌِڪو ڏئي ماريلن جو تعداد 400 هو. (شُڪر آهي جو اسِين ان
واقعي کان 219 سال پوءِ هتي آياسيِن، نه ته عين مُمڪن هو ته اسان جِي به اهڙِي [يا
ان کان به وڌِيڪ] مهمانِي ڪئي وڃي ها!)
حيرت جِي ڳالهه اها آهي ته
”ڪاميهاميها پهرين“ جي هن ٻيٽ تي ڪاهه ڪري اچڻ ۽ هتان جي ماڻهن کي مارڻ جي باوجُود
به سندس مُجسما ٺهرائي لڳرايا ويا آهن (جن جو ذڪر گُذريل قسط ۾ تفصيل سان ڪيو
هُئم) حالانڪه هتان جي عوام جي دلين ۾ اُن جو ايڏو احترام نه هُئڻ گُهرجي.
سال 1845ع ۾ هن علائقي ”پالي
ڪلف“ کي هونولُولُو سان ملائڻ لاءِ ”نُئانو پالِيءَ“ مٿان روڊ ٺاهيو ويو، جنهن
باضابطه طور تي هن خُوبصُورت ماڳ کي ”هونولُولُوءَ“ سان پهريون ڀيرو ڳنڍيو، جنهن
کي سن 1898ع ۾ شاهراهه (هاءِ وَي) جِي صُورت ۾ سُڌاريو ويو ۽ هيڏانهن اچ وڃُ وڌيڪ
سؤلِي ٿِي. حيرت انگيز ڳالهه ٻُڌندا هلو ته 1898ع ۾ جڏهن اها شاهراهه ٺهِي رهي
هُئي، ته اُن جِي تعمِير ۾ ڪم ڪندڙ مزدُورن هن وادِيءَ منجھان لڳ ڀڳ 800 انساني
ڍانچا لڌا. گُمان ڪيو ٿو وڃي ته اهي ڍانچا اُنهن ئي معصُوم جنگجُوئن جا هُئا، جن
”ڪالا ني ڪُو پُولَي“ جي فؤج طور پنهنجي ڌرتِيءَ جي دنگن جِي حفاظت ڪندي پنهنجيُن
جانيُن جو نذرانو پيش ڪيو. پنهنجي سِرن جو نذرانو پيش ڪندڙ اهڙن ماڻهن لاءِ ئي هي
سٽُون چئي سگھجن ٿيُون ته: ”وه جو تاريِڪ راهون مين ماري گئي...“ ڇو ته هُنن
پنهنجي جنم ڀومِيءَ جِي حفاظت ڪندي سِرَ گھوريا. ٿوري دير لاءِ سوچجي ته 1795ع ۾
ڪِرِي مُئل انهن سپاهين جا مڙهَه هڪ صدِيءَ کان به وڌيڪ عرصي تائين ان وادِيءَ ۾
جانورن، مؤسمي اثرن توڙي وِيرانيُن جو کاڄ بڻبا رهيا هُوندا. اياز جُون سِٽُون
”ڪڏهن ڪڏهن ته سارجو، ته ڪير سُڃَ ۾ سُتو...“ انهن جانثارن تي ڪيڏيُون پُوريُون
ٿيُون لهن.
جيتوڻيڪ تاريخ ۾ انهن مقتُولن
جو تعداد 400 لکيل آهي، پر 19هين صدِيءَ جي آخر ۾ هن شاهراهه ٺاهيندڙ مزدُورن کي
مليل 800 انساني ڍانچا يقيناً اُن لکيل تعداد جِي تردِيد ڪن ٿا.
1959ع ۾ ”نوآنِي پالِيءَ“ کي هونولُولُو شهر
سان ملائيندڙ هِي روڊ اڃا وڌيڪ سُڌاريو ويو ۽ اهو هاڻوڪي صُورت ۾ يعني ”پالِي هاءِ
وي“ ۽ ”نوآنُو پالي ٽنلس“ (نوآنُو پاليءَ جي چُريُن/Tunnels) جي صوورت ۾ تعمِير ڪيو ويو.
اسان جو سڄو گرُوپ هن جاءِ تي
مؤسم مان لُطف اندوز ٿِيندو رهيو. مائِي بيٿان (مسز بيٿ وِلن) اسان کي جيڪي ڪاري ۽
نارنگِي رنگ جُون ٽوپيُون (Caps) گفٽ ڪيُون هيُون، سندس اسرار هو ته اسين سڀ اُهي ٽوپِيون پايُون
۽ هُوءَ اسان جِي گرُوپ تصوِير ڪڍي. هُن مائِيءَ پنهنجو شوق پُورو ڪيو، پر اُن
جاءِ تي هوا ايڏِي تيز ٿَي لڳِي جو اسان جي هڪ ٻن يارن جُون ٽوپِيون اُڏامِي
ويُون.
ڳچ دير ”نوآنُو پالي لُڪ آئُوٽ“
(پالي ڪلف) تي بِيهي، هر ڪنهن پنهنجي من پسند اندازن ۾ فوٽو ڪڍرايا ۽ مؤسم جو مزو
به ورتو. اسان سڀنِي وڏي آواز ۾ پنهنجي پنهنجي زبان تي چڙهيل گيِت به
جھُونگارياسي. مُون کي ”اوآهُو“ جو اهڙو سُهڻو نظارو ڪندي ”ڪارل مگيُوئل“ (ڄم: 28
مئي 1968ع) جو ”اوآهُو“ بابت پيار مان لکيل ۽ ”ڪيٿ هاگن“ جو ڳايل هِي گِيت ذهن تي
ترِي آيو، جيڪو گھڻو پهريان پڙهيو هئم:
Misty rains embrace the
mountains
Golden Sunshine warms the sand
Tradewinds catch a falling
blossom
This is O`ahu, this is my land
(ترجمو: دُونهاٽيل مِينهُن جبلن کي ڀاڪرين
ڀري رهيو آهي. سونهرِي اُسَ، وارِيءَ کي گرمائي رهِي آهي. هِيرَ هڪ ڪِرندڙ گؤنچ کي جھٽي رهِي آهي. هي
”اوآهُو“ آهي... هِيءَ مُنهنجي ڌرتِي آهي.)
فطرت جو ذڪر نڪتو ته اوهان سان
سَلِيندو هَلان ته هوائِيءَ جو ڪنهن زماني جو هڪ نهايت سهُڻو پکي هو (هاڻي اُن جو
نسل اڻ لڀ آهي)، اُن جھرڪيءَ جهڙي پکيءَ جو نالو هو: ”اوآهُو نُوڪُوپُو“ اهو پڻ
آخري ڀيرو هن ئي جاءِ تان لڌو ويو هو.
ڀٽائِيءَ جو ”سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن
اَڻاسِيءَ وسرَي“ وارو تصوّر سورنهن آنا سچُ، پر اياز جي ڳالهه ”ميرا ڪوئي ديس
نهين هي، ميرا ديس جهان“ به بي جاء هرگز ناهي. جاڏي وڃ ته مظهر ته مُنهنجي اُنَ
مالڪ جا ئي آهن، جنهن اسان کي خلقيو آهي. ڏندين آڱريُون اچڻ لاءِ دنيا ۾ الائي
ڪيترا سبب آهن، جن جو حُسن ڏسِي انسان دنگ رهجيو وڃي. انساني حُسن ته ڪمال آهي ئي،
پر ماڳن مڪانن جو حُسن ڏسڻ سان اُن جي تاريخي ادراڪ جِي صُورت ۾ جيڪا آنڌ مانڌ
ناظر جي اندر ۾ هلي ٿِي، اُن جو بيان ايجاد ئِي ڪونهي ٿيو. اها ڪيفيت اُهو ئي ڄاڻي
ٿو، جيڪو هن جهان جي هر نظاري جو ناظر به پاڻ آهي ته منظر به پاڻ!
اسان جي سڄي گرُوپ يقيناً هن
جاءِ ”نوآنُو پالي لُڪ آئُوٽ“ (پالي ڪلف) تي لُطف ماڻيو هُوندو، پر جي اها مُنهنجي
خوش فهمِي ناهي، ته مُون ۽ اِشُوءَ (اشفاق آذر) اُتي سڀني کان وڌيِڪ انجُواءِ ڪيو.
سڀئي ساٿي لڳ ڀڳ اڌ مُنو ڪلاڪ هتي مؤسم توڙي منظرن جو مزو وٺي ڪوسٽر طرف آياسِين.
ڪوسٽر جي آسپاس ڦرندڙ ڪُڪڙن ۽ ڪُڪڙيُن سان مزو ڪندو اُنهن کي ڏاڍو ڊِيڪايوسي ۽
مُرڪُون ونڊِيندا اچي ڪوسٽر ۾ ويٺاسِين ۽ اڄوڪي شام جي هن تاريخي ۽ ثقافتي سير ۾
ايندڙ منزل ڏانهن وڌڻ لاءِ سنبرياسي. اسان جي ايندڙ منزل ڪهڙي آهي، اهو ڄاڻڻ لاءِ
ايندڙ هفتي هن ”سفر ـ ڪٿا“ جِي ايندڙ قسط پڙهجو.
No comments:
Post a Comment