يُو
ايس ايس ايريزونا ميموريل
پئسفڪ جي پاڙي ۾ قسط 20
ياسر قاضي
هن ”سفر-ڪهاڻيءَ“
جي گذريل قسط ۾ اوهان کي مُون ”پرل هاربر“ (موتي بندرگاهه) گھُمايو ۽ ان بابت بابت
تفصيل سان ٻُڌايو. گڏوگڏ اوهان ٻي مهاڀاري جنگ دؤران جپّان پاران امريڪا جي ”پرل
هاربر“ تي ڪيل خونخوار حملي بابت پڙهيو. نه رڳو ايترو، پر اسين ان حملي جي يادگار،
”ايريزونا ميموريل“ گھمڻ لاءِ ان واقعي جي اکين ڏٺي شاهد، ”جم لِي“ سان سفر جي
شرُوعات ڪندي، پرل بندرگاهه تي ٺاهيل سينيما ٿيئٽر ۾ ان حملي جي حوالي سان
معلوماتي دستاويزي فلم (ڊاڪيُومينٽري) ڏسي، ان يادگار ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾
سُوار ٿي چُڪا هئاسِين. سمُورن مُسافرن جي ويهڻ کان پوءِ هن سُهڻي ٻيڙيءَ (جنهن کي
”پئسفڪ فيرِي“ يعني ”پئسفڪ جِي پري“ چون ٿا)، پنهنجو سفر شرُوع ڪيو. اسين لڳ ڀڳ
ڏيڍ ٻه سؤ مُسافر هڪ فيرِيءَ ۾ سوار هُئاسُون. ٻيڙيءَ جيئن ”ايرِيزونا ميموريل“
طرف پنهنجو سفر شروع ڪيو ته اسان کي پئسفڪ واري پاسي کان ”پرل هاربر“ (موتيءَ واري
بندرگاهه) جي نظاري جا خدَ خال واضح انداز ۾ نظر اچڻ لڳا. اسان کي گھڻو سفر نه هو
ڪرڻو، ڪناري کان مشڪل سان ڏهن منٽن جي سفر کان پوءِ اسان جِي فيرِي (ٻيڙي)
”ايريزونا ميموريل“ پهتي. اسان جي ٻيڙيءَ کان ”ايريزونا“ (يادگار) تي پير رکڻ لاءِ
هڪ ڊگھو لوهي ڦٽو موجُود هو، جنهن جي ذريعي اسان هن يادگار جي عمارت جي اندر داخل
ٿياسِين. هن يادگار تي اهو سلسلو پُورو ڏينهن جاري رهي ٿو ته هڪ ٻيڙِي (فيرِي)
مُسافرن (سيّاحن) کي هاربر تان کڻي هن يادگار تائين آڻي ٿِي. اُتي 15 کان 20 منٽ
جي لڳ ڀڳ وقت تائين (جيسين سڀ آرام سان اهو يادگار گھمي سگھن) لنگر انداز رهي ٿي ۽
پوءِ سڀني کي واپس ڪناري تائين کڻي وڃي ٿي. جنهن وقت هڪ فيرِي هن يادگار تان واپس
موٽڻ لاءِ پنهنجو سفر شرُوع ڪري ٿي، اُن ئي وقت ڪناري تان ٻي فيرِي (ٻيڙي) يادگار
تي اچي پارڪ ٿئي ٿي ۽ اهو سلسلو سڄو سال روزانو پابنديءَ سان هلندو رهي ٿو.
”يُو ايس ايس ايريزونا ميموريل“ (”يُو ايس
ايس“ جو مطلب آهي: ”يُونائيٽڊ اسٽيٽس شِپ“) جپّان پاران امريڪا تي ڪيل 7 ڊسمبر
1941ع واري حملي ۾ مارجي ويل 1 هزار 102 فؤجين توڙي عام شهرين جي آخري آرامگاهه
آهي. ياد رهي ته هن حملي ۾ مارجي ويلن جو ڪُل تعداد هڪ هزار 177 هو، جن ۾ جهاز
ران، سپاهي ۽ ايريزونا جهاز جو ٻيو عملو شامل هو. هن يادگار جو نالو ”ايريزونا
يادگار“ ان ڪري آهي، جو ان حملي جي خاص نشانو بڻجندڙ سامونڊي جهاز جو نالو ”يُوايس
ايس ايريزونا (BB39)“ هو. هن جهاز کي ”برُوڪلن نيوِي يارڊ“ نالي امريڪي
اداري ٺاهيو، جنهن جي بناوت 16 مارچ 1914ع تي پُوري ٿي، جڏهن ته ان کي 17 آڪٽوبر
1961ع ۾ امريڪي بحري ٻيڙي ۾ شامل ڪيو ويو. هن سامُونڊِي جهاز جي ٺهڻ تي ان دؤر ۾
16 لک امريڪي ڊالر خرچ آيو هو. ماڻهن وانگر جهازن جا به ننڍا نالا (عرفيتُون) ٿين
ٿيون. هن جهاز جو به ننڍو نالو ”ايريزونا“ هو، جڏهن ته ان جي سُڃاڻپ جو نمبر (بِي
بِي 39) هو. هن بحرِي جهاز جي ڪُل ڊيگهه 608 فُٽ (185.3 ميٽر) ۽ ويڪر 97 فُٽ (29.6
ميٽر) هئي. هي جهاز جڏهن تباهه ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي عروج تي هو، ته هن
جي سراسري رفتار 21 ناٽس (يعني 39 ڪلوميٽر في ڪلاڪ) هئي. هن جهاز جي سمنڊ ۾ هلڻ وقت
ان ۾ ان جي ڪپتان سميت 55 آفيسر ۽ 860 ڪارڪن (يعني ڪل 915 ڄڻا) سفر ڪندا هئا. جيئن
ته جپّان پاران ”پرل هاربر“ تي ڪيل حملي جو خاص نشانو ”ايريزونا“ (بحري جهاز) ئي
بڻيو، جنهن ۾ اهي فؤجي ۽ جهاز جو عملو ته پنهنجين جانيُن کان ويو ئي ويو، پر ان
سان گڏ هاربر (بندرگاهه) تي موجُود ٻيا شهري پڻ اجل جو شڪار ٿيا. ان ئي جهاز جِي
نسبت سان هن يادگار جو نالو ”ايريزونا ميموريل“ رکيو ويو آهي.
هي يادگار 30 مئي 1962ع تي
تعمير ٿي راس ٿيو، جنهن کي اڄ ڪلهه سال ۾ 20 لکن کان وڌيڪ ماڻهو ڏسڻ ۽ گھُمڻ اچن
ٿا. هن يادگار تائين صرف ٻيڙيءَ رستي
رسائي ئي ممڪن آهي. ”پرل هاربر“ تي اسان جنهن ٿيئٽر ۾ اها دستاويزي فلم ڏٺي سين،
جنهن ۾ هاربر تي ٿيل حملي بابت معلومات ۽ ان جا منظر محفُوظ ٿيل هُئا، اهو ٿيئٽر
”يُو ايس ايس ايريزونا ميموريل وزيٽر سينٽر“ جو حصّو آهي، جنهن ۾ ان ٿيئٽر، يادگار
توڙي عجائب گھر (ميُوزيم) سميت هڪ گفٽ شاپ ۽ ڪتاب گھر پڻ شامل آهي. ”يُو ايس ايس
ايريزونا ميموريل وزيٽر سينٽر“ 1980ع ۾ قائم ڪيو ويو، جنهن جو انتظام هوائيءَ جي
”نيشنل پارڪ سروس“ سنڀالي ٿِي.
ايريزونا يادگار جي ڊزائن
هونولُولُو جي مشهُور آرڪيٽيڪٽ، الفرڊ پريس (ڄم: 2 فيبروري 1911ع ـ لاڏاڻو: 29
مارچ 1993ع) ٺاهي. هن يادگار جو ڍانچو 184 فُٽ (56 ميٽر) ڊگھو آهي. جنهن کي پاڻيءَ
۾ تباهه ٿيل ”ايريزونا“ جهاز جي مٿان جوڙ جي نشان وانگر (+) ڪراس جي صُورت ۾ ٺاهي
بيهاريو ويو آهي.
هن قومي يادگار جا ٽي مُک حصا
آهن. هن جو پهريون حصّو اُن ڪمري تي مُشتمل آهي، جنهن منجھان هن يادگار جي اندر
داخل ٿجي ٿو. ٻيو حصّو ”اسيمبلي رُوم“ (گڏ ٿيڻ وارو ڪمرو) چورائي ٿو، جنهن جي ڇت
ناهي ۽ ان جي جوڙجڪ هڪ دالَي (ورانڊي) وانگر آهي. هن ڀاڱي ۾ ٻنهي پاسي واريُن ڀتين
۾ 7 وڏيُون دريُون آهن، جن جي سِڌ ۾ ڇت ۾ به اهڙا ئي 7 دريءَ نُما مستطيل سوراخ
آهن. ڪُل ملائي هنن دَريُن جو تعداد 21 آهي. اهو چيو وڃي ٿو ته انهن دريُن جو
تعداد 21 ئي رکڻ، علامتي حوالي سان هن يادگار تي 21 توپن جي هر وقت موجُودگيءَ طرف
نشاندهي ڪري ٿو، جيڪي عقيدت مان اجل جو شڪار ٿيلن کي سلام پيش ڪن ٿيُون، پر هن
يادگار تي موجُود سُونهان (گائيڊس) ان ڳالهه جي تردِيد ڪن ٿا ته هن يادگار کي
ڊزائن ڪرڻ وقت اهڙي ڪابه ڳالهه آرڪيٽيڪٽ جي ذهن ۾ ڪانه هُئي. يادگار جي هن حصّي
مان جيئن ته تباهه ٿيل جهاز جو مَلبو پاڻيءَ هيٺ آسانيءَ سان نظر اچي ٿو، ته اتي
بيهي ماڻهُو اُن ملبي جي مُختلف حصن سان يادگار تصوِيرُون ڪڍائِين ٿا. گڏوگڏ گھڻا
سيّاح هن جاءِ تان هيٺ ٻُڏل جهاز کي دان ڪرڻ لاءِ پاٻوهه مان گُل به پاڻيءَ ۾
اُڇلائين ٿا.
جڏهن ته هن يادگار جو ٽيون ڀاڱو
اُن ڪمري تي مُشتمل آهي، جنهن جي مرمر واري پٿر سان ٺهيل ڀت تي اُنهن سپاهين ۽ ٻين
شهرين جا نالا درج آهن، جيڪي هن حملي ۾ ”ايريزونا“ (جهاز) جي اندر يا آس پاس اجل
جو شڪار ٿيا. هن ڀت جي آڏو ٽي ننڍڙا ڏاڪا ٺهيل آهن، جيڪي پڻ سنگِ مرمر جا آهن، جن
جي سامهُون مخمل سان ڍڪيل زنجيرن سان هڪ سَنڌو ٺهيل آهي، ته جيئن اُن حد کان اڳتي
زائرين نه وڃي سگھن ۽ ڀت کي نه ڇُهِي سگھن. ان زنجير واريءَ سرحد جي اڳيان گُلن جي
ڦيٿن رکڻ لاءِ ڪاٺ جُون اسٽينڊس رکيل آهن. هن ڪمري کي امريڪي ”شرائين“ (درگاهه)
چون ٿا، جنهن کي ايئن ئي ڏٺو/محسُوس ڪيو وڃي ٿو، ڄڻ اها انهن سمُورن جي گڏيل آخري
آرامگاهه هُجي (هُونئن جيڪڏهن ايئن سمجھيو وڃي ٿو ته اهو ڪجهه غلط به ناهي، ڇاڪاڻ
ته اهي اجل جو شڪار ٿيل وجُود ان ئي جاءِ تي ٻُڏِي مري ويا هُئا)، جتي ماڻهُو اچي
اُنهن وڇڙي ويلن لاءِ گُلن جا ڦيٿا (جن کي اڪثر ”گُلن جِي چادر“ چيو ويندو آهي)
رکن ٿا ۽ سنگ مرمر جي ٺهيل ڀت تي انهن جا نالا پڙهِي نِير هارين ٿا. هن هال ۾ سوڳ
وارو ماحول رهي ٿو ۽ اڪثر رش هئڻ جي باوجُود به سانت رهي ٿِي. ماڻهُو ادب مان ٻئي
هٿ ٻڌِي چُپ چُپ ۾ لُڙڪ هارِيندي نظر اچن ٿا.
امريڪي سامونڊي فؤج سميت شهرين
وٽ به هن ٻُڏل جهاز، ان هيبتناڪ واقعي، توڙي ان ۾ مارجي ويل ماڻهن لاءِ ايڏو
احترام آهي، جيترو ڪو سوچي به ڪونه ٿو سگھي. ان جا ٻه مثال اوهان کي ڏيندو هلان ته
امريڪي نيوِيءَ، ڪوسٽ گارڊس (سامُونڊِي پٽِيءَ جي مُحافظ فؤج) توڙي امريڪي مرچنٽ
نيويءَ جو ڪوبه جهاز، بيتيلو يا ٻيڙو ”پرل هاربر“ (موتيءَ واري بندرگاهه) ۾ داخل
ٿيندو آهي، ته اُن جو سمُورو عملو پنهنجن ٻيڙن يا جهازن جي ”گارڊ ريل“ تي بيهي
”ايريزونا ميموريل“ کي سلامي ڏيندو آهي ۽ اهو بحري جهاز يا ٻيڙو اُن سلاميءَ سان
پرل هاربر ۾ داخل ٿيندي اچي لنگر انداز ٿيندو آهي. اهو امريڪي سمنڊ سان سلهاڙيل
سمُورن ادارن لاءِ لازم آهي، جنهن تي پابنديءَ سان عمل ڪيو ويندو آهي. ٻين مُلڪن
جا اھي سامُونڊِي جهاز، جيڪي امريڪي سامُونڊي فؤج سان گڏيل مشقن لاءِ پرل هاربر
طرف ايندا آهن، اُهي پڻ اهڙي سلامي ڏيڻ جا پابند آهن. ٻيو مثال اهوته جيڪو به جهاز
امريڪي بحري ٻيڙي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي، اُن کي باقاعدي ”ڪمِيشننگ“ واري مرحلي مان
گُذاري، امريڪي بحريه ۾ شامل ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن به ڪو جهاز يا ٻيڙو ناڪاره يا
تباهه ٿي ويندو آهي، ته اُن جي سرڪاري طور اُها وابستگي، اُن کي ”ڊِي ڪميشن“ ڪرڻ
جي صُورت ۾ ختم ڪئي ويندي آهي. پر اهو شرط ايريزونا (جهاز) سان لاڳُو ناهي.
جيتوڻيڪ هن جهاز جي تباهِيءَ کان پوءِ اهو امريڪي نيويءَ جي ڪميشنڊ جهازن جِي
فهرست ۾ نه رهيو آهي، تڏهن به مٿس امريڪي جھنڊو هر وقت پيو ڦڙڪي ٿو. اوهان کي ”يُو
ايس ايس ايريزونا ميموريل“ جي عمارت جي مٿان جيڪو امريڪي جھنڊو ڦڙڪندي نظر اچي
رهيو آهي، اُهو جنهن ”فليگ پول“ ۾ لڳل آهي، اُهو فليگ پول اُن ٻُڏل ايريزونا
(جهاز) سان ڳنڍيل آهي، يعني اهو امريڪي جھنڊو ان ٻُڏل ”ايريزونا“ (جهاز) تي ڦڙڪِي
رهيو آهي، جيڪو يقيني طور تي ان ڳالهه جو دليل آهي ته امريڪي سامونڊِي فؤج توڙي
حڪُومت اڄ به ايريزونا کي ”ڪمِيشنڊ“ تسليم ڪري ٿِي.
اسان ”ايريزونا يادگار“ تي پهچي
ٽڙِي پکڙي وياسِين. اسان مان ڪي ٻن ٻن ته ڪي ٽن ٽن جي گروُپ ۾ ورهائجي هن يادگار
جا مختلف حصا گھُمڻ لڳا. مان، جيئند ۽ اشفاق آذر گڏ هُئاسِين ۽ يادگار جا مُختلف
حصّا پئي گھُمياسِين ۽ يادگار تصوِيرُون پئي ڪڍيُوسِين. جڏهن يادگار جا مُختلف
ڀاڱا ڏسي ورتاسِين ته ”جِم لِي“ (اسان جي گائيڊ) اسان کي واپس ٻيڙيءَ ۾ هلڻ جو
اشارو ڪيو ۽ اسين فيرِيءَ طرف وڌڻ لڳاسِين. يادگار کان فيرِيءَ تائين رڙهندي
رڙهندي به اسان کي ڏهه منٽ کن لڳي ويا. ٻيڙِيءَ ۾ ويهي، واپس پرل هاربر (موتِي
بندرگاهه) جي ڪناري تي آياسِين ۽ اُتي اسان کي هڪ مُقرر وقت ٻُڌايو ويو، ته فلاڻي
وقت تي ڪوسٽر وٽ گڏ ٿيڻو آهي. وري اسان ٽڙِي پکڙِجي وياسِين. مان، اِشُو ۽ جِيئند،
اُن عجائب گھر (ميُوزيم) ۾ هليا وياسِين، جتي هن جپّاني حملي جي حوالي سان يادگار
رکيل هُئا. هي ميُوزيم اُن ٿيئٽر (جتي ڪُجهه دير اڳ اسان هن حملي جي حوالي سان ڊاڪيُومينٽري
ڏسِي چُڪا هُئاسِين) جي ٽڪيٽ گھر جي ذري گھٽ سامهُون هو. هن ميُوزيم اندر داخل ٿيڻ
جا مُختلف دروازا هُئا. مُختلف هالن تي مُشتمل نرالي پلاننگ سان ٺهيل هن ميُوزيم
جي پيشڪش جي انداز تي حيران ٿيڻ ته جُڳائي، پر اُنهن انگڙ ونگڙ هالن جي داخلي ۽
خارجي دروازن جو نقسو به دلچسپ حد تائين ايڏو عجيب ٺهيل هو، جو هڪڙي مان نڪرِي ٻئي
۾ داخل ٿيڻ ته سؤلو هو، پر ٻئي هال ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ اهو احساس ٿي ٿيو ته ”اڙي!
هي هال ته پهرين گھمِي چُڪاسِين!“ ان ”ڀُول ڀُلّئيان“ نُمان ٺهيل هن موچاري
ميُوزيم اسان کي ان ڳالهه ۾ به مُنجھائي رکيو ته اُن جو ڪهڙو حصو پهريان ڏسجي ۽
ڪهڙو پوءِ! يا اهو ته شرُوع ڪٿان ڪجي!
مان ان کان اڳ به گُذريل قسطين
۾ اوهان سان اها ڳالهه اظهاري چُڪو آهيان ته امرِيڪي، ميوزيم ٺاهي ڄاڻن! لائبرري
سائنس جيان ميُوزيم ڊسپلي به هڪ ئي وقت هڪ سائنس (علم) به آهي ته آرٽ (فن) به!
جنهن جو ڪوبه هڪ اسٽِيريوٽائيپ طريقو وضع نه ٿو ڪري سگھجي. ان ۾ نت نوان انداز اُن
جي اظهار ۽ پريزنٽيشن کي نئون رنگ ڏئي سگھن ٿا. مان سمجھان ٿو، ڪا اهڙي شخصيت، ڪا
وَٿ، ڪو تاريخي واقعو يا ڪو قصّو ڪهاڻي، جنهن تي ڪوبه مواد يا ڊسپلي ڪرڻ لاءِ ڪابه
شئي دستياب نه هُجي، اُن تي به امريڪيُن کي چئو ته زبردست ميُوزيم ٺاهي سگھن ٿا.
هُو اُن وٿ بابت سنئين سڌِي ڄاڻ ڏيندڙ نه سهي، اُن سان تعلق رکندڙ اهڙي معلُومات
بابت ڊسپلي جو اهتمام ڪندا، جو ميُوزيم ڏسندڙ ڦرِي گھرِي اُن وٿ جي حوالي سان اُهو
ميُوزيم گھمي، ڄاڻ حاصل ڪري رهيو هُوندو. ”پرل هاربر“ وارو واقعو ته هيڏي ساري
حقيقت آهي، جنهن جي حوالي سان تاريخي شاهديُون به جيئن جو تيئن دستياب آهن، جن کي
سُهڻي نمُوني سجائي، سِينگاري هن مِيوزيم ۾ رکيو ويو آهي.
اسين مِيوزيم جي جنهن دروازي
کان اڳ اڳ ۾ داخل ٿياسِين، اُن داخلا وٽ ڀت تي ٺهيل پئسفڪ جي رنگبرنگي نقشي اسان
جو استقبال ڪيو، جنهن ۾ اُهو رُوٽ واضح ڪري ڏيکاريو ويو هو، جتان جپّان جا بحري
جهاز، هوائي جنگي جهازن کي ڍوئي پرل هاربر تائين آيا ۽ پوءِ حملو ڪيائُون. هن
ميُوزيم ۾ اُنهن گولن ۽ بمن جا خولَ، جيڪي ايريزونا ۽ ٻين امريڪي سامُونڊِي جهازن
تي وسيا، سامُونڊِي فؤج جي اُنهن فؤجي جوانن جُون تصويرُون، جيڪي هن حملي ۾ ماريا
ويا، اُهي باجا (ساز) ۽ راندين (اِن ڊور گيمز) جو سامان، جيڪو ايريزونا (جهاز)
اندر ”اميُوزمينٽ رُوم“ ۾ رکيل هو ۽ هن حملي جي باوجُود سالم يا نيم تباهه حالت ۾
محفُوظ آهي، مختلف قسمن جا ريڊار، زخمي يا شهيد ٿيل فؤجيُن منجھان ڪُجهه جُون رت
هاڻيُون ورديُون، ”ايريزونا“ جهاز جا ڪي ٽُٽل حصّا، ديوارن تي پينافليڪس پرنٽ ۾
حملي جُون اصل تصويرُون يا حملي ٿي وڃڻ کان پوءِ ريسڪيُو سروسز جا منظر، سامُونڊي
استعمال ۾ ايندڙ ٻيو ساز ۽ سامان، جهڙوڪ: ٽوپلا، دوربينيُون وغيره سُهڻي نمُوني
سان سجائي ڊسپلي ۾ رکيُون ويُون هيُون. هر شئي سان اُن سان واڳيل معلُومات سيبتي
انداز ۾ لکيل، لڳل آهي. ميُوزيم جي مُختلف ڪُنڊن ۾ هن حملي ۽ ان کان پوءِ پيش آيل
صُورتحال بابت فُوٽيجز (وڊيو جا ٽُڪرا) ننڍين ننڍين اسڪرينن تي هلي رهيا هُئا.
ساڳئِيءَ طرح مُختلف ڪُنڊن ۾ لڳل اسپيڪرن تي هن حملي بابت مُختلف ريڊيو پروگرامَ ۽
نيُوز بُليٽنز (جيڪي 1941ع ۾ نشر ٿيا هُئا) يا ان حملي جي حوالي سان ٻيُون اهم
آڊيو ريڪارڊنگس پڻ هلي رهيُون هيُون، جن جو پڙلاءُ ميُوزيم جي هر ڪُنڊ گھُمندڙ جي ڪن
تي پوڻ سان هتي گھُمڻ لاءِ ايندڙ هر شخص جو پنهنجو پاڻ کي جنگي ماحول ۾ محسُوس ڪرڻ
فطري هو. اسان تفصيل سان ميُوزيم جِي هر ڪُنڊ ڏٺِي. اسان کي پاڻ کان سواءِ پنهنجي
گرُوپ جو ڪو هڪ اڌ ساٿي ميُوزيم گھُمندي نظر آيو، نه ته ٻين ٻاهر پارڪ ۾ هيڏانهن
هوڏانهن گھُمندي ۽ تصويرڪشِي ڪندي پنهنجو وقت پئي گُذاريو. اسان جي ميُوزيم گھُمي
اچڻ کان پوءِ ڪوسٽر تي گڏ ٿيڻ وارو وقت گھڻو ويجھو اچي پهتو. اسان پرل هاربر جي
مُک داخلِي دروازي تي آياسِين ته ”جمي لِي“ اسان جي ڪوسٽر جِي ڊرائِيور (جيڪا اڌيڙ
عمر جي عورت هُئي) ۽ مائِي جُون ڪُراموتو گڏ بِيٺل هُئا. اسان جمِيءَ ۽ جُون سان
ڪُجهه تصوِيرُون ڪڍرائي، جميءَ کان موڪلائي، ڪوسٽر جو رُخ ڪيو. ڇپيل شيڊيُول
مُطابق اسان کي ”لنڪنز اِن“ وڃي، تيار ٿي ايئرپورٽ لاءِ نڪرڻو هو، ڇاڪاڻ ته اڄ
اسان جِي واشنگٽن ڊِي سِيءَ روانگِي هُئي، پر ڪوسٽر ۾ ويهڻ سان مائِي جُون اسان کي
اها خبر ڏني ته اسان جي شام واري فلائيٽ (جيڪا هُونءَ 5 لڳي ڌاري هُئي) هاڻي رات
جو آهي ۽ ڪُجهه ڪلاڪ دير سان اُڏامڻ وارِي آهي. اها خبر نه اسان لاءِ بُري هُئي ۽
نه ئي سُٺِي! ها البته ٿورو آرام جو باعث ان ڪري هُئي ته ان ڳالهه تي شڪُر
ڪيوسِين، ته هاڻي وٺ پڪڙ ۾ تياري ڪرڻ بدران آرام سان سامان سهيڙي نڪرِي سگھبو.
ڪوسٽر تي سُوار ٿي ”لنڪنز اِن“
ايندي اسان رستي تي ”مڪڊونلز“ بيٺاسين ۽ سڀني پنهنجي پنهنجي مانجھاندي لاءِ ڪُجھه
نه ڪُجھه ورتو. امريڪا ۾ ڪنهن به ريسٽورنٽ (ڀل اُهي انٽرنيشنل فُوڊ چينز ڇو نه
هُجن) تي اسان جي کائڻ وارِي ورائٽي تمام محدُود هُوندِي آهي. مڪڊونلز تي به اسان
جي کائڻ لاءِ مڇيءَ ۽ ڪڪڙ وارن برگرز کان سواءِ ٻيو ڪُجهه ڪونه هو، سو به جي ڪڪڙ
جي حرام حلال هجڻ يا تڪبير سان حلال ٿيل هجڻ يا نه هُجڻ بابت سوچبو ته پوءِ اوهان
وٽ فقط مڇيءَ جو ئي آپشن بچندو، سو مُون ته ”فش او فرائِي“ وارِي ڊِيل ورتِي، جنهن
۾ مڇيءَ جو برگر، فرينچ فرائز (چپس) ۽ ڪولڊ ڊرنڪ هُئي. اسان سڀني پنهنجي پنهنجي
لنچ وٺِي ڪوسٽر جو رُخ ڪيو ۽ اسان مان لڳ ڀڳ سڀني ”لنڪنز اِن“ پهچڻ تائين پنهنجي
لنچ کائي ڇڏي. چوندا آهن نه: ”ٻَڌِي مانِ... پيٽ جو سور!“
لنڪنز اِن پهچِي، اسان امريڪا
جي اصل شهرن جي سفر جو سانباهو مُڪمل ڪيو. ايندڙ قسط ۾ اسين هونولُولُو (هوائِيءَ)
کان واشنگٽن ڊِي سِي تائين جي 10 ڪلاڪن تي مُشتمل ڊگھي سفر جو ذڪر ڪنداسِين، جن ۾
اسان جي گرُوپ جي ٻن يارن سان تعدي ٿيڻ وارِي آهي. يعني هاڻي اسان جو سفر ”پئسفڪ
جي پاڙي“ مان نڪرِي ”پاليسي ميڪرز جي پاڙي ۾“ اچڻ وارو آهي. اميد آهي ته اوهان جو
مُون سان هي سفر خوشگوار گُذرندو.
No comments:
Post a Comment