Sunday, June 26, 2016

امريڪي دفاعي هيڊڪوارٽر ـ پينٽاگون - ياسر قاضي

امريڪي دفاعي هيڊڪوارٽر ـ پينٽاگون
پئسفڪ جي پاڙي ۾ - قسط: 44
ياسر قاضي
سُومر 7 اپريل 2014ع جُون سمُوريون مصرُوفيتُون گذارڻ کان پوءِ اسان سمُورا ساٿي سِي اين اين (CNN) جي آفيس کان ڪڻو ڪڻو ٿيا. گذريل قسط ۾ اوهان کي ٻُڌايُم ته مان، اشفاق آذر ۽ ضياءالرحمٰن، لگزري جِيپ (ٽيڪسيءَ) تي چڙهي ڀارت جي هڪ هندو نؤجوان سان ڪچهري ڪندا، هوٽل تي پهتاسِين ۽ ڪمري تي اچي ٻئي ڏينهن جي ڪپڙن لٽن جي تياري ڪئي سين. ٿوريءَ دير ۾ اِشُو ۽ مان هوٽل ڀرسان چائنيز ريسٽورنٽ تان وڃي هيلوڪي چڪر ۾ آخري ڀيرو حلال چڪن سان ڊنر ڪري آياسِين. روز جيان اڄ به واشنگٽن ۾ سِيءُ سوايو هو. واشنگٽن ۾ آخري رات گذاري، صبح يعني اڱاري 8 اپريل 2014ع تي سويل اٿي معمُول مُوجب پهريان نيرن ڪري، پوءِ تيار ٿي سوا 8 لڳي صبح جو پنهنجي سمُوري سامان سميت لابيءَ ۾ پهتاسُون، ڇاڪاڻ ته هاڻي اسان کي چيڪ آئُوٽ ڪري هوٽل مان نڪرڻو هو ۽ اڄ جي مصروُفيتن کان پوءِ هوٽل واپس ڪونه هو اچڻو، بلڪه منجھند تائين واشنگٽن ۾ ٽن جاين تي پنهنجيُون مصرُوفيتُون اُڪلائي، اُتان ئي نيُويارڪ روانو ٿي وڃڻو هو. اسان سڀني پنهنجو پنهنجو سامان ڪوچ ۾ رکيو. اڄ اسان کي وٺڻ لاءِ ننڍي ڪوسٽر نه پر وڏي ڪوچ آئي هئي، جنهن ۾ 40 کان 44 ماڻهن ويهڻ جي گنجائش هُوندي آهي. خبر ناهي ته 12 ڄڻن لاءِ ايڏي وڏي ڪوچ ڇو گھرائي وئي، شايد ان ڏينهن ڪوسٽر جو انتظام نه ٿي سگھيو هجي! ڪاري رنگ جي ڪوچ جي ٽُول باڪس ۾ اسان سڀني پنهنجو پنهنجو لگيج (سامان) رکيو. هوٽل (”ميرييٽ ريزيڊنسيءَ“) مان چيڪ آئُوٽ ڪيو ۽ ساڍي اٺين ڌاري ڪوچ ۾ چڙهي ”پيُو ريسرچ سينٽر“ روانا ٿياسِين. 2004ع ۾ قائم ٿيل ”پيُو ريسرچ سينٽر“، امريڪي ”ٿنڪ ٽينڪس“ تي ٻڌل هڪ اهڙي اين جِي او آهي، جيڪا امريڪي سرڪار کي ٽيڪس ڏيڻ کان ڇُٽل آهي. (ان قسم جي ادارن کي امريڪا ۾ ”نان پارٽِيزن“ ادارا چيو ويندو آهي) ”پيُو ريسرچ سينٽر“ جو ڪم عوامي راءِ تي آڌاريل پولنگ، آبادياتي تحقيقي طريقن، ميڊيا تان نشر ٿيندڙ مواد جي جانچ پڙتال سميت ٻين طريقن سان، سماجي مسئلن، عوامي راءِ ۽ آبادياتي تبديلين جي امريڪا توڙي دنيا تي پوندڙ اثرن تي تحقيق ڪرڻ آهي. ”پيُو ريسرچ سينٽر“، ”پيُو چيريٽيبل ٽرسٽ“ تحت ڪم ڪندڙ تحقيقي ادارو آهي. اڄ ڪلهه ”ڊونلڊ ڪميلمين“ هن اداري جو چيئرمين ۽ ”مائيڪل ڊِي موڪ“ ان جو صدر آهي. هن اداري ۾ 130 کان وڌيڪ جو عملو ملازمت ڪري ٿو. اسين صبح پوڻي 9 ڌاري واشنگٽن ڊِي سِيءَ جي ”ايل“ اسٽرِيٽ جي عمارت نمبر 1615 جي ڪمري (سُوئيٽ) نمبر 700 پهتاسِين، جتي ”پيُو ريسرچ سينٽر“ جي ”گلوبل ايٽِيٽيُوڊس ريسرچ“ شعبي جي ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر رچرڊ وائِيڪ (پي ايڇ ڊِيءَ) اسان جي سٿ جو استقبال ڪيو. امريڪا ۾ ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪندڙ (پِي ايڇ ڊِيز) پنهنجي نالي اڳيان لفظ ”ڊاڪٽر“ لڳائڻ بدران، پنهنجي نالي پُٺيان لفظ ”پِي ايڇ ڊِي“ لڳائيندا آهن. جيئن رچرڊ جو نالو به سندس بزنس (وزِيٽنگ) ڪارڊ تي ايئن ئي لکيل هو: ”رچرڊ وائِيڪ؛ پِي ايڇ ڊِي“


رچرڊ پاران آڌر ڀاءُ ڪرڻ کان پوءِ اسين سينٽر جي دفتر جي استقباليه جي نارنگي رنگ جي ڀت ۽ ان تي مخصُوص اکرن جي فائُونٽ ۾ لکيل ”پيُو ريسرچ سينٽر“ جي اکرن آڏو بيهي پنهنجيُون يادگار تصويرُون ڪڍرائڻ کان سواءِ رهي نه سگھياسِين. مُون پنهنجي لاهور واري دوست ۽ سينيئر صحافي، ذوالفقار علي مهتُوءَ (جنهن جي مادري زبان پنجابي آهي) کي هتي پهچڻ شرط چيو: ”مهتُو صاحب! اي ڪنهن دي پيُو دا ريسرچ سينٽر اي!؟“ تنهن تي هُن کلي چيو: ”اي ساڏي پيُو دا ريسرچ سينٽر اي!؟“ مون تنهن تي چيو: ”اي ساڏي وِي پيُو دا اي!؟“ ان چهچٽي کان پوءِ اسين ان سينٽر جي ننڍڙي ڪانفرنس هال ۾ گڏ ٿياسِين، جتي اسان کي ”2013ع دؤران دنيا جي منظرنامي تي امريڪا جو مقام ـ امريڪي روّيي بابت هڪ سروي“ جي موضُوع تي هڪ بريفنگ ڏني وئي. اڌ ڪلاڪ کن جي اها بريفنگ ڊاڪٽر رچرڊ وائِيڪ؛ پي ايڇ ڊِيءَ ڏني، جنهن دؤران رچرڊ اسان کي انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ معاشي توڙي معاشرتي حوالي سان امريڪا جي دنيا ۾ سال 2013ع دؤران اسٽينڊنگ جو خاڪو چٽي ڏيکاريو. ان قسم جُون ريسرچز، جيڪي ڪنهن امريڪي اداري پاران امريڪا بابت ئي هجن، غيرجانبداريءَ جي هزارين دعون باوجُود انهن جو ٿورو يا گھڻو جانبدار هئڻ فطري آهي. هن سيشن کان پوءِ سوالن جوابن جو وقفو ٿيو، جنهن ۾ هميشه جيان ڪن پاڻ وڻائڻ ۽ پنهنجي قابليت ثابت ڪرڻ لاءِ بهرو ورتو ته ڪن واقعي سمجهه ڀريا ۽ پُڇڻ جهڙا سوال ڪيا.
”پيُو ريسرچ سينٽر“ (جيڪو در اصل ڪنهن جي به ”پيُو“ جو ڪونه هو) ۾ ان مختصر سيشن کان پوءِ لڳ ڀڳ ساڍي نائين لڳي اسين هتان، امريڪي وزارتِ دفاع جي هيڊڪواٽر، ”پينٽاگون“ لاءِ روانا ٿياسِين، جيڪو هتان کان لڳ ڀڳ 15 منٽن جي ڊرائيو تي واقع آهي. پينٽاگون جو اسان جو دؤرو هر حوالي سان اهم هو. هڪ ته هر عام ماڻهو پينٽاگون ۾ داخل نه ٿو ٿي سگھي ۽ هي خاص موقعو اسان کي پاڪستاني صحافتي گرُوپ جي حيثيت سان مليو ته نه فقط هي دفتر اندران گھمي سگھياسِين، بلڪه پاڪستان ۽ افغانستان جي مامرن تي لاڳاپيل ماڻهن سان آمهُون سامهُون ڳالهه ٻولهه به ڪري سگھياسِين. ٻيو ته امريڪا جي دفاعي اهلڪارن جي سوچ جو انداز پاڪستان جي باري ۾ ڇا آهي، ان جو ٿورو ويجھڙائيءَ سان مشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو. هُونءَ ته ڊپلوميٽڪ دنيا ۾ جيڪو چئبو آهي، اهو هُوندو ناهي ۽ جيڪو هُوندو آهي، اهو چئبو ناهي. پريس رليز، پڌرايُون توڙي پريس بريفنگس لفظن کي تڪي، توري ۽ سنڀالي اظهاربيُون آهن، پر تنهن جي باوجُود به ڪي سمجُهو، اهلڪارن جي اکين ۽ جسماني زبان (باڊي لئنگئيج) مان به نتيجا اخذ ڪري وٺندا آهن. ٻيو ته پاڪستان ۽ آسپاس جي خِطن ۾ جيڪو ڪجهه وهي واپري پيو، يا جيڪو ڪجهه وهِي واپري چُڪو، ان جي تناظر ۾ فيصلن توڙي اختيار جي صاحبن جا ايندڙ ويجھي مستقبل ۾ ڪهڙا ارادا ۽ انيّتُون آهن، انهن جو ڪجهه مشاهدو ڪرڻ جو موقعو به مليو، خاص طور افغانستان مان امريڪي فوجن جي نيڪال جي حوالي سان هلندڙ ڳالهين ۽ واعدن ۾ ڪيتري صداقت آهي ۽ ان ڏس ۾ امريڪا اصل ۾ سوچي ڇا ٿو، اهي سڀ ڳالهيُون ڀلي کڻي لفظن ۾ پُڇي نه به سگھجن، پر ان حوالي سان امريڪي ارادن کي پرکي وٺڻ وارن لاءِ پينٽاگون جو هي دؤرو ۽ مک ماڻهن سان مُلاقات انتهائي اهميت جي حامل هئي. اسين ”پينٽاگون“ جي ڏاکڻين پارڪنگ لاٽ ۾ اچي ڪاريڊور نمبر 8 رستي هن اهم ۽ حساس عمارت ۾ داخل ٿياسِين. اسان کي اسان جي ڪوچ جي ڊرائيور ان ڏاکڻين پارڪنگ لاٽ ۾ هڪ پيڊسٽيرين (پيادل هلڻ لاءِ ٺاهيل) پٿر جي پُل جي ڏاڪڻ وٽ لاٿو، جنهن جا ڳچ ڏاڪا چڙهي اسان هڪ ڊگھو رستو اُڪري، سيڪيورٽي زون ۾ داخل ٿياسُون ۽ سخت سريڪيورٽي مرحلن مان اُڪري، ڪاريڊور نمبر 8 کان پينٽاگون اندر داخل ٿياسين. سيڪيورٽيءَ جي انهن مرحلن مان گذرڻ کان اڳ اسان جي پينٽاگون اندر سُونهي، ”چارلس ڪول“ اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هنن سيڪيورٽي مرحلن مان گذرڻ جي حوالي سان اسان جي رهنمائي ڪئي. چارلس ڪَول، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي انٽرنيشنل وزيٽر ليڊرشپ پروگرام جو ”ليزان آفيسر“ آهي، جنهن تي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران اسان جي گرُوپ جي رهنمائيءَ جي ذميواري رکي وئي هئي. اڄ، ڪلهه جيان مينهوڳيءَ جو ڏينهن ته ڪونه هو، پر اُس توڙي ڪڪرن هڪ ٻئي سان مُسلسل اک ٻُوٽ کيڏي پئي. ڪنهن ڪنهن مهل تمام باريڪ ڪڻيُون به پيُون ٿي. اشفاق پينٽاگون جي عمارت اندر داخل ٿيندي چيو ته امريڪا ۾ 50 جاين تي اسان جي نالن سميت سمُورا تفصيل پهچي چُڪا هُوندا ته فلاڻا فلاڻا همراهه هينئر پينٽاگون اندر داخل ٿي چُڪا آهن. اسان پنهنجا سمُورو اضافي سامان ڪوچ ۾ ڇڏي آياسِين ۽ صرف نوٽ پيڊ ۽ ڪئميرا پاڻ سان گڏ کڻي آياسِين. اسان کي چارلس ڪول آگاهه ڪيو ته اسين پينٽاگون اندر فقط انهن انهن جاين تي فوٽوگرافي ڪري سگھُون ٿا، جتي اسان کي آگاهه ڪيو وڃي، جڏهن ته عام طور تي پينٽاگون جي ڪاريڊورس ۽ گھٽين وغيره ۾ فوٽوگرافي ڪرڻ سخت منع آهي.
امريڪي دفاع جي هيڊڪوارٽر، پينٽاگون جي شڪل پنج ڪُنڊائتي آهي، جنهن ڪري ان جو نالو ئي ”پينٽاگون“ رکيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پينٽاگون لفظ جي معنى ئي ”پنجڪُنڊو“ آهي. پينٽاگون کي امريڪي طاقت جو نشان سمجھيو ويندو آهي. هن پنجڪُنڊِي عمارت جي اڏاوت جو اهڙو منفرد تصوّر، هڪ امريڪي جرنيل، ”بريهن سمرويل“ ڏنو، جنهن تحت هن جي اڏاوت ٿي. 5 ايڪڙن تي پکڙيل هن عمارت جُون پنج منزلُون (فلورس) آهن. هر منزل تي 5 راهداريُون موجُود آهن، جن جي ڪُل ڊيگھه 28 ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ وڃي بيهي ٿي. پينٽاگون جي عمارت کي وچ ۾ 5 ايڪڙن جو باغيچو به اٿس. ان سان گڏوگڏ جيڪو باغ ۽ اڱڻ آهي، ان جي پکيڙ 200 ايڪڙن کان وڌيڪ آهي. پينٽاگون ۾ هزارين ملازم ڪم ڪن ٿا. اهو ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته ”نائين اليون“ (11 سيپٽمبر 2001ع) تي جڏهن نيُويارڪ ۾ ”ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ تي حملو ٿيو هو ته ساڳئي ڏينهن، وقت جي ٿوري گھڻي تبديليءَ سان پينٽاگون تي به جهازن جو حملو ٿيو هو، جنهن سان عمارت جي ڪجهه حصّي کي ڇيهو رسيو هو.
اسان پنهنجي سُونهي، ”چارلس ڪول“ (جيڪو شڪل صُورت توڙي ڏيک ويک ۾ پاڻ وارِيءَ لياريءَ جو بلوچ ڀاءُ ٿي لڳو) سان پينٽاگون جا ڊگھا ڪاريڊور لتاڙيندا رهياسِين ۽ ڳچ پنڌ ڪري اچي پينٽاگون جي پريس برِيفنگ رُوم ۾ پهتاسين، جتي اسان کي ”امريڪي پاليسيءَ تي هڪ اُڇاتري نظر ۽ پاڪستان بابت امريڪي ترجيحات ـ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه ۾ امريڪا جي دفاعي تعاون“ جي عنوان تي، امريڪي دفاعي سيڪريٽريءَ جي دفتر جي پاڪستان ڪنٽرِي ٽِيم جي ڊائريڪٽر، ”ٽام گرِين وُڊ“ برِيفنگ ڏني، جنهن کي ”آف دِي رڪارڊ“ رکڻ لاءِ چيو ويو، جنهن جي ڪري ان ڳالهه ٻولهه جا تفصيل ته سَلي ڪونه ٿو سگھان، البته ايترو ضرُور ٻڌائيِندو هلان ته مُون اُتي گرِين وُڊ کي جيڪي ٻه چُهنڊيُون هنيُون، اهي ڪهڙيُون هيُون. هڪ ته مُون اهو موقف رڪارڊ ڪرايو ته ”پاڪستان کي پنهنجي اوڀارينءَ سرحد کان شايد ايترو خطرو ناهي، جيترو اولاهينءَ سرحد کان!“ ٻيو مُون اهو سوال به ڪيو ته: ”پاڪستان ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ امريڪا لاءِ بچّا جمُورا جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پر ڇا دنيا جي نگاهه ڪابل ۽ دهليءَ جي وچ ۾ هلندڙ سُس پُس تي نه ٿي پئي؟ جيستائين اها سُس پُس جاري رهندي، اوهان سمجھو ٿا؟ ته خطي ۾ امن قائم ٿيڻ ممڪن آهي!؟“ جيتوڻيڪ مُون کي پڪ هُئي ته انهن ٻنهي سوالن جا ڊپلوميٽڪ جواب ملڻا آهن، جيڪي مليا به! پر منهنجو مقصد انهن سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته انهن سوالن جا جواب ۽ انهن ويساهه گھاتين جا سبب دنيا جو هر هوش وارو ماڻهو ڄاڻي ٿو، پر منهنجو مقصد فقط پنهنجو مُوقف هنن تائين پهچائڻ ۽ اهو ٻُڌائڻ هو ته پاڪستاني صحافي، رڳو اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران جاري ٿيل بيانن تي ”آمنا صدقنا“ چوڻ وارا ناهن، انهن ۾ ڪي سُوال اٿارڻ وارا صحافي به آهن. اسين صبح 10 لڳي ڌاري پينٽاگون پهتا هئاسِين، جڏهن ته هيءَ بريفنگ ۽ سوالن جوابن جو سيشن پُورو ڪلاڪ هليو ۽ ساڍي 10 لڳي کان شرُوع ٿي ساڍي 11 لڳي پُورو ٿيو، جنهن کان پوءِ ٽام گرِين وُڊ اسان سان تصويرُون به ڪڍرايُون. هن ڪمري اندر تصويرڪشِيءَ جي اجازت هئي.
هن برِيفنگ کان پوءِ ان ئي ڪمري ۾ اسان پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پنهنجيُون عسڪري خدمتُون انجام ڏيندڙ ٽن فوجين (جن منجھان ٻه امريڪي ۽ هڪ آسٽريلوي فوجي آفيسر هو)، جيڪي سينيئر پوزيشنن تي ويجھي ماضيءَ ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اُتي پوسٽنگ ڪري آيا هُئا) سان گڏ ڪچهري ڪرڻي هُئي ۽ پوءِ انهن سان ئي گڏ مانجھاندو ڪرڻو هو. انهن سان هن ملاقات جو مقصد انهن سان ڪچهري ڪري پاڪستان توڙي افغانستان اندر سندن گذاريل وقت جُون ڳالهيُون پُڇڻ توڙي، سندن تجربن جي روشنيءَ ۾ پاڪستان ۽ امريڪا جي وچ وارن عسڪري تعلقن کي سمجھڻ هو. هيءَ ڪچهري به آف دي ريڪارڊ هئي. اسين ڪجهه ڪچهري اُن پريس بريفنگ رُوم ۾ ڪري، ۽ ڪجهه لاءِ اُتان اُٿِي، 10 منٽن کن جي واڪ ڪري پينٽاگون جي ڪُشادي ۽ شانائتي ريسٽورنٽ نُما ڪيفي ٽيريا تي آياسين، جتي ڊگھيءَ ٽيبل تي اهي ٽئي فوجي آفيسر، اسان جي سٿ جي ساٿين سان اهڙِيءَ رِيت ملِي ويٺا، جو اسان مان ٽن ٽن، چئن چئن جي گرُوپ انهن فوجين منجھان ڪنهن نه ڪنهن سان ڪچهري ڪئي ٿي. هنن فوجين منجھان ٻه ورديءَ ساڻ ۽ هڪ خانگي لباس (ٽُو پِيس سُوٽ) ۾ هو. اسان کانئن سڌا توڙي ٽيڙها سُوال ڪري انهن جي پاڪستان ۽ افغانستان ۾ گھاريل وقت بابت سندس سارُوڻيُون پُڇيون. هنن به دل کولي اسان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ يادگيريُون سَليُون. اسان مان هر ڪنهن پنهنجيءَ پنهنجيءَ مرضيءَ سان کاڌو آرڊر ڪيو ۽ انهن فوجين سان ڪچهري ڪندي اهو تناول ڪيو.
مانيءَ کائڻ کان پوءِ انهن ملٽري ماڻهن اسان کان موڪلايو. اسان انهن سان ڪجهه تصويرُون پريس بريفنگ رُوم ۾ ڪڍرايُون هيُون ۽ ڪجهه هتي ڪڍرايُون. اهي ئي ٻه جايُون هيُون، جتي اسان کي فوٽوز ڪڍرائڻ جي اجازت هئي.
مانجھاندي کان پوءِ اسان کي هتان جي ڀاڙي ڪيل گائيڊ سان پينٽاگون جي عمارت جي مختلف حصّن جو سير ڪرڻو هو. اها گائيڊ، ڪيفي ٽيريا جي ٻاهر ئي اسان جي انتظار ۾ هئي. ٽيهارو کن سالن جي عمر جي ”ميرِي“ نالي هيءَ سهڻي ڀُوري ڇوڪري، مختصر ڀُورن وارن سان (جيڪي ڪيچر ۾ بند هئس) ميرين فوجين جهڙي نيوي بلُو (تيز نيري) لباس ۾ ملبُوس هئي. سندس هٿن ۾ به اڇا دستانا پاتل هئا. اهو پينٽاگون گھمڻ لاءِ ايندڙ سولينز جي سوُنهن (گائيڊس) جو خاص لباس آهي، جيڪو هتي تعينات ٿيل اهڙن مرد توڙي عورت سمُورن گائيڊس کي زيبِ تن ڏٺوسي. هنن گائيڊس جي ڪمال خاصيت ۽ اچرج ۾ وجھڻ جهڙي ڳالهه اها هئي ته هنن سڀني جي پوئين پير اعتماد سان گھمڻ جي اهڙي تربيت ٿيل آهي، جو هُو گرُوپ جي آڏو هلندي، اوهان جي اکين ۾ اکيُون ملائيندي، بنا پوئتي نهارڻ جي اوهان کي پينٽاگون جو سير ڪرائين ٿا. کين قدم ان حد تائين ڳڻيل آهن، جو جتي ڪاريڊور پُورو ٿئي ٿو، اُتي پنهنجو پاڻ سندن قدم خودڪار ڏاڪڻ تي پون ٿا، يا روايتي ڏاڪا لهڻ يا چڙهڻ شرُوع ڪن ٿا ۽ هُو اوهان سان مخاطب رهندي، فلور تبديل ڪري، پنهنجي برِيفنگ جاري رکن ٿا. اها پنهنجي نوعيت جي ايڏي منفرد خاصيت هئي، جنهن مُون سميت اسان جي گروُپ جي هر فرد کي ڏندين آڱريُون ڏئي ڇڏيُون. اهو ئي نه، بلڪ پونين قدمن سان هلندي جتي جتي جيڪا جيڪا شئي هنن کي ڏيکارڻ ضرُوري هجي پئي، ان جو نالو هُو ٻه چار قدم پهريان ئي کنيو ڇڏين ٿا ته هاڻي اوهان جي ساڄي هٿ تي فلاڻي شئي آهي ته کاٻي هٿ تي فلاڻي شئي آهي. اوهان سوچيندا هُوندئو ته پينٽاگون ته امريڪي وزارتِ دفاع جو هيڊڪوارٽر آهي. ان ۾ ته رڳو مختلف آفِيسُون ئي هُونديُون. اتي عام ماڻهُوءَ جي دلچسپيءَ جو اهڙو ڪهڙو سامان آهي، جيڪو گھمايو وڃي ۽ ان لاءِ هتي گائيڊ (سُونهان) مقرر ڪيل آهن. اوهان جو پينٽاگون جي باري ۾ ڏرُ بلڪل غلط آهي. هتي دفاع وارِيءَ وزارت جا دفتر ته آهن، پر عام ماڻهُوءَ جي دلچسپِيءَ جُون به گھڻيُون ئي شيُون موجُود آهن. مثال طور: پينٽاگون جي اندر مختلف فلورس تي ريسٽورنٽس، ٽڪ شاپس، شاپنگ مالز ۽ گفٽ شاپس ٺهيل آهن. انهن گفٽ شاپس تي خاص طور تي اهڙيُون سُوکڙيون دستياب آهن، جن تي پينٽاگون جو خاص نشان (لوگو) ٺهيل آهي ۽ اها نشاني هن خاص جاءِ جي دؤري جي يادگار جي طور تي هرڪو خريد ڪري وڃي پنهنجي شوڪيس ۾ سجائي سگھي ٿو يا سنگتين ساٿين کي تحفي ۾ ڏئي سگھي ٿو. اهڙين سُوکڙين ۾ پينٽاگون جُون ريپلِيڪاز (ماڊلَ)، پينٽاگون جي لوگو واريُون شرٽُون، ٽِي شرٽُون، ڪافي مگ، ڪِي چينز، پينيُون ۽ ٻيُون اڪيچار شيُون هيُون، جيڪي مهانگيُون ته هيُون، پر ان جاءِ جي يادگار جي طور تي سانڍڻ لاءِ لڳ ڀڳ هر ڪنهن هڪ اڌ پِيس ورتو ضرُور! ايئن وائيٽ هائُوس، ڪيپيٽول هِل ۽ ٻين مُک جاين جي حوالي سان تحفا پڻ سڄيءَ واشنگٽن توڙي انهن مخصُوص ماڳن تي پڻ دستياب ڏٺاسِين. اسان گائيڊ سان پينٽاگون جي سير دؤران اهڙن هڪ ٻن گفٽ شاپس تي بيٺاسِين به ۽ خريداري به ڪئي سِين! ان کان سواءِ پينٽاگون جي ڪاريڊورس جي ٻنهي پاسن واريُون ڀتيُون به ميُوزيم جي طور تي ڪتب آندل آهن. هر ديوار يا ديوار جي ڀاڱي (پورشن) کي مختلف امريڪي جنگين (جن ۾ امريڪي فوجي وڙهيا آهن) جي حوالي سان ورهايو ويو آهي. هر جنگ جي ورهايل پورشن ۾ ان جنگ جُون مُک تصويرُون، مک شهيدن جي حياتين جُون تصوِيرُون، انهن جا ڪتب آندل هٿيار ۽ ٻيو جنگي ساز سامان ڀتين ۾ لڪل نفيس شوڪيسز ۾ انتهائي سهڻيءَ ترتيب سان سينگاري رکيل آهي. ان کان سواءِ ان جنگ ۾ جوڌن جي حاصل ڪيل ايوارڊن ۽ تمغن کي به سهڻِيءَ ترتيب سان ڊسپلي ڪيو ويو آهي. ميرِيءَ اسان کي اهي سڀ ڊسپلي نهايت تفصيل سان ٻُڌايا. مائيءَ ايڏو زور سان پئي ڳالهايو جو سندس ظاهري نفاست سان ان ڏاڍيان ڳالهائڻ وارو انداز ٺهڪيو ئي ڪو نه ٿي، پر اها هن جي مجبُوري هئي، جو هن جو آواز 12 کان 15 ڄڻن جي گرُوپ جي آخري فرد تائين پهچڻ ضرُوري هو. ڪاريڊورس گھمندي ايئن به ٿيو جو اسان جي ڀر واري ٽريڪ (لين) تان ٻيو ڪو گائيڊ پنهنجي گرُوپ سان لانگاهُو ٿيو پئي، ته ايئن ٿي لڳو، جهڙوڪر ڪنهن ڊبل ٽريڪ تان ٻن ريلُن هڪٻئي کي ڪراس پئي ڪيو. ايئن ٻه ٽي ڪراس اسان کي مليا، جنهن تي پرئين گرُوپ جي ساٿين توڙي اسان هڪٻئي کي هٿ هِلائي زور سان کيڪاري خوشيءَ جو اظهار پئي ڪيو. گورَي جي اها ڳالهه به ڪمال آهي ته هن لاءِ سلام دعا لاءِ رسمي ڄاڻ سُڃاڻ جو هئڻ ضرُوري هجي ئي نه ٿو. ميرِيءَ اسان کي پينٽاگون جو اهو ڀاڱو به ڏيکاريو، جيڪو 11 سيپٽمبر جي حملي ۾ تباهه ٿي ٻيهر تعمير ٿيو هو. بلڪه هتي هڪ ڪمرو ان حملي ۾ شهيد ٿي ويلن جي يادگار طور به ٺهيل آهي، جنهن ۾ ان حملي ۾ شهيد ٿيلن جُون تصوِيرُون، نالا ۽ عقيدتي گُل رکيل آهن. پينٽاگون اندر ”وينڊنگ مشين“ تي دستياب شيُون سستيُون هيُون. مثال طور 600 ملي ليٽر جي پيپسي يا ڪوڪ ٻاهر 2 ڊالرس جي ٿي ملي، ته هتي پوڻن 2 ڊالرس جي هُئي. سستي ڪولڊ ڊرنڪ ڏسي، جھٽ کڻي 1.75 ڊالر مشين ۾ وجھي جھٽ ڏئي هڪ پيپسي کڻي ورتم ۽ پنهنجي برساتي ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ وجھي ڇڏيم. ميرِيءَ کان موڪلائڻ مهل کيس چيم: ”تُون اُها ئي آهين نه؟ جنهن جي باري ۾ اسان ننڍپڻ ۾ نظم پڙهيو هو... ميرِي هيڊ اَي لٽل ليمب“

ان طرح سان پينٽاگون جو اهو تفصيلي دؤرو منجھند جي 2:30 لڳي پڄاڻِيءَ تي پهتو ۽ اسان ”چارلس ڪول“ کان موڪلائي اچي ڪوچ ۾ ويٺاسِين.

No comments:

Post a Comment