اوآهُو
جو جابلُو سامُونڊي ڪنارو“مڪاپُو” (u’Makapu) ڪِلف ۽ سيهڙ وارو ٻيٽ
ياسر قاضي
گذريل هفتي هن “سفر ـ ڪٿا” ۾ پاڻ
“الُوپو هِي آيُو” (ULUPO HEIAU) گھميوسين،
جيڪو “اوآهُو” جو هڪ قديم ماڳ (آرڪيالاجيڪل سائيٽ) آهي. هينئر اسين ڪوسٽر ۾ سوار
ٿي “اوآهُو” ٻيٽ جي تاريخي ۽ ثقافتي سير جي سلسلي ۾ پئسفڪ جي جنهن جابلُو سامونڊي
ڪناري (Beach) ڏانهن وڃي رهياهُئاسُون، اُن کي “مڪاپُو” (u’Makapu)
ڪلف چون ٿا، جنهن جي جاگرافيائي اهميت جيان ان جي تاريخي ۽ جنگي حيثيت به اهميت جي
حامل آهي. هي ماڳ “اوآهُو” ٻيٽ جي انتهائي اوڀر واري ڇيڙي تي واقع هڪ سهڻو
سامُونڊي ڪنارو آهي. “الُوپو هِي آيُو” (ULUPO HEIAU)
کان “مڪاپُو” (u’Makapu) ايندي “اوآهُو” جي مُختلف حصّن جي موسم،
قربان ٿيڻ جهڙي هئي. بادلن جا بُخار جهڙوڪر اسان جي ڪوسٽر کان ٿورو مٿي ئي پئي
اُڏاميا. هلڪي سيءَ مائل موسم خوشگوار احساس جي رنگن سان سمُورا رستا واسي ڇڏيا
هئا. جنهن جنهن رستي سان اسان جِي ڪوسٽر گُذرِي ٿي، هر اُن رستي تي مؤسم پنهنجي
خوشگواريُن کي وڇايو اسان جو انتظار پئي ڪيو.
مُون هن “سفر ـ سارَ” جي مُختلف ڀاڱن ۾
اوهان کي پئي ٻُڌايو آهي ته هي خطو (“هونولُولُو”، “اوآهُو” توڙي “هوائي”) اهڙن
خطن منجهان آهي، جنهن تي تمام گھڻيُون ڪاهُون ٿيُون آهن، جنهن جو سبب هن زمين جي
ٽُڪري جو سُهڻو ۽ فطرت جِي سُونهن سان مالامال هُجڻ سان گڏ هتان جي پيداوار ۽
معدنيات جِي شاهُوڪاري پڻ رهِي آهي. هن خطي جو مثال ذري گھٽ پنهنجِيءَ سنڌ وانگر
رهيو آهي، جنهن تي پڻ سدائين ڌارين پئي ڪاهُون ڪيُون آهن. هُونءَ به دُنيا جو جيڪو
به علائقو، ديس يا خطو سُکيو ستابو ۽ پنهنجِي مڇي مانِيءَ وارو هُوندو آهي، اُن تي
اهڙن حرفتي سُڃن سَکڻن ظالم حڪمرانن ۽ ڪاهُون ڪندڙن جي ڪرڙِي اک رهندِي آهي، جن جو
نصب العين پرائو مال ڦٻائي، اُن تي قبضو ڪري، “پرائي مال تي ٽوپِي نراڙ تي” رکِي،
اُن مان مزا ماڻڻ رهيو هُوندو آهي. ان معنى ۾ هي جنت جهڙي سُونهن رکندڙ خطو به
ظالمن جي ڪاهُن جو نشانو رهيو آهي.
اسان جي ڪوسٽر اڳ ۾ ته شهر جا وروڪڙ
رستا ڪٽِيندي رهي ۽ اُن کان پوءِ اسين پئسفڪ جِي ڪڙَ (ڪنارو) وٺِي، اُن سامُونڊِي
پٽِيءَ (ڪوسٽل لائين) سان اوڀر مُنهن ڪري هلندا رهياسيِن. هِيءَ بِيچ (سامُونڊِي
ڪنارو) جيئن ته شهر کان ٻاهر آهي، تنهن ڪري اسان شهر جي رونقن کان ٻاهر اچي وياسين
۽ پئسفڪ جي ڪناري سان “مڪاپُو” (u’Makapu) ويندڙ
وروڪڙ (Zig Zag) رستا لتاڙيندي، پنهنجيءَ منزل طرف وڌڻ
لڳاسِين. سامهُون پئسفڪ جي پيٽ ۾ اسان کي “سهي/سيهڙ واري ٻيٽ” (Rabbit
Island) جي سُهڻي نظاري بي حد موهيو پئي. اُن سهي
واري ٻيٽ جو ٻيو نالو “منانا ٻيٽ” به آهي، پر هن جو “سَهي” وارو نالو وڌيڪ مقبُول
آهي. (هوائِي ٻولِيءَ ۾ “منانا” جو مطلب “ترندو رهڻ وارو” آهي) هي ٻيٽ “سيهڙ وارو
ٻيٽ” ان ڪري ٿو سڏجي، جو هي هڪ اهڙو جبل آهي، جنهن کي جيڪڏهن “مڪاپُو” (u’Makapu)
وٽان بيهي ڏسبو ته ايئن لڳندو، ڄڻ هي ڪنهن سيهڙ جو مٿو هُجي. هن ٻيٽ جي “سَهن واري
ٻيٽ” سڏجڻ جي حوالي سان اها روايت به وڏِيءَ شدّ ۽ مَدّ سان هتي مشهُور آهي ته
ڪنهن دؤر ۾ هي ٻيٽ سهن/سيهڙن جي آماجگاهه رهيو آهي ۽ هتي سَها وڏي تعداد ۾ رهائشي
پڻ رهيا آهن. اهو به چيو وڃي ٿو ته “ڪالاڪُوآوا” (هوائِيءَ) جي مشهُور حاڪم ۽
تونگر واپارِي، “جان ايڊمس ڪمنس” (ڄم: 17 مارچ 1835ع، لاڏاڻو: 21 مارچ 1913ع) جڏهن
هتان جي پسگردائيءَ جي علائقي “ويمانالو” ۾ 1880ع واري ڏهاڪي ۾ وڻڪارِيءَ ۽ ٻُوٽا
پوکڻ جِي مُهم هلائي، تڏهن هُن اُتي “سهن/سيهڙن جِي ڪالُوني” پڻ قائم ڪئي هئي. “سهي/سيهڙ وارو هِي ٻيٽ” (Rabbit
Island) ساليانو 10 هزارن کان وڌيڪ سامُونڊي پکين
جي سينچري پڻ آهي، جنهن کي سرڪاري سطح تي “اسٽيٽ سينچرِي” جو درجو مليل آهي، جتي
هر سال لڳ ڀڳ ڏهه هزار “سنهي پُڇ وارا دريائِي ڪبُوتر” (جن جو رنگ ڪارو ٿئي ٿو،
جنهن کي “شِيئر واٽر” پڻ سڏجي ٿو)، 80 هزارن جي لڳ ڀڳ “ڪارِي پُٺِيءَ وارا ٽيٽيهر”
(سُوتِي ٽرن)، 20 هزارن کان وڌيڪ “ناسِي ڳيرا” (جن کي “دريائي ڪانوَ“ ڪري به ڪوٺيو
ويندو آهي)، 5 کان 10 “بولور” (بُلورس پيٽرل) نالي دريائي ڪبُوتر، 10 کان 15 ڳاڙهي
پُڇ توڙي ڳاڙهِي چُهنب وارا “آلاٽراپيڪل پکي” (جن کي انگريزِيءَ ۾ “ريڊ ٽيلڊ ٽراپڪ
برڊ” ۽ عربِيءَ ۾ “رئيس البحر” چيو ويندو آهي) ۽ ٻيا اڻ ڳڻيا پکي لهن ٿا. هن ٻيٽ
تي هوائِيءَ جي “لينڊ اينڊ نيچرل رسورسز ڊپارٽمينٽ” جي اجازت کان سواءِ قدم نه ٿو
رکي سگھجي.
هن ٻيٽ تي ڪابه وسندي ناهي. پري کان
اوهان ڏسندا ته اهو خشڪ، سنئون، سڌو، سپاٽ بس هڪ ننڍڙو جبل ئي آهي، جيڪو “مڪاپُو”
(u’Makapu) کان مُنو ميل پري آهي. اسين جڏهن پئسفڪ جِي
ڪڙَ سان “مڪاپُو” (u’Makapu) ڏانهن وڌي
رهيا هُئاسُون، ته “سهي/سيهڙ واري ٻيٽ” (Rabbit Island)
تي بعضي اُس ۽ بعضي جھُڙ واري نظاري ان ڪري پئي موهيو، جو اسان وٽ توڙي هُن ٻيٽ تي
اُس ۽ ڇانوَ جِي اها اک ٻُوٽ جارِي هُئي. يعني اسان وٽ اُسَ هُئي ته ڀائُو سيهڙ تي
ڇانوَ هُئِي ۽ اُتي اُس هُئي، ته اسان وٽ ڇانو ٿي ڦرِي گھرِي! ان اُس جي اچ وڃ هن
سمُوري منظر کي فطري سُهڻائِيءَ سان ڀرپُور انداز ۾ ڀري ڇڏيو. اسين اُن وقت جنهن
روڊ کي لتاڙيندا “مڪاپُو” (u’Makapu) ڏانهن وڌي
رهيا هُئاسِين، اهو “ڪيلانِيانائولِي هاءِ وي” (Kalanianaole
Highway) سڏجي ٿو.
هن وقت اسين صحيح معنى ۾ “پئسفڪ جي
پاڙي” ۾ هُئاسِين ۽ پئسفڪ جي حسِين ڪنارن (بِيچز) توڙي هن ٻيٽ جي موسم توڙي سُونهن
جي حوالي سان زبردست نظارن پنهنجي پاڙيسريُن (اسان) جي اهڙي يادگار ۽ دل کي
موهيندڙ مهمان نوازي پئي ڪئِي، جنهن کي وسارڻ اسان لاءِ هن زندگِيءَ ۾ ته مُمڪن ئي
ڪونهي.
اسان جي ڪوسٽر “اوآهُو” جي انتهائِي
اوڀر ۾ پهچِي جابلُو چاڙهِيءَ تي چڙهڻ شرُوع ڪيو ۽ هڪ اهڙِي اُوچي جاءِ تي اچي
بِيٺِي، جيڪا هن بِيچ “مڪاپُو” (u’Makapu) جي پارڪنگ
واري جاءِ هُئِي. هتان هي روڊ “مڪاپُو” (u’Makapu) ڪِلف کي
ڇڏي “اوآهُوءَ” ۽ “هونولُولُوءَ” ڏانهن اڳتي وڃي ٿو، پر اسِين هن ماڳ ڏانهن اچڻ
لاءِ ڏاکڻين پاسي مُڙِي وياسِين. “مڪاپُو” (u’Makapu)
“اوآهُو” جي مشهُور ڪناري “وائي منالو بِيچ” جي اوڀر ۾ لڳ ڀڳ 2 ڪلوميٽرن جي
مُفاصلي تي موجُود آهي. جيڪڏهن هونولُولُوءَ (سائُوٿ شور، هوائي ڪائِيءَ) واري
پاسي کان هيڏانهن اچبو ته ساڳئي هاءِ وي سان سفر ڪندا “پئسفڪ جو وارِيءَ وارو
ڪنارو” اُڪري هتي پهچبو. جيڪڏهن “هوائي ڪائِيءَ” واري پاسي کان اچبو ته رستي ۾
گھمڻ جُون ڪي ٻيُون به اهم جايُون اينديُون، جن ۾ “ماڪاپُو پُوائنٽ اسٽيٽ وي سائيڊ
پارڪ”، 38 ايڪڙن (15 هيڪٽرن) تي مُشتمل هڪ ٻيو روڊ سائيڊ پارڪ ٻه اهڙا باغ آهن،
جيڪي هونولُولُو کان هيڏانهن ايندي لڳ ڀڳ اڌ رستي تي پوندا.
“مڪاپُو” (u’Makapu)
سمنڊ جِي سطح کان 647 فٽ (197 ميٽر) مٿي واقع، هڪ ناهموار چوٽِيءَ جي باقيات تي
مُشتمل اهڙي نظاري گاهه آهي، جيڪا پئسفڪ جو اُوچيءَ جاءِ تان اهڙو سهڻو نظارو (Panoramic
View) پسائي ٿي جو پئسفڪ کي مٿان ڏسندي من موهجيو
پوي. هيءَ جاءِ اوڀارينءَ ڪُنڊ تي هجڻ ڪري ڪنهن دؤر ۾ “اوآهُو” ايندڙ سامونڊي
جهازن لاءِ هدايتُون ۽ رهنمائي ڏيندڙ لائيٽ هائُوس لاءِ مُناسب ۽ موزُون جاءِ
هُئي. اُهو لائيٽ هائُوس اڄ به اُتي موجُود آهي. هن ماڳ جي خاصيتن منجھان هڪ اهم
خاصيت اها به آهي ته هي ماڳ جنهن جبل تي موجُود آهي، اُن ۾ غارُون به آهن، جن کي
جنگي مقصدن لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو رهيو. اصل ۾ هن جاءِ جو نالو “مڪاپُو” (u’Makapu)
هوائي ٻولِيءَ جو هڪ لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي: “اُڀريل اک”. هن ماڳ تي هي نالو
پوڻ جي حوالي سان ٻه روايتُون مشهُور آهن. هڪ اها ته، جيئن ته بلندِيءَ تي قائم هي
ماڳ پري کان ايندڙ ويندڙ جهازن ۽ خاص طور دُشمن جي فؤجن جي حرڪت کي نظر ۾ رکڻ ۽
چؤڪس رهڻ لاءِ انتهائي ڪارائتو رهيو، تنهن ڪري هن ماڳ کي “اُڀريل/کُليل/جاڳيل اک
سان تشبِيهه ڏني وئي. ٻئي روايت مُوجب، هن ماڳ تي موجُود غار جي هڪ جاسُوسِي سوراخ
جِي شبيهه اک جيان آهي، جنهن جي اندر ويٺل سپاهيءَ کي آسانيءَ سان سمنڊ ۾ ٿيندڙ
حرڪت نظر اچي سگھي ٿِي، تنهن ڪري هن جو نالو “مڪاپُو” (u’Makapu)
يعني “اُڀريل اک” پيو. ان اک جي شبِيهه وارِيءَ غار جو نالو “ڪِينائو ڪِي
ڪُوئاپولولِي” (Keanaokeakuapololi) آهي. هن
غار جي حوالي سان “ڊيرڪ فيرار” (ڊيرِيءَ) اسان کي ٻُڌايو ته “مڪاپُو” (u’Makapu)
جي جنگي اهميت رڳو ويجھڙي ماضِيءَ ۾ ئي ناهي رهِي، بلڪه صديُون اڳ کان وٺِي هي جبل
۽ پهاڙ، فؤجن جي ڍَڪ ۽ لِڪ جو ذرِيعو رهيا آهن. اوهان جو اهو ڄاڻڻ ضرُورِي آهي ته
“هوائي” رياست جو (بشمُول هن ٻيٽ/خطي جي) امريڪا جو حصو هُجڻ جِي تاريخ فقط 117
سال پراڻي آهي، ڇاڪاڻ ته 7 جُولاءِ 1898ع تي “هوائِي“ امريڪا جو، هڪ خطي/علائقي
جِي حيثيت ۾ حصّو بڻيو، جڏهن ته ان کي امرِيڪي رياست وارِيءَ حيثيت ۾ سُڃاڻپ 22
آگسٽ 1959ع تي ملي.هوائِيءَ جي قديم تاريخ ڏسبِي ته اُن جي قديم ترين تاريخ کان
پوءِ ان جي سلطنت/بادشاهت وارِيءَ حيثيت جي تاريخ به هڪ صديءَ کن جِي آهي، جيڪا
1795ع کان 1895ع تائين جي عرصي تي مُحيط آهي. جنهن بعد ان جي وڪٽوريه راڻِيءَ جي
بادشاهت ۾ عارضي مڃتا وارو به هڪ مختصر دؤر آهي، تنهن کان پوءِ “هوائيءَ” کي هڪ
مُڪمّل جمهُوريه طور تسليم ٿيڻ واري زماني جي به چار ساله تاريخ (1894ع کان 1898ع
تائين) آهي، جنهن کان پوءِ امريڪا اچي هن تي پنهنجو جھنڊو کوڙيو ۽ ان جا مالڪاڻا
حق حاصل ڪري ورتا، جيئن اُن جِي رِيت رهِي آهي. انهن سمُورين حيثيتُن ۾ هوائِيءَ
هڪ مُحتاط اندازي مُوجب لڳ ڀڳ 110 جنگيُن کي مُنهه ڏنو، جن ۾ ننڍيُون وڏيُون
جنگيُون ۽ خُوني ڦڏا توڙي جھيڙا جھَٽا پڻ شامل آهن، جن منجھان هن خطي جِي تارِيخ ۾
جيڪا سڀ کان پُراڻِي جنگ ملي ٿِي، سا 11هين صدي عيسويءَ ۾ “اوآهُوءَ” جي تڏهوڪي
بادشاهه “ڪُمُوهونُوئا” جي سندس ڀائرن سان زمين جي جھيڙي تي ٿيل سامُونڊي ويڙهه
هُئي. (يعني پئسفڪ رڳو جنت نظير نظارن جو ۽ سيّاحت جو ئي نه پر وڏيُن جنگيُن توڙي
ڦڏن جو به سبب رهيو آهي.) جنهن کان پوءِ 13هين صديءَ ۾ (ڪن روايتن مُوجب 14هين
صدِيءَ ۾) “اوآهُو” جي پهرين انقلاب واري خُونريزِي به هن خطي جي قديم جنگيُن ۾
وڏِي اهميت جِي حامل آهي، جنهن کي تاريخ ۾ “لِي هُوئي قلعي واري جنگ” جي نالي سان
به ياد ڪيو وڃي ٿو. هن خطي جي جنگيُن جي سلسلي ۾ “ميلِي ڪُوڪاهِيءَ” وارا ڦڏا
(13هين/14هين صدي عيسوي)، “وائي ڪاڪالُوآ” وارِي جنگ (14هين صدي)، “اوآهُو” تي
ماءِيُوئن جي پهرين ڪاهَه (14هين صدي)، اوآهُوءَ جِي جانشينِيءَ وارِي جنگ (15هين
صدي)، ٻيو “اوآهيَن” انقلاب/“لي لي پائوُوا” ۽ “ڪاپُوئي ڪولا” جي وچ ۾ ٿيل ويڙهه
(15هين صدي)، “وائيڪيڪِيءَ تي ٿيل اٽڪل وارو حملو (جيڪو 15هين صدي عيسويءَ ۾ تاڙ ۾
ويٺل فوجين ڪيو ۽ وڏي خونريزِي ٿِي)، “وائي آ لُوآ” ۽ “ڪُولائُوآلُوآ” واريُون
جنگيُون (15هين صدي)، “ڪُئالِيءَ وارا ڦڏا” (17هين صدي)، “هِلو” تي حملو (17هين
صدي)، “مُومومِيءَ وارِي جنگ” (17هين صدي)، “مولوڪائِيءَ” تي “اوآهُوءَ” جو
پهرِيون ڀيرو قبضو (1730ع کان پوءِ)، “ڪَويلا” جِي جنگ (1737ع)، “مولوڪائِيءَ” تي
“اوآهُوءَ” جو ٻيو قبضو (1740ع)، “الاپائِي نُوئِي” جو “اوآهُوءَ” تي قبضو (1738ع
ڌاري)، “اوآهُو” جو ٽيون انقلاب (1773ع ڌاري)، “ڪاهاهانا” وارا ڦڏا (18هين صدي)،
“هوائيءَ جي سڀ کان وڏي ٻيٽ” تي لڳل ڪجھه ننڍيُون جنگيُون (18هين صدي)، “اوآهُو”
تي ٻيو “مائيُوئين“ قبضو (1782ع)، 7 جنگجُوئن جي جنگ (1782ع ڌاري)، “ڪاهيڪِي
ندِيءَ” وارِي جنگ (1783ع)، “وائي پِي او” وارِي جنگ (1784ع)، “ڪِي واوا” وارِي
جنگ (1738ع)، “وائي ڪاپُو” جي عوام جِي جنگ (1776ع)، “موڪُواوآهِيءَ” وارِي جنگ
(1782ع)، “اولَو والُو مساڪري” وارِي ويڙهه (1790ع)، “ڪيپاني وائِيءَ” وارِي جنگ
(1790ع)، اوڀر هوائِيءَ واريُون جنگيُون (1790ع)، “ڪوائي هائِيءَ” واري جنگ
(1791ع)، ”نُوآنُو” وارِي جنگ (1795ع) ۽ ٻيُون ڪُجهه مُک جنگيُون آهن، جن جو قديم
هوائِيءَ جي تاريخ ۾ ذڪر ملي ٿو، ان کان سواءِ ننڍا وڏا معرڪا ته کوڙ هُوندا، جن جو
ذڪر شايد تڏهن ملي، جڏهن هوائِيءَ جي تاريخ جو باريڪ بينيءَ سان مُطالعو ڪيو وڃي.
(نوٽ: هتي فقط قديم “هوائِيءَ” جي جنگيُن ۽ قبضن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هوائِيءَ جي
بادشاهت واري دؤر ۽ ان کان پوءِ ان جِي رياست وارِيءَ حيثيت ۾ مٿس ٿيل حملن توڙي،
قبضن جوذڪر ڪبو ته اهو الڳ هڪ ڪتاب جو موضوع آهي) ڏٺو وڃي ته سنڌ مٿان ٿيل ڪاهُن،
قبضن ۽ جنگيُن جي تاريخ ئي اڃا صحيح ۽ جامع انداز ۾ سهيڙجي ناهي سگھي، تڏهن ته لوڪ
کي اها خبر ناهي ته “دُنيا جي مُختصر ترين جنگ” پاڻ وٽ سنڌ ۾ هالاڻِيءَ ۽
بهلاڻِيءَ جي وچ ۾ لڳي، جنهن ۾ ڪلهوڙن کان ٽالپرن اقتدار ڦُريو. لوڪ کي ته بعد ۾
خبر پوندِي، پهريان اسين پاڻ ته ڄاڻون! اسان جي پنهنجي سنڌ واسيُن منجھان گھڻن کي
اها خبر هُوندي؟ ته انهيءَ ساڍن ستن منٽن جي جنگ ۾ گھڻيُون سسيُون ڌڙن کان ڌار
ٿيُون؟ پهرين اسين پاڻ ڄاڻينداسِين، تڏهن ئي ته ان کي دُنيا تائين پهچائي
سگھنداسِين ۽ جيستائين ايئن نه ٿيندو، تيسيتائين “گنِيز بُڪ آف ورلڊ ريڪارڊ” ۾
ڪيئن اسان جي ديس جي اهڙيُن انوکين شين جو اندراج ٿِيندو! سو مُون ڳالهه پئي ڪئي
هوائِيءَ جي جنگيُن جِي! ته ويجھي ماضِيءَ ۾ هوائيءَ جي هن ئي ٻيٽ (اوآهُوءَ) جي
مشهُور “پرل هاربر” تي ٻئي مهاڀارِي ويڙهه جي دؤران 7 ڊسمبر 1941ع تي جپّان پاران
ڪيل مشهُور جهازي حملو تاريخ ۾ واضح طور تي رقم ٿيل آهي، جنهن جي جواب ۾ امريڪا
جپّان مٿان 6 آگسٽ 1945ع تي “هِيروشِيما” ۽ 9 آگسٽ 1945ع تي “ناگاساڪِيءَ” تي ائٽم
بم ڪيرايا. جيتوڻيڪ “پرل هاربر” تي ٿيل جپّاني حملي جا لڪل مُحرڪ به ٻيا هُئا، جن
تي به دل چوي ٿي ته ڪڏهن تفصيل سان لکجي. سو اسان کي ڊيرِيءَ نه فقط اُها غار
ڏيکارِي، جنهن جي شبيهه اک جهڙي آهي، بلڪه اهو پڻ ٻُڌايو ته “مڪاپُو” (u’Makapu)
واري پاسي کان “اوآهُو” تي ٿيندڙ حملن ۾ مقامي فوجِي انهيءَ غار ۾ لڪي نه فقط
دُشمن جي نقل ۽ حرڪت تي نظر رکندا هُئا، بلڪه ان سان گڏ (جديد هٿيارن جي ايجاد ٿِي
وڃڻ کان پوءِ) اندر ويهي، ان غار منجھان مورچي جو ڪم وٺندي، دُشمن تي هٿيارن سان
حملو پڻ ڪندا هُئا. اُن غار ۾ اندر وڃڻ جو رستو به هُيو، جيڪو “مڪاپُو” (u’Makapu)
جي سمنڊ واري پاسي کان مُهاڙِيءَ جي مخالف رُخ کان (پويان) هو، جنهن منجھان اسان
جا ڪُجهه ساٿي، خاص طور تي خالد خيشگي ۽ ضياء اندر گھڙِي ويا ۽ اُن اک جهڙي سوراخ
مان مُنڍِي ڪڍِي، کلندي اسان کي “جھات” ۽ “هات” ڪيائُون (جنهن کي اردُوءَ وارا
“آئِيتا” چوندا آهن.)
اسين پارڪنگ وارِيءَ جاءِ کان هاءِ وي
تان جڏهن اُن جبل ڏانهن ويندڙ پيچري سان ٿورو ئي اڳتي وڌياسِين ته “مڪاپُو” (u’Makapu)
جبل جي وَٽِ سان ٺهيل اهڙو پيچرو هو، جيڪو اڳيان اُن لائِيٽ هائُوس طرف ٿي ويو،
جيڪو قديم زماني کان بحري جهازن کي هدايتُون ڏيڻ لاءِ استعمال هيٺ آهي ۽ اڄ به اهو
“امريڪي ڪوسٽ گارڊز” جي ضابطي هيٺ ڪم ڪندڙ آهي. اسان اُن پيچري تي جبل جِي وَٽ سان
آسانيءَ سان ٿورو اڳتي تائين وياسِين ۽ پنهنجو پاڻ ننڍيُن ننڍيُن ٽوليُن ۾
ورهائجِي وياسين. ڪير ڪيڏانهن به ٿي ويو، مُنهنجِي ڪوشش اها ٿي رهِي ته آءٌ پنهنجي
سُونهَي (گائيِڊ)، “ڊيرڪ فيرار” (ڊيرِيءَ) سان گڏ رهان، ته جيئن مُنهنجي مُسلسل
سوالن ڪرڻ جِي عادت کي هُو مُنهن ڏئِي سگھي ۽ مان “اوآهُو” توڙي “هوائِيءَ” جي
باري ۾ گھڻي کان گھڻو ڄاڻي سگھان. هن پُرفضا مقام تي هوا پنهنجن زورن تي هُئِي
۽ اسان “ماٺِيڻي سمنڊ” (بحرالڪاهل) يعني
پياري پئسفڪ جو اُوچائيءَ تان مٿان وارو نظارو (Panoramic
View) ڏسي، اُن جي نِيريُن ڇوليُن جي“مڪاپُو” (u’Makapu)
جي ساحل سان ٽڪرائيندي، اڇِي گج ٺاهِيندي، وري واپس وڃڻ جو دلفريب منظر ڏسي پنهنجي
حياتِيءَ جي هنن انمول لمحن منجھان لُطف اندوز ٿِي رهيا هُئاسِين. اسان جي پويان
“مڪاپُو” (u’Makapu) جو جبل هو. اڳيان به اُن جو وڌيل حصو هو،
جنهن ڪري اسين آسانيءَ سان اُن تي گھُمي ڦرِي پئي سگھياسِين. سامهون پئسفڪ جو وشال
مؤج وندو ساگر هو، جنهن جي وچ ۾ “سيهڙ وارو ٻيٽ” پاڻ تي اُسَ سجائي اُن حسِين
نظاري ۾ وڌيِڪ رنگ ڀري رهيو هو. “مڪاپُو” (u’Makapu) ڪلف جا
اُهي حصا، جن تان ماڻهن جي ڪِرڻ جو امڪان هو، اُتي حفاظتِي گرليُون لڳل هيُون. ان
سيهڙ واري ٻيٽ جي حوالي سان ٻُڌايو ويو ته اهو اڄ کان ڪو 2 لک سال اڳ “آتش فشان”
هو، پر اُن منجھان لاوي نڪرڻ جي ڪا سرگرمِي گذريل 2 لکن سالن دؤان ڪانهي ٿِي، جڏهن
ته ان کان اڳ ان مان لاوي نڪرڻ بابت ارضيات جا ماهر ٻُڌائيِن ٿا.
هيءَ اهڙِي جاءِ هئي، جتي جيتري به
تصويِر ڪشِي ڪجي، گهٽ هُئي. مُون به وسُ ڪيو، سوين نه ته ڊزنين فوٽا مُون اُن جاءِ
تان پئسفڪ جا ڪڍيا. اُن دلفريب هوا جي اسان جي دل تائين رسائِي ڪا ڏکئِي ڪا نه هُئِي. اسان سمُورن ساٿين هتي پئسفڪ
جي پس منظر ۾ گرُوپ فوٽوز به ڪڍرايا ۽ هڪ ٻئي سان دلچسپ جُملن جِي ڏي وٺ به ڪئِي.
هيءَ شام، جيڪا اڳ ئي “نو آنُو پالي لُڪ آئُوٽ” (پولي ڪلف) ۽ “الُوپو هِي آيُو” (ULUPO
HEIAU) جهڙيُن تاريخي ۽ سُهڻن ماڳن جي ڏِسڻ توڙي
پَسڻ جي ڪري يادگار ٿِي چُڪِي هُئي، اُن ۾ “مڪاپُو” (u’Makapu)
جِي ياترا ويتر حسِين رنگ ڀري ڇڏيا.
No comments:
Post a Comment