اندر روح رهيام، سڄڻ اوطاقون
ڪري
محمد علي مهر
جولاءِ جو مهينو اتر اميريڪا ۾ به گرم ئي هوندو آهي. آسمان تي ڪڪر نالي ۾
ڪو نه هيو، تنهن ڪري چڱي گرمي هئي. اميريڪا ۾ رهندڙ، روڊ رستي، ڊگھي سفر جا عادي
هوندا آهن ۽ سفر تي نڪرڻ مهل، پاڻ سان گاڏيءَ ۾ هڪڙو آئيس باڪس ۽ ان ۾ کاڌي پيتي
جو سامان گڏ کڻڻ نه وساريندا آهن. سو گاڏي زادِ راه سان ڀري پئي هئي.